سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ

باب: --

صفحو :4

رات جيئن تيئن گذاريائين. صبح ٿيو ئي مس ته رَڇ ڪُلهي تي رکي، مڇي مارڻ لاءِ روانو ٿيو.

سڻي سور جهلي هليو، ڏاڍي ساڻ ڏکن

رات گذري ڏينهن ٿيو، ڪيائين رَڇ ڪُلهن

مورڙو مڇيءَ تي هليو، پرس انهن پارن.

سيرهين کي جا اها خبر پئي ته مورڙو، ڀاڄاين جي طعنن کان مجبور ٿي، رڇ کَنيو مڇي مارڻ پيو وڃي، تنهن ڊوڙي وڃي ڀائرن کي ٻڌايو ته: اوهان جي زالن مورڙي کي طعمنن سان تائي کنيو آهي، سو وڃي پيو مڇي مارڻ، ڀائرن کي خبر هئي ته مورڙي کي مڇي مارڻ جو ڍنگ ڪو نه اچي. تن يڪدم ”هنجهه“ کي ڀڄايو ته ڪيئن به ڪري مورڙي کي موٽائي وٺي اچ. هنجهه ڊوڙي اچي مورڙي کي رسيو ۽ چيائينس ته: توکي سڀني ڀائرن سڏايو آهي. مورڙو موٽي آيو. سڀني ڀائرن گڏجي کيس ڳل ڳرهاٽيون پائي پرچايو. پوءِ پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ زالن کي به سڏيائون، جن پڻ مورڙي کي پرچايو. اوباهيي، مورڙي کي چيو ته: مورڙا! ڀاڄايون ڀلي پيون جَک هڻن ۽ وات وڃائين، پر توکي مڇيءَ مارڻ لاءِ ڪڏهن به نه ڇڏينداسين.

اُهو وقت گذريو، پر سندس ڀاڄايون پنهنجي عادت کان باز نه آيون. نيٺ هڪ ڏينهن، هُن سون مياڻي ڇڏڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ گهوڙي تي سنج وجهي، گز ڪمان کڻي، زال کي ساڻ ڪري اُٿي هڪ پاسي روانو ٿيو.

جڏهن اوڀاهيي کي مورڙي جي وڃڻ جي خبر پئي، ته ڊوڙندو پُٽن وٽ آيو ۽ ٽن اُنهن کي چيائين ته: مورڙي کي پرچائي وٺي اچو. ڀائرن به جڏهن اها خبر ٻڌي، تڏهن زالن کي ڏاڍي جٺ ڦٺ ڪري، مورڙي جي پٺيان ويا، ۽ گس تي وڃي کيس جهليائون.

هنن پليون جويون پانهنجون، ويا ڀائر ميڙ ڪري

ميڙ مڃيائين ڪينڪي، اُماڻيائين ڀيري

ڳالهيون سڱن بَدن جون، نَر ويو نبيري

پوءِ دلوءِ کي ديري، گڏيو ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.[40]

مورڙي کي واپس ورڻ لاءِ ڏاڍا حيلا ڪيائون، پر هو نه موٽيو. چيائين ته: ٻهٽي ڏينهن گهمي، دل وندرائي ، موٽي ٿو اچان. ائين چئي اڳتي روانو ٿيو ۽ وڃي دلوراءِ جي شهر ”ٻانڀڻ واهه“ ۾ نڪتو، ۽ هڪ جاءِ ڀُون ڀاڙي تي وٺي ويهي رهيو.

ٻن چئن ڏينهن گذرڻ بعد، هڪ ڏينهن هي شڪار تي نڪتو. هڪڙي کوهه جي ڀرسان اچي گز ڪمان سان شڪار ڪرڻ لڳو، جتي شهر جي ڪن زالن پاڻي پئي ڀريو. اتفاق سان دلوراءِ به گهوڙي تي چڙهي، اُتان اچي لانگهائو ٿيو. هڪڙي ڌارئي ماڻهوءَ کي بيٺل ڏسي، پڇيائين ته:

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، هت ٿو ڪُڏائين ڪيڪان

چئي: پُٽ اوباهيي ملاح جو، مور منهنجو نام

سون مياڻي گام، شهر اسان جو پڌرو.[41]

ڪير آهين،جو بنان ڊپ اِتي پيو ڪانَ هڻين ۽ بهادري ڏيکارين؟ مورڙي جواب ڏنو ته: اوباهيي ملاح جو پٽ آهيان ۽ مورڙو منهنجو نالو آهي. روزگار جي سانگي تنهنجي ملڪ ۾ اچي نڪتو آهيان. مورڙي، ڀائرن کان ڪاوڙجي اچڻ جي ڳالهه لڪائي ڇڏي. دلوراءِ، اوباهيي کي سڃاڻندو هو ۽ هن جي بهادريءَ جي به گهڻي تعريف ٻڌي هئائين. سو مورڙي کي پاڻ وٽ آيل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس چيائين ته: مورڙا! اجائي دل لاٿي اٿئي. تون معذور ماڻهو، منهنجي بادشاهي ڇڏي، ڪٿي وڃي ٻئي هنڌ تڪليفون سهندين! مون کي خدا جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي. جيڪي وڻئي سو مون کان وٺ. تون مون وٽ ئي ويهي رهه. پوءِ تمام گهڻي عزت ڏئي، کيس درٻار ۾ پنهنجو خاص نوڪر مقرر ڪيائين ۽ معمولي ڪم سندس حوالي ڪيائين.[42]

دلوءَ ڏئي دلاسو، کڻي ويهاريو وير

مڇڻ ماندو ٿين مورڙا! هينون ڪر سڌير

کيڻ کنڊون ۽ کير، توکي مولو ڏيندو مورڙا![43]

هڪڙي ڏينهن دلوراءِ وٽ درٻار لڳي پيئي هئي. ڪئين امير امراء ۽ پهلوان ويٺا هئا ته ”ڪَڙوَل“ نالي باغائي اچي دانهن ڪئي ته: بادشاهه سلامت! اوهان جي باغ ۾ هڪڙو ڪيهر شينهن ساماڻو آهي، جنهن سڄو باغ اجڙ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪَئين سپاهي به ماري ڇڏيا اٿس. هاڻي ڪي پهلوان ڏيو، جي هلي شينهن کي مارين.[44] دلوراءِ يڪدم پنهنجا پهلوان صوبا ۽ سردار گهرائي، شينهن کي مارڻ جو حڪم ڏنو، پر ڪَڙول چيس ته: بادشاهه سلامت! تنهنجي صوبن ۽ سردارن جي ڀيڻي ڪانهي جو شينهن کي ماري سگهن. اڳ به تيرنهن سورهيه سپاهي شينهن ماري کپائي ڇڏيا آهن، ڪنهن هڪڙي جي به ترار شينهن تي نه وهي. بادشاهه درٻارين کي چيو ته: اهڙو ڪو آهي جو شينهن جو مقابلو ڪري! جيڪي ٻوڙ پلاءُ کايو ويٺا هئا، تن مان ڪير به ڪو نه ڪڇيو، پر مورڙو اُٿي بيٺو ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته: سائين! جي مون کي اجازت ملي ته شينهن سان مقابلو ڪريان. بادشاهه چيس ته: تون ويهي رهه. بادشاهه ٽي ڀيرا ويٺلن کي چيو، پر ڪير به ڪو نه اُٿيو. تڏهن مورڙي وري به موڪل گهري آخر بادشاهه موڪل ڏنيس. هيءَ به تلوار هٿ ۾ کڻي گهوڙي تي چڙهي، ڪَڙوَل سان گڏ روانو ٿيو. شاهي باغ ۾ پهچي، ڪَڙول پريان ئي اشاري سان شينهن ڏيکاريو. شينهن به هن کي ايندو ڏسي، ڪاوڙ مان گجگوڙ ڪري، پڇ مان ٺڪاءُ ڪڍي، مٿس جُلهه ڪئي. شينهن کي ايندو ڏسي، مورڙي سپر سامهون جهلي. گهنگهرو ڇڻڪائي مٿي اُڇليا. شينهن ڏٺو گهنگهرن کي ۽ مورڙي ٺڪاءُ ڪرايس تلوار ته ٻه اڌ ٿي پيو. اهڙيءَ طرح شينهن کي ماري موٽي آيو.

مڄاڻ بادشاهه دلوراءِ خود گهوڙي تي چڙهي، مورڙي جي شينهن سان ويڙهه جو تماشو ڏسڻ آيو هو ۽ پريان بيٺي سمورو لقاءُ ڏٺائين. جڏهن مورڙي شينهن کي ماري اچي بادشاهه جو سلام ڪيو، تڏهن دلوراءِ کيس پنهنجو گهوڙو ۽پنهنجا هٿيار انعام طور ڏنا، ۽ اُتان گڏجي موٽي درٻار ۾ آيا. اِتي دلوراءِ وري به کيس آفرين ڏيئي چيو ته: مورڙا! جهڙا تنهنجا مائٽ بهادر ۽ نالي وارا آهن، تهڙو تو به پاڻ ملهايو. ڀلي مائٽن کي ڄائين، جن جو تو نالو ڪڍايو. هاڻي گهر جيڪي گهُرڻو هجيئي:

تڏ ڪاهي گهوڙو، هن کان دﺂڙي دلوراءِ

جوان تنهنجي جنگ جي، آڏ وڏائي آءِ

پيءُ ملهايئي پانهنجو، مَر مَرڪي سندي ماءِ

گهرين جيڪي گهر، اٿئي سورهيه مهل سندياءِ

چئي: لاهي ڏن ڇڏاءِ، سون مياڻي سڀ جو.[45]

مورڙي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! الله جو ڏنو تنهنجو ڏنو سڀ ڪجهه اٿم. باقي هڪڙو عرض اٿم، اهو هيءُ ته سون مياڻيءَ جو ڏن اسان تان معاف ڪر.[46]

بادشاهه کلي چيس ته: بس، ڳالهه به ايتري پوءِ يڪدم ٽامي جي ڀڙڇ تي، سون مياڻيءَ جي محصول جو معافي نامو لکي دلوراءِ کيس ڏنو.

راجا گهڻو راضي ٿيو، ٿيو مالڪ مهربان

ڏنائينس ڏيهه کڻي، سون مياڻي ڏان

لکي مُڪو لاڏڪي، اهو ڀائرن ڏي فرمان

کائو هي انعام، جو دعويٰ راءِ ڇڏي ڏني.[47]

مورڙي اهو حڪم يڪدم پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي ڏياري موڪليو ۽کين نياپو موڪليائين ته: هاڻي ڀلي ستن پيڙهين تائين سون مياڻيءَ جي ڪمائي پيا کائو ۽ اُڏايو. اِتي اوڀاهيي پٽن کي چيو ته: ڏِٺوَ، مورڙي اسان تان محصول معاف ڪرايو، پر اوهان هن کي ڪڍي ڇڏيو:

خط اوباهيي پڙهيو، پر ۾ پروانو

لکيو ڏسي مور جو، ٿيو تن ۾ توانو

چئي: ڏوهه ڪنهن جو ڪو نه ڪو، هيءُ حڪم ربانو

هاڻي ڀائر ڀري جانو، وري وٺي اچو وريام کي.[48]

پوءِ ته ڇهئي ڀائر شرمندا ٿي، پنهنجي زالن کي جُٺ ڪري، ٻانڀڻ واهه ڏانهن روانا ٿيا. اُتي پهچي ڀائرن مورڙي کي ڳراٽي وجهي پرچايو ۽ چيو ته: ادا! هاڻي سون مياڻي هلي رهه، جو اسان جو توکان سواءِ نٿي سري ۽ اوباهيو به تو لاءِ آهون ٿو ڪري. هاڻي ڪيئن به ڪري سون مياڻي هل ۽ پنهنجي پيءُ سان هلي ڳلي لڳ. مورڙي جواب ڏنو ته: ادا! آءٌ سون مياڻي هلي ڇا ڪريان؟ مون کي ڀاڄاين جا طعنا اڃا تائين نه وسريا آهن. پاڻ منهنجي وانٽي وٺڻ جو بار اوهان تان گهٽيو. ڀائرن چيو ته: ادا! زالن جي ڳالهه دل ۾ نه ڪجي. تون اسان جو ڀاءُ آهين، زالون اسان کي توکان وڌيڪ ڪينهن. اهي ڀلي پيون سڙن پچن،تون اسان سان گڏجي هل.

جوين سندي ڳالهڙي، ڪاڪا ڪجي نه ڪن

تون ادو اسانهنجو، اسين جويون وجهون ٻن

اهي مر پيون پسرن، کِليو ويٺو کاءُ تون.[49]

ان بعد وري به ڀائرن مورڙي کان ٿيل ڳالهين جي معافي ورتي. مورڙي به سڀ ڳالهيون وساري، ڀائرن سان انجام ڪيو ته: اوهين موٽي وڃو، آءُ جلد ئي ايندس. ڀائر موٽي ويا، تن وڃي اوباهيي کي خوشخبري ڏني ته مورڙي اچڻ جو واعدو ڪيو آهي. سگهوئي ايندو. اوباهيو ڏاڍو خوش ٿيو. مورڙي جي اچڻ جو ٻڌي، سڄي سون مياڻيءَ ۾ خوشيون ٿي ويون. آخرڪار مورڙو به سهي سنبري دلوراءِ کان موڪل وٺي، اٺين ڏينهن اچي سون مياڻيءَ ۾ پهتو. پيءُ ڀاڪر پائي مليس. ڀاڄاين به کانئس بخشايو ۽ کيس ڏاڍيءَ حـُب مان مانُ ڏئي، سوين سوکڙيون پاکڙيون ڏنائون. جُمڙيءَ به ڊوڙي اچي ڀاءُ کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس چيائين ته: ادا! جن کي تو انعام سان اڏي ڇڏيو، ۽ جيڪي تنهنجو کٽيو ويٺا کائين، انهن مان ته ڪو به توکي وٺڻ ڪو نه آيو. جنهن هنڌان توکي ڀاڄاين مهڻا ڏئي لڏائي ڪڍيو، اُتي تون اجايو آيو آهين. خير، هاڻي جي آيو آهين ته هيءَ سموري ڪمائي تنهنجي آهي. هاڻي موٽي نه وڃ، هتي ئي ويهي پنهنجي هٿن سان سمورو ڌنڌو هلاءِ.

مورڙي کي اوباهيو ۽ ڀائر به ڇڏين ئي نه. چون ته: هاڻِ هتي ئي رهه. پر مورڙي چيو ته: جنهن دلوراءِ بادشاهه ايتري عزت ڏني اٿم، ان کي ڇڏي ڏيڻ مناسب ناهي. آخر جڏهن گهڻا ڏينهن گذريا، تڏهن انهن کان موڪلائي، اچي دلوراءِ جي درٻار ۾ پهتو.

لائي گهڻا ڏينهڙا، وري ويو دلوءَ لوءِ

چئي: مون وڏو وهم ٿيوءِ، جو گهڻا لاتئي ڏينهڙا.[50]

مورڙي کي سون مياڻيءَ ۾ گهڻا ڏينهن لڳي ويا هئا. دلوراءِ کي مورڙي جي اچڻ جو ڏاڍو انتظار هو. هن جي اچڻ تي کيس چيائين ته: مورڙا! ڏاڍا ڏينهن وڃي لاتئي؟ اسان ڀانيو ته موٽي ڪو نه ايندين. مورڙي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀائرن جي مون سان ڏاڍي پريت آهي. انهن ايترا ڏينهن ترسائي ڇڏيم.

هڪڙو ماڻهو مياڻي شهر جا، ڏور گڏيم ڏيهي

ٻيو ماءُ پيءُ موڪل نه ڏين، جن کي هئي اُڪنڊ اڳيئي

ٻي ڳالهه ڪريان ڪيهي، توسان قبلا عالم ڪوڙ جي.[51]

وري جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ ڀائن ڏٺم، سي ڇڏينم ئي نه. جيئن تيئن ڪري اُنهن کان موڪلائي، هتي پهتو آهيان. پوءِ دلوراءِ وري به کيس انعام اڪرام ڏيئي خوش ڪيو.

مورڙي جو پيءُ ۽ ڀائر اڳيئي شاهوڪار هئا، ويتر جو محصول معاف ٿين، سو ٿوري ئي وقت ۾ وٽن دولت جا انبار لڳي ويا. هن کان اڳ هو فقط سون مياڻي وٽ مڇي ماريندا هئا، پر جڏهن کان دلوراءِ جو پروانو ملين، تڏهن ٻيڙا اونهي سمنڊ ڏانهن ڪاهيائون. اوباهيي کين چيو ته:

پُٽ! ڍنڍون ۽ ڍورا، آهن ڪئين ڍير

ڪلاچيءَ جي ڪُن جو، اٿو وڳر مٿان وير

پـُت نه پائجو پير، جو ڪڇئون سُڄي ٿو ڪُن ۾.[52]

اوباهيي جا پٽ، پيءُ جي ڳالهه مڃي ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن ڪين ٿي ويا، باقي ٻيو سڄو سمنڊ گهورڻ لڳا. ايتري ته مڇي ماريندا هئا، جو ٻيڙا ڀرائي ٻين ملڪن ڏانهن موڪلي ناڻو ڪمائيندا هئا.

پُٽ اوباهيي پڌرا، جيئن ٿي ساماڻا

تيئن مارين گهور اگهور ۾، ڀُڻا مَرڪن مهاڻا

ماريو تنهن مڇيءَ جا، ڪن ٿَڙم وڏا ٿاڻا

تن کان سوين ساٽيا، ڪريو وڻج واڻا

پوءِ نيڪ ٻڌيو ناڻا، ٿا پتيون ورهائين پاڻ ۾.[53]

ٿوري ئي وقت ۾ اوباهيي جي پٽن وٽ بي انداز ناڻو گڏ ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ سندن همت ۽شاهوڪاريءَ جي ڌاڪ هئي. اونهي کان اونهي سمنڊ تي به سندن اک ڪا نه ٿي ٻڏي کانئن سمنڊ جو ڪو حصو رهيل هو ته اُهو هو ”ڪلاچيءَ جو ڪُن“. جنهن ڏانهن وڃڻ کان پيءُ منع ڪئي هئن.

ايتري ڌن دولت هوندي به سورهيائي ۽ سخا جي ناموس رڳو مورڙي جي ٿيندي هئي. هر ڪنهن ننڍي وڏي جي وات ۾ ”مورڙي“ جو نالو هو. اها ڳالهه ڀائرن کي به ڏکي لڳندي هئي، تنهن ڪري هو هميشه انهيءَ وجهه ۾ رهندا هئا ته اهڙو ڪو ڪم ڪجي، جنهن ۾ اسان جي به ناموس ٿئي. اها اڳئي خبر هئن ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ هڪڙو قهري مانگر مڇ رهي ٿو، جنهن ڪئين ٻيڙا سمنڊ داخل ڪري ڇڏيا آهن. آخر اها صلاح ڪيئون ته ڇو نه انهيءَ مانگر مڇ کي ماري ناموس ڪڍائجي! ۽پوءِ لڪ چوريءَ ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن سانباهو ڪرڻ لڳا.

اوباهيي جي پٽن، مڇ کي مارڻ جو ارادو ته ڪيو، پر اها خبر ئي ڪا نه هئن ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ڪٿي آهي ۽ مڇ ڪيڏو آهي .چيائون ته هلو ته هلي بابي کان پڇون. لنگهي آيا اوباهيي وٽ ۽ مانگر مڇ جي خبر پڇيائون. اوباهيي چين ته: ڪلاچيءَ جي ڪُن جي مون کي سموري سڌ آهي، پر اوهانکي ڏس نه ڏيندس. آخر پٽن جو ضد ڏسي چيائين ته: انهيءَ ڪُن ۾ ايڏو ته وڏو مانگر مڇ رهي ٿو، جنهن جو رڳو وات ئي سورنهن گز آهي. اهو ٻڌي هنن کي اعتبار ئي نه آيو. چيائون ته: بابا! ڪوڙ ڳالهائي اسان کي مانگر مڇ کان ڊيڄار نه. ايڏو مانگر مڇ، اسان ٻُڌو نه سُئو. پوءِ چيائون ته: ڀلا، اهو مانگر مڇ ڪنهن اکين سان ڏٺو به آهي يا رڳو ٻڌل ڳالهيون آهن. تڏهن اوباهيي چيو ته: اَبا آءٌ اوهان کي سچ ٿو ٻڌايان. ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ٻيو ته ڪير ئي ڪو نه گهڙيو آهي، باقي آءٌ عمر ۾ هڪڙو ڀيرو گهڙيو آهيان ۽ مانگر مڇ پنهنجي اکين سان ڏٺو اٿم.

اوباهيو پُٽن کي، ٿو چڱيءَ ڀت چئي

انهيءَ مانگر مڇ جي، ٿي ڳري ڳالهه سـُڄي

جيڪو پئي مُنهن مڇ جي، تنهن جو موٽڻ مَس ٿئي،

رکيو چنبا ڀَن تي، هُو واريو وات وجهي

خاوند خير ڪري، جو ٻيڙا اچن ٻاجهه سين.[54]

ڇهن ئي ڀائرن پيءُ جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو. چيائون ته: بابو هروڀرو اسانکي ڪُوڙا پار ٻڌائي، ڪُن ڏانهن وڃڻ کان جهلي ٿو. وري وڏڙن ۽ جُهونن ملاحن کان پڇيائون ته: اوهان ڪڏهن ٻڌو ته ڪوڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ گهڙيو؟ اُنهن چيو ته: اسان ڪڏهن ڪو نه ٻڌو ته ڪو ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن ويو، يا ڪُن ۾ گهڙيو.

مورڙي جي ڀائرن پـُڇي پڪ ڪئي، ۽ سمجهيائون ته مانگر مڇ ڏٺو ڪنهن به ڪونهي، رڳو اجايو ڊپ آهي. سو موٽي پيءُ وٽ آيا ۽ اُن کي چيائون ته: بابا! اسين وڃون ٿا ڪلاچيءَ جو ڪُن گهورڻ، جنهن جي مَڇ جو ملڪن ۾ ڏهڪاءُ آهي. اسان کي شاباس ته ڪا نه چيئي مُرڳو روڪين ٿو. هاڻي ته اسين به ڪلاچيءَ جو ڪُن گهوري، مڇ کي ماري ڏيکارينداسين.

سيرهين کي جو اها خبر پئي سا ڊوڙي ڀائرن وٽ وئي ۽ کين منٿون ڪرڻ لڳي ته: انهيءَ قهري مڇ واري پاسي نه وڃو. پر ڀائرن ڀيڻ جي ڳالهه تي ڪَن ئي ڪو نه ڏنو. تڏهن ڊوڙِ وڃي اوباهيي کي ٻڌايائين. وري جو ماءُ کي خبر پئي ته انهي به پٽن کي گهڻئي منٿون آزيون ڪيون، ۽ ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن وڃڻ کان جهليو ته: ابا! ان پاسي جيڪو ويو سو وري نه موٽيو. اوهين به انهيءَ طرف نه وڃو. ٻين مهاڻن به گهڻو ئي سمجهاين، پر هنن مڙسن جو شوق مقابلي تي جيئن پوءِ تيئن وڌڻ لڳو.

پٽ تنهن پڙهيار جا، آتائي آهين

ٻيڙا ڪڍيو ٻاهر ڪريو، بيٺا ملاح مکائين

ريشم منجهان راس ڪيو، پيا واڍيون وٽائين

اولا سندن عاج جا، بيٺا جوهر جڙائين

ڪشتيون ڪوڏ ڪلاچ ڏي، لهواريون لاهين

هاڻي لکيو لوڙائين، اڄ ڪِ سڀاڻي انگ جو.[55]

پوءِ ته ٻيڙين جي نئين سر مرمت ڪرائي، پَٽ جا رسا وٽائي، انهن مان رَڇ ٻڌائي، ٻيڙين ۾ رکيائون، ۽ مڇ کي مارڻ جا هٿيار پنوهار ٺاهڻ لڳا.

اوباهيي جڏهن ڏٺو ته مڙس ڪنهن به طرح نه ٿا مُڙن، تڏهن مورڙي ڏانهن ماڻهو اُماڻيائين ته من ان جي چوڻ سان مُڙي وڃن. قاصد، مورڙي کي سموري حقيقت کان واقف ڪري، اوباهيي جو نياپو ڏنو. مورڙي ان مهل ئي ڀائرن کي چوائي موڪليو ته: ادا! جي مون کي ڀاءُ ڪري ڀانيو، ته پوءِ منهنجي هيءَ صلاح ياد رکجو. سمنڊ جا ٻيا ٽيئي پاسا اوهان لاءِ کليل آهن، پر ڀُلجي به انهيءَ ڪُن ڏانهن مُنهن نه ڪجو. جي اوهان ڌن دولت لاءِ ايڏانهن سنبت ڪئي آهي ته اهو به آءٌ اوهانکي ڏيان. باقي ڪلاچيءَ جي ڪُن تي ڪاهي، پاڻ کي هروڀرو موت جي مُنهن ۾ نه وجهو. ڀاءُ جي نياپي ملڻ تي هنن بهانو ڪري پيءُ کي چيو ته: اسان جوسانباهو ڪُن ڏانهن نه، پر ٻئي پاسي آهي. آخر سهي سنبري، ٻيڙا هاڪاري اچي ڪُن تي پهتا. هنن همراهن کي خبر ڪا نه هئي ته مانگر مڇ ڪهڙي هنڌ ويٺو آهي.

سون مياڻيءَ جي مهاڻن کي جڏهن خبر پئي ته اوباهيي جا پٽ ڪلاچيءَ جو ڪُن گهورڻ ٿا وڃن، سي به ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ٻيڙيون سنبرائي ساڻن گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿيا.

گهاتو گهورڻ هليا، ڇڏيائون اوطاق

نو سـﺂ ٻيڙو گام جو، هونگ پوي پئي هاڪ

پڳهه کڻي پُريا، مٿي ڪُن قزاق

دانهه ساڻ دِماڪ، بيٺا اولا ڏين عميق ۾.[56]

اوباهيي جو چوڻ نه مڃي، ڇهه ئي جوان ٻيڙا ڪاهي وڃي سير ۾ پهتا. ويچارو اوباهيو، ٻي ڪا واهه نه ڏسي پٽن جي خير سلامتيءَ سان موٽي اچڻ جون دعائون گهرڻ لڳو ته: شال اُتر جو سڻائو واءُ نه لڳي، جيڪو ٻيڙن کي اونهي سمنڊ ۾ ڌڪي وڃي، پر ڏکڻ جي هير لڳي، جيڪا ٻيڙن کي سون مياڻيءَ موٽائي آڻي پر جن جي قدرت جي طرفان مڇ جي هٿان موت لکيو هجي، سي ڪٿي ٿا اُن کان بچي سگهن!

قصو ڪوتاهه ٻيڙا تِک تار لنگهي اچي ڪُن تي پهتا. لنگر هڻي پڳهه ڪيائون. مهاڻن رڇ ۽ ڀَن کڻي ڪُن ۾ اُڇليا. مڇي هئي تمام گهڻي، سو ٻيا مهاڻا تهمڇيءَ سان ٻيڙيون ڀري، خوشيون ڪندا مياڻيءَ ڏانهن موٽڻ لڳا. پر اوباهيي جي پٽن جا رڇ قدرت سان وڃي مانگر مڇ جي ڀر ۾ پيا. مڇ به ڪُن جي پاسي ۾ ويٺو هو، تنهن ورائي کڻي رَڇن تي چنبا رکيا. رڇ قابو ٿي ويا، ڇهئي ڄڻا واري واري سان زور لڳائڻ لڳا، پر رڇ اصل نه چُريا. رڇن سان گڏ ٻيڙا به قابو ٿي ويا. هاڻي موٽن سي ڪيئن موٽن! چيائون ته مڇيءَ جي ڪري ڄار ايڏو ڳروڪين ٿيندو. خبر ناهي ته رڇ ڇا ۾ رنڊيا؟ اِتي خيال آين ته لاشڪ جنهن مڇ جون ڳالهيون ٻڌيون هيونسين، متان اُن جي ور اچي چڙهيا آهيون؟ اهو خيال ايندي ئي دهلجي ويا. اُن هنڌ پاڻي به ايڏو وڏو هو جو ونجهه به نه لڳي سگهي. نيٺ چيائون ته: آيا آهيون ته موٽي ڪين وينداسون، پوءِ ته خدا کي ياد ڪري ڇهن ئي ڀائرن گڏجي وٺي رڇ ڇڪيا، ته به رڇ نه چُريا. اها خبر ئي ڪا نه هين ته رڇ ڇا ۾ اٽڪيا آهن. هنن جي ڇڪ ڇڪان تي مڇ کي به جا آئي ڪاوڙ، تنهن رڇن ۾ وات وجهي ڌونڌاڙ ڏئي، رڇن ۽ ٻيڙن کي ڌڪي، وڃي ڪُن جو تر ورتو ۽ رڇ سوگها ڪري ويهي رهيو.

وجهي وات رڇن ۾، ديو ڏني ڌونڌاڙ

پاڻي پاڇيليون ڪري، ۽ مڇ ڏڪن ڏهڪار

پوءِ منهن ڪڍي منهن ڪار، وڃي پيو پاڻيءَ تار ۾.[57]

پاڻيءَ ۾ وڃڻ کان اڳ مڇ منهن ڪڍي ظاهر ٿيو، جنهن تي هنن کي هيڪاري پڪ ٿي ته اچي مڇ جي ور چڙهيا آهيون، رڇن ڇڏڻ تي به دل نه ٿي چين، جو اهي پٽ مان ٺهرايا هئائون ۽ سندن دلپسند هئا. پوءِ ته مڪڙيون موڙي اچي ڪُن تي بيٺا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ڪنهن به طرح مڇ کي ماري کانئس رڇ ڇڏائجن. ساڻن جيڪي ٻيا مهاڻا هئا، سي به سڀ پنهنجون ٻيڙيون هاڪاري هليا ويا هئا. هي ڏاڍا دلگير ٿيا. آخرڪار وڏي ڀاءُ کان پڇيائون ته: پنهنجي زور جو ڪو آزمودو ورتو هجنئي ته اسان کي خبر ڏي ته تو ۾ زور ڪيترو آهي. تڏهن وڏي چيو ته: جي وڻ کي پاڻي ٻوڙي ڇڏيو هجي ۽ ان جي انگهن سان رڇ اٽڪيو هجي ته آءٌ ٽٻي هڻي، انهيءَ وڻ کي پاڙئون ڪڍي ڇڏيان ۽ ڄار کي ڪڍي اچان.

ننڍو وڏي ڀاءُ کان، پڇي ڳوڌو ڳَر لائي

ته توکي ظاهر زور جو، ڪو آزمودو آهي؟

چئي: ورائي ورک کي، پاڻي جي ٻوڙي

اَڙي رَڇ اَنگهن ۾، تنهين سان توڙي

سو پاڙان پتوڙي، ڄـﺂڙي ڪڍان ڄار کي.[58]

انهن مان هڪڙي ڀاءُ جي ٽٻيءَ جو مدو اَٺ پهر هو، تنهن ڀائرن کي چيو ته: آءٌُ ڪُن ۾ گهڙان ٿو. جيڪڏهن اَٺن پهرن تائين آءٌ موٽي نه آيس ته ٻيڙن جا واجهه وڍي موٽي وڃجو. منهنجي جيئڻ جوآسرو نه ڪجو. ائين چئي، پاڻيءَ ۾ ٽٻي هنيائين. مانگر مڇ به وات پٽيو ويٺو هو، تنهن ورائي کڻي وات ۾ وڌس.

پهر اٺون ئي آئيو ويٺا ڪن وائي

ادو اڄ نه آئيو، لنگهي ويس ڊائي

کاهوڙي کائي، ڪنهن راوت رِپ رهائيو.[59]

اٺن پهرن تائين انتظار ڪيائون پر هو نه موٽيو. تڏهن وري ”هنجهه“ پاڻيءَ ۾ گهڙڻ لاءِ تيار ٿيو. چيائين ته: منهنجي ٽٻي ٽن پهرن جي آهي، جيئرو هوندوس ته موٽي ايندس، نه ته واجهه وڍي، ٻيڙيون ڇڏائي توهين هليا وڃجو. ائين چئي اُهو به لٿو پاڻيءَ ۾، مانگر مڇ ان کي به ڳيهي ڇڏيو. ٽي پهر ڀائرن اُن جو به انتظار ڪيو. جڏهن اهو به نه موٽيو، تڏهن آسرولاٿائون. اُتي ”مانجهاندو“ اُٿي کڙو ٿيو. ڀائرن کي ڀاڪر پائي چيائين ته: ادا! هاڻي جي حياتي هوندي ته وري ملنداسين. ائين چئي اُهو به اوڙاهه ۾ اَهلي پيو.۽ وڃي مڇ جي وات ۾ پيو. وري ”اڱاريو“ اُٿيو. ڏٺائين ته ڀائر ڪين وريا، سو به ٻين ڀائرن کان موڪلائي ڪُن ۾ ڪاهي پيو. مڇ انهيءَ کي به ورائي کڻي وات ۾ ڪيو، اهڙيءَ طرح اُهو به وڃي ڀائرن سان ڀيڙو ٿيو. تڏهن وري ”پڻهيار“ پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو، جيڪو سڀني ۾ وڏو هو، پر اُهو به ٽٻي هڻي مڇ تائين پهتو ئي مس ته اُن کي به مڇ ورائي کڻي سوگهو ڪيو. اهڙيءَ طرح پنج ئي ڀائر وڃي مڇ جي پيٽ پيا هئا. باقي بچيو ”ويڌو“ سو به رڇ ۽ ونجهه اُڇلائي، ڀائرن جي جدائيءَ ۾ دانهون ڪوڪون ڪندو پاڻيءَ ۾ ڪاهي پيو ۽ اُهو به وڃي ڀائرن ڀيڙو ٿيو.[60]

ڪڇئون مارين ڪُن ۾، رات مٿان پيئي

اوليون اُجهڻ لڳيون، ويڙن واجهه وهي

ڪلاچئون ڪهي، ماري مڇ نه موٽيا.[61]

رات گذري وئي، صبح ٿيو، پر ڇهئي جوان نه موٽيا. اوباهيو ويچارو پُٽن کي نه آيل ڏسي غمگين ٿي ويو ۽ چيائين: اڳي سويل موٽي اچن، اڄ الائي ڇو دير ڪئي اٿن. ڊوڙي سمنڊ جي ڪپ تي وڃي ۽ اُتي بيهو پُٽن کي سڏي آخر پڪ ٿيس ته ڪلاچي جي ڪـُن واري مانگر مڇ جي منهن ۾ وڃي پيا. پوءِ ته مهاڻا ان جاءِ تي ٻيڙيون ڪاهي ويا، ڏسن ته هنن جا ٻيڙا سمنڊ ۾ پيا ٽـُلڪن. سندن مولهيا، ٻيڙين ۾ پيا اهن. اوليون ڀڳيون پيون آهن، جي مَڇ ۽ رَڇن جي ڇڪ ڀڃي ڇڏيون آهن. اهو سامان ۽ ٻيڙا اوباهيي کي ڏنائون. اوباهيو پٽن جي موت جي خبر ٻڌي واويلا ڪرڻ لڳو. اِها خبر جڏهن سون مياڻيءَ ۾ پئي تڏهن ماتم مچي ويو.

هن حادثي جو ٻڌي سون مياڻيءَ ۾ ماتم پئجي ويو. مورڙي جي ڀاڄاين چُوڙا ٻيڙا لاهي کڻي سَٽيا، وار ڇوڙي، ڪارا ڪپڙا پائي اوڍي ورلاپ ڪرڻ لڳيون.

ملاحين ڪيا مُنهن رتڙا، ڪـُٽي ڪانڌن لاءِ،

مهاڻيون رهيون ماتام ۾،سوڙهي هڪ ٻه جاءِ،

ماڻهو مُنجو مور ڏي، وڃي سُڌ سُڻائيس ساءِ،

ڀڙ! تنهنجا ڀاءُ، ڪڇئون ماري ڇڏيا ڪُن ۾.[62]

سيرهين ۽ اوباهيو ڊوڙي سمنڊ جي ڪپ تي آيا، ٺلها ٻيڙا ڏسي آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳا. آخرڪار سيرهين اوباهيي کي چيو ته: ماڻهو موڪلي مورڙي کي گهراءِ ته اُهو اچي خوني مانگر مڇ کي ماري، ڀائرن جو وير وٺي. اوباهيي يڪدم مورڙي ڏانهن ماڻهو موڪليو، جنهن اهو حادثو وڃي مورڙي کي ٻڌايو.

وَٽي وير هَٿاءِ، ڪري پٽ پٿُون ٿي

مانجهي پڇيو مورڙي کان، دلبر دلوراءِ

ڏي ڪُنَ ڪَل ڪاءِ، جا آيئي مانجهي مورڙا.[63]

مورڙي اُن وقت دلوراءِ جي درٻار ۾ شراب پئي ورهايو. پيالا ڀريندي دلوراءِ ۽ ٻين اميرن وزيرن کي پئي ڏنائين ته پيءُ جو پيغام مليس.[64] ڀائرن جي موت جو ٻڌي اکين اڳيان اوندهه اچي ويس. شراب سان ڀريل پيالو هٿ مان ڇڏائي پَٽ تي وڃي ڪريو ۽پُرزا پُرزا ٿي ويو. تڏهن دلوراءِ پڇيس ته: مورڙا! قاصد ڪهڙو نياپو ڏنئي جو هوش ڇڏائي ويو اٿئي؟ تڏهن اکين ۾ پاڻي آڻي، ڀائرن سان ٿيل حادثي جي خبر ٻڌايائين.

ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو ڏئي دلوءَ کي دانهون

ڪالهه ڪري ويا ڪُن تي، سورهيه سٽائون

نڪو موٽي آئيو، نڪي ماڻهو مُڪائون

ڏسو سُڃا گهر گهاتن جا، ڪري اوباهيو آهون

اَدن ري آئون، ڏک گذاريان ڏينهڙا.[65]

دلوراءِ کي به ڏاڍو ڏک ٿيو، تنهن کيس موڪل ڏني ته ڀلي وڃي سون مياڻيءَ ۾ رهي ۽ ڏکويلن سان حال ڀائي ٿئي.

مورڙو، سون مياڻيءَ ۾ آيو ته پيءُ، ڀاڄايون  ۽ڀيڻ ويڙهي ويس. چيائونس ته: مانگر مڇ کي ماري ڀائرن جو وير وٺ. مورڙو هڪ ته منڊو، ٻيو پاڻيءَ جو گهيڙو ڪو نه هو، سو ماٺ ۾ اچي ويو ته اهڙيءَ آفت کي ڪيئن مارجي، جنهن جو رڳو وات ئي سورنهن گز هو.

ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ٿو ڏسي ڀاڄايون

نڪي نٿون نڪن ۾، نڪي ڪلهن ۾ ٻانهيون

هن وٽ ڀاڄايون، آيون ڪارا ڪري ڪپڙا.

پوءِ گهڻن ئي گهاتوئن کي هوڪاريائين، پر ڪنهن به ڪُن ڏانهن هلڻ جي هام نه هنئي.

مورڙي جي ڀائرن جو موت سانوڻ جي مهيني ۾ ٿيو هو. اُن وقت سمنڊ ۾ طوفان ۽ ڇولين جي چاڙهه سببان ٻيڙيون ڪاهڻ ئي ناممڪن هو. انهيءَ ڪري هو به سمنڊ جي ماٺي ٿيڻ تائين ماٺ ۾رهيو. تان جو مٿان اسوءَ جو مهينو اچي سهيڙيو. پاڻيءَ ۾ ڇينهرو آيو، سمنڊ ۾ جتي ڪٿي ٻيٽاريون ظاهر ٿي پيون. وڏي ۽ اونهي پاڻي ۾ خبر ئي ڪا نه پوندي هئي ته مَڇ ڪٿي ويٺو آهي. پر هاڻي مڇ به اونهي سمنڊ ڏانهن ورڻ جي ٿي ڪئي. تل ترايون سڀ ريٽ سان ڀرجي چڪا هئا. هاڻي ڀاڄاين کان به سَٺو نه ٿيو، سي سڀئي ڪارا ڪپڙا ڪري، مِڙي مورڙي وٽ آيون ۽کيس طعنا مهڻا ڏيئي چوڻ لڳيون:

ڏکين، ڏير ڏسي چيو، هي تو وُڙ ڀاﺂ ناهه

اچي اوڍج ڪنجرو، پڳ مٿاهين لاهه

ڪر زالاڻا ڪپڙا، ڪَت پُوڻين جو پاءُ

سڄڻن ريءَ سُڃ ۾، اچئي ڪيئن ٿو ساءُ

مردن بنان مهل ۾، ڪونهي ڪو همراهه

اُٿي تُرت تيار ٿيءُ، ترس نه، ڪر ڪجهه تاءُ

ڄائين ٻيءَ پيٽاءُ، تڏهن ٿو ترسين تار کان.[66]

ڀاڄايون، مورڙي کي چوڻ لڳيون ته: تون شايد ويريءَ کان وير انهيءَ ڪري نه ٿو وٺين جو هو تنهنجا سڳا ڀائر نه هئا. تو جهڙي ڀاءُ کان ته ڀينگ ڀلي هئي.

قسم کائي اُٿيو، شان وڏي سان شير

کڻندس کاهوڙين جو، پاڻيءَ منجهان پير

ماري ڪندس ڍير، لاهيندس مئي مَڇ جي.[67]

وَر- ولهين ڀاڄاين جي طعنن ۽ ورلاپن هاڻي هن کي ويهڻ نه ڏنو. مانگر مڇ سان مقابلو به کيس اڪيلي سر ئي ڪرڻو هو، سو سوچ ويچار ڪري دلوراءِ وٽ ويو ۽ چيائينس ته: مون کي رُڪ مان هڪڙو ڪائو ۽ هڪڙو فانوس ٺهرائي ڏي. فانوس ۾ اندران وَر وَر تي تِکا ۽مضبوط ڪات اهڙيءَ طرح رکيل هجن. جو ڪَل چورڻ سان وَر وَر تي ٻليءَ جي نُنهن وانگر  اندر ٻاهر ٿي سگهن. تنهن ڪري مون کي ڪاريگر لُهار ۽ گهربل سامان موجود ڪرائي ڏيو ته آءٌ اُهو بُن بنايان. دلوراءِ يڪدم اهڙا ڪاريگر گهرائي ورتا، جن رات وچ ۾ ڪائو ۽ فانوس ٺاهي ڏنو.[68] مورڙو صبح سان اهي سامان کڻي سون مياڻي پهتو، جتي سندس ڀاڄايون ڇَتا ڇوڙي، ننڍڙا ٻار ڪَڇن تي کنيو، سندس واٽ ڏسي رهيون هيون.

دلوراءِ کي جڏهن مورڙي ٻڌايو ته: آءٌ ڪنهن به طرح مڇ ماري ڀائرن جو وير وٺندس، سو حيران ٿي ويو ته مورڙو ڪمزور ۽ ٽنگ کان جڏو، سو ڪيئن مڇ جهڙي آفت سان مقابلو ڪندو! پر جڏهن مورڙي کيس ٻڌايو ته ڪيئن نه هٿيارن جي حرفت سان مڇ کي ماريندس: تڏهن اهو مقابلو ڏسڻ لاءِ پاڻ به لشڪر سميت ڪوچ ڪري ڪلاچيءَ جي ڪُن تي آيو ۽ طنبو طولان هڻي ويهي رهيو.

سڻي مصلحت مور جي، چڙهيو دلوراءِ پاڻ

سنبري چڙهيو شير سان، ڪڇون مارڻ ڪاڻ

اچي لٿا آهن، جواڻ، طنبو تاڪي تڙ تي.[69]

مورڙي کي مڇ سان وڙهڻ لاءِ سنبرندو ڏسي اوباهيو هنجون هارڻ لڳو ۽مورڙي کي چيائين ته: مورڙا! اڃا هنن ڇهن پٽن جو درد ئي نه وسريو آهي ته وري تون به ٿو سندن پٺيان وڃين!

اوباهيو آهون ڪري، دانهون درد منجها

گهوٽن مُـُئي گهٽون ٿيون، سڙيو وڃي ٿو ساهه

سٽون ڏئين سر سِير ۾، ڪوهه ڪڄاڙيءَ لاءِ؟[70]

هو ڇهه ڄڻا ته وڃڻ کي ويا، خدا جي مرضي ائين هئي، پر باقي تون ئي وڃي منهنجي جيءَ جو آڳانڍو رهيو آهين، تون ته مون کي اڪيلو ڇڏي نه وڃ. اِتي ٻيا به کيس منع ڪرڻ لڳا، پر مورڙي کين جواب ڏنو ته: ڀائرن کانسواءِ ڪهڙو جيئڻ؟ ڀائرن جي وڇوڙي اندر ۾ باهه لڳائي ڇڏي آهي، سا تيسين نه وسامندي، جيسين مانگر مڇ کي ماري ان جو رت نه پيئان. پوءِ ڀاڄاين ۽ ڀيڻ کي چيائين ته: جيئرو موٽي آيس ته وهواهه، نه ته بابي جو پارت هجيوَ. سون مياڻي سڄي اوهان جي آهي. ائين چئي مورڙي کانئن موڪلايو.

مورڙي يڪدم پنج سـﺂ سانَ ۽ پنج سـﺂ تازيون ويايل گهوڙيون ڦرن سميت آڻايون. پوءِ ڪُتن جي لوڌ گهرائي، ڪائو ۽ فانوس کڻي جڏهن ڪُن ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن ڪو به ماڻهو ساڻس گڏجي هلڻ لاءِ تيار نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته اڳيئي مڇ جي هيبت ڏٺي هئائون. مورڙي چين ته: مون کي رڳو اهو هنڌ هلي ڏيکاريو، جتي مڇ رهي ٿو. ملاحن لاچار اهو  گهيڙ اچي ڏيکاريس. اتي ڪُن ڏانهن مُنهن ڪري چيائين ته: ٻليءَ جا ٻچا، خبردار ٿيءُ تو منهنجا ڀائر کاڌا آهن، پر آءٌ به جيسين توکي نه ماريان، تيسين سُک نه سمهان. پوءِ مضبوط رسا ۽ زنجير آڻي فانوس ۾ ٻڌائين ۽ انهن جو ٻيو ڇيڙو سانَن جي ڳچين ۾ ٻڌائين. ڪي رَسا وري گهوڙين جي ڳچين ۾ ٻڌايائين. اهوسڀ بندوبست ڪري، ماڻهن کي چيائين ته: جنهن وقت زنجيرن کي لوڏو اچي، ان وقت گهوڙين جي ڦرن پٺيان ڪُتن کي بَڇ ڪجو، ۽ سانن جي پُٺيءَ تي تيل هارائي، هٿيار پنوهار کڻي فانوس ۾ ٿي ويٺو. ماڻهن فانوس کي کڻي ڪُن ۾ اڇلايو. فانوس اڃا ڪُن ۾ ڪريو ئي مس ته مڇ کڻي وات ڦاڙيو ۽ فانوس سندس وات ۾ هليو ويو. مورڙي يڪدم ڪائو کڻي مڇ جي پٽيل وات ۾ ٻنهي ڄاڙين جي وچ ۾ اُڀو ڏنو ته جيئن مَڇ وات نه پوري. فانوس جڏهن مَڇ جي نڙيءَ ۾ آيو، تڏهن مورڙي به ڪَل کي ڦيرايو ته فانوس ۾ لڪل ڪات ٻاهر نڪري آيا.

دُز وڏي دماڪ سان، اُٿيو مڇ به مستانو

ڏيئي ڪات ڪلين کان، ڪيس راوت روانو

پوءِ دسيو ديوانو، گهاتو پهرئين گهاوَ سان.[71]

مَڇ جيئن جيئن فانوس کي ڳيهڻ جي ٿي ڪئي، تيئن تيئن ڪات ويا ٿي سندس نڙيءَ ۾ کُپندا ۽ ڪائي جون چهنباريون پڇاڙيون ڄاڙين ۾ گهڙنديون ويس.

اهڙيءَ طرح مورڙي وارو فانوس ويو اندر پيهندو ۽ رفته رفته ٻيا ڪات اُن مان نڪرندا ٿي ويا، جي مڇ جي ڪلين، آنڊن ۽ جيرن کي ڪپيندا ٿي ويا.[72] مڇ کي اچي لوڇ پوڇ لڳي. سمنڊ ۾ ڇاڇول پئجي وئي ۽ سارو پاڻي رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. مڇ جي ڊپ کان جيڪي ڪنارن تي ماڻهو بيٺل هئا، سي وٺي ڀڳا ۽ گپ ۾ ڪرندا، مرندا، جهرندا وڃي ڪناري تي بيٺا. جڏهن مڇ ساڻو ٿي پيو، تڏهن مورڙي زنجيرن کي زور سان لوڏيو. ٻاهر بيٺل ماڻهن به يڪدم سانن جي پٺيءَ تي کڻي اُماڙيون اُڇليون، ۽ ٻين وري گهوڙين جي ڦرن جي ڪَڍ ڪتا لاٿا. ڦر ڊڄي زور سان ڀڄڻ لڳا ته گهوڙيون وري بيتاب ٿي ڦرن جي ڪڍ هڻڪنديون ڀڄڻ لڳيون. سانن کي جو باهه تپايو، سي به سمورو زور لائڻ لڳا. هوڏانهن فانوس کي جا ڇِڪ آئي ته اُن سان گڏ مڇ به ٻاهر کڄڻ لڳو، تان جو گهلبو اچي ڪناري تي پيو. مورڙو پوءِ فانوس مان نڪري آيو ۽ واهه واهه ٿي وئي. پوءِ ته مهاڻا ڪات ڪهاڙا کڻي اچي مڇ کي لڳا ۽ ان جي پيٽ کي چيري، ڇهن ئي ڀائرن جا لاش ان مان ڪڍي ٻاهر ڪيائون.[73]

دلوراءِ بادشاهه، مورڙي جي مڇ سان مقابلي لاءِ پنهنجي لشڪر ۽ اميرن وزيرن سميت اتي موجود هو، جو مورڙي کي آفرينون ڏيئي روانو ٿيو. ساڳئي وقت ان موقعي تي سون مياڻيءَ جا سڀ مهاڻا، مورڙي جو پيءُ اوباهيو، سندس ڀيڻ سيرهين ۽ سندس ڀاڄايون، سڀ موجود هئا، جي مورڙي کي صحيح سلامت ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ کيس مڇ جي مارڻ جون مبارڪون ڏنائون.[74]

گهاتو پهرئين گهاوَ سان، ڪيو خونيءَ کي کيرو

وڍيائين ويريءَ جو، جيءُ بُڪيون جيرو

آفرين دلوراءِ چيس، تو ماريو مٿيرو

ارڏا! ڪيئي اهڙو، ڀائرن تي ڀيرو

اِهو ڪـُوپا! ڪم تيرو، جو ورتئي وير وقوف سين.[75]

مورڙي ڀائرن جا لاش ڏسي، جوش مان مڇ کي ڪات هڻي، رت جو ڍُڪ ڀري پيتو.

گهلي ڪڍيو گهير مان، مانجهي مڇ مٿير

چيري ڪڍيئين چاهه مان، ڇهئي نر ڇڳير

وڍي ٽُڪي مڇ جا، هڏا ڪيئين ڍير

صبح جو کڻي هليا، سورهيه سرس سوير.

ڀريون سُرڪيون رت جون، مڇ مان مورڙي شير

ڀالو ماڻي ڀير، سڀ ملهايا پانهنجا. [76]

پوءِ ڀائرن جا لاش اُتي ئي دفن ڪري سون مياڻي موٽي آيو.[77] اوباهيي وري مڇ جي کل لهرائي، رڱائي، اُن مان جوراب ٺاهي پيرن ۾ پاتا.

لاهي کل خونيءَ جي، رڱ ۾ رڱيائين،

جورابا جزيد جا، پيرين پاتائين.[78]

مورڙو ڪجهه عرصو اُتي رهي اچي دلوراءِ جي درٻار ۾ حاضر ٿيو، جنهن کيس گهڻو انعام ڏنو ۽ سون مياڻي هميشه لاءِ سندس خاندان کي جاگير ڪري ڏني. پر مورڙي کي چيائين ته: مور! مون کي خبر پهتي آهي ته تو مردار مڇ جو رت پيتو آهي، تنهن ڪري هاڻي تون منهنجي ڪم جو ناهين، ۽ ڀلي وڃي سون مياڻي وساءِ. جڏهن به توکي ڪا ضرورت پئي ته اسان وٽان توکي ضرور مدد ملندي. ان بعد مورڙي باقي حياتيءَ جا ڏينهن ڀائرن جي مقام تي مجاور ٿي گذاريا، جڏهن پاڻ وفات ڪيائين ته کيس به انهيءَ مقام ۾ دفن ڪيائون. اهو مقام اڄ تائين ڪراچيءَ لڳ اتر اولهه طرف مورڙي جي نالي سان مشهور آهي.

­---------


* هيءَ تفصيلي ڳالهه سگهڙ ڌڻي بخش ڌﺂنڪائي ۽ سگهڙ سليمان جهانجهڻجيءَ جي مکيه روايتن ۽ ٻين شامل نثر ۽نظم ۾ ڏنل روايتن جي بناءَ تي قائم ڪئي وئي آهي.

سگهڙ ڌڻي بخش ڌﺂنڪائي بلوچ (عمر 65 ورهيه، ويٺل لڳ سامارو ضلعو ٿرپارڪر) جي زباني، هيءَ ڳالهه ڪن بيتن جي ميلاپ سان اوباهيي کي پٽ ڄمڻ تائين قلمبند ڪئي وئي. ڌڻي بخش چيو ته مون اها ڳالهه مڱرين فقيرن کان ٻڌي، جيڪي ’مکڻاڻي مڱريا‘ سڏجن، اهي سڄي ڳالهه کڻندا هئا. سگهڙ سليمان جهانجهڻجي (عمر 70 ورهيه، ويٺل لڳ هوسڙي تعلقو حيدرآباد) 1958ع ۾ هن ڳالهه جون ٻه روايتون قلمبند ڪرايون، هڪ نثر ۾ مڪمل روايت ۽ ٻي منظوم روايت]نمبر ]4[، امين ونڊير؟جا چيل بيت]. انهن مختلف روايتن جا اختلاف حاشين ۾ نروار ڪيا ويا آهن.

[1]  روايت]19[ موجب ٻاچو ۽ ٻاراچ اصل ڪڇ جي ڪناري لڳ”گنڊا سنگ“ شهر جا رهندڙ هئا.ان شهر جي غرق ٿيڻ بعد ڪڇ جي ”نَرئي“ شهر ۾ آيا ۽ جڏهن جوان ٿيا، تڏهن سنڌ ۾ آيا ۽ حب نديءَ جي پريان ”سوناريءَ جي جبل“ وٽ اچي رهيا.

[2]روايت (2) موجب.

[3] روايت (3) موجب، جادوگر جو نالو ”جوڳي راول ريم.“

”حڪمت ڪاڻ هلي ويا، وٽ راول جوڳي ريم.“

[4]روايت (2) موجب.

[5]روايت (4) ”ويٺا چوڏهن چاليها، ۽ پڙهيا مَنڊ مُهاءُ“

[6] روايت (3) موجب.

[7] روايت ]3[ موجب.

[8] روايت ]2 [ موجب.

[9] روايت ]3[ موجب.

[10] روايت ]2[ موجب.

[11] روايت ]2[ موجب ’ڪلان ڪوٽ‘ ۾ سوناريءَ کي پاڻي ڀريندي ڏٺائون.

[12] روايت ]3[ موجب.

[13] روايت ]3[ موجب.

[14] روايت ]3[ موجب.

[15] مَني  = مڃي.

[16] روايت ]3[ موجب.

[17] روايت ]7[ موجب.

[18] روايت ]7[ موجب.

[19] روايت ]7[ موجب.

[20] روايت ]7[ موجب.

[21] روايت ]7[ موجب.

[22] روايت ]7[ موجب.

[23] ماموين ۽ واگهه جي گڏجڻ جو بيان فقط روايت ]7[ موجب آهي.

[24] روايت ]3[ موجب.

[25] روايت ]7[ موجب.

[26] روايت ]3[ موجب.

[27] ٻيءَ روايت موجب ”پر پيءُ مئي ٿيو ڇورڙو، مري ويڙس ماءُ“

[28] روايت [2] موجب.

[29] روايت [2] موجب.

[30] روايت [1] موجب.

[31] روايت [1] موجب پهرئين پُٽ جو نالو ”پڙهيار“ هو. روايت [7] ۾ فقط چئن پُٽن جا نالا آيل آهن: پنهور، اڱارو، مانجهاندو ۽لاڏڪو. روايت [12] موجب اڱارو، متارو، اسماعيل، هنجهه، مينهون ۽ لـَکـُو. [1]، [4]، [7]، [10] ۽ [17] روايتن ۾ ڌيءَ جو نالو ”جُمڙي“ اچي ٿو: ”اٺين ڀيڻ جُمڙي، لوڪ مڙوئي چوءِ.“

[32] روايت [1] موجب.

[33] روايت [1] موجب.

[34] روايت [2] موجب.

[35] روايت [1] موجب.

[36] روايت [2] موجب.

[37] روايت [3] موجب.

[38] روايت [2] موجب.

[39] روايت [3] موجب.

[40] روايت [2] موجب.

[41] روايت [3] موجب.

[42] روايت [17] موجب مورڙي دلوراءِ کي سلام ڪري چيو ته: آءٌ تو وٽ نوڪر بيهندس ۽ ڪم به ڪو نه ڪندس. پر پگهار پنجن ڄڻن جو وٺندس. جڏهن اوکي پئي تڏهن سِر قربان ڪندس.

[43] روايت [3] موجب.

[44]  هڪ روايت  موجب دلوراءِ شڪار تي چڙهيو ۽سون مياڻيءَ وٽ اچي پهتو. شينهن اوچتو جهنگ مان نڪري دلوراءِ تي حملو ڪيو، پر مورڙي يڪدم تلوار ڪڍي شينهن جو سِر لاهي وڌو.

[45] روايت [2] موجب.

[46] روايت [6] موجب.مورڙو ڪاوڙجي دلوراءِ جي بادشاهيءَ ۾ ويو. اتي هڪڙو شينهن پيدا ٿيو هو، جنهن ڪيترو ئي نقصان ڪري ملڪ ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو. دلوراءِ پڙهو گهمارايو ته جيڪو شينهن کي ماريندو، تنهن کي هيرا جواهر انعام ڏيندس. مورڙو به نوڪريءَ جي سانگي دلوراءِ جي درٻار ۾ آيو، اتي شينهن جي خبر ٻڌائين. مورڙي شينهن کي ماريو. بادشاهه انعام ڏيئي چيس ته: گهُر جيڪي گهُرڻو اٿئي. چيائين ته: سون مياڻي تان محصول معاف ڪر.

[47] روايت [1] موجب.

[48] روايت [2] موجب.

[49] روايت [2] موجب.

[50] روايت [2] موجب.

[51] روايت [1] موجب.

[52] روايت [3] موجب.

[53] روايت [3] موجب.

[54] روايت [3] موجب.

[55] روايت [2] موجب.

[56] روايت [2] موجب.

[57] روايت [3] موجب.

[58] روايت [3] موجب.

[59] روايت [4] موجب.

[60] روايت [6] موجب.مورڙي جا ڀائر مڇي مارڻ لاءِ ڪلاچيءَ جي ڪُن تي ويا. ڪُن ۾ ڪنهن مانگر مڇ ٻچا ڏنا هئا. پاڻيءَ جي ڇاڇول تي اُهي ٻچا رڇن ۾ ڦاسي پيا، جن کي هنن وڍي ٽُڪي ماري ڇڏيو. مڇ اُن مهل شڪار تي ويل هو، موٽي اچي مُئل ٻچا ڏٺائين، تڏهن ڪاوڙجي سندن ٻيڙن تي ڪاهيائين ۽ٻيڙيون ۽رَڇ ڇني، ڇهن ئي ڀائرن کي ڳهي ڇڏيائين.

                        روايت [7] موجب.مورڙي جا ڀائر ٻيڙيون ڪاهي مڇي مارڻ ويا ۽ وڃي ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ڄار وڌائون جي مڇ ورائي کڻي وات ۾ڪيا. واري واري سان ڇهئي ڀائر لٿا جن کي مڇ ڳيهي ڇڏيو. جمڙيءَ کي اها خبر پيئي سا پاڻ مورڙي وٽ ويئي ۽کيس ڀائرن جي موت جي خبر ٻڌايائين.

[61] روايت [2] موجب.

[62] روايت [2] موجب.

[63] روايت [1] موجب.

[64] هڪ روايت موجب مورڙو اُن وقت دلوراءِ سان گڏ شڪار تي هو.

[65] روايت [2] موجب.

[66] روايت [10] موجب.

[67] روايت [10] موجب.

[68] روايت [12] موجب. مورڙي پاڻ لوهر کان ڪات ۽ ڪائو ٺهرايو۽ڪائي ۾ ڪئين هنر ۽ هٿيار رکيائين.

[69] روايت [2] موجب.

[70] روايت [2] موجب.

[71] روايت [1] موجب.

[72] روايت [6] موجب.مورڙو مڇ جي ڀانڊي ۾ گهڙيو ته ڀائرن جا لاش سلامت ڏسجڻ ۾ آيس. اُنهن جي دل تي هٿ رکيائين ته اڃا منجهن ساهه هو. روايت [7] موجب مورڙو سڄي رات مڇ سان وڙهيو ۽ مڇ کي ماريائين.

[73] روايت [2] موجب.

[74] روايت [6]، [13] ۽ [16] موجب.مڇ کي ڪُن مان ڪڍڻ لاءِ ڍڳن جون سـﺂ جوڙيون آندائون. جن کي پاڃاريون وجهي. انهن ۾ ريشم جا مضبوط رسا ٻڌي ،وري مڇ سان ٻڌائون. پوءِ ڍڳن کي هڪليائون، پر مڇ ايڏو هو، جو چُريو ئي ڪو نه، تڏهن وري سـﺂ پاڏا آڻي ٻڌائون. اُنهن کان به مڇ ٻاهر نه نڪتو. آخر دلوراءِ جي حڪم سان سڄي ملڪ مان نَوَ سـﺂ گهوڙيون ڦرن سميت اچي ڪٺيون ٿيون. پوءِ گهوڙين کي رسن سان جوٽي. ڦر پري ٻڌائون. جنهن مهل ڦرن دانهون ڪيون، ته گهوڙيون مڇ کي ڪُن مان ڇڪي ٻاهر آندو. روايت [7] موجب.سانن کي پاڃارين ۾ ٻڌي، سانن جي پٺيءَ تي ٽانڊا اڇلايائون ته اُهي مڇي کي ڪُن مان ڪڍي آيا. روايت [10]

پاتائون پاڃارين ۾، سوڌا سانن سـﺂ،

ڪڇئون چريو ڪينڪي، جيڏا ڏنئون جـﺂ.

[75] روايت [2] موجب.

[76] روايت [10] موجب.

[77] روايت [6] موجب.لاشن کي وهنجاري سهنجاري، کٽن تي کڻي گهر آندائون ۽ پوءِ وڃي دفن ڪيائون.

[78] روايت [7] موجب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8   9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org