روايت[19]
مورڙو ۽ ڪڇون: روايت علي ملاح
اڳئين زماني ۾ سنڌ جي ڪڇ واري ڀاڱي ۾ ”گنڊا سنگ“ نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو،
جنهن کي هڪ سهڻي ڌيءَ هئي. شهر ۾ هڪ ڪنڀار
رهندو هو، جنهن وٽ هڪڙو گڏهه هوندو هو.
ڪنڀار انهيءَ گڏهه تي مٽي لڏيندو هو ۽
پنهنجو گذران ڪندو هو. سندس لنگهڻ جو گس
راجا جي محلات وٽان هوندو هو. هڪڙي ڏينهن
گڏهه تي مٽي کنيو پئي آيو، ته محلات وٽ
گڏهه ساڻس ڳالهايو ۽ چيائين ته: اي ڪنڀار،
راجا کي چئو ته پنهنجي ڌيءَ جو پرڻو مون
سان ڪرائي. ڪنڀار کي گڏهه جي ڳالهائڻ ۽
راجا جي ڌيءَ جي سڱ گهرڻ تي ڏاڍو عجب لڳو،
پر ان سان گڏ ڊپ به اچي ورايس ته جيڪڏهن
راجا کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پوندي ته مون
کي مارائي ڇڏيندو. گڏهه به هر روز ڪنڀار
کي اهائي ڳالهه چوندو هو.
آخر اها ڳالهه وڃي راجا جي ڪَن تائين پهتي. راجا کي انهيءَ ڳالهه تي تمام
گهڻي ڪاوڙ جاڳي ته مون کان هڪڙو گڏهه ٿو
سڱ جي طلب ڪري راجا ڪنڀار کي گهرائي، ان
ڳالهه بابت پڇيو، ڪنڀار چوڻ لڳو ته: حضور!
اها ڳالهه برابر سچي آهي، پر منهنجو ڪو به
قصور ڪونهي. اها خبر جڏهن راجا جي محلات ۾
پهتي، تڏهن راجڪماريءَ پنهنجي پيءُ کي
گهرائي چيو ته: جيڪڏهن اها ڳالهه سچي آهي
ته اوهين اُن گڏهه جي ڌڻيءَ ڪنڀار کي
گهرائي چئو ته هڪ رات ۾ اسان جي شهر جي
چوڌاري ”ڪانجهي ڪوٽ“ تيار ڪري ڏي، پوءِ
توکي شادي ڪري ڏينداسين.جيڪڏهن اهو شرط
پورو نه ٿيو ته پوءِ توکي ۽ تنهنجي گڏهه
کي مارائي ڇڏينداسين. تڏهن راجا ڪنڀار کي
گهرائي اهو حڪم ڏنو. ڪنڀار ويچارو اچي
ڊنو. واٽ ۾ پور پچائيندو، سور کائيندو اچي
پنهنجي گهر پهتو. پوءِ گڏهه کي چوڻ لڳو
ته: راجا هيءُ حڪم ڏنو آهي، تنهن تي گڏهه
چوڻ لڳو ته: اهو شرط مون کي منظور آهي، پر
راجا کي چئو ته هڪ اهڙو ماڻهو مون کي ڏئي،
جنهن پنهنجي به اُگهاڙ نه ڏٺي هجي.
صبح جو ڪنڀار راجا کي گڏهه جو اهو چوڻ ٻڌايو. راجا سڄي شهر ۾ پڙهو گهمايو،
پر اهڙو ماڻهو هٿ نه آيو. پوءِ راجا خط
لکي ٻين ملڪن ڏانهن ماڻهو موڪليا، جنهن تي
دهليءَ جي شهر مان ٽي ماڻهو آيا ۽ سنڌ مان
سَت ماڻهو آيا. پوءِ انهن مان هڪ ماڻهوءَ
کي حڪم مليو ته جيئن توکي گڏهه چوي تيئن
ڪَج، جڏهن رات پيئي، پکي پنهنجي آستانن ۾
ويٺا، تڏهن گڏهه چوڻ لڳو ته: هاڻي ڪـﺂنرو
پاڻيءَ جو ڀري منهنجي پڇ تان اوتيندو هل.
پر هڪڙي ڳالهه ياد رکج جو پٺيان نظر نه
ڪج. جڏهن سڄي شهر کي ڦري آيا ته ڪانجهي
ڪوٽ تيار ٿي ويو. تنهن کانپوءِ راجا
پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان گڏهه سان ڪري ڏني.
جڏهن رات پيئي تڏهن اُن گڏهه مان هڪ جوان
تمام خوبصورت نڪري ظاهر ٿيو، جنهن جو حُسن
ڏسي راجمڪاري گلاب جي گل وانگر ٽڙڻ لڳي ۽
خوش ٿيڻ لڳي ۽ شڪرانا ڪري چوڻ لڳي ته:
منهنجا وڏا نصيب جو خدا مون کي اهڙو سهڻو
ڀتار ڏياريو آهي! سج اُڀرڻ کان اڳ ان
نوجوان، رجڪماريءَ کي چيو ته منهنجي
انهيءَ راز جي ڳالهه بلڪل نه ڪج. جيڪڏهن
ڪندينءَ ته سڄو شهر غرق ٿي ويندو. ايترو
چئي پاڻ وري اڳئين وانگر گڏهه بنجي ويو.
ان بعد هو روزانو رات جو ماڻهوءَ جي شڪل ۾
راجڪماريءَ وٽ ايندو هو ۽ صبح جو وري
ساڳيو ٿي پوندو هو. ائين ڪيترائي ڏينهن
گذري ويا.
راجڪماريءَ کي تمام گهڻو خوش ڏسي، سندس ماسيءَ کي دل ۾ اچي هورا کورا جاڳي
ته هڪڙي گڏهه سان راجڪماري ڪيئن ٿي خوش
گذاري! سا راز پروڙن لاءِ هڪڙيءَ رات ڪنهن
ڳجهيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهي رهي ۽ هن کي جانچي
ڏسڻ لڳي. دستور موجب رات جو گڏهه مان هڪڙو
خوبصورت جوان ظاهر ٿيو، هوءَ سمجهي ويئي
ته هن تي رڳو گڏهه جي کَل چڙهيل آهي. سو
ڇا ڪيائين جو ٻيءَ رات ڳچ جيترا ڇيڻا
ميڙي، انهن کي باهه ڏيئي ڇڏيائين. هو شخص
جڏهن گڏهه جي کَل مان نڪري راجڪماريءَ سان
رهاڻ ۾ مشغول ٿيو، تڏن هُن کَل کڻي باهه ۾
وڌي خيال ڪيائين ته هاڻي کَل سڙي ويندي، ۽
هيءُ جوان جهڙو آهي تهڙو هوندو، ته پوءِ
اسين انهيءَ خواريءَ کان ڇٽي پونداسين.
جيئن کَل کي تـﺂ آيو، تيئن اُن گهوٽ کي
خبر پيئي ته هاڻي منهنجو هن دنيا ۾ رهڻ نه
آهي، تنهن راجڪماريءَ کي چيو ته: توکي
جيڪڏهن پنهنجو ساهه بچائڻو آهي ته جلدي
شهر ڇڏي وڃ. جو هيءُ شهر غرق ٿيندو.
راجڪماريءَچيو ته: توکان جدا هڪ ساعت به
نٿي سَري، سو آءٌ ڪيئن توکي ڇڏي وڃان.
ان شهر ۾ ٻه ننڍا ڇوڪرا ڀائر رهندا هئا. هڪ جونالو ”ٻاچو“ ۽ ٻئي جو نالو
”ٻاراچ“ هو. هي وڏا هوشيار ۽ خبردار هئا.
شهر جي غرق ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳي، ٻاچوءَ،
ٻاراچ کي چيو ته: مون کي پَسڻ پيو آهي ته
هيءُ شهر غرق ٿيندو ۽ پاڻ کي شهر ڇڏڻ
گهرجي. پوءِ ٻئي ڀائر اهو شهر ڇڏي، ”نرئي“
شهر ڏانهن هليا ويا. ٻئي ڏينهن سمنڊ ۾
طوفان آيو ۽”گنڊا سنگ“ جو شهر غرق ٿي ويو.
ٻاچو ۽ ٻاراچ جڏهن ”نرئي شهر جي ٻاهران آيا، ته ان وقت هڪڙي سوناري مائي
پاڻيءَ جا دلا کوهه تي رکيو ويٺي هئي. هنن
ڇوڪرن کي ڏسي چوڻ لڳي ته: ابا، مون کي هي
دلا ته کڻائي ڇڏيو. تنهن تي انهن چيو ته:
دلا اسين توکي کڻائينداسين، پر تنهنجي پيٽ
۾ آهي ڌيءَ، تنهن جو سڱ جيڪڏهن اسان کي
ڏيندينءَ ته پوءِ توکي دلا کڻايون. مائيءَ
چيو ته: سڱ اوهان کي ڏينديس، مائيءَ کي
دلا کڻائي، هي ٻيئي ڀائر ان مائيءَ جي
پٺيان آهستي آهستي هليا آيا. جڏهن مائي
پنهنجي گهر آئي ته پاڻيءَ جا دلا مٿي تي
ڏاڍا ٿي رهيا. تنهن تي گهڻا ماڻهو اچي گڏ
ٿيا ۽عجب ۾ پئجي ويا ته هيءُ اسرار ڪهڙو!
تڏهن سوناريءَ انهن ڇوڪرن وارو سڄو ذڪر
ڪري ٻڌايو. پوءِ ته انهن مان ڪي ماڻهو
ويا، جي ڇوڪرن کي وٺي آيا. ڇوڪرا چوڻ لڳا
ته: جيڪڏهن اوهين مرد اسان سان انجام ڪندا
ته اهو سڱ اوهان جو آهي ته پوءِ پاڻيءَ جا
دلا لهي پوندا. تنهن تي انهن سونارن چيو
ته: جيڪڏهن ڌيءَ ڄائي ته سڱ اوهان کي
ڏينداسين. ايتري چوڻ تي دلا پاڻيءَ جا ان
مائيءَ جي مٿي تان لهي ويا.
پوءِ سوناريءَ هنن ٻارڙن کي پاڻ وٽ رهايو. هڪ ڀيري کين مندر ۾وٺي ويو هو ته
هي ٻارڙا حيرت مان هيڏنهن هوڏانهن نهارڻ
لڳا. سوناري جڏهن کانئن پڇيو، تڏهن چيائون
ته اسان جو پيءُ اسان کي جنهن جاءِ ۾
بندگيءَ لاءِ وٺي ويندو هو، اها هن جهڙي
ڪا نه هئي ۽ نڪي ماڻهو ائين ڪندا هئا،
جيئن اوهين ٿا ڪريو. سوناري پڇيو ته اتي
ڪيئن ڪندا هئا، ته هنن نوڙي سجدو ڪري
ڏيکاريو. جنهن تي سوناري سمجهيو ته هي
مسلمانڪا ٻار آهن. انهيءَ ڪري کين پنهنجي
گهر مان ڪڍي ڇڏيائين ۽دل ۾ رٿيائين ته
انهن کي پنهنجي ڌيءَ نه ڏيندس.
جڏهن سوناري مائيءَ هٿ پير لٿا ته ڌيءَ ڄڻيائين. جڏهن اها ڇوڪري جوان ٿي ته
هي ٻيئي ڀائر به اچي نڪتا ۽ سڱ گهرڻ لڳا،
پر سونارن نابري واري چيو ته: اسين
سونارا، اوهان کي سڱ نه ڏينداسين. تڏهن
ٻاچو ۽ ٻاراچ چوڻ لڳا ته: اسين به جيڪڏهن
”ڀاليم“ هونداسين ته اوهان کان سڱ ضرور
وٺي ڇڏينداسين. ”ڀاليم“ اتي هڪ ذات هئي،
جا تمام مشهور ۽خانداني گهراڻو سڏبي هئي.
آخر جڏهن اها ڳالهه ڇوڪريءَ جي ڪن تائين
پهتي، تڏهن پنهنجي مائٽن کي چيائين ته:
جڏهن آءٌ پيٽ ۾ هيس، تڏهن اوهان منهنجو سڱ
ڏيڻو ڪيو، هاڻي ڇو نه ٿا ڏيو؟ آءٌ راضي
آهيان. جيڪڏهن اوهين مون کي خوشيءَ سان نه
ڏيندا ته آءٌ پاڻ ساڻن هلي وينديس. تڏهن
مائٽن چيو ته: اسين خوشيءَ سان توکي نه
ڏينداسين. پوءِ اها ڇوڪري، مائٽن کي ڇڏي،
اچي ٻاچوءَ ۽ ٻاراچ سان ملي ۽ چوڻ لڳي ته
آءٌ اوهان جي ٻانهي آهيان، هاڻي جيڏانهن
اوهين هلندا، اوڏانهن آءٌ به اوهان سان
هلڻ لاءِ تيار آهيان.
پوءِ ٽيئي ڄڻا اتان نڪري سنڌ ملڪ ۾ آيا ۽ حب ندي پار ڪري، وڃي هڪڙي جبل وٽ
پنهنجا گهر جوڙي رهڻ لڳا ۽ اتي ئي ان
ڇوڪريءَ سان ٻاچوءَ جي شادي ٿي ۽ ان ڏينهن
کان وٺي ان جبل تي نالو رکيائون ”سوناريءَ
جو جبل“. ٻاراچ به وڃي ”گَدور“ ذات مان
شادي ڪئي، جي مڇي مارڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا.
حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ انهن جو ڳوٺ هوندو هو.
۽ ٻاراچ ان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو.
ٿورن گهڻ ڏينهن کانپوءِ ٻاچوءَ جي گهر ۾ پٽ ڄائو. جنهن جو نالو ”اوباهيو“
رکيائون ۽ ٻاراچ جي گهر ۾ ڌيءَ ڄائي، جڏهن
ٻيئي ٻار وڏا ٿيا، تڏهن ٻنهي جي پاڻ ۾
شادي ڪيائون. ان بعد پهريائين ٻاچوءَ هن
جهان مان لاڏاڻو ڪيو، تنهن کانپوءِ
سوناريءَ به وفات ڪئي. جڏهن اوباهيي ڏٺو
ته هاڻي هتي هيڪلو ٿيو آهيان، تڏهن پنهنجا
ٻار ٻچا وٺي اچي پنهنجي چاچي ٻاراچ وٽ رهڻ
لڳو ۽ مڇي مارڻ جو ڌنڌو ڪري، پنهنجو پيٽ
پالڻ لڳو، پر پورو گذر ڪري نه سگهيو، تنهن
ڪري اتان به لڏي وڃي مياڻيءَ ۾ رهيو. خدا
جي فضل سان مياڻيءَ ۾ اوباهيي جي نصيب
وارو ڏنو، جو کيس مياڻيءَ جي ماڻهن پنهنجو
چڱو مڙس کڻي ڪيو.
اوباهيي کي الله سائينءَ اولاد جي برڪت ڏني هئي. کيس ست پٽ ۽ هڪ ڌيءَ تمام
سهڻي پيدا ٿي. ڌيءَ جو نالو ”شيرين“
رکيائون ۽ وڏي پٽ جو نالو ”شيهنڙو“ هو.
ٻئي پٽ جو ”اڱاريو“، ٽيون ”محمود“، چوٿون
”صالح پنجون ”عيسب“، ڇهون ”يعقوب“ ۽ستون
”مورڙو“ هو. مورڙو هڪ ٽنگ کان منڊو هوندو
هو، جنهن کي ڀائر ٻاهر ڌنڌي تي وٺي نه
ويندا هئا. سڀئي ڀائر ٿورو گهڻو علم
ڄاڻندا هئا. اڱاريو انهن سڀني ۾ قابل هو،
جنهن کي پيءُ ڌنڌي جي سنڀال ۽حساب ڪتاب جو
ڪم هٿ ۾ ڏنو هو. شينهڙو، درياهه تي ٻيڙين
جواڳواڻ هوندو هو. جنهن ٻيڙيءَ ۾ شينهڙو
چڙهندو هو، ان ٻيڙيءَ جو نالو ”هنجڙو“ ڪري
سڏيندا هئا. ڀائر سڀئي پهلوان، هوشيار ۽
هڪ ٻئي سان محبت رکندا هئا. آخر انهن جي
مال ۾ خدا ايتري برڪت وڌي، جو سندن پنج
سـﺂ ٻيڙيون مڇي مارينديون هيون، ۽
انهن سڀني ٻيڙين جو
اڳواڻ ”هنجڙو“ هوندو هو، جنهن مياڻ تان
اوباهي جا پٽ مڇي ماريندا هئا. ان کي
”ڀاليمن جي مياڻ“ ڪري سڏيندا هئا. ان مياڻ
مان ايتري مڇي مرندي هئي، جو روزانو سوا
سيري سون رڳو دلوراءِ بادشاهه کي مڇيءَ جو
ڏن اُڳڙندو هو، تنهن ڪري ا ن مياڻ تي نالو
ئي پئجي ويو ”سون مياڻي.“
مورڙو سڀني ڀائرن ۾ ننڍو ۽ هڪڙي ٽنگ کان منڊو هو، تنهن هوندي به ڏاڍو هوشيار
۽
پهلوان هوندو هو.مورڙو هر روز شڪار ڪندو هو. ان کي ڀائر مڇي
مارڻ نه ڏيندا هئا، پر کيس گهرن وٽ ڇڏي
پاڻ مڇي مارڻ ويندا هئا. هڪ ڏينهن مورڙو
جيئن پنهنجي گهر ۾ويٺو هو ته سندس ڀاڄاين
هن تان کِلون ڪيون ۽
طعنا ڏنائون ته اسان جي مردن جي ڪمائي
ويٺو کائي.
جڏهن مورڙي جا ڀائر موٽي آيا، تڏهن انهن کي چيائين ته: مون ساڻ اڄ هيتري
تعدي ڀاڄاين ڪئي آهي، پر ڀائرن اُن جو چوڻ
ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو. جنهن تان مورڙي کي ڏک
ٿيو ته مون مان شايد ڀائر ناراض آهن، سو
پنهنجا ٻار ٻچا وٺي ”رني ڪوٽ“۾
دلوراءِ راجا وٽ آيو. دلوراءِ اڳي ئي
مورڙي جي بهادريءَ جي هاڪ ۽ ڌاڪ پيو ٻڌندو
هو، تنهن مورڙي کي گهڻي عزت ڏيئي پاڻ وٽ
ويهاريو. ٽن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ، مورڙِ
دلوراءِ کي چيو ته: هاڻي مون تي تنهنجي
ماني حرام آهي، دلوراءِ پڇيو ته: ڇو؟ مورڙي
چيو ته: ٽي ڏينهن آءٌ تنهنجو مهمان
هوس.هاڻي مون کي ڪا نوڪري ڏي ته پنهنجو
گذران ڪريان. دلوراءِ چيو ته: تون ڪهڙي
نوڪري ڪندين؟ مورڙي چيو ته: جيڪي ڪم
تنهنجا ٻيا پهلوان نه ڪندا، اهو ڪم آءٌ
ڪندس. تنهن تي دلوراءِ ڏاڍو خوش ٿيو ۽
انعام ڏيئي پنهنجي درٻار ۾ وڏو مرتبو
ڏنائينس. جنهن تان ٻيا پهلوان ناراض ٿيا
ته هڪ ٽنگ کان منڊو اسان کان ڪيئن مرتبي ۾
دلوراءِ مٿي ڪيو آهي پر ڪُڇي ڪو نه سگهيا.
گهڻن ٿورن ڏينهن کانپوءِ دلوراءِ جي راڄ ۾ هڪ شينهن اچي نڪتو، جنهن ڏاڍو
نقصان ڪيو. تڏهن دلوراءِ چيو ته: آهي ڪو
اهڙو پهلوان جو اُن شينهن کي ماري؟ تڏهن
انهن سڀني پهلوانن چيو ته: اسان کان اهو
شينهن ڪو نه مرندو، جنهن پهلوان کي
بادشاهه وڏا مرتبا ڏنا آهن ۽ جنهن چيو ٿي
ته جيڪو ڪم ٻيا پهلوان نه ڪندا اهو ڪم آءٌ
ڪندس،هاڻي ان جو وارو آهي، اسين به ڏسون
ته برابر بادشاهه حق تي ان کي وڏو مرتبو
ڏنو آهي. تڏهن دلوراءِهڪ وڏو ڪٽڪ شينهن جي
مارڻ لاءِ چاڙهيو پر مورڙي کي نه چيائين،
ڇو ته هو ڏکويل هو. پر جڏهن مورڙي کي اها
خبر پئي. تڏهن دلوراءِ کي چيائين ته: هڪ
شينهن مارڻ لاءِ ايڏو وڏو ڪٽڪ ڇو چاڙهيو
اٿئي؟ جيڪڏهن مون کي اجازت ملي ته آءٌ ان
شينهن سان مقابلو ڪريان!ٰ تڏهن دلوراءِ
چيو ته: اوهان کي اجازت آهي. پوءِ
دلوراءِ هڪ گهوڙو ۽ هٿيار ڏيئي مورڙي کي
شينهن مارڻ لاءِ روانو ڪيو.
اها خبر سڄي شهر ۾ هُلي ويئي ته مورڙو شينهن مارڻ لاءِ روانو ٿيو آهي، جنهن
تي ڪيترائي ماڻهو تماشي ڏسڻ لاءِ مورڙي جي
پٺيان پئي ويا، جڏهن مورڙو شينهن کي ويجهو
آيو، تڏهن هڪل ڪيائين ته: هوشيار ٿي!
شينهن جو پاڻ ڏانهن ماڻهو ايندو ڏٺو، سو
به ان کي کائڻ آيو، پر مورڙي وٽ هڪ هٿيار
ڍال مثل هو، جنهن ۾ گهنگهرا پيل هئا. جڏهن
شينهن ويجهو آيو، تڏهن اها ڍال کڻي شينهن
ڏانهن اڇلايائين. شينهن سمجهيو ته مون تي
اهو وار ٿيل آهي، تنهن ان ڍال جو خيال
ڪيو. مورڙي به ڦڙتي ڪري اهڙو ته تلوار جو
ڌڪ هنيس جو شينهن پورا ٻه اڌ ٿي پيو.
ماڻهن ۾ هُل مچي ويو ته مورڙي برابر
بهادري ڪئي آهي. تڏهن دلوراءِ ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ مورڙي کي چيائين ته: جيڪي به گهرڻو
هجيئي سو گهر. مورڙي چيو ته: منهنجا ڀائر
سون مياڻيءَ ۾ مڇي ماريندا آهن، انهن تان
محصول معاف ڪري ڇڏ، تڏهن دلوراءِ مهاڻن
تان محصول معاف ڪيو ۽ مورڙي کي وڏا انعام
اڪرام ڏيئي پاڻ وٽ ويهاريائين ۽ آخرڪار
مورڙي کي پاڻ وٽ وزير مقرر ڪيائين.
اوباهيو پنهنجي پٽن کي هميشه چوندو هو ته ڪلاچيءَ
جي ڪُن تي مڇي مارڻ نه وڃجو، ڇو ته جيڪو
ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ وڃي ٿو، اهو وري ڪو نه
ٿو موٽي، پر جيڪڏهن اوباهيو مئو، تڏهن هڪ
ڏينهن ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اڄ هلي
ڪلاچيءَ جو ڪُن ڏسون ته اُن ڪُن ۾ ڇا آهي.
پوءِ ته ٻيڙيون هاڪاري اچي ڪُن ۾ رڇ
وڌائون، ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ ٻه وڏا مانگر مڇ
رهندا هئا، جن کي ڪڇئون چوندا هئا. اهي
مهاڻن کي ڪُن جي ويجهو اچڻ ئي ڪو نه ڏيندا
هئا، سو جڏهن رَڇ ڪُن ۾ ڏٺائون، تڏهن نر
ڪڇئون رَڇن تي چنبا رکي ويهي رهيو. مهاڻن
ڏاڍا زور لاٿا پر نه نڪتا. ڇهئي ڀائر
حيران ٿي ويا ته رَڇ ڇا ۾ اٽڪيا. نيٺ هڪڙي
ڀاءُ چيو ته: آءٌ ڏسيو ٿو اچان ته رَڇ
ڪهڙيءَ شيءِ ۾ اٽڪي پيو آهي .جيئن ئي
پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي اندر ويو، تيئن ان کي
ڪڇئون کائي ڇڏيو. پوءِ ٻيو ڄڻو لٿو ته ان
کي به ڪڇئون کائي ويو، تان جو سڀئي ڀائر
ڪڇئون کائي ڇڏيا ۽ٻيون ٻيڙيون جيڪي انهن
سان گڏ هيون، تن ۾ ويٺل مهاڻن اها خبر وڃي
سون مياڻيءَ ۾ ڪئي.
سون مياڻيءَ ۾ جڏهن انهيءَ قهر جي خبر پئي، تڏهن شيرين ۽ سندس ڀاڄاين ۾ ماتم
پئجي ويو. هاڻي مورڙي کانسواءِ سندن ڪو به
اوهي واهي ڪو نه هئو. سو شيرين مورڙي
ڏانهن قاصد روانو ڪيو. قاصد ڪاغذ کڻي
مورڙي وٽ رني ڪوٽ ۾ آيو. مورڙو ڪاغذ پڙهي
اکين مان زار زار پاڻي هارڻ لڳو ۽ دلو
راءِ کي چيائين ته: مون کي موڪل ڏي ته آءٌ
پنهنجي ڀائرن جو وير انهن مڇن کان وڃي
وٺان. دلوراءِ چيو ته: توکي جيڪا مدد
گهرجي، اها آءٌ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
مورڙي چيو ته: لوهه جي هڪ قبا يعني پڃرو
ٺهرائي ڏي.
دلوراءِ يڪدم کيس قبا ٺهرائي ڏني. پوءِ ٻيا به هٿيار کڻي اچي ڪلاچيءَ جي ڪُن
تي پهتو، جتي ڪڇئون رَڇ جهليو ويٺو هو.
مورڙي لوهه جي قبا پنهنجي بدن تي چاڙهي،
سمنڊ ۾ لهي، هٿيارن سان ڪڇئون کي زخمي
ڪري، ڪُن مان گهلي ٻاهر ڪڍيائين. ۽ پوءِ
ڪڇئون کي چيري، پنهنجي ڀائرن جا لاش ڪڍي
ڪڇئون کان ڀائرن جو وير ورتائين. تنهن
کانپوءِ مورڙي به اتي ئي دم ڏنو ۽ شيرين
به پنهنجي ڀائرن جي فراق ۾ پساهه ڏنو.
انهن ستن ئي ڀائرن ۽ڀيڻ جون قبرون اڃان
تائين ڪراچيءَ جي اُتر طرف ماڙيپور جي
پاسي ۾ آهن. ان بعد سندن اولاد به اچي
ڪلاچي وسائي، ڇو ته سندن مائٽن جون قبرون
اُتي ويجهيون هيون. انهن مان جيڪو اولاد
ٿيو، سي پاڻ کي ”مورڙي-پوٽا“ سڏائڻ لڳا.
-----------
ضميمـﮧ
روايت[20]
بيت مورڙي جا چيل امين فقير چارڻ
1.
الله جل جلالـﮧ رازق رب جليل،
مهل مٿي ماڻهن کي ڏئي وقتي وقت سبيل،
دوڙايم دليل، توکي معلوم سڀ ڪي.
2.
توکي معلوم سڀ ڪي، سڀ ڪنهن راهه رشيم،
ٻاچو ۽ ٻاراچ هئا ذات ڀلي بهليم
حڪمت ڪاڻ هلي ويا راور جوڳي ريم،
سبق ڏئين تون شيم، جنهن مان گن گهڻو ٿئي.
3.
هڪڙي سبق شروع ڪيو، ٻيو ٿيو خدمتگار،
پڙهيائون پريت مـﺂن جوڳي ڪيس جهار،
تهان پوءِ تڪرار، اچي ڪامل گهڻو ڪڪوريا.
4.
موڪل وٺي هليا سوڌي ساميءَ کانءِ،
هڪ عقلوند اڳي هئا ٻيو جو پين سماءِ
ننڍي چيو وڏي کي ته ادا اوري آءُ،
آهي اُچي وڻ ۾ آکيرو به اڳياءِ،
ڪڍ آنا ڳيريءَ کانءَ، سبق پڙهي سيري ڪري
5.
سبق پڙهي سيري ڪري، ڄولي ڪيائون ڄاڻ،
وير چڙهي ويو وڻ تي، ڪامل قوت ساڻ،
ڪڍيائين ڪوڙي مـﺂن پهس لڪائي پاڻ
پکيءَ پيو نه گماڻ، ته ڪو چور ڪري چوري ويو.
6.
باڪو لهي بڙ تـﺂن وٽ آيو آ ڀاءِ،
وير نهاري وچ تي ڪامل ڪُڻٽ ڏانـَﮧ،
هُتئون کڻي هت وڌم ڄاڻي هيڪ الله،
ڪو
جو واڻن واءِ، ته آنا اُڏامي ويا.
7.
ٻاچو چوي ٻاراچ کي، ادا! تو سچ نه کنيا ساري،
چئي: نڪو ڪُوڪٽ وچ تي، نڪا بلا بيماري،
امر هئس الله جو، اهڙي ئي پاري،
سا جيڪس ڌتاري، ساميءَ اسان کي ڇڏيو.
8.
چئي: ساميءَ پاڙهيو سڦرو، جوڳي سخت جوان،
آندم آکيري مان آنا ساڻ امان،
خوشيون ڪرين ٿو خان، هتـﺂن کڻي جو تون وئين.
9.
اتي خان خوش ٿيا، کِلن وير وريون،
گامون گهوٽ ڀريون، پُري هليا ڪنهن پار ڏي
10.
پُري هليا ڪنهن پار ڏي، دانـَﮧ ديکڻ لاءِ،
جانب ڪنهن ٻيءَ جاءِ وڃي لٿا ڪامل ٻهرئون ڪوٽ جي.
11.
اتي سومل سوناري هئي، مت ڀري موچار،
دلا کڻي دل کـﺂن هلي، ٿي آئي سان الغار،
تنهن کي ٻاڻ کڻي ٻاچو هنيو، وهلو تيڻين وار،
اتي نيڻ ٽمايون نار، ٿي ڪراڙي قليل ٿئي.
12.
ڪراڙي قليل ٿئي، دﺂڙائي دليل،
ڪري سٻاجها سڏڙا، ٿي آهون ساهـﺂن پيل،
اوهين وڃون ٿا ٻيل، اچي گهڙو، کڻايو مون گهَري.
13.
سڻي ڪراڙيءَ سڏڙا، مٿئون آيس هوءِ،
ٻاچوءَ پڇيس ٻاجهه مـﺂن، تون جر ڇو هارين جوءِ،
توسان ڪهڙي ويڌن ووءِ، ڪر حقيقت حال جي.
14.
ٿي ڪري حقيقت حال جي، سو مل سوناري،
مون گهر آهي گهوٽيا! نانگو نظاري،
آيس خاطر آب جي، وهلو ٿي واري،
ڪا جا ٿي ڪاري، دلو ڌرتيءَ ۾ اڙيو.
15.
دلو ڌرتيءَ ۾ اڙيو، ٿي زال ڀري زاريون،
آڻي اب اکين ۾، ٿي هئي هنجون هاريون،
ميان ڙي ماريون، ڀرو ڪا ڀيڻي ٿئي.
16.
چئي: ڀـِرون تان ڀيڻي ٿئي، جي تون مڃين هيءَ،
باسين سڱ بچاءِ ٿئي، جا تو پيٽ اٿئي ڌيءَ،
توکي ديي دٻائيو، ڏاڍي قبض قويءَ،
جوکو اٿئي جيءَ، متان ٻهڳڻ مارئي ٻه
–
ٿڻي.
17.
ڳڻي ڳوتي ڳالهڙي، ڏس ٿي ڌيان ڌري،
ته هي وسن ڪنهن ولائت تي، هنن جو پنڌ پري،
گهڻي ٿوري ڏينهڙي، جي ٿي ڌيءَ مري،
ڪي امر هوئي الله جو ته لکيو تا نه ٽري،
اها ڳالهه ڪري، باسي سڱ ڀري هلي.
18.
چئي: زالن سندي ڳالهڙي، حيلي تا نه هلي،
هلو ڪڍ ڪَهي، ڏسون محل مڪان اُن جا.
19.
لُڏي هلي لاڏلي، در ماندي در خاص،
تنهن کـﺂن اُٿي دِلو ودو، سوناري سهجاس،
هئي هئي هٿ اڙياس، اُرهه برابر اُن جي.
20.
مَهتو چَيُـُون مهتيءَ کي، ڪو ٿو ڄولي ڄاڻ،
هاري هن هٿن مـﺂن،توکي ڏاڍا پيڙا ڏاڻ،
ملايو سرت سڄاڻ ڪيئن ٿياسين ڪانڌ چئي
21.
وريُون پنهنجي ور سان ٿي ڪري حقيقت حال،
وئي هيس پوڄڻ پير خضر تي آيس سان الحال،
آڏو گڏيا هئم مير مينڌرا، اڙيو هئم لالڻ دلو لال،
ڪيم سائين لڳ سوال، اچي گهڙو کڻايو مون گهري،
22.
تڏهن نيڪن جي نظر سان ٿيا اتيئي آجا،
وير وهاري وچ تي، طعام ڪيائون تاجا،
پنهنجا ڪم ڪري هليا، راون جا راجا،
صبح سٻاجها، هليا ڪَهي ڪلاڪوٽ تي،
23.
”کپر“ ۽ ”کاٽڙيو“، هئا ڪنهن ديس دنوار،
ويندي گڏيا واٽ تي، کلي ڪيائون کيڪار،
ٿيا يقينئون يار، چور چارئي پاڻ ۾.
24.
کپر آندي هئي کاٽ مـﺂن ڪا ٿالهي منجهئون ٿان،
تنهن ۾ هئا ڪيترا، قيمت جا ارڪان،
ست رَڇيءَ جو ساءِ ايندو هو، ظاهر ساڻ زبان،
اها مصلحت من پيانَ هي ته چور رهندا ڪينڪي.
25.
کڻي رکيائون مٿي ڇڪي ٿانو ڀري،
ٿالهي آب نه ٿانهرو، مٿئون ڍول ڍري،
ٻاچوءَ نيس نير نڙ سان، ظاهر هڪ ذري،
پري پنڌ ڪري، وڃي رڇ هنيائون ريڻ ۾.
26.
جاڳي ڏسن جا، ته ٿالهي ڪانهي ٿان تي،
جرجي جا سُونگن کي، هئي ڪَل اڳيئي ڪا،
اُٺايائون آب ۾، پاڻيءَ پيرو پاءِ
پاڻيءَ پيرو پاءِ، وڃي رڇ ڪڍيائون ريڻ مـﺂن.
27.
ايڏن آزمَتُن
جا، پوءِ ٿا ڀيرن
ڀير،
جهلي پيٺا جهنگ ۾، ڪوڙين پڄن ڪير،
سهڙ ودائون سيگهه مـﺂن، گهٽ نهاري گهير،
ٽنگيون اچن ٽيڙ کي پاڻون واڻو پير،
پنجون واگهه پيدا ٿيو واٽ تي، ثابت ڌڻي سير،
من مـﺂن ڪڍو مير، اهو ڏيو ته کڻي هلان.
28.
پاڻئون سهڙ سٽي، هٿ ڏنائون واگهه جي،
ويا شوق شڪار تي، اها ماڳ مَٽي،
هي پاڙئون ڄنگهه پٽي، سڄو کائي ويو سهڙ جي.
29.
وري منجهه وٿاڻ، آيا چور چارئي پاڻ ۾،
ڪڍي ڏي به اَماڻ، جو سهڙ ڏنوسونءِ سانڍڻو.
30.
ڪڍي ڏنائين ڪڇ مـﺂن، هو ٿا ڪن تڪ تور،
همراهن جي حق جي توکي لڄ نه پيئي لغور،
چئوڙي پٽي چور، سڄي کائي وئين سهڙ جي.
31.
جيڏا آهيو جي، سوڳنڌ سيئي ڏيو،
عضوا اٿس ايترا، ساري ڏسو سي،
ٽنگون آهن ٽي، سدائين سهڙکي.
32.
هاريا، ڪوڙ مَ ڪُڇ، سهڙ ڄنگهون چار،
چئي: مٿي هن مامري، توهان مڙي ٿيا آهيو مچ،
سهڙ آهن ٽي ڄنگهون، چوٿون اَٿو پڇ.
33.
پُريا پنجيئي، دزد چتائي ديس تي،
هنيائون سَنڌ سراهه کي ساجهر سنجهيئي،
واگهه ٻنڌي ڏيئي، خزانا به کڻي ويا.
34.
جاڳي ڏسن جان ته صبح لڳي آ سَنڌ،
ٻَڌو ڏسن آدمي، حاضر انهيءَ هنڌ،
تون ڪي چاري چورن جو، ڪي تون راهين رَند،
بي ناحق ۾ بند، آڻي اهائين ڪيو.
35.
تڏهن ڪپڙو تري تيل، سر ٻڌائونس سهرا،
ٻاچو ۽ ٻاراچ هئا، ٻَٽ اُتيئي ٻيلهه،
هوند بچايونءِ هَيلهه جي سچي ڪرين سهڙ جي.
36.
چئي: .......... .......... .......... ٻيهر
ٿئي طفيل،
ته به ٽنگون آهن ٽي، سدائين سهڙ کي.
37.
پنهنجي پاهت پاتشاهه، جوڙيون جوڙڻهار،
سهس اٺارين عالمين، خلقي خلقڻهار
روزي ۾ روز ڏئين، ڏيهن کي ڌتار،
ڪي واحد تنهنجي واٽ تي ڪي وتن واٽون ڌار.
38.
پنهنجي پاهت پاتشاهه اُپائي عظيم،
ڪي رازق تنهنجي راهه تي، ڪي راهون رد رحيم،
سڀ ڪو پار تهڙي، جيڪو ڪيو آ حڪم حڪيم،
ٻاچو ۽ ٻاراچ هئا، ذات ڀلي بهليم،
هونِ گهارڻ ڪلاڪوٽ تي، ماڳ ملوڪ مهيم،
سي بديءَ کـﺂن بدڪار ٿيا، چوريءَ ڪيا به شڪيم،
چاٽي سوناري ويا، فڪل ساڻ فهيم،
وڏو پرڻيو نار کي، ترت ڏئي تعظيم،
قدرت ساڻ ڪريم، کڻي آندا ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.
39.
اتي رحمت رب جي، رسيو ننڍو ڀانس،
ڪي ٿيو ٻيلي هيڪلو، رت رنائين راس،
مُڙيو مداين کـﺂن، دهلي دل سندياس،
توبهه ترت ڪياس، چوري وئڙس چت مـﺂن.
40.
چوري وئڙس چت مـﺂن، ڊنو سٽوڻي ڊاءِ،
اوباهيو،ل ٻاچوءَ کي، ڏنو پٽ خداءِ،
تنهن ۾ ترتيبون ڪري، سگهوئي ساماءِ،
پيء مري ڇورو ٿيو، ٽُڪر کي واجهاءِ
ڄرڪا ڄاراڙن تـﺂن، ڪُرڙا پنيو کاءِ،
ڪار سکيو وڃي مئڪي، هنر سرس سواءِ،
ملاحن پرڻاءِ، وير ويهاريو وچ تي.
41.
وير ويهاريائيون وچ ۾، ٿيو سهاڳي سوءِ،
ڇهه پٽ ڄاوس هڪ مـﺂن، ٻي پرڻيائين جوءِ،
ننڍيءَ منجهان مورڙو، پرڏر ڄائس پوءِ،
ڀڙ پرين ڀائرن ۾ لکي لڌو سوءِ،
لوڪ مڙيو ئي چوءِ، اٺين ڀيڻ ”جمڙي“،
42.
”پڙيل“، ”اڱارو“ ٻه ڄڻا، ”مانجهاندو“ تن سان
چوٿون ”للو“ لاڏڪو، پنجون ”سائر“ نانءِ،
ڇهون ”هنجهه“ ڪراري هٺ سان، ستون ”مورڪو“ آء،
سون مياڻي گانءُ، وڃي راڄ ٻڌائون پانهنجو.
43.
راڄ ٻڌائون پانهنجو، بنائي بهتر،
نو سـﺂ ٻيڙي گام جي، جنبي گهڙي ٿي جر،
اولا جني عاج جا، سڙهه ڪراري سر،
ڇَتن سانبوهن سان، واڌو هئا ويتر،
مڏي ملاحن جي تيرهن سـﺂ هئي تر،
راضي ٿي رائر ڀرن، اٺين ڏينهن لک دلوءَ جي در،
ڪاڳهه کائن پاڻ ۾، اضافو اڳري زر،
ڀاڱو مُنجن ڀاءُ ڏي، واٽو ويٺي گهر،
پاڻي گهڙڻ پر، مور نه سکيو مورڙو.
44.
پرڏر پاڻي نه گهڙي، ڄاڻي لئي ڄمار،
هئس مٿي ڇانو ڇهن جي، چورنگ کي چوڌار،
ڀائر مور ملاح جا، خاصا خدمتگار،
ڀاڱو مُـُنجن ڀاءُ ڏي، واٽو ويٺي يار،
کيو ۾ خمار، ڀڙ پرين ڀائن جو.
45.
ڀائن ڀلي ڀاءُ کي، ڏني جُنگ کي جوڙي جاءِ،
تنهن ۾ ترتيبون ڪيون ويٺو واٽا کاءِ،
جوڻس ٿي جاڙون ڪري، گانديري ڪنهن گاءِ،
سهمي شريڪن کي، سارو ڏينهن سساءِ،
ڏس ڏيراڻين ڪنهن ڏانءِ، وڙهنديس ڪو واجهه ڏئي.
46.
تڏهن ڏنس ڏيراڻين مهڻا، (دهلائي در ماند)،
تون ڪانئر ور جي ڪامڻي، تنهنجو ڪانئر ڪم جو ڪانڌ،
ڪار پڄاڻي نه ڪري، ڀيڏ ڏهي ٿو پاند
ريءَ کٽي وڻواند، تنهنجو کائڻ خرابي جهڙو.
47.
روئي روئي رت، معلوم ڪيائين مور کي،
ته مون کي ڏنا مهڻا، سهيلين ستت،
ڪانئرور جي ڪامڻي، هاري هوري وت،
اسان تو ريءَ ناهه ڪو، شريڪيءَ پاهت،
ٽڪر ڪمي ناهه ڪا، ڳڀا کائين ڳت،
ايڏو ئي آپت، مور مون سان ڏاڍو ڏيراڻين ڪيو.
48.
آءٌ پرين ڀائن جو، ڀل جويون مارن جک،
سي مون تي ئي نه سهن، ڪکا ڪاتر ڪک،
لوڪ پوندي لک، تون وائي ڪج نه وات سان.
49.
چي: ملاحن جي مورڙا، تون ڪار نه سکئين ڪا،
ڪار پڄاڻي نه ڪرين، سمهڻ آيئي ساءِ،
ورنگهڻ هي سوڀ سان، ڪـُهه ڪلي هي کاڌاءِ،
تو ڄائي تو ماءِ، کڻي ڪوڙ وهايئين مورڙا.
50.
چئي: آءٌ پرين ڀائرن جو، ڀائر منهنجو هڏ،
جاڪون جيئندس ڏينهڙو، هوندس ڪاڪن گڏ،
اوکيءَ ويل اُتامرو، ڏيندم ساهه ورندي سڏ،
هو پرس آءٌ پهڏ، نر چوي کي نار جي.
51.
هن ڀي ڪئي آ چپ چوڻ کـﺂن، دم تهين درڪار،
ڳالهه انهيءَ کي گذريا، ڏينهن ٻه
–
ٽي ۽ چار،
ڏيئي ڏيراڻين مهڻا، جيءَ کي وڌس جار،
ڪر ڪاپو ڪامڻي، وهه ڏيئي ورمار،
انهي نرکـﺂن نار، ٻڏي مرين ڇو نه ٻه
–
ٿڻي.
52.
مهڻن وڌي مامري، ٿي نار ٽمائي نيڻ،
کُهه آهين، کُهه اوهان جا، کُهه کٽون ٻَن کيڻ،
واتون ڪيون نه ويڻ، توهان سان پڄڻ پاهت ناهه ڪو.
53.
تڏهن ڏنس ڏيراڻين مهڻا: تون ڪانئر ور جي،
ڪامڻي، تنهنجو ڪانئر ڪم جو چور،
واٽون ويٺي ناهه ڪو، ڀاڱو ڪيس ڪور،
ويڻ ٻڌندو آيو، پنهنجي ڪنين مور،
ويو ملي ملاح جو هنيون لپيٽي هور،
شرط منجهائون سور، هليو رسي دلو راوَ ڏي
54.
تڏهن جويون پلي پانهنجون، ڀائر پيس پيري،
ميڙ نه مڃي مورڙي، ڇڏيائين ڦيري،
ڇڏي ساڱهه سڱ جي، هليو نحسو نبيري،
دلوءَ کي ديري، گڏيو ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي.
55.
دلوءَ دلاسو ڪري، وهاريو آ وير.
متان تون ماندو ٿئين، هنيون ڪج سڌير،
کنڊون، کائڻ، کير، توکي موليٰ ڏيندو مورڙا!
56.
دلوءَ دلاسو ڪري، وهاريو وريام،
هڪ چوکي ٿيس چاڪري، ٻي ٿيس تعظيم تمام.
ٿيو داروغو در تي، هاڙهي ڪري هاگام،
لِکي مڪو لاڏڪي، پيءُ مڻيون پيغام،
تان غيرت ڏنـﮧ
غلام، روحئون لاهيو رنج جي.
57.
تڏهن پڙهي پروانو، کيو ٿيو خمار ۾،
اکر اوباهيو ڏسي ٿيو تن ۾ توانو،
صحيح ڀريائين ساهه جو، خوشيءَ مـﺂن خانو،
چيو پيءُ پٽن کي، ابا حڪم ربانو،
ڪري جاءِ منجهئون جانو، ڀاءُ پرچائي اچو پانهنجو.
58.
تڏهن ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه تي آيس ڀائر ميڙ ڪري،
سون مياڻي سپرين، هل تون پير ڀري،
اوباهيو آهون ڪيون، ٿو تو لئي مور مري،
پٽ هلي تون پيءُ کي، ڳوڌا لاءِ ڳري،
اسان جي نه سري، توريءَ مانجهي مورڙا.
59.
چئي: ڪڍيم غيرت غم جي، مون جو ڪيو پرچاءِ،
آءٌ جو چوان ٿو ڳالهڙي، سا مصلحت من ڪجاءِ،
ٻجهي انهي پار ڏي ٿو ڊپ سچوڻي ڊاءِ،
جي ڀانيو مون ڀاءِ، ته هي مصلحت ڪيو من ۾.
60.
چئي: ادا! توجا ڪئي
ڳالهڙي، سا اسان مصلحت ڪئي آ من،
ڪلاچيءَ جي ڪـُن کي ٻهڳڻ ڏيون ٻن،
شابس وڌئي ڪـُن، آ دانهن ديواني مڇ جي.
61.
ڀاءُ پرچائي پانهنجو، وري آيا وير،
ٻيٽن اچي ٻاپ کي ڏني هيءَ سڌير،
اجهو ايندئي مورڙو، پرچايو آ پير،
کنڊون کائڻ، کير، سـﺂ مڃيائون صدقي.
62.
موڪل وٺي دلوراءِ کـﺂن، ڏينهن اٺين آيو،
ماءُ پيءُ مانجهي مورڙو، ڳوڌو ڳل لايو،
ڀاڄاين پيرين پئي، پر ڏر پرچايو،
ٿيو سهج منجهئون سعيو، لک ڪيائون صدقي.
63.
اُڪنڊ لاهي مورڙو، آيو دلوءَ لوءِ،
اڳيئون پڇيس پاتشاهه، ڪڄاڙو ٿيوءِ،
مور! وڏو وهم سوندءِ، ٻه
–
ٽي لاتئي ڏينهڙا.
64.
چئي: سائين ٻه
–
ٽي لاتم ڏينهڙا، وچ مائٽن ويهي،
ماءُ پيءُ موڪل نه ڏئي، مون کي به هئي اُڪنڊ اڳيئي،
ماڻهو مياڻيءَ جا مون کي ڏر گڏيا ڏيهي،
قبلا تون اڳيان ويهي، ڪهڙي ڪهان ڪوڙ جي.
65.
تڏهن سيباڻو سڀني کي،دلوءَ جي درٻار،
دنگ ڏنائينس دست ۾، دارون درس پيار،
ڪرول ڪوپي آئيو، چڙهيا شوق شڪار،
سڀ وڙهيا ٿي سنگهه سان، سورهه ۾ سنسار
هي ڀي مڙس ماريا هئا مامري، نو پوريائين چار،
ٻئي به ڪنهن ڪيهر سان نه ڪئي آڻن مٿي آر،
مور وهائي واگهه کي، تائي جان به ترار،
لنگهي پئي سا پار، لکئون لاهي تنهن ليث کي.
66.
لکئون لاٿو اٿئي ليث کي، درميان آئين داء،
ڏنائينس ڏينهن تنهن، گهوڙو ۽ سروپاء،
بادشاهه چيس آفرين، جي ويائي ماء،
مارڪن ۾ مورڙا، مر مرڪي پياء،
جَدئون توهان جي جنگ جي، اَڏ وڏائي آء،
ڀلي پيءُ ڀاءُ، جيڪي گهرين سو لهين.
67.
چئي: سون مياڻي سڀ جو، لاهي ڏن ڏيار،
جي تون راءِ راضي ٿئين ته کنڊون کير پيار،
ملاحن نه مار، کڻي آجا ڪر ”امين“ چئي،
68.
تڏهن ورنـﮧ اُتي ويل تنهن، ٿيو بادشاهه مهربان،
محڪم ڏنائينس مجرا، سون مياڻي دان،
لکي مُڪو لاڏڪي، پيء مڻي پيغام،
کڻو ڏيهه انعام، کڻي راجا رائر ڇڏيو.
69.
هاڻي سون مياڻي سڀ جي، ويٺا ڍلن ڍل،
ڪلاچيء جي ڪـُن جي، ڪن ڏهاڙي ڪَل،
پيءُ به پلين ڪينڪي، جهليا ڏين نه جهل.
ارادي ازل، ٻنهي وير وڪوڙيا.
70.
ڪان ڪڏهن ڪاني، ٿئي جنگ قلاش سان،
ڪرهه تني ڪا نه اڄهي موک جني ماني،
ڦيري فهميدن کي ٿي دولت ديواني،
پُٽ اوباهي پڌرا، ڏيهه ڄاڻي ڏاني،
جڏهن ٿئڙا انعامي، تڏهن وهم رکيائون ويڙهه جو.
71.
وهم رکيائون ويڙهه جو، ٿين هڙ ۾ ٽَڪا روڪ،
پيءُ ڀي پليا ڪيترو، متيون ڏنين موڪ،
ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ڦٻيا ويندا ڦوڪ،
هنن کي مستيءَ ڪيو موڪ، ڪي دولت ديوانا ڪيا.
72.
دولت ديوانا ڪيا، ٿا چـﺂتالا چوڙين،
ڌاڳا ريشم پٽ جا ٿا سڳ سٻر جوڙين،
جئراڻين جي جنگ کـﺂن من کي نه موڙين،
ڪير ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ٿا کاهه منجهئون کوڙين،
اڄ سڀان لوڙين، ٿا اکر ارادت جو.
73.
تڏهن اُتن اوباهي اُسري، وري ڙي ويهو،
قهارڻي ڪلاچيءَ سان، اَٿو لئون لڳو ڪيهو،
جوراڻي جيهو، هت مڇ ٻجهي ٿو مامري
74.
اُتن اوباهي اُسري، گهوٽيا گهاريو گهر،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، اضافو خرچو زر،
پليا گهڻو پدر، پر ٻيٽن مڃي نه ٻاپ جي.
75.
سڙهه سنوان لاڄو نوان، پڳهه ٿا پائين،
اولين اُتي عاج جي جهور جڙائين،
ڪشتـيـون ڪشت ڪلاچ ڏي، ٿا مانجهي مکائين،
دَل نه دلِ لائين، هت بانڪا چوَڻ باب جي.
76.
ڪشتيون ڪاهيو ڪاهه، هليا ڪَهي ڪلاچيءَ ڪُن ڏي،
اصل تارو هئا آب جا، بانڪا بيپرواهه،
ماري ڪڍون مڇ کي، هي چت رکيائون چاهه،
هنن جي سڳن نه آئي ساهه، رڇ رنڊيا ماڳ رهيا.
77.
وڌائون وڏانجهه ۾، ڳڻيون ڳاٽ کڻي،
سڳن سٽون آئيون، ويٺا رڇ وڻي،
گهاتوئڙن گهڻي، ٿي دلگيري دل کي.
78.
وڌو اڱاري اُڇلي ڄارو منجهان ڄاڻ،
سڳن سٽون آئيون، تندن آئي تاڻ،
ويٺا ڪن پرياڻ، گهڙ ”مانجهاندا“ جر ۾.
79.
اڱاري جي رڇ کي، ڇهئي ٿا ڇڪين،
ڇِنا ٿا به اچين، ڪي ڌاڳا ريشم پٽ جا.
80.
چئي: ادا! ڪنهن اڙيو ڪلي
ڪاٺ ۾، جنهن سنج جهليا ساهي
پڇن موڀيءَ ڀاءُ کـﺂن، سگهون نا لاهي،
آزمودو آهي، ظاهر تنهنجي زور جو.
81.
چئي: ادا! سـﺂ ورهه جي ورک کي، جي پاڻي ٻوڙي،
تنهن ۾ اچي اوچتو رڇ اڙي توڙي،
سو وڻ وچوڙي، مان ڄولي ڪڍان ڄار سان.
82.
تڏهن پهه ڪيائون پاڻ ۾، پڪو پرياڻي،
ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، هڪ گهڙي هاڻي،
خبر سو آڻي، آهن رڇ جنهن ۾ رنڊيا.
83.
اُتو ڀڙ ”پڙهيل“ ڀائن کي، ادا آن گهڙندوس،
ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، پرو پائيندوس،
ترو تانگهي ڪُن جو، پهر اٺين ايندوس،
خبر سان ڏيندوس، آهن رڇ جنهين ۾ رنڊيا،
84.
ٻئي ”اڱاري“ ڀائن کي، ڏنو ڏس کرو،
ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ پائيندس پرو،
ستين پهر سير ڪري، وڃي تانگهيان ڪُن ترو،
تهان پوءِ ذرو، مون جيئڻ ڪجو نه آسرو.
85.
ٽئين ”مانجهاندي“ مڻيار، ڀڙ چيو ڀائن کي،
پيهي ڪُن پاتار ۾، لهان سنجن جي سار،
ٽاڻو آهي ٽٻيءَ جو، ڇهين پهر شمار،
تهان پوءِ پچار، مون جيئڻ ڪجو نه آسرو.
86.
چوٿين ”للي“ لال، ڀڙ چيو ڀائن کي،
پيهي ڪُن
پاتار ۾، جر نهاريان جال،
ٽاڻو آهي ٽٻيءَ جو، پنجين پهر ڪمال
تهان پوءِ في الحال، جيئن ڪجو نه آسرو.
87.
”سانئر“ سخن سال، ڀڙ چيو ڀائن کي،
مان به پيهي ڪن پاتار ۾، جر نهاريان جال،
ٽاڻو آهي ٽٻيءَ جو، چوٿين پهر ڪمال،
تهان پوءِ في الحال، مون جيئڻ ڪجو نه آسرو.
88.
هئي هڏائين ”هنجهه“ جي، ٽٻي پهر ٽي.
جيائين تارو نه گهڙي، جنگ تيائين جي،
ڀائر پرتئو رب کي، وهم نه لڳجو ٻئي،
جيئرو هوندو هي، ته ڪَل سڀ ڏيندو ڪـُن جي.
89.
گهڙيو ڪلاچي ڪن ۾ ”پڙهيل“ پهريائين،
انجامي ”امين“ چئي، جُنگ هليو جائين،
آيو ويريءَ وات ۾، هاڙهي هنڌائين،
موٽيو نه ڪيائين، راوت رپ رهائيو.
90.
مرڪڻ موڀيءَ ڀاء جي، ڳاراڻي ڳاريو،
ڪاهي پيو ڪـُن ۾، اَجهل اڱاريو،
پيهي ڪُن پاتار مل تاروءَ تنواريو،
سوڀي مانجهي مڇ ماريو، راوت رپ رهائيو.
91.
جُنگ سڀني ۾ جهانجهرو، هنر گهڻي هشيار،
ڪاهي پيو ڪـُن ۾ مانجهاندو مڻيار،
ڀائر پرتئو رب کي الله تو آهار،
سو به هئو دانهه دعويدار، پر راوت رپ رهائيو.
92.
ويٺا ڪن وائي، ته ڪاڪا موٽيا ڪينڪي،
ڪاهي پيو ڪُن ۾ ڪري ”للو“ لالائي،
اصل هئو ”امين“ چئي، ڀڙ سندن ڀائي،
سو به کاهوڙي کائي، راوت رپ رهائيو.
93.
ڀڙ ڀائن ريءَ هيڪلا، دونون ٿيا دلگير،
اصل هئو ”امين“ چئي، سانئر واقف سير،
تنهن به وس وڏا ڪيا وير، پر راوت رپ رهائيو.
94.
ڇهون ”هنجهه“ گهڻيري هٺ سان، سورهه وڏو شان
ڀڙ ڀائن ريءَ هيڪلو وڃي ميو ٿيو مستان،
ڪاهي پيو ڪُن ۾ هاڙي ڪري هاگام
ڪُهڻ ڪلاچي مانَ، نه ته کڻي ماڻهو مـُنجو مور ڏي.
95.
اڄ نه هيرن هَٽ، مُهن ميڙائي مَڪـُرئين،
جنهن تڙ ڏنڀرئين پرن، ڪـَن ڏهاڙي گهت،
گهاتو گهر نه آئيا، کڻي ماٽيون مَٽ،
سيئي پسي پَٽ، ماڻهو موٽي آئيا.
96.
نَتر نه سڃاڻان، سڏ نه سڻن گهاتئا،
سي منهن نه ڄاڻانِ الائي ڪلاچي ڪيئن ڪيا.
97.
ساٽي سڏ ڪري، تڙئون ترسي آئيا،
رنائون ٻاجهه پئي، ڳوڙهن ڳاٽ ڀري،
پئڙن پنڌ پري، جي اوري هئا ته آئيا.
98.
وٽ اوباهي اُسري، خبر هيءَ آئي،
ته ڪالهه ڪلور ٿي گذريو، سُڌ سگهيا سائي،
تنهنجا کاهوڙي کائي، راوت رپ رهائيا
99.
نٿون جن نڪن ۾، ٻانهيون ڪُلهي ڪر،
آهون ڪن الله کي، دانهون مٿي در،
تنين سندا ور، هت ڪالهه ڪلاچي رانئيا.
100.
ڪلاچيءَ جي ڪـُن کي، ويا ملاح مڙي،
جودئون ٻڌي جنگ جي، ڀائن خوب ڀڙي
ويا جي گهوٽ گهڙي، ڪو نه منجهائن موٽيو.
101.
جوش جَلائي ”جُمڙي“، مڏيءَ ڏسي نه ملاح،
ٻيٽيءَ چيو ٻاپ کي، منجهان سهج صلاح،
بابا! ماڻهو منج ڪو مور ڏي، وڃي هيءَ ڪري آگاهه،
ته آءٌ وهيڻو واهه، تنهنجا ڪا ڪِهن ڪـُن رهائيا.
102.
دانهن وٺي دانيهن، ويو مانجهي مور ڏي،
جتي ڀائر هن ماريا، مان به آيس اتائين،
ويٺو چو آهين، ڪارهين ڇو نه ڪلاچ سان.
103.
دانهين ٿو دانهن ڏئي، پسو ڪهڙيءَ پر،
ڪا جا ٻرين ڪوس جي، آوَهه، ڪُن اندر،
ويا وير نه آئيا، گهاتو موٽي گهر،
سون مياڻي سور ٿي اوٽيهڙو اپر،
ٿي ڀاڄايون بانوريون، ماندي تو مادر،
جوش جلائي جُمڙي، ٿي نوائي نبتر،
اٿي سگهو سعيو ڪر، ڪِلي جو به ڪلاچ سان.
104.
چئي: ادا! ڪيئن گهڙيا ٿي
ڪُن ۾، ٿين ڪنهن ڀَت ڪيڏارو،
چئي: ادا! پڙهيل پهريائين گهڙيو، جو هئو هنر هاڪارو،
ٻيو اڱارو جوهري، قوت ڪرارو،
مانجهاندي مضبوط ڪيو، منجهه پاڻيءَ پسارو،
للو لال ته ويڙو، جيئن ترت کڙي تارو،
سانئر سنگيو ڪينڪي، توڙي هو جر جالارو،
هو جو هنجهه گهڻيري- هٺ سان، سو مانجهي مڇ ماريو،
اندر سج نه سوجهرو، اوندهه انڌارو،
منجهه ڪٽي ٿو مامرو، ڪڇون منهن ڪارو،
آيو تو وارو، ڪلي جو به ڪلاچ سان.
105.
تڏهن وَٽي وير هٿانءِ، وڃي پئي پَٽ پِٿون ٿي،
پڇيو مانجهيءَ مور کان، دانَهه دلوراءِ،
ڪهڙي خبر ڪاءِ، اڄ پڻ آيئي اوچتي.
106.
تڏهن در دلوءَ جي دانهن، ڪئي مانجهيءَ مورڙي،
ته ڀائر مون ڀَلا هئا، ٻهڳڻ ٻيلي ٻانهن،
وڏي ڪنهن وڻانهه، ڪالهه ڪلاچي رانئيا.
107.
چئي: ٿانهر وڏو ٿانء، جيو رت جٽا جنگ جي،
نه ٿي مور اُٻاهرو، توکي ڏاتر ڏيندو ڏانء،
الله جهين جو نانء، وير وٺايون سو ڏئي.
108.
تڏهين دلوءَ جي درٻار ۾ ٿو ٻر ٻر ٻاڏائي.
ته ڪا نه چلي ٿي ڪُن سان، ڪَرَههَ بنا ڪائي،
ڪات نلوئي رُڪ جو، ڏي سگهو سانباهي،
وڙهان واڏائي، خونيءَ ساڻ خمار ۾.
109.
ڪات نلوئي رُڪ جو، ٻي ڪائي جي ڪَل،
ڏنائينس ڏينهن تهين، انهيءَ ويل اجهل،
دلوءَ ميڙيا دَل، ته هلي جنگ پسون تنهن جُنگ جي.
110.
دلو ديمن ساڻ، هليو مانجهي مور سان،
ٻهڳڻ ٻانڀڻ واهه جا ڇڏيا وير وٿاڻ،
ڀري پسو سي ڀاڻ، جتي گهاتو ماريا.
111.
منجهه مياڻي مورڙيو، آيو ويل اجهل،
ڪيو ڀاڄاين ڏير سان، جوش منجهارئون جل،
ته تنهنجي ڪاڪن جو ڪهڳل،هت ڪالهه ڪلاچيءَ ۾ هئو
112.
ڪيو ڏير ڀاڄاين سان، آ جوڙي هيءَ جواب،
ته ڪُهي سڪ ڪاڪن جي، ڪيو آ مور ڪباب
مران ته موت ثواب، جي جيان ته ماريان مڇ کي،
113.
ڪيو ڀاڄائن ڏير سان اهوئي الاءِ،
ته ڳل نه پائين ڪنجرو، لاهين پاڳ مٿاءِ،
پيءُ مڙني جو هڪڙو، مورَ ماٽيجي ٿي ماءُ،
جيلانـﮧ
ڄائين ٻيءَ پيٽاءُ، ٿو تيلان ترسين تانهن
کـﺂن.
114.
ماڙيءَ چڙهي مورڙو، ٿيو پسي ڀاڄايون،
نٿون جن نڪن ۾، ڪُلهي ڪر ٻانهيون،
اهڙيون ملاحيون، ويچاريون به ورن لئي.
115.
ورهه اڳي هو وڍيو، ٻيو ڏمر سان ڏوڙي
مرڪڻ مارڪن مـﺂن، مُڇ اُٿيو موڙي،
مان به لـُڙ منجهـﺂن لوڙي، وڃي مئي لاهيندس مَڇ جي.
116.
متو آهين مڇڙا، ڪاڪا ساڱهه ڪر،
اٿئي پهر ”امين“ چئي، ڏر گهاتوءَ جي ڏر،
ڀڏر مٿي ڀر، کڻي ڏيکاريندين ڏيهه کي.
117.
سانوڻ بڊو گذريو، آئي ائٿ اَسـُوء جي وار،
متو آهين مڇڙا، کيو ۾ خمار،
ننڊ نه اچي مورڙي، دانَهه دعويدار
ڪُتا ۾ ڪاپار، کڻي چُٽائيندئي چورٽا.
118.
موڪل ڏنيس ماءُ، پيءُ پرتوئي رب کي،
ڇڏي سانگو سر جو هليو گهوٽ گهراءُ،
مُلڪ پسندو مامرو، ڪندو وير وڌاءُ،
ڪُوپو ڪڇون کانء، وڃي وير وٺندو مورڙو،
119.
ڄارو ناڄاري، نڪا ڇَت ڇڳير سان،
ڪائي جي ڪَل ڍڪي،هليو سهجئون سڪاري،
سر ويريءَ واري، وڃي ڪوپو ڪندو ڪات سان.
120.
سر ويريءَ جي آسري، ڪو هڻي بهادر کڳ،
ڪنهين کنيو هو ڪونڪو، پاڻي اندر پڳ،
تيلانهن مور ملاح جو، جس ڳائي ٿو جڳ،
مئي ماريو هو مڳ، وڃي جر ۾ اوئس جنگ جو.
121.
راوت رڳي رُڪ جي، کنئي هئي ڇل ڇري،
تنهن تعريفاً تبار کـﺂن، اميد ايءُ گهري،
هُو ڀي قوت ڪراري مَڇ سان، ٿيان ها تـُل تـُري،
وجهندس چاڪ چُري، تنهن گانڊوءَ کي گرماڻ ۾.
122.
ڪَل، ڪايو ۽ ڪات، ڇُري، ٻيا جنگ جا کنيائين
جوڙ،
سورهه ٻَڌا سهرا، ٻيا موت چتائي موڙ،
هن جي سڳن نه آئي سوڙهه، آهي سوڀ تنهن کي سامهون.
123.
ڪائي جي ڪَل ڍڪي، ڪيو بانڪي بانو،
آڏو ڌنڌاگير دماغ سان مڇ ته مستانو،
هن هڻي ڪات ڪڇن کـﺂن، ڪيس راوت روانو،
دسيو ديوانو، گهاتو پهرئين گهاوَ سان،
124.
گهاتو پهرئين گها سان، ڪيو کاهوڙي کيرو،
وڍيائين ويريءَ جو هنيون، بڪيون، جيرو،
مرڪڻ ٻاهر نڪتو، ديکڻ ٿيس ديرو،
بادشاهه چيس آفرين، جيئن تو ماري و مٿيرو،
ارڏا ڪج اهڙو ڪو ڀائن تي ڀيرو،
ڪـُوپا ڪم تيرو، آهي وٺڻ وير وقوف سان.
125.
دلوءَ ديميون ڪاري، آندا سانَهن سوَ،
پٺيون ٻرين ٻاهڙي، تنهن تپايا توَ
ريلي وانگر روَ، تن چوري ڪڍيو چورٽو،
126.
چوري ڪڍيو چور کي، دسيو وڃي هو ديءُ،
ڪوپي وڃي ڪات سان، ڇل ڏنا هئس ڇيهه،
تنهن کي تڪرار ڪيون ٿي ڏسڻ آيا ڏيهه،
رنگ تنهين جي ريهه، جنهن مانجهيءَ ماريو مڇ کي.
127.
ڀاٽيا مور ملاح جا آهن خاصا خدمتگار،
اڄ اڄوڻي ڏينهن تائين اتي ڪن الغار،
جد تهين جي جنگ کي واهه چون ٿا وار،
جي ڪَهن ڪلمي جي سار، اگهو سڀ ايمان سان،
لا اِلـٰﮧ
اِلَالله مُحمد رسول الله
-----------