روايت[12]
بيت چيل ولي محمد ڪپريءَ جا
1-
ساراهيان سچو ڌڻي صاحب رب ستار
اوباهيو ٻاراچ جو، خلقيو خلقڻهار،
ننڍي هوندي مائٽن کان ڌڻي ڪيو هو ڌار،
تنهن جو سڱ سون مـُهاڻيءَ سان، لکيو
لکڻهار،
تنهن کي رازق رب جبار، ڏنو اولاد پٽن جو.
2-
پٽ پنهنجي اوباهي کي، سائين ڏنا ست،
اڱارو، متارو، اسماعيل، هنجهه، مينهون،
لکو، مورڙو سڀيئي سلامت،
مولا تن ملاحن هئي ڏي مور گهڻي محبت،
3-
مور منڊو هو ڄنگهه کان، قادر جي قدرت،
ڀائرن جا مور تي، هئا هميشه هٿ،
گهاتو ويا ٿي گهورا، ڇهه ئي کڻيو ڇٽ،
پاڻي گهڙڻ گت، مور نه سکيو مورڙو،
مور نه سکيو مورڙو، نڪا مڇي ماريائين،
دلوراءِ جي شهر ۾، ٿي گهميو گهاريائين،
ڏيرن ڀاڄائيءَ کي، سڏيو سدائين،
ڏينهاڻي ڏيرن کان، ٿي وانٽا ونڊيائين،
ستون وانٽو صبح جو، ٿي کاشو
کنيائين،
سا مڇي پنهنجي ملهه تي، وڃيو وڪيائين،
سيڌو سانجهي صبح جو، ٿي اُچو آندائين،
ٻي مرادي مور کي، ٿي ڏينهاڻي ڏنائين،
ڏيرياڻين جي ڏينهاڻي، ٿي ڪاڻ به ڪڍيائين.
طعنا مهڻا تن جا، ٿي سوين سٺائين.
هڪ ڏينهن مزڪور مور کي، وڃي چڙ مان
چيائين،
پوءِ قصو سڀ ڪيائين، مهڻن سندو مور سان.
4-
مهڻن سندو مور کي، ٿي ٻهڳڻ ٻڌائي،
رويو تنهن کي روبرو، ٿي سـُڏڪيو سڻائي،
تنهنجي ڀاڄاين جي مهڻن، مون کي ڇڏيو هاڻي
تائي تپائي
انهيءَ مڇي کان مورڙا، پنڻ ڀلو آهي،
مور تنهن کي ٿو سورهيه سمجهائي،
مـُٺي! ويهه تون ماٺ ڪري، توکي اوک ڪهڙو
آهي؟
تنهن کي ٿو ورنَهه ورجائي، ته رنن راڄ
ڦٽائيا.
5-
رنن راڄ ڦٽايا، اڳيئي اينهين ڪن،
ٿورين گهڻين ڏينهڙن، آيو موٽيو مور گهرن،
مهاڻيون مڇيءَ تي، وڏي وات وڙهن،
ڪريو محتاج مور کي، لينگها لک ڪڍن،
سي مهڻا مورڙي، سـُوا پاڻ ڪنن،
سُڻي سور جهلي، هليو ڏاڍي ساڻ ڏکن،
رات گذري ڏينهن ٿيو، ڪيائين رَڇ ڪُلهن،
مورڙو مڇيءَ تي هليو، پرس انهي پارن،
انهن اهڃاڻن، مور مڇيءَ تي هليو.
6-
مور مڇيءَ تي هليو، وڃي ڪاوڙ مان ڪاهيو
ڀڄي پنهنجي ڀائرن کي، سيرئين سڻايو،
اوهان جي مهاڻين، مهڻن سان آهي تائي
تپايو،
ڪريو رَڇ ڪُلهن تي، وڃي رنگ رٺايو،
هڪدم تن ”هنجهه“ کي، ڀائرن ڀڄايو،
وٺي اچو ”ولي محمد ڪپري“ چئي، توکي آهي
سڀني سڏايو،
موٽي پوئتي مورڙو، اُتي هلي آيو،
ڳل ڳراٽيون پايو، مڙني پرچايو مورڙو.
7-
مڙئي تنهن مور کي، ٿا پانَوَ پرچائين،
سڏ ڪيائون ”سون“ کي، اچي ٿي اوباهيا امين.
مهاڻين کي، منهن تي، ٿا ڪونڌر ڪوٺائين،
محبت سنديون مورڙي کي، ڳل ڳراٽيون ڏين،
جويون ڀَلين جک هنيو، پيون وات به وڃائين،
تون ٿو وڃي مور مڇيءَ تي، ڪڏهن ٿيندو ڪين،
اهڙا ئي آهين، پٽ اوباهي ملاح جا.
8-
پـُٽَ
جي اوباهيءَ جا، سڀئي ساماڻا،
اوباهي جي اڱڻ تي، ٿيا ويهان وَڌاڻا،
قضا ڪوٺايا گهاتو گهراڻا،
ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، ويا رڇ کڻي راڻا،
ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، جهليا جهلاڻا،
رضا رب رحمٰن
جي، نه ته ڇا مڇ، ڇا مهاڻا،
اَمر ساڻ الله جي وڃي مڙيئي ماراڻا،
نِت نِت نماڻا ٿي ”سون مهاڻيءَ“ سڏ ڪيا.
9-
”سون مهاڻي“ سڏي چيو، ”جُمڙيءَ“ کي جو،
اونجي اونجي ڀائرن جو، حملو هت هئو،
اُني کي اوچتو، ازل سڏ ڪيو،
يا ٿيو ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، ويا ڪري جوڙ
جٿو،
10-
ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، مانگر مڇ هئو،
تنهن ناٿ نهوڙي ڇڏيا، باقي ڪو نه بچيو،
نعرو هڻي ننهون هليون، وڃي ڪُن تي ڪرڳل
ٿيو،
مهاڻيون مٿو، بيٺيون ڪُـُٽين ڪلاچيءَ جي
ڪُن تي.
ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي، هلي ڪيائون حشر،
ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي، ڪيا چوڙيلن چڪر،
مهاڻين ماتام ڪيا، ويا جن جا ور،
مورڙي کي سڏڙا، ٿيون زالون ڪن ذر ذر،
مورڙا! مارجي ويو، تنهنجو سڄو ساٿ سڳر،
اوباهي جي اولاد تي، گهاڻو ڦريو گهر گهر،
ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي، ٿيون ڪهريون ڪن لٿر،
ڪلاچيءَ جي ڪـُن ۾، اٿئي مڇ بيٺو مانگر،
تنهن مڇ تنهنجا مورڙا، دشمن پورريا
در،
وٺ تون وير ڀائرن جا، دم دير نه ڪر،
ماري مَڇ کي مورڙا، اچي ڪر ڏُهلي ڏهه
ٽُڪر،
هيڻا اتي هر هر، بيٺي ”سون مهاڻيءَ“ سڏ
ڪيا.
11-
سون مهاڻي سڏ ڪري، ماري آهيان موتن،
مهانڊا مڙني جا، مون کي ياد پون،
ننڍڙا مون نپايا، کڻي هن هٿن،
واحد پاڻ وڏا ڪيا، هئي جواني جوڀن تن،
ڏاڏي پوٽيون ڏيجن سان، پرڻايو پـُٽَن،
سي ڇڏيو
لاکيڻا، هتي هاڻ وڃن،
ننهون ڏسيو مون نڀاڳيءَ کي، لَکين ڪانَ
لڳن،
ڪريان سڏ الله کي، منهنجا گهاتو گهر اچن،
ڪري ساڻ ڏکن، بيٺي سون مهاڻي سڏ ڪري.
12-
سون مهاڻي سڏ ڪري، مورڙي کي ماءُ،
ڀاءُ تنهنجا مورڙا! هينئر هت هئا،
کڻي رَڇ ڪلهن تي، هتان لال لنگهيا،
ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، تنهنجا وڻجارا ويا،
ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، تنهنجن ڀائرن ڀَن
هنيا،
سڀيئي ناٿ نهوڙي، ناکئا نِيا،
ميڙا اتي ماڻهن جا، اچي ٿرٿلا آهن ٿيا،
اٿيئي اُت پيا، انهن جا ڪپڙا ڪلاچيءَ جي
ڪـُن تي.
13-
ڪپڙا ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، لونگيون لاٿائون،
ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، کيمان کوڙيائون،
ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، رَڇ به رٿيائون،
پرتئون هڻيو پٿر اُتي، ٿي مڇي ماريائون،
ازل جي اچڻ جو، سڏ نه ساريائون.
ٿين سڏ الله جو، گهڙي نه گهاريائون.
جن سان جيءُ جون رٿائون، ٿيو مارو تن
ملاحن جو.
14-
ٿيو مارو تن ملاحن جو، اچي اَمر ساڻ،
ٿيو مارو تن ملاحن جو، جن سان جيءُ ٻاڌاڻ،
مڇ تنهنجا مورڙا، نيا سڀيئي سرواڻ،
مڇ تنهنجا مورڙا، نيا جوڌا جُنگ جواڻ،
مڇ تنهنجا مورڙا، ويري وڍيا واڻ،
وٺ تون وير مورڙا، هلي هٿن ساڻ،
وٺ تون وير ”ولي محمد ڪپري“ چئي، ڍري
پاڻيءَ اندر پاڻ،
جڏهن هئا حياتي، تڏهن توکي ڪا نه ڪنهن جي
ڪاڻ،
جن سان روح رهاڻ، ٿيو مارو تن ملاحن جو.
15-
ٿيو مارو تن ملاحن جو، سيرهين ويئي سڙي،
تنهنجن ڀاڄائن مورڙا، ڪيا آهن رڱ رڙي،
ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، هئي ازل جي اَڙي،
ڪلاچيءَ جي ڪـُن تي، آهي ڌُوم ڌَڙي،
ڪلاچيءَ جي ڪـُُن تي، ويون ملاحيون مري،
ساعت سري ڪا نه ڪا، گهاتن ريءَ گهڙي،
تن ملاحن کي مورڙا، ويو مٿان سج لڙي،
جن سان جيءُ جَڙي، ٿيو مارو تن ملاحن جو.
16-
ٿيو مارو تن ملاحن جو، بيٺيون سانگين کي
سارين،
ڪريو گهوڙا گهوڙا گهاتن لاءِ، رويو جر
هارين،
چوڙا ٻيڙا، ٻانهيون ٿيون اُتي اڇلائين،
مٽي کڻيو منهن تي، ٿيون لاکيڻيون لائين،
دير نه گهرجي مورڙا، ٿيون ڀاڄايون ڀائين،
مهڻا توکي مورڙا، بيٺيون چاءِ منجهان
چائين،
ٻر ڪيو ٻولائين، توکي مرڻ گهرجي مورڙا.
17-
مرڻ گهرجي مورڙا، توکي هاڻ نه حياتي،
ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي ويا ڀورين جا ڀاتي،
وڃي ٿيا وڻجارا، مورت ملاقاتي،
موت جي مهل جي، هئي سڌ نه سڃاتي،
ويا ڏينهن پورا ٿي، تڏهن ڪيا مَڇ مَماتي،
ڇڏي بيک بناتي، اچي وٺ تون وير ڀائرن جا.
18-
وٺ تون وير ڀائرن جا، هلي هاسيڪار،
مڇ انهيءَ جو مورڙا، اٿيئي ڏيهن ۾ ڏهڪار،
جن لاکيڻن لوڏون ڪرايون، توکي سڀ ڄمار،
سي ڀائر تنهنجا مورڙا، گمايا گينوار،
تنهنجيون ڀاڄايون ٿيون روئن زارو زار،
تنهنجيون ڀاڄايون مورڙا پٽيو ڪڍن پار،
ڀاڄاين جي مورڙا، اچي ڏس اوڇنگار،
ڀاڄاين جي مورڙا، تون سگهي لهه سار،
ڪاهي ڪلاچيءَ ڪُُن تي، وٺ ويريءَ کان
وهنوار،
ڀڄي، پهچي ڀائرن، وير سگهو تون وار،
تنهنجي سوڀ ستار، لکي لوح محفوظ ۾.
19-
لکي لوح محفوظ ۾، آءُ ڪڍي قلبـﺂن ڳالهه
ڪَچي،
ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، تنهنجا راڻا ويا رچي،
مانجهي موٽيا ڪين ڪي، جن جي سڪ سچي،
مون اندر مورڙا، ويا ٻيڻا مچ مچي،
تو ۽ تنهنجي زال ڏينهاڻي ٿي ميڙيو کنئيي
مڇي،
هتي هاڻ اچي، وٺ تون وير ڀائرن جا.
20-
وٺ تون وير ڀائرن جا، هلي هونگاري،
ڀائر تنهنجا مورڙا، مڇ ڇڏيا ماري،
ڪلاچيءَ جي ڪُـُن ۾، بيٺو تنهنجو ويري
وانگاري،
ڪلاچيءَ جي ڪُـُن ۾، بيٺو تنهنجو دشمن
ڌڌڪاري،
ڏيهه سڄو ڏسڻ لاءِ، نت نت نهاري،
مورڙو مڇ کان، ٿو وير ڪڏهن واري،
اهو مڇ مدعي ماري پوءِ جيئرو گهم جهان ۾.
21-
جيئڻ جا جهان ۾، ڇڏ لاڳاپا لاهي،
مهڻا اتي مورڙو، بيٺو دانهه دل لاهي،
هڪڙو ماريو موتن، ٻيو کنيائون طعنن سان
تائي،
ڀاءُ ته تنهنجا مورڙا، ويو اڄ ڦري ڦڳائي،
ڀاءُ ته تنهنجا مورڙا، ويو گهاتو گهمائي،
اوباهي جي اولاد ۾، هن ڇڏيو ڇا آهي!
اڱارو، متارو، اسماعيل، هنجهه، مِينهون،
لکو، سڀيئي ڇڏيا ناٿ نڀائي،
وٺ وير ”ولي محمد“ چئي، ڪلاچيءَ تي ڪاهي.
نه ته جيئڻ تنهنجو جهان ۾ اجايو آهي،
سورهيه سنڀائي، مٽجي اُٿيو مورڙو.
22-
مٽجي اُٿيو مورڙو، منجهان چاءَ چڙي،
سڻي مهڻا ڀاڄاين جا، ويس قلب ڪڙهي،
هليو پڇائي پير ڀري، منجهان سُور سڙي،
ڪارڻ تنهن ڪات جي، ويو لوهر گهر لڙي،
ڪات گهڙي ڏي رُڪ جو، اڳيان سڄي ڳالهه ڳري،
ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، هئا ويا لاکيڻا لڙي،
ماريان تنهن مڇ کي، جنهن ڇڏي ڪا نه ڇڙي،
مون ۽ مڇ جي شادي لاءِ، آهي بيٺو جڳ مڙي،
ويريءَ سان وڙهي، وٺان وير ڀائرن جا.
23-
وير وٺڻ جا مورڙي، سورهيه ڪيا سعيا،
ڪات، گهڙايائين رُڪ جو، ٻيا تنهن هنر
هلايا،
ڪائي اندر ڪيترا، بيک به بنايا،
ڪائي اندر ڪيترا، تنهن واڄا ويڙهايا،
مڇ مارڻ جا ڪين هئا، سورهيه سدا ها،
پر ڪلاچيءَ جي ڪُـُن تي، هئا ازل آڻايا،
انهي مهل به ماريا، نه ته مڇ جي مارڻ جا
ڪين هئا.
24-
مڇ مارڻ جا ڪين هئا، اها مهل مرڻ جي هئي،
ماري مڇ ڇڏيا، سڀ ڪنهن ڳالهه سُـُئي،
جيئن ٿيڻي هئي تيئن ٿي، بيٺو بهانو مڇ جو.
25-
بيٺو بهانو مڇ جو، قهري ڪانَ لڳام،
ماڻهو شهر دلوراءِ جا، ڪـُن
تي ڪـُل
ڏٺام،
نظر جي ناکئا، ادا ڪين آيام،
جيري ۾ جوانن جا، سوين سل ٿيام،
هڪڙا ڦوڙائي فراق جا، وڏڦرا وٺام،
ٻيا مهڻا جي منهن تي، لکين لينگهه لڳام،
حياتيءَ تان هٿڙا، خوشيءَ ساڻ کنيام،
ٿئي تنهن مڇ سان، مون جهيڙو ميڙو جام،
ته ٿورا مون ڌڻيءَ جا، لکين لک مڃيام،
هيڪر هٿ ڳنڍيام، ته سوڀون وس ستار جي.
26-
سوڀون وس ستار جي، منهنجو ويڙهيو ٿيو
ويران،
آيو موت اوچتو، تنهن سڀ جلايا جوان،
ڀاڄاين بند ڪيا، ويئڙا ور وٽان،
نٿ بولانڪن جا، اُلهي ڪُلهي ڪيائون اڇلائي
اَمر سان.
ڀيڻ سندي سيرهين، تنهن کي قهري لڳا ڪانَ،
ٻَرڪـُيُون ٻانهيرين جون، ويون ستين
آسمان،
جهلي دل ايمان، آيو ڪات کڻي ڪُـُن تي.
27
-
ڪات کڻي آيو ڪُـُن تي، جتي بيٺو مڇ مواس،
تاڙي نه لڳي ٿي تار ۾، اتي ڪيا ٿي راماڻا
راڪاس،
راڪاس رت چٽيو هو، جنهن کاڌو ماڻهن سندو
ماس،
ماڻهو شهر دلوراءِ جا، هئا حيرت ۾ هيراس،
منجهه ڍري ويو مورڙو، ڇڏي لالچ سڀ لباس،
وڃي ڏٺائين ويريءَ کي، جنهن جي هئي اندر ۾
اداس،
مورڙي چيو مڇ کي، اُٿي کڙو ٿي خناس،
گهڻا تو گهاتن مان، چکي
ورتا چاس،
ڪڍي ڪات ڪائي مان، ڪيائين نهوڙي ناس،
پاڻي ڦري لال ٿيو، رت مان سڄو راس،
ڇڏي
هن وندر سندو واس، منجهه ڍريو هو مورڙو.
28-
منجهه ڍريو هو مورڙو، جتي ظاهر هو ظلمات،
ماڻهو شهر دلوراءِ جا بيٺا ڏسن بات،
منجهه ڍرڻ جي مورڙي کي، طلب اندر هئي تات،
ڪاهي پيو ”ڪپري“ چئي، کڻي ڪاوڙ منجهان
ڪات،
وڍيائين ”ولي محمد“ چئي، اندر عضوا سڀ
ذات،
ورتائين وير ڀائرن جو، تنهن کي ڏاتر ڏني
ڏات،
ماري سو مهمات، ڪيائين ڪوس ڪلاچيءَ ڪُن ۾.
29-
ڪري ڪوس ڪلاچيءَ ڪُـُن ۾، سو مڇ به
ماريائين،
ماري تنهن مَڇ کي وير به ورتائين،
ماري تنهن مڇ کي، هينئڙو ٺاريائين،
مهڻا جي مُـُنهن تان، لِينگها لاٿائين،
سوين اتي سـُئاون، گهوڙيون به گهرايائين،
تني جا ڦرڙا، ٿي ٻاهر ٻڌايائين.
]اڻپورو[
----------
روايت[13]
بيت چيل طيب جا
1-
سون مياڻيءَ سک ٿيا، ڪيون ٿي منڌر ملاحن،
هڪڙو دم دنيا جو، ٻيو ڌڻيءَ ڏنو اٿن ڌن،
هڪڙا ڀروسا ڀائرن جا، ٻي ڪاڻ نه ڪنهن جي
ڪَن،
ڏينهن وٺن ٿا پاڻ ۾، ونڊيو ورهائن،
مانُ ڏيئي ”مور“ کي، ترت ويهاريو تَن،
هو ونڊيون ٿو ورهائي، گهميو منجهه گهرن،
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، جنهن کي جيءُ ۾ جاڳيو
جن،
چي: پورهيو ڪندس پانهنجو، هت مورنه ٽڪي
مَن،
حياتي هجي اوهان جي، شل ويڙها پيا وسن،
ڪنين مَدي مامَ سـُئان، شل دشمن دور هجن،
پوءِ روئي وٽان تَن، هليو موڪلائي مورڙو.
2-
هليو موڪلائي مورڙو، سڀ کڻي سامان،
دلوراءِ جي در مٿي، اچي سائل ڪيو سلام،
منڊو آءٌ محتاج هان، هلڻ کان حيران،
تنهنجي نيچ ڪندس نوڪري، ڪر اسان تي احسان:
ڀلي آئين مورڙا، آهين وزيرن وريام،
پهرين ڏيندءِ پرت سان، ترت ويهاري طعام،
ويٺو کاءُ خوشيءَ سان، درس رکيو دهمان،
تنهنجي آهن. ”طيب“ چئي، در اڳيان دربان،
مانيون ۽ مهمان، ويٺو هلائج هٿ سان.
3-
راضي ان تي رب ٿيو، ساعت هئس سولي،
مڙس محتاج ڀاڳ جو، نه ته آهي ڳور ڳلي،
وهه واهه سڏائي وڏيرو، جيئن مٿي رڍ رلي،
پئسو ناهيس پاند ۾، پر وڃي هٽ هلي،
بي عقل بازار ۾، اچي سڄو ڏينهن کِلي،
سون مياڻي سڄي ملي، معافي ڪرائي مورڙي،
4-
معافي ڪرائي مورڙي، ٿي تڪبر ڪيائون،
دلوراءِ جي در مٿي، وڃي کيما کوڙيائون،
رڇ ڇڏي ريل ۾، وڃي ڪـﺂنسل ڪيائون،
ٽي پهر ٽٻيءَ جا، ٿي ٻاهر ٻوليائون،
ويا ڪُل ويريءَ وات ۾، ڪجهه نه ڪيائون،
سانجهيءَ ساريائون، ته گهاتو گهر نه آئيا.
5-
گهاتو گهر نه آئيا، ويڙا ڪهڙيءَ وار،
اُڀريو چنڊ چوڏهينءَ جو، چمڪي ٿو چوڌار،
ڏوران اُت ڏٺائين، آهن ٻيڙيون منجهه ٻهار،
پڳهه پيا آهن پٽ ۾، در ڳنڌيون دستار،
دانهون ڪيائين درد مان، حيلا لک هزار،
نڪو آدم اوڏي ۾، نڪا پکين ري پهار،
منڌ موٽي پوئتي، پئي پاڙي منجهه پچار،
پرهه ڦٽي تنهن وار، ماڻهو مڪائين مور ڏي.
6-
ماڻهو آيو مور وٽ، خاطي کڻي خط،
ڪاغذ پڙهي ڪارو ٿيو، روئي بيٺو رت،
منڊي هن محتاج جا، آهن ڀائر وڏي وٿ،
اوباهي جي اولاد جي، مڙهي آهي مت،
ويا ڪلاچي ڪـُن تي، ڪا نه ڪيائون ڪٿ،
”سون مياڻي“ سـُڃ ٿي، هاڻي هڻن پيا هٿ،
سگهي ڪج سنبت، لهجان ڪَل ڪَلهن جي.
7-
مورڙو چڙهي ماڙيءَ تي، ڪيهون پيو ڪري،
دلوراءِ جي در مٿي، راتو ڏينهن رڙي،
ڪلون مون کي ڪائي جون، ڏي بهتر بنائي،
راوت مون کي رُڪ جي، ڏي جگري جوڙائي،
ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، وڃان ڪست منجهان ڪاهي،
اهو بانور بڇڙو، ٿو منڪر مارائي،
توبهه منهنجي ”طيب“ چئي، جيڪا قسمت ڪرائي،
ڏاتر ڏيکاري، آءٌ وٺان وير اَدن جا.
8-
سورهيه سنڀري هليو، سڀ کڻي سامان،
اچي گهر ڏٺئين گهوٽن جا، ويا مير ڪري
ماتام،
نڪي آهن اوطاقن ۾، نه کٽن مٿي خان،
ڀيرنگ ڀاڄاين سان، رضا ڪئي رحمان،
چي: رئو نڪي رڙو، نڪي حشر ڪريو هاڻ،
گهاتو ڪهڙي گهيڙ تي، وڃي مير ٿيا مهمان،
اهو تڙ ڏيکاريو، ”طيب“ چئي، ڪريان انهيءَ
امتحان،
وٺي تن وريام، اچي رَڇ ڏيکاريس ريل تي.
9-
رڇ ڏٺائين ريل تي، رُنو زارو زار،
ستين ڀيڻ ”سيرهين“ ٿي هڏ ٽوڙي هار،
پٽي ٿي پرڀات جو، وني ڇوڙيو وار،
چي: ڀائرن ڌاران ڀيڻ هيءَ، جيئي پيئي جاڙ،
هئس در اڳيان دادلي، آءٌ اَدن جي آڌار،
هٿن سان هندورن ۾، لوڏيم ٻالڪ سندن ٻار،
تن جي اڄ ”طيب“ چئي ڪانهي تڙ تنوار،
ڪريان ڪُن مٿي ڪوڪار، سڏ نه ويجها سپرين.
10-
رَڇ ڇڏي ريل ۾، ڪـﺂنسل ڪيائين،
ٽي پهر ٽٻيءَ جا، ٻاهر ٻوليائين،
مرڻ ۽ جيئڻ جي، ڪٿ نه ڪيائين،
وڃي تنهن ويريءَ کي، ڏوري ڏٺائين،
جگر، جيرا، بڪيون، تنهن جون ويهي وڍيائين،
مڙهه تن ملوڪن جا، اکئين ڏٺائين،
تني لئي ”طيب“ چئي، پئي رت رنائين،
مڇ به ماريائين، پوءِ نڪري سو نروار ٿيو.
11-
نڪري سو نروار ٿيو، ڪيائين ڪُن مٿي ڪرھل،
کٽون گهرايئين خانن لئي، سيج بنديون ساڌر،
مشڪ کٿوريون ساڻ عنبرين، گهوريئين مٿن
گهر،
ڏنئين لاڳ لونگيون وَٿون ٻيون بهتر،
اهڙي پَر ٿي امامن سان، جيئن ڪربلا ۾ قهر،
تني لئي ”طيب“ چئي، ٿي وڻ رُنا ويتر،
گهاتو پوري گهر، اچي آسڻ آرامي ٿيا.
12-
آسڻ آرامي ٿيا، اچي مور مٽيو،
ختمون تن خانن جو، ڀائرن ڀت ڪيو،
ڇَنن مَنَهن مانيون، وڏي هل هليو،
راڄ سڏي ريل جا، چي: ڪڇئون ٻهر ڪڍو،
دشمن اهو دور ڪري، ڏيهه کي ڏيکاريو.
پٿر تن پهلوانن جو، آئين مٿي ڪُـُن ڪريو،
ويهي گهاريون ڏينهڙا، جتي ڪُسڻ ڪالهه ٿيو،
تني وٽ ”طيب“ چئي، هلي گهڙيون گذاريو،
اچڻ آخر آيو، جت سون مياڻي سڃ ٿي.
13-
ماڻهن مڙي ڪيو هُل، سـُڻي هيبت مڇ جي،
مڙي مهاڄڻ آئيو، دلوراءِ کان دَل،
گهرون گهريئون اُن تان، چي: مانجهي آهين
مَلُ،
دانهن ديواني مڇ جي، هنڌين ماڳ هڪل،
ڏاڍا ڏاند گهرايئون، ڪارا ڪوڏ ڪجل،
بگا، ميٽا، راوا، ساوا، لاکيا، لال لڳل،
ڏيئي پانجاريون پڙ ۾، ڪيئون هارين جيئن
هڪل،
اُٺ اُڻايئون گهوڙا، جانور سڀ جبل،
پير نه کوڙي پِڙ ۾، ڄڻ آيو اُن اَجَل،
ريهون تن روڏن جون، ڪُن مٿي ڳل،
گهوڙيون آڻي سهج سنڀائي، ڏنئون مشڪين کي
موڪل،
پوءِ ڪلمو ڀريو ڪُـُل، نڪتو ڪوپر ڪُـُن
مان.
--------