روايت[7]
ادا ٻڌو قصو مورڙي، ڌيان منجهه مضمون ٿورڙي راوي روايت جا، هن
ريت ڪن حڪايت ٿا ته ٻاچو ۽ ٻاراچ ڪراچيءَ
منجهه رهن. هئا ٻئي پاڻ ۾ ڀائر، جي
بهادريءَ، هنر ۽ حڪمت ۾ ماهر هئا. هنن کي
ڪو ٿورو سفر درپيش آيو، وٺي واٽ پنهنجي
هنن رستي ۾ ڪاهيو. اوچتو ئي هنن کي هڪ وڻ
نظر آيو. هنن اچي وڻ کي چاهـﺂن چتايو، ته
منجهس هڪ پکي، پنهنجن آنن تي کنڀ رکي،
ويٺو ڪري آرو. تن پاڻ ۾ ڪيو پهه، ته ادا!
آهي اهو سورهيه، جو پنهنجي حڪمت هلائي،
پکيءَ کي به نه اُڏائي ۽ آنا آکيري مان
چنبن سان چائي. هنن شرط پاڻ ۾ ٻڌي، تڏهن
وڏي انهن جي ڪڍڻ لاءِ دل رکي ۽ وڻ تي چڙهي
وڃي آنا اهڙيءَ ريت سان ڪڍيائين، يعني
پکيءَ کي نه اُڏايائين. اتي ننڍي ڀاءُ ڏٺو
ته ٻيلي وڏو ڀاءُ کنيو ٿو وڃي بازي، هاڻي
هلائجي حڪمت سازي، جنهن ڪري ڀاءُ به ٿئي
راضي، ۽ پنهنجو مطلب به پورو نڪري اچي.
ڪيائين به بيشڪ اهڙو ڪم، نڪا هنيائين ٻٽاڪ
نڪو دم، ٿي پنهنجي ڳالهه تي محڪم، ٿيو وڻ
تي راهي، جلد آيو ڀاءُ واٽ کنيائين نه واٽ
تي ساهي. ڀاءُ سندي گود مان، هٿن جي حڪمت
سان، آنا ڪڍيائين، اُتاهون موٽيو ڊوڙندو
هيٺ اچي تنهن هنڌ تي ساهي پٽيائين. وڏي
ڀاءُ کي به ڪل نه رهي ڪائي، ته منهنجي
ڀاءُ مون سان ڪا آهي حڪمت هلائي! هي جوان
به هيج مان آيو وٽ ڀاءُ تنهن ڀائي، جان
اچي هن هڙ سنڀاري، ته ٺهي نه پلئي پائي،
آهن ٻئي آنا ٻاچوءَ کي هٿن ۾ جائي، هيءُ
ڏسي ڀاءُ جي حڪمت، هن کي ڏنائين آفرين ۽
عظمت، تڏهن هنن ڪئي اڳتي هلڻ جي تياري.
اڃا ٻه ٽي وکون کنيائون، ته هي حال ڏٺائون، هڪ زال گڏين پيرين
ڀاري، ان کي به ادب سان ڪيائون کينڪار
موچاري، چيائونس: چڱيءَ ريت سان خبر سمجهه
ساري، مائي! توکي آهي ڌيئڙي ڏاتر ڏياري،
ان جي شادي، اسان مان هڪ جي ته ڪنديءَ
خانه آبادي، ۽ ٿيندي هڪ جي ناري، توکي
ملندي مبارڪبادي.
ائين چئي ان کي، هنن اڳتي وک به وڌائي، اڃا هليا اڳتي ته گڏين
ٻه ڄڻا ماموئي، جي هئا خاصا خبردار ڀڙ ٻئي
ڀائي، هي به ٿيا سنگتي هنن جا، چئني وک
چاري ۾ چائي، اڃا هليا اڳتي ته ڏنين
”واگهه“ به ڏيکائي، پوءِ پنج ئي پيا پنڌ ۾
ڪري الله واهي. هنن کي شڪار جو به گهڻو هو
شوق، دل ۾ به گهڻو هونِ ذوق، هئا به پنج
ئي پهلوان، خاصا بهادر خان، تنهنڪري رکن
ڪا نه پرواهه، ٿي هڪ ٻئي سان همراهه،
ورتائون سهڙ انهيءَ راهه، پيو ڦاسي منجهه
ڦاهي، تنهن کي وڍي وجهه سان هنن سيخ به
پچائي. پنج ئي شير شتاب، کڻي اهو پڪل
ڪباب، سڀني وک کي وڌايو، واٽ ۾ واگهه هي
پهه پچايو، ته جي هنن سان حڪمت ڪندس، ته
بيشڪ بچندس، نه ته سڄو ڏينهن بک مرندس،
پوءِ به هنن سان ڪين پڄندس، تنهن ڪري پيو
هر هر ڏي لامارو، ڪجهه هلي هنن سان، ڪڏهن
ڪري سهڙ مان وارو. وري واگهه هيءَ مصلحت
ڌري، ته جيڪڏهن کائيندس ڪباب ذري ذري ته
جلد پوندن خبر کري، تنهن ڪري گهرجي ته
ڳالهائجي هنن سان وري وري، تنهن ڪري هنن
سان، ڳالهائي پيو ڳڻن وارو، ڀري پيو واري
سان وارو. هنن به پٽ ۾ پنڌ ڪيو، گذرين
ڏينهن سارو، وري به ڪُين بک موڳو موچارو،
پوءِ پاڻ ۾ ڪيائون صلاح ته اول کائي پڪل
ڪباب، روٽي ۽آب، ٿيون راهي انهيءَ راهه،
پوءِ جيڪا مرضي هوندي الله اهو خيال ڪري،
مصلحت من ڌري، بنان فڪر ذري، اتي ويهي
رهيا مجلس ميڙ ڪري اڃا هڙ پٽن، ته سهڙ
ڄنگهون ٽي چوٿين ڪا نه پسن! هو چارئي پيا
عجب ۾ پون، هئا به سڀئي حرفتي پر ڪري ڇا
سگهن! نيٺ پيا رٿون رٿن ۽ڪٿون ڪٿن.
قصو ڪوتاهه، ته ڪئي هيءَ مصلحت مڙن ته وٺڻ گهرجي واگهه کان
پهريان ساک سڀني: پوءِ جي ڪوپتو پيو ته
واهه، نه ته رکو مٿي الله اها صلاح ڪري
چيائون واگهه کي، ڏي تون ساک ڀري. اتي
واگهه چيو ته ادا، هجو خوش سدا، سهڙ
ڄنگهان ٽي آهن، چار بلڪل ناهن، ڪير ٿو
چوي، ته واگهه ڪوڙ ڪوڙ ٿو ڪَهي، ۽ جيڪڏهن
توهان کي منهنجي ڳالهه تي پت نه پوي ۽ اهو
ڏيوم ٿا سنگت جو ڀاڙو ته اداَ مان آهيان
پنهنجي واٽ وارو، ويندس هليو وطن تي. چي:
پيارا ادا! اسان کي ساک ڏيئي، پوءِ وڃ
اوڏهين جيڏي وڻيئي. واگهه چيو، منهنجو چوڻ
مڃيو، ادا، اڳتي هلو، من هجي ڪا مسجد
مُلو، پوءِ جيئن اوهان چيو تيئن ڪبو بِلو.
پوندم ڪم الله سان ڪوڙ ڪين ڪُڇندس، سڀ سچ
اڳيان سلندس. هنن دل ۾ چيو ته ٻيلي، هن
ڪئي آهي دغا، جنهن جي ملڻ کپيس سزا، پوءِ
هر ڪنهن جي مرضي ادا. پهريائين ڪنهن به
صورت ۾ اها ڳالهه ثابت ڪجي، پوءِ جي سڀني
سندي دل هجي ته گڏ رهون، نه ته پنهنجي جدا
جدا واٽ وٺون. تنهن ڪري واگهه کي پيا چون،
ته ڪا اها دغا ٺهي سا دوستن؟ جي ڪجهه
کائجي ته سلجي، جيڪڏهن نه سلجي ته پاڻ کڻي
پلجي، هاڻي جيڪڏهن اٿئي کاڌي، ته بَڪ ڦٽي
ڪر بادي، کڻي مڃ ته جهيڙو ئي لهي پوي ۽ هر
ڪو خوش ٿي آنند ۾ رهي. چي: ادا، دوستن سان
دغا ته نه ڪئي اٿم، باقي توهان کي آهن سهڙ
جا اثر رکڻا، تنهن ڪري ڪريو ٿا هوڏ ۽ ٻڌو
ٿا بُد بُدا سکڻا. جڏهن واگهه باز نه آيو،
تڏهن هنن هيءُ پهه پچايو ته هلي هن ڳوٺ
مان چوري ڪريون ۽ هن کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيون
پوءِ سڀ ڪرائينداسونس سچيون.
نيٺ اها رٿ ڪري وڃي چوري ڪيائون، واگهه کي وجهه سان اچي چيائون
ته ادا، سچي اسان سان ڪر، نه ته سڀاڻي هن
ڳوٺ جا ماڻهو اهڙي ڪندءِ پر، جو ويٺو
ڏسندين. واگهه چيو: ادا، سهڙ ڄنگهان ٽي،
چوٿون ٿِس پڇ، توهان ڄڻ اڳي نه ڏٺو آهي.
ڪجهه، هاڻي جي اعتبار نه ڪريو، ته وٺي واٽ
پنهنجي هليا وڃو. هنن مال ڪري رکيو واگهه
وٽ، پاڻ وڃي پري ٽڪيا. اڃان ڦٽي مس باک،
ته ٿي مال جي مالڪن کي سجاڳ، اُٿي ڪن جاچ
ته مال ٺهي ئي ڪو نه. نيٺ مال ڌڻي، ساجهر
ئي پير کڻي، اچي مال وٽ رسيا، تنهن ڪري
هنن جا به پت سانت ٿيا، ڇو ته هنن سمجهيو
مال ته آهي، باقي ٿيو وٺڻ سو هاڻ سولو
آهي. نيٺ واگهه کان پڇيائون ته تون ڪير
آهين. ڪٿان ٿو اچين؟ واگهه چيو ته ادا! جو
مالڪ آهي ملڪ جو، سو راکو آهي منهنجو، هي
مال ته الائجي هت ڪير هئا، جي رکي راهي
ٿيا.
هنن کي به پيئي خبر، تن به اچي ورتس ڀر، چيائونس: سچي اسان سان
ڪر، نه ته ڪجهه ڏسين ٿو، ڪجهه پسندين
وڌيڪ پر. پر جي ڪري ايمان اپر، ڪندين
ڳالهه پوري، ته معاف ڪرائينداسونءِ هيءَ
سوري ۽ گڏجي هلنداسين، جنهن ڪري رهندي پت
پوري. اتي واگهه ڏٺو ته ٻيلي ڪوڙ نه لڪو،
تنهن ڪري ٿي لاچار، ڪيائين هيءَ پڪار ته
ادا، ڇا سهڙ لڳي ڇا ايتري ڪوشش لڳي! توهان
هڪ ڄنگهه لاءِ ڪيتري وٺي تانگهه ڪئي آهي،
هاڻ ٺهيو، پڪي کاڌي خير ٿيو، ٻيءَ سيخ جو
سعيو ڪريو، هاڻي مرضي توهان جي، وٺي هلو
ته واهه، نه ته رکي مٿي شاهه، وٺان پنهنجي
راهه! تڏهن چئني چيس ته ادا، هجين خوش
سدا، توسان ڪيونسين کِلان، هاڻي ڪر ڪو به
ڪو نه خيال ۽ هل اسان سان. ڇاڪاڻ ته هنن
سمجهيو ته پتو پيو، هاڻي مٿو هڻون ڇو!
پوءِ اتي خوب نشا پاڻي ڪيائون، تڏهن واگهه
وريو، يعني پنهنجي وطن هليو. هنن به هن کي
خوشيءَ سان موڪل ڏني. اتي وري ماموئي شخصن
ٻاچو ۽ ٻاراچ جي موڪلائي ماني، جڏهن کائي
پي خوش ٿي جوان ويٺا جاني، تڏهن پڇيائون
ماموئن کان: ادا، اسين ٿالهي رکون ڌوئي،
پوءِ ٿو مالڪ ڏئي کاڄ سڀوئي. هنن ڀائن پاڻ
۾ ڪئي هيءَ مصلحت، ته ڪريون ڪا اهڙي همت،
جنهن ڪري ٿالهي به ڪريون در دست، ۽ هنن کي
به ان ڳالهه جي پوي ڪا نه ٻڙڪ. وري ماموئن
صلاح ڪئي، ته هي آهن اڙٻنگ جوان ٻئي، متان
اها ٿالهي کڻي وڃن، تنهن لاءِ پيا رٿون
رٿن. نيٺ هيءَ ڪيائون رٿ ته سمهڻ وقت
پاڻيءَ سان ڀري، مٿئون ڇِڪي ۾ رکجي، پوءِ
جي هي کڻندا ته پاڻيءَ جا ٽيپا ڪرندا،
تنهن ڪري ٿيندي سجاڳي ۽ ويندي ڪين ٿالهي.
هنن وري اُٿي اڌ رات جو ڪئي ٿالهي هن ريت
سان خالي، جو نڙ کڻي، پاڻيءَ وٽ نَئي، اهو
پاڻي ڦوڪي ڪڍيائون ۽ ٿالهي وڃي داخل
درياءَ جي ڪيائون ۽ وري اچي سُمهيا ۽ مها
آنند ۾ ڀرپور ٿيا. ائين ڪندي هنن کي به ٿي
سنڀال، چيائون هنن کانسواءِ نه آهي، ڪنهن
کي مجال، جو ڪري اسان سان ٺڳيون ۽ تال،
هنن به سرت سان سهي ڪري وڃي ٿالهي هٿ ڪئي
۽ پاڻيءَ سان ڀري آڻي اتي رکي. هي هڪ ٻئي
جي حڪمت ڏسي سُمهي پيا، صبح جي وقت سڀني
جا سامان سلامت هئا.
وري اُتائون ٻاچو ۽ ٻاراچ موڪلائي روانا ٿيا، وري آئيا اتي جتي
هئي ٻاچوءَ جي زال، (يعني جنهن زال کي ڏنو
هئائون نشان) هنن به حڪمت سان لڪائي بهري
۾ بحال، وري هئي نه ڳوٺ ۾ ڪنهن کي ڏسڻ جي
مجال، تنهن ڪري ان عورت خوبصورت نيڪ سيرت
جو لهڻ به هون محال. نيٺ ڪري حڪمت ۽ خيال،
وڃي لڌائون اها عورت خورد سال. پوءِ ڪري
همت هزاري، وڏي اها پرڻي ناري پهرئين
ورهيه ٻاراچ کي ملي پُٽ جي واڌائي، جنهن
جو نالو رکيائون اوباهيو. ٿوري گهڻي ڏينهن
ٻاچو ۽ ٻاراچ مري ويا. اوباهيو مهاڻن ۾
وڏو ٿيو پلجي، ۽ اتي ئي ڪيائين شادي، جنهن
مان ڇهه پٽ ٿيس. وري جڏهن وڏي عمر آيو،
تڏهن هن ڪيو ٻيءَ زال پرڻجڻ جو سعيو.
آخرڪار ان مان به هن کي اميد آئي، ۽ هڪ پٽ
”مورڙو“ ۽ هڪ ڌيءَ ”جمڙيءَ“ نالي ڄائي.
مورڙو وڃي اتي جي راجا دلوءَ وٽ نوڪر
بيٺو، ٻين ڪيو مڇي مارڻ جو پيشو. مڇي
مارڻ جي هنن کي نه هئي خبر چار، تنهن حال
سان به هنن ڪُن ۾ اُڇلايا اوزار ۽وڌا وڏا
ڄار، ائين هئي ڪا ڌڻيءَ جي گهر جو اوزار
وڃي پيا واڳوءَ جو ور، جنهن کڻي ڪيا پيٽ
اندر، نيٺ سڳا ڇڪيائون، پر پتو نه لڌائون،
نيٺ هيءَ رٿ ڪيائون، ته اسان مان هڪ هلي
ڏسي حرڪت، ۽ ڇڏائي ساڻ حڪمت، پوءِ اوباهيو
هليو ڌڻيءَ جي برڪت اڃا آب ۾ گهڙيو، ته
واڳوءَ جو وارو وريو، جنهن کڻي وات ۾ وڌس
۽هضم ڪري ڇڏيس. آخرڪار سڀيئي سردار، گهران
اها ڊاڙ هڻي پيا هلن ته اجهو ٿا واڳوءَ کي
پڄن، پر ڏسو قدرت الاهي جو مٿن آفت آئي،
جوسڀني جي واڳوءَ سيخ پچائي.
قصو ڪوتاهه! ته ڇهه ئي ڄڻا، واڳوءَ کي وڻيا، جنهن پنهنجو لقمو
ڪري ڇڏيا. اتي سندن ڀيڻ ڪوماڻي، تنهن ڪيو
هي خيال، ته هنن سان ڪهڙو بڻيو حال، جو
جيڪو ويو، سو گم ٿيو، تنهن ڪري چڱو ائين
آهي، جو جلد پنهنجي ڀاءُ مورڙي کي اچان
ٻڌائي، تنهن ڪري جلد مورڙي وٽ آئي، مورڙي
به ان وقت ۾ ٿي دارُونءَ جي دنگي لٽائي.
ڏسنديئي ڀيڻ کي چيائين ته مائي ڪندو خير
سائين تون خبر ٻڌاءِ سڀائي. چي: ادا، ڀائر
اسان سندا، ويا صبوح جو وقت لئي، الائي
ڪهڙيءَ ورتن شيءِ، جو اڃا ڪو موٽيو ئي
ڪونهي. اڃا مورڙي اها ڳالهه ٻڌي، ته هن جي
دل ويئي سُسي، ۽ بادشاهه وٽ ويو ۽ اچي
چيائين: سائين، منهنجو عرض اگهاءِ!
بادشاهه چيو اهو ڪهڙو، سگهو تون الاءِ!
چي: سائين هن وطن ۾ هڪڙو پيدا ٿيو آهي
ويري، ڏيوم موڪل ته ڪريان ان کي ڍيري.
دلوءَ هن کي موڪل ڏني. هو ان مهل گهر آيو
۽ اچي سامان سنڀرايو. هڪڙي صندوق
جوڙيائين، تنهن ۾ ڪات وغيره وسلا واڳوءَ
سان وڙهڻ جا وڌائين، پوءِ سنڀالي سائين،
مورڙو روانو ٿيو. اڃا درياءَ ۾ آيو رڙهي،
ته واڳوءَ به ورتس ڏسي، مورڙي جنهن مهل
واڳوءَ جي شڪل پسي، تنهن مهل هن جي دل به
ويئي سُسي، پر ڪري دل ڏاڍي، هن هلائي رمز
بازي ڪيئن ته ان وقت اچي واڳوءَ ورتس، اتي
مورڙي به ڪين جهليس، جڏهن مورڙو اندر ويو،
تڏهن هي به وڃي، ڇهن جيئن موت جي منهن
پيو. هن کي اهو به جوش ٿيو، تنهن ڪري جلد
ئي پيتيءَ مان نڪري ڪات ڪڍيائين، ڪات
واڳوءَ جي وات وڌائين ۽ مڇ جي مئي
لاٿائين. پوءِ مڇ جي پيٽ مان ٻاهر نڪري
آيو ۽ ان جي ڪڍائڻ جو سگهو ڪيائين سعيو.
هي مڇ اهڙو نه هو، جو جلدي ٻاهر نڪري اچي،
تنهن لاءِ شهر جا سانَ گهرايائين. تن کي
سڻڀ مکائي، تن تي ڪپهه ڪوئلا وجهائي،
پٺيون تپائي، آڻي نوڙين ڇڪڻ تي زور
ٻڌائون، مس مس اهو موچڙن سان ڇڪي ڪڍيائون.
پوءِ وڍايائين واڳوءَ کي، ۽ ڇڪي ڪڍيائين
ڇهن ئي کي. پوءِ انهن کي چڱيءَ ريت دفن
ڪيائين، ۽
مڇ جي گل لاهي، تنهن مان جوراب جوڙائي،
پيرن ۾ پاتائين، ٻيا عضوا هنجا ٻاهر
ڪڍيائين. پوءِ پاڻ انهن جي زالن ۽ ملڪيت
جو خاوند ٿي ويٺو ۽ انهن زالن کي چڱيءَ
طرح سنڀاليائين. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ سندس
ناموس ٿي ويئي ۽ اڄ تائين سندس نالو
ڳائيندا اچن، ڇو ته پنهنجي سر جو سانگو
ڦٽو ڪري ٻين جي سک لاءِ ويو.
اي صاحبو! هيءَ ڳالهه پڙهي، ٻڌي، دل سان هنڊايو ۽ منجهانئس
نصيحت پرايو، پنهنجن مائٽن، ٻارن، ڪٽنب ۽
ديش ڀاين سان سنيهه ۽ محبت رکو ۽ ڪڏهن نه
انهن ڏانهن دل مٽيو، ته خدا پاڪ جي مهر
ٿئيوَ ۽ ماڻهن ۾ به جس رهيوَ.
--------