امام بخش ”خادم“
امام بخش ”خادم“ سنه 1861ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. 1869ع ۾
پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ آخوند قمرالدين جي مدرسي ۾
پڙهڻ ويٺو. ورنيڪيولر فائنل امتحان ڏيڻ کان پوءِ
انگريزي پڙهڻ ويٺو ۽ 1879ع ۾ ماستريءَ ۾ گهڙيو.
سنڌ جي مشهور شاعرن محمد قاسم هالائي، سيد فاضل
شاهه ۽ فضل محمد ’ماتم‘ سان سندس تعلقات هئا.
1336هه/جنوري 1918ع ۾ وفات ڪيائين. ”ڪليات خادم“ ۾
سندس 18 قافيون ڇپيل آهن، ليڪن 3 قافيون هريسنگ جي
ڇپايل قافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن جيڪي ”ڪليات خادم“
۾ ناهن، اهي به هيٺ ڏنيون ويون آهن.
[1297]
مارو تون ميل آمير، ساهه جَني کي ٿو ساري
1- راتو ڏينهان مون کي مارن جي، عاقل آهه اڪير
موهي من وڏو آهي ماري
2- کاڄ کيڻ هت ريءَ مارن جي، وِهُ ڀايان ٿي وير
ڏيل ڏکن وڌو آهي ڏاري
3- سرتيون منهنجون ڀٽن ڀر آهن، محبت تن جي مير
راتيان ڏينهان ٿي رئاري
4- چوي ”امام بخش“ نانءِ الله جي، ڪڍ زوراور زنجير
واڳ وطن ڏي وڃان شل واري
[1298]
اُڀريو عشق جو آفتاب، تاب تارن جو گم ٿي ويو آ
1- شمس شعــاع ڪيـــو آ چـــوڌاري
روشن ٿي آ دنيا ساري
ڇا جو هئڻ حجاب
2- سج جي نڪتي چنڊ ۽ تارا
ڇُپيا ڇڏي سڀ تيز ويچارا
وجهي نفيءَ جو نقاب
3- نينهن وارن اڄ عيد ڪئي آ
اوندهه دوئي جـي ڍڪجي وئي آ
واه واه نينهن نواب
4- ”خادم“ خطرا خـام ڇــڏي ڏي
هوئڻ سندا هي دام ڇڏي ڏي
دنيا خيال ۽ خواب
[1299]
ڪهڙو حال سڻايان مان پر کي
سڀ روشن آهي ننکي نر کي
1- پياس پنهل جي پسڻ جي آهي
قصدؤن ڪيچ وڃان هوند ڪاهي
ڳولي ڳوٺ ڳليون لهان ور کي
2- حامي هوت وسيلو وارث
پنهل آرياڻي پرين منهنجو پارس
لطفؤن لال ڪندو شل لاغر کي
3- ڪانه سجهي ڪا ڪـنڌي ڀــر
آهيان انهن جي اڳي پوءِ
ڪاڏي وڃان ڇڏي هن در کي
4- آهيان ”امام بخش“ عاصي احقر
سچ سان ورتم سرور جــو در
نيٺ نوازيندا نوڪر کي
[1300]
آيم بتُوءِ بهاري وي، وه وه رت بسنتي آئي
1- قادر ڪڍيو سيءَ سياندو، ٿيڙو قلب قراري وي
2- خير جو ڀاڱو خلق کي مليو، گم ٿي ڪل بيماري
وي
3- سڀ هنڌ ساوڪ سبزي ڏسجي، ٿيڙا ميگهه ملهاري
وي
4- گل ڦل ٽڙيا باغ بهاريا، جُڙيا چمن چوڌراي
وي
5- مڙني ميون ٻور جهليا هَن، هر ڪا ٽاري
ڦلهاري وي
6- بلبل ڳٽڪن ڀؤنرا ڀٽڪن، طوطن تار تنواري وي
7- آهي ”امام بخش“ تو در سائل، صاحب ڪر ستاري
وي
امير بخش
امير بخش شڪارپور جو ويٺل هو. 1915ع کان پوءِ امام بخش
”خادم“ سان ڪچهريون ڪيائين، جنهن سندس ڪجهه ڪلام
به قلمبند ڪيو هو. سندس 5 قافيون نظر مان گذريون.
[1301]
درد دل ۾ ڪيا ديرا، پڇايان يار جا پيرا
1- سِڪان سڪرات ۾ پيئي، ڪري هئي هئي عمر ويئي
ڏکيءَ کي ڏک ويا ڏيئي، لنگهي ساٿي ويا
سويرا
2- اکين مان آب ٿيو جاري، وڇوڙي يار جي ماري
قيامت ٿو ڀانيان ڪاري، جلايم جوش ۾ جيرا
3- اندر ۾ عشق ڪيو آ گم، متو محبوب لئي ماتم
ڪندي ڪهڙِ ڪٺل ٻيو ڪم، تو ريءَ ويران ٿيا
ويڙها
4- لُٽي ويا دل ڪري زوري، ”اميربخش“ کي لائي
لوري
ڇڏي ڇاکؤن ويا ڇوري، فقيرياڻي ٿي ڏئي ڦيرا
[1302]
لڏي ويا لاهوتي لال، ساهه سناسين کي ساري
1- ڏکويون گهڙيون ٿي جن ريءَ گهاريان
گوندر ۾ ٿي ڏينهن گذاريان
سڪندي جن لئي ٿيڙم سال
ويهان ويراڳي ڪيئن وساري
2- ڇپر ڇُلائي ويڙا ڇـوري
ٿيس گداگر جــن لاءِ گهوري
اڱڻ اچن سي موٽي شال
وِره وڇوڙي سان ويا ماري
3- وصال جـا ويـراڳــي سونهيان
روز دکائين دل تــي دونهــان
ڀـــريــا تــــن جـــا ڀــــــال
اندر آديسي ويم اُجاري
4- ”امير بخش“ اداسي آهي
پورب جــا ٿــو پنڌ پڇائي
لـــهن سامــيئـــڙا سنـڀـــال
والي شل انهن کي واري
[1303]
سانگي لهندا سنڀال، منهنجي شال، مارو مائٽ مئيءَ جا
1- مئيءَ جي ملڻ جون ڪن ڪي مقالون
سانگي لهـنــدا منهنجون سگهڙيــون سنڀالـو
ڪن ڪا مئيءَ جي ڳالهه
2- پٽ ۽ پٽيهــر آءٌ ڪين ڀـايـان
گلم غاليچا تنهنجا ڀاڻ ٿي ڀانيان
لوئي اباڻي ٿيم لال
3- عــمــر اباڻــن جــــي واٽ نهاريــان
ڏکيا انهن ريءَ ڏينهــــڙا گـــذاريا
ساعت ڀانيان ٿي لک سال
4- ”امير بخش“ سنگهارن کي ساري
ويڙهه وطن جــي ڪيئن وساري
ڏؤنرا پُسيون جتي جال
مير امير علي خان ”امير“
مير امير علي خان ٽالپور ولد مير فضل محمد خان شاعر،
اديب ۽ انشاپرداز ٿي گذريو آهي. سندس نالو اميربخش
خان ”امير“ جي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌي، سرائڪي ۽
فارسي ٻولين تي عبور حاصل هئس.
[1304]
دل ۾ درد لڳو دلبر جو
آهي عشق سمورو سُر، الا الله
1- عشق جنهين وٽ رمز رلائــي
لوڪ تهين کي چوي سودائي
ڇڏي وين عقل شعور
2- حسن هــــزاريـــن راوت رولــيـا
ساهه سڄڻ ٿئون سڀني گهوليا
ڏئـــي سر ٿــيــا منصـور
3- عشق اوهان جي دُور دُکايا
باهه بــرهه جـي مڇ مچيا
پلپل پــون ٿـا پـور
4- آهي ”امير“ توسان اسم علي جو
راتيان ڏينهان مون کي ورد ولي جو
ذوق انهــيءَ جــو ضرور
[1305]
عاشق اچي تڏهن سر نائن ٿا
جڏهن موت حياتي ڀانئن ٿا
1- شاهه منصور ڀي سوريءَ چڙهيو
سرمد ساڳي سبق جو پڙهيو
پوءِ سخن سر مئون اَلائن ٿا
2- منجهه ميـدان محبـت غـازي
جودئون جلد ڪرن سر بازي
پِڙَ مئون پروڙ پائن ٿا
3- دشت عدم ۾ قدم وڌائون
ليليٰ پـرده نشين لڌائـون
مجنون نام سڏائن ٿا
4- پنهل کي وڃي نينهن نهوڙيو
مرزان مرن کئون منهن نه موڙيو
ڏئي ساهه سڄڻ ڳل لائن ٿا
5- عشق ”امير“ عليءَ سان لائج
وحــدت منجهه وجــود وڃـائج
صحيح حرف اهو سمجهائن ٿا
مخدوم الله بخش ”عاصي“
مخدوم عطا محمد عرف الله بخش ولد محمد عاقل، ڳوٺ کهڙا
تعلقي گنبٽ ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. 53-1850ع ڌاري
ڄائو هو. مولانا غلام محمد ڪمال ديري واري وٽان
تحصيل ڪرڻ بعد ڪجهه وقت راڻي پور ۾ منشي ٿي رهيو ۽
پوءِ جلد ئي رياست خيرپور جي وزير سردار محمد
يعقوب وٽ نوڪري ڪيائين. پوءِ فيض گنج ۾ هيڊ منشي
ٿيو، جتان ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ، رليف جج ۽ مير صاحب
جو خاص منشي ٿي رهيو. مخدوم صاحب پنهنجي وقت جو
بلند پايه شاعر ۽ اديب هو. عربي ۽ فارسي ۾ حديث،
فقہ ۽ تفسير تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين. سنه
1335هه/1917ع ڌاري وفات ڪيائين.
[1306]
منهنجو ميلو مقام ٿيندو مارن سان
آهـي جيءَ تـــه جَڙيــو جهُونگارن سان
1- جاٿي ڄائـي آهيان، اُتــي شال مران
ڪندو خير خدا موٽي ملڪ وڃان
روزئون روز ڌڻي کؤن ٿي سوال گهُران
ٿڌي هِير جهَٽيان ٿر وارن سان
2- ڪِرڙ پڇي ڳاڙهــا لال ٿــيــا
ڪاهي ماڳ پنهنجي مارو مال ويا
ڏٺي ڏينهن تنين کـي سال ٿيا
ڪهڙو وير وجهان قضا وارن سان
3- ”عاصي“ ادا ويــهه صبـر ڪري
جيڪا رب جي رضا تنهن ۾ شُڪر ڪري
ايندو پاڻ ڌڻي پاڻيهي پير ڀري
ٿينديس خاڪ شريڪ وڃي مارن سان
[1307]
جيڪو مارن جي مان سان ڳالهه ڪري
چُمان پير تَنهين جا مان نيڻ ڌري
1- قسمت آڻي قيد جو ڪيڙس
ملڪ اباڻو ڏيهه ڏور ٿيس
جڏهن پنهوارن جو پُور پيس
تن کي ڏسي منهنجو هانءُ ٺري
2- پيغام پريــن کؤن جــو آڻيندو
سو تان جيءَ ۾ جايون ماڻيندو
ساهه سِڪي تَن تاڻيندو
منهنجو قسمت ڪيو ملڪ پري
3- ملڪ اسان جو آهي ٿڌو
مون تان ڏينهن ڄمڻ جي کان لعل لڌو
آهي مارن سان مـون ٻـول ٻڌو
ٿينديس ننگ شرم کان ڪين پري
4- ملڪ اسان جي وڄڙيون وسن
اُهي مارو شال اوري اچن
”عاصي“ اُميدان دل جون پڄن
منهنجو ساٿ سلامت وطن وري
آخوند عبدالڪريم ساريو
آخوند عبدالڪريم ذات جو ساريو هو. 30-1922ع ڌاري ڇپيل
ڪتاب ۾ سندس 22 قافيون نظر مان گذريون.
[1308]
آيا ڪيچي ڪوهيارؤن ڏير اديون
منهنجو پنهل وٺي ويا سوير اديون
1- ڪهڙي ڳالهه ڪين مان ڏکين ڏينهن جي
هڻ اڻ ته مندائتن مينهن جي
ڪنهن کي ٻاجهه نه پيئي منهنجي
ريهن جي
سهي ڪين سگهيا دم اوير اديون
2- ڇو ٿي دوهين مون سان اهرو ڊوهه ڪيو
ڪهڙو ڪيچن جو مون ڏوهه ڪيو
ڪنهن کي دانهن ڏيان لکئي لوح ڪيو
ايندي امر اڳيان ٻي ڪا ڪير اديون
3- هوت ڪري ويو حيران مون کي
اچي ڀنڀور نظر ٿو بيران مون کي
ڏاڍو آهي سڄڻ جو ارمان مون کي
روئان پنهل سدا ڏسي پير اديون
4- ”ساريو“ چوي جنهن کي ساهه ساري
تنهن سان ميلو ٿئي اڳ موت نه ماري
اجهو پنهل ايندو وهندو ڪين وساري
جاچان واٽون سڀئي مان سير اديون
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
عبدالرحمان چانڊيو، نواب غيبي خان چانڊئي جي جاگير
تعلقي قنبر جو رهاڪو هو. اندازاً
74-1272هه/57-1855ع ڌاري ڄائو. عربي ۽ فارسي جي
تعليم حاصل ڪرڻ بعد شاگردن کي پڙهائيندو هو. سندس
ڪلام گهڻو چيل آهي. هنر ۽ سينگار جا بيت، ٽيهه
اکريون ۽ ڪانگل جا بيت مشهور شاعر شاهه محمد ديدڙ
جي تتبع تي چيا اٿس. اندازاً 1346هه/1927ع ڌاري
وفات ڪيائين.
[1309]
اونهو عشق اجهاڳ، ڪير قُلزم کي ڪوٺي تانگهو
1- هِير لنگهي پَئِي سِير سڄڻ لئي
واهڻ وَمجهُليءَ جي ته وڄڻ لئي
درد ڏنا هئس دل تي داڳ
2- مير مجني کــي سُڌ هئــي ساري
ڪــاڻ لَـيـلــيءَ ڪيئين جـنـــدڙي ڪاري
عاشقن جي هئس مٿئون پاڳ
3- ”عبدالرحمان“ پڌر ڳالهه پئي
سورهيه سوڀ کٽن سِر ڏيئي
کَٽِـي آ عشق عقل کان آڳ
[1310]
عشق جي ناهي ظاهر ذات، نانءِ نيشان نشانبر نالو
1- فوج جنگي نڪا دست دنالي
حشمت ههڙي هٿ ٿس خالي
عين عشاقــن جـــي آهــي آلِي
ريءَ ڪُهي ٿو ڪاتيءَ ڪات
بڙڇي دست رکي نڪو
ڀالو
2- دخترپُـٽ نــه زال تنهين کــي
مِلڪ مڏي نڪي مــال تنهين کـي
اهل و عيال نه آل تنهين کي
آهي هميشہ روز حيات
سهرو سَسُ نڪو
تنهن کي ساريو
3- زير زمين نه آسمان هئو ڪو
آدم حُـور نــه حيوان هئو ڪو
ڪُن فيڪون نـه قرآن هئو ڪو
بره اڳي ڪهان اهڙي بات
جو اسم جهين جو
اڄ توڻي آلو
4- ”عبدالرحمان“ انجامي مون سان
سوڙهه نـــه ڪندي سامــي مـــون سان
هر هنڌ حاضر حامـي مـون سان
جو طلب رکان ٿو تنهن جي تات
پيچ پيو ٿم
ناهيان پالهو
[1311]
عشق شاهي شهباز، مرغ عشاق الٰهي آهن
1- مجنـي سان ٿيــو عشق مُلاقــي
ڪونه بچيو بُت تنهن جو باقي
رمزِ وارن جا اهڙا راز
ڪاهيُون قتل ڏي سر ٿا
ڪاهِن
2- ماس رڳون چم لحم ٿو لاهـي
خون جگر جو ٿو ڊاهيُون ڊاهي
نينهن وارن جا اهڙا ناز
ڍونڍ مشتاقن جا ٿا ڊاهِن
3- ”عبدالرحمان“ سڃاڻ اشارا
نوبت نينهن جا وڄڻ نغارا
سِر سُريءَ تي نَئِي ڪر ناز
مرد لاڳاپا سڀ ٿا لاهن
[1312]
عشق شاهي شمشير، ڪير سهي تک تاب تهين جو
1- مهڻــا ملامــت تنڪــا طعنا
عشق ڳچـيءَ ڳل ڳهڻا ڳانا
جيڪو لنگهي گهَٽ اهڙو گهير
برهه ڪمائڻ باب تهين جو
2- منـصور سَٺــا آهــن سُور
تنهن جــو منصب هــي مشهــور
انهي پِڙ ۾ پائي پير
ڪوڪو پڙهي ٿو ڪتاب تهين
جو
3- شمس سڳوري لئي هُئي شادي
لوڪ ليکي هئي تنهن سان تعدي
سوز گهمايس سِير
علم عقل اسباب تهين جو
4- ”عبدالـرحمان“ سڃاڻ اشارو
چانـدِي دڳ چِٽون وٺ چارو
ميٽ مَليُون مَل لاهي مِير
مُنهن ته پَسين مهتاب
تهين جو
[1313]
جهرڪي جهنگل جي ڏئي جهلڪا جهار
’هُو‘ جي هڪل سان ان کي اُڏار
1- ڪانء ڪٻر ٿــي ڳهــيلــو ڳيــرو
هيڙي ڀوريءَ جو ڀڃي ڇڏ ڀيرو
وهم پکين جا سب کڻي وار
2- اَنّ آڀُون ٿِي، سمجهه اشارو
ذات ثبات جو هلڪو جهارو
قوت ڦيرائڻ ناهي ڪار
3- سنگ سَنؤن نئي دهرو داڻو
سمجهه سِهــو ڪــر آهين سيــاڻــو
... ... ...
...
4- ”عبدالرحمان“ سڌار آبادي
پــول سٺي ڪر متان ٿئــي سادي
ٻين کان ڪرئين ٻيڻو پار
مولوي نور محمد عادلپور
مولوي نور محمد والد حاجي محمد ابراهيم مَلڪ، عادلپور
(تعلقو ميرپور ماٿيلو) جو ويٺل هو. سنه 1292هه ۾
ڄائو ۽ اندازاً 1340هه/1922ع ڌاري وفات ڪيائين.
”نام حق“ فارسي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو
ڪيائين. سندس فرزند عبدالحڪيم ملڪ 20- محرم
1334هه/1915ع تي وفات ڪئي، جنهنڪري کيس فراق جاڳيو
۽ قافيون جوڙيائين، جن ۾ ”عبدالحڪيم“ ۽ ”حڪن“ نالو
وڌائين. سندس 5 قافيوپن هيٺ ڏجن ٿيون.
[1314]
ڪانهي ننڊ قرار، لڳڙي تانَگهه اندر ۾
1- سوا سڄڻ جي ڪيئن گذاريان
راتيان ڏينهان نِت نهاريان
آهن درد هزار، پئي هان روز پڌر ۾
2- وڃ قاصد تــون کڻي هـــي خط مـون
چئــو سڄڻ کــي اچ هيڏاهــون
مار نه محب ميهار، هيکل هن شهر ۾
3- اچ اسان ڏي پـريــن پيــارا
”عبدالڪريــم“ سان مِــل پيارا
وؤڙيان توکي يار، بر ۽ روز بحر ۾
[1315]
موٽ مسافر يار، ڇڏ تون ريت رسڻ جي
1- تن اندر ۾ تات اوهان جي اَلو، لالڻ لَيل و نَهار
2- سِڪان ساريان روز نهاريان اَلو، ستت لهه
تون سنڀار
3- ”عبدالحڪيم“ ٿو سڪي سدائين اَلو، وجهه نه
وٿي هڪ وار
[1316]
عشق جهڙو اسباب، آيو ڪونه ڏسڻ ۾
1- لاهه هيڪر تون مهر منجهارون، عَنِ الوَجہ نقاب
2- آءُ سڄڻ تون اڱڻ اسان جي، کڻي قدم شتاب
3- سِڪان ساريان روز نهاريان، مِل مٺل مهتاب
4- ”عبدالحڪيم“ کي ڏي ڪو دلاسو، عالم جا آفتاب
[1317]
سڻي عشق تنوار، ويڙو هوش هيڻي جو
1- سِڪ توهان جي آهي سدائين، کڻي نيڻ نهار
2- ڪافيه، شافيه ويڙيون وسري، آهي پرين پچار
3- هيڪر جيڪر اچي اڱڻ مون، لاهي بار غبار
4- ”عبدالحڪيم“ چئي مِل مِٺل تون، سهڻا يار
سچار
[1318]
ديدم نه هيچ ڪتاب، مثل رويُ محب خود
1- ڪردم مطالع ڪنز قدوري، خواندم نه مثلش باب
2- از طرف توگاهي گاهي، آمد نه هيچ جواب
3- از فراقت رود برويم، دائم ز چشم آب
4- ”عبدالحڪيم“ را روز و شبها، ڪردي جگر ڪباب
عبدالحڪيم ملڪ عادلپور
عبدالحڪيم ولد مولوي نور محمد مَلڪ، عادلپور جو ويٺل
هو. تاريخ 20- ماه محرم 1334هه/1915ع تي وفات
ڪيائين. سندس والد مولوي نور محمد پُٽ جي وفات تي
ڪلام چيا جن ۾ عبدالحڪيم جو نالو وڌائين. پر سندس
بياض ۾ خود عبدالحڪيم جو چيل هڪ ڪلام موجود آهي،
جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
[1319]
ڪرايو دلبر ڪو ديدار، دفع ٿئي منهنجو هي آزار
تنهنجي در جو آهيان سوالي، پيارل ڏي تون پيار
1- سِڪ آ سِڪايو، مُنجهه منجهايو
مُنهڙو ڏيکاريو، دير نه لايو
ستت ڪيو سعيو، جيئڻ اجايو، بيشڪ آ بيڪار
2- هنجهڙيو هاريان، ڳوڙها ڳاڙيان
سدا ٿــو ساريــان، راهــه نهاريــان
پل ۾ پڪاريان، ڪيئن گذاريان، نيڻين وهن ٿا نار
3- طلب آ تن ۾، محبت من ۾
آب اکيـن ۾، دود دهــن ۾
اچ تون اڱڻ ۾، رول نه بن ۾، پاڙج تون اقرار
4- ”مَلڪ“ سنڀاري، هنجهڙيون هاري،
راهه نهاري، ڳوڙها ڳاري
دل کي ڌتاري، ويهه نه وساري، سِر جو تون سردار
متل
متل جي هيٺين قافي مولوي نور محمد ملڪ عادلپوري جي بياض
(1334هه) ۾ شامل آهي. شايد متل ان وقت حال حيات
هو.
[1320]
راڻا ملج رات، نه ته مان ويندي سانوَ مري
مون تان
لاهج ڀُل ڀري
1- مومل جي ماڙيءَ کي ناهي در نڪا دري
مانجهي هزارين ماريا، هت آيو ڪونه وري
2- هيڪر ماري مينڌرا وئين چانگل تي چڙهي
مير مناسب توکي ناه ڍوليا ڍٽ ڌڻي
3- ”متل“ چوي محمّد سان ڪا منهنجي جِيءَ جَڙي
رهجي وئي آ روح جي ڪا توسان پَت پَڙي
(ب) مولوي قادر بخش گولو ۽ ٻيا نامور شاعر
مولي قادر بخش گولو
مولوي قادر بخش گولو (بلوچ) سنه 1339هه (1920ع) تائين
حال حيات هو ۽ ان بعد ڪنهن سال وفات ڪيائين. جيڪب
آباد ضلعي جي سردار مرحوم صحبت خان گولي جو سوٽ
هو، فراق واري حالت ۾ گهڻو ڪلام چيائين، جيڪو سڄو
سلامت نه رهيو آهي. البت هڪ بياض نظر مان گذريو
جنهن ۾ 145 وايون ۽ قافيون، 7 مولود، 108 بيت ۽ هڪ
ٽيهه اکري قلمبند ٿيل هئي. سندس ڪلام پڪو پختو، سڪ
۽ سچائي سان ڀريل آهي. ڪَپاري جي بزرگ جناب
عبدالقادر رحه جو معتقد هو جنهن جي فيض سان سرشار
ٿيو.
[1321]
نت ڪوٽ ۾ هر گهر نور وسي
جاٿي محب منهنجو منظور وسي
1- حُسن حقيقي ڪوٽ ۾ آيو
رمــز ربانــي جـو جاٿي رايو
ڳوٺ ڳلي بازار ۾ ڳايو
ساري شهر شادي معمور وسي
2- جــن شڪــر ڪيــو سي شاد رهــن
دوست عاشق جــا آبــاد رهــن
سي قهـر قيامــت کــؤن آزاد رهــن
تن تي رحمت روز ضرور وسي
3- برهه جي بات نه جن کي ڀانئي
رليا ويٺا پنهنجي راند وڃائـي
وڻــج دوزخ جــو ويــل وهــائي
تن تي قهر قادر جو ڪلور وسي
4- عبدالقادر محـب ربانــي
نـنڊ ۾ ڏنــي هــي نينهن نشاني
ڳــوٺ بغــداد جــا ڏسج نــوراني
جاٿي ”قادربخش“ منصور وسي
[1322]
آهــي عشق شهنشاه، پــر سپاه الائي ڇا
دل عاشقن جي تخت، سروپاه الائي ڇا
1- وجهي زور ڳل زنجير، ملائي يوسف زليخا
ڪاٿي خواب، ڪاٿي عزيز، ڪاٿي چاه الائي ڇا
2- ڪيئي منصور، ڪيئي خليل، ڏيئي سور ساڙائي
ڪڏ جُنيد ڪڏ نمرود، ڪڏهن آراه الائي ڇا
3- انهيءَ درد جي درياء ۾، سهڻي ميهر غرق ٿيا
هڪ رات، هڪ برسات، هڪ چناه الائي ڇا
4- ”قادر بخش“ تي اچي عشق، ٻيا ٻيا حڪم هلايا
ڪڏهن پير ڪڏهن فقير، ڪڏهن شاه الائي ڇا
[1323]
اک ٿيا ته انار، سڄڻ تنهنجي سانگي
1- ڪرڙ ڪڪوريا ڪنڊيون ڪانڊيرا
ڳــم ڳچيءَ تــي ڳٽڪن ڳيرا
ڏار وجهن پنهور، ڇيلن کي ڇانگي
2- بادل بجليون ڪيون برساتيون
پٽ تــي پيــرون ذاتيون ذاتيون
گاهن ڪئي گلزار، چِنا گل چانگي
3- هـر هـڪ ٻوٽــي ٻـٻر ٻـٻر ۾
”ڪوٽ ڪاپــاري“ ساري تــر ۾
حسن جا هٻڪار، سدا گل وانگي
4- اورَ اندر ۾ ڏي اُجهڪارون
ڦرڪي ڦاڪان ٿي دل ڦارون
”قادر بخش“ قرار، پوءِ ناهي نانگي
[1324]
بادل برسي سر ڪاپاري، ساجن سبزيون لايون ري
1- اؤنت الک ريءَ واه وهايا
ڇوهؤن ڇوليون آيون ري
ڪڻڪن ڪنڍڙيون لهريين لڍڙيون
چؤنريون چاهڪ چايون ري
2- گــل گلشن گلــزاريــون کليون
هر جا رونق رايُون ري
مکڻي مرڪي ڳــم ڳچــيءَ تـي
ڦوڳ ڦليون ڳل پايون ري
3- بادل بجلــي بــرسي بهـاري
شاهي شوق وسايون ري
موٽ مٽر مڱ موڪان ٿيڙيون
صحبت پور جون سايون ري
4- ســارنگ ساز وڄــايــا سر سنگ
ويڙيون اڻ وس وايون ري
مردن مرڪي معاف ڪرايون
”قادر بخش“ ڪمايون ري
[1325]
مارو ٿيندم ماڙ، ڪوٽين ڪين گذاريان
1- والي ٻُنڌندو، وطن تي وينديس، ڌنــارن جــي ڌاڙ
آهان عرض اُڏاريان
2- قيد قلعو مان ڪوٽ ٿي ڀانيان، ويڙهيچن جي
واڙ
جنّت جاءِ سنڀاريان
3- پيڪن سان پنهوار جي، پرور تون پت پاڙ
واريل ور کي واريان
4- ”قادر بخش“ پـــوشاڪان پــٽ جـــون،
سمــوريـــون نيئــي ساڙ
لوئي ڪين لغاريان
[1326]
ڪاپڙيا ڪوٺائي، گُر ٿو گڏائي اڳتون
1- اُتهن هليا هيڪلا، ترڪ ڏيئي طمع کي
روه ۾ رام ريجهائي، گُر
ٿو گڏائي اڳتون
2- سمر کڻي سورن جو سفر سِڌاڻا سامي
پورب پنڌ پڇائي، گُر ٿو
گڏائي اڳتون
3- ”قادر بخش“ چوي مرد مرادان ماڻهن
ڪنڌڙو ڪلهن کؤن ڪپائي،
گُر ٿو گڏائي اڳتون
[1327]
وحدت جا وڻجار، ڪاپَڙِيا هِن ڪي ڪي
1- خاڪي ڪاڪل الفيون انگ تــي
سامي سڃاپن گيڙو رنگ تي نم نم نيڻين نار
2- پوتيون پٽيهڙ پــڌرا آڻن
سيني اندر سِر مستور سڃاڻن هردم ٿي هوشيار
3- رمزان رلڻ جون نفس نمائـي
سالڪ تارڪ تاب توائــي سمجهن سي سنسار
4- ”قادر بخش“ قضـــا ۾ قاضــي
رهن هميشان روح ۾ راضي اهڙا اٿن اطوار
[1328]
نَويِن بسنت آئِي، نَوين گل ڦوليِي
نَوين سينگار سَمائِي نِي
1- رتڙي رخسار لب رتڙي غب غب
رتڙي دست رڱائي نِي
تــرڙي عناب عقيق يمانـي
لعل شاهي شرمائي نِي
2- رتڙي سُوهِي، رتڙي شملي
ڪَنٺي درڳل پائِي نِي
ڪَيسريــا سِر وِيس ڪَرو تــي
ڪيسر هنڌ لڄائي نِي
3- نينان نــرگس ابــرو جــدول
سوسن زلف وَلائي نِي
دليان دام گلــوبنــد حلقي
مشڪل ڦير ڦَسائِي نِي
4- ساز ستار سُر سوز انگريزي
ڳجهڙي راز سُڻائِي نِي
”قادر بخش“ ڪون ڀر ڀر مَئي دي
قربي قدح پلائي نِي
[1329]
منهن مهتاب، چشم چنبيلي، گيسو پيچي سر دلبر دي
1- باغ بسنتي چهرا کليا، هر جا پور پسارا هليا
بلڪل ويک نظارا ڀلييا مرڪي مکري وقت فجر
دي
2- سدا سدا گل بينسر بيني، سينا نقش نگار
رنگيني
چاه سٽيندي چين جبيني، حيرت صاحب هوش هنر
دي
3- دست ماهي دي ميندي رتڙي، سر سانول دي خوني
ڇتڙي
مشڪ عنبر مل ول ول ڳتڙي، پنڙي پاند پَلوَ
ڪيسر دي
4- موتي شبنم ورق گلابي، نرگس نيهه نشا ڏي
شتابي
”قادر بخش“ نون خوش عنابي، ڪِيتي زائل درد
اندر دي
[1330]
ناز سڄڻ جي بي نياز نوايو، جادو چوان ڪرامات چوان
1- زلف سياه گمراه سڪندر، رشڪ ختن، تاتار جي ڪمتر
جنهن لانگهي لنگهيا هٻڪي عنبر، مشڪ چوان
ظلمات چوان
2- دست ڪشاد ڀروَن جي ڀلايو، هڪڙي نظر آ قهر
ٻارايو
عاشق هن آواز ۾ آيو، شور چوان هيهات چوان
3- هڪڙي ديد ڏسي ٿيا ديوانا، جنّ انسان مَلڪ
پروانا
شبلي جهڙا منصور مستانا، قيام چوان سڪرات
چوان
4- ”قادر بخش“ کي هيئن چيائين، حسن تبح ڪُل
هڪڙو ڀائين
جهڙو ٻانهو تهڙو سائين، پوءِ ذات چوان
سوغات چوان
[1331]
رمزين نال ريجهاڪي راول، هس هس کسدا دلڙي يار
1- ڪاڻ تماشي قتل ڪريندا، دلبر دستين دوست مريندا
زلفان زنگي فوج ڌريندا، ول ول دي وچ قيد
هزار
2- سيف سَريِجن آبرو سُهندي، ڪست محبت مستان
ڪُهيندي
لوڪ لکين لاچار ٿي لُهندي، مڙڻ مشتاقان
مول نه ڪار
3- سيف سَريجن آبرو سُهندي، ڪست محبت مستان
ڪُهندي
لوڪ لکين لاچار ٿي لَهندي، مڙڻ مشتاقان
مول نه ڪار
4- ناظم لک منظور هڪوئي، مسجد مندر ساجن سوئي
”قادر بخش“ قريب ڏٺوئي، حسن ازل هر جا
اظهار
[1332]
دل لُٽي نازڪ چئنچل، گهٽ دام زلف دا ول ول
1- نال چشم ڪري ڪِيس ڪجلي
سُرخي لال لبان تي تجلي
چِٽي ڏندڙي چمڪن بجلي
چا مَن موه ڳئي کس کل کل
2- ابرو سيف سياه سنهري
عالي تاب گهاوي دل گهري
فوج ايران قنڌار تي قهري
چا ناز ديان چَليان ال ڇل
3- مانگهه ڏوهين موڙ ڪنڍڙي ڪالي
سَپ نِي مارن سانگ نرالي
دک درد گهتن دوالي
جهٽ جهٽيان ڏيون پلپل
4- حسن والي هس دلڙي کسدي
مهر ڀر بي من ميڏي وسدي
”قادر بخش“ دي نال آ رسدي
جيوين باغ بهار تي بلڪل
[1333]
لٽي دلڙي اسا ڏي واليان والِي، ناز نيڻان دي نالِي
1- چولا پِيلا سِر تي چِيرا
ڪَنان ٻُنڌي دُر هِيرا
رخ روشن مک بدر منيرا
چلدا عجب والِي چالِي
2- بينسر بُول لَبان سِر لٽڪي
هوش عاشق دا هردم هٽڪي
مُشڪ ڇتي سر مونڍيان مٽڪي
گهتدا ڪمند ڪمالِي
3- ڇلڙي ڇم ڇم ميناڪاري
سبز سفيد سرخ گلزاري
حسرت حول ٿيا ڪوٽ ڪاپاري
خوف قيام پيمالِي
4- نم نسم چاه زنخ غب غب دي
ڪؤثر زمزم رحمت رب دي
خال سيہ سگمان دي کيڏ عجب دي
”قادر بخش“ نهالِي
[1334]
عشق تساڏي تانگهان لايان، جيءَ جگر سب جلدا هي
1- جيءَ مئن ڪُڇدي مچدا جهيڙا
مچسي جهيڙا سڻسي کيڙا
آسِي اويڙا پيش نکيڙا
نيهه نشانا جهلدا هي
2- دلڙي ديدان وچ اڳ اڙڳئي
رمز رانجهو دي رڳ رڳ وڙڳئي
لڳ باه بري دي جهڳمڳ جهڙ ڳئي
جيوين سونُ سُهاڳي ڳلدا هي
3- ڀاڻِي مئنون منجهيان ڀاڻِي
جنّت جهوڪ رانجهو دِي ٿاڻِي
محل ٻاٻل وچ رنگ رَلاڻِي
روح نه هرگز رَلدا هي
4- لُڪ لُڪ لوڪان مئن گهر آوين
مئن گهر آوين اکڻ سهاوين
”قادربخش“ نون چا ڳل لاوين
عاشق روز ازل دا هي
[1335]
ڪيون ماهي ڪرين مُنهن موڙ
مئن نوڪر هان تيڏي ناز دا
1- سڄڻ سوا تيڏي دانهن نه سجهدي
ڪيوين وڃان ڳلي ڇوڙ
ڳل دام هِي زلف دراز دا
2- هڪڙي دلڙي درد هزارين
ڏينهان ڏينهن ڏک ڏور
نوين نخري ناز غماز دا
3- ڪِيتِي شڪار دِي ڪرڪي شتونا
ديدان لڙديان دوڙ
ڏي تاب شاهي شهباز دا
4- نال ”قادربخش“ دي ڪهڙي پيڙئي
لاڏ گهونگهٽ دي لوڙ
ڏي حال سڀو اِهين راز دا
[1336]
ڪِيئون يار نه آؤندئين ساڏي گهٽي گهٽي
تيڏا ماڻ مشتاقان
نون مار دا
1- يار ياران نال ياري لاڪِي
منهن نه وڃ تون مٽي مٽي
ڪيا غصا ٻانهي سردار
2- ڳالهه سانون ڏس حال اهين دي
ڪيوين تيڏي دل هٽي هٽي
اِهو خيال پِيُئي ڪنهين خار دا
3- ڪات ڪاوڙ دا ڪڍڪي ماريئي
دلڙي درد دي ڦٽي ڦٽي
ٿيا جيوڻ جدا لاچار دا
4- ”قادربخش“ ڪُون قدم پَري ري
سڄڻ وڃ نا سَٽي سَٽي
ڪر ترس قديمي يار دا
پيرل فقير ڦلپوٽو
پيرل فقير ڦلپوٽو، ڳوٺ ڏانورو تعلقي خيرپور جو ويٺل هو.
مجازي عشق جي چوٽ لڳس ۽ پنهنجي دل جي حال کي قافين
۾ اظهار ڪيائين. سندس قافيون 1880ع ۾ قلمبند ٿيل
هڪ بياض ۽ 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي
ڪتابڙن ۾ شامل آهن، يعني ته پيرل ان وقت حال حيات
هو. سندس 16 قافيون نظر مان گذريون.
[1337]
عاشق ڪن الله، راتيون ڏينهان رڙندا وي
1- جوڳين پنهنجي جُوءِ سڃاتي
غم انهي ۾ ويا هنگلاتي
پورب ڪن پساه، پر پنهنجي ۾ پڙهندا ويا
2- دونهان دل تي دود دکائن
سامي سِڪ جون باهيون ٻارن
محبت جا آراه، پاڻ انهي ۾ پچندا ويا
3- شوق محبت جون ڇيران ٻڌائون
ٻهڳڻ سان وڃي لائون لڌائون
عشاقن آگاه، نانگا اُهي نچندا ويا
4- سامين سندرا ڇڪي ٻڌائون
جان جگر سان ونگي وڌائون
رڙهي ڳڌائون راه، پنڌ اُهي پڇندا ويا
5- تانگهه ٻڌي سي تو ڪل
سمجهه رکي سي سُرت سچاري
اهڙو ئي ارواح، ”پيرل“ شاهي پسندا ويا
[1338]
ڏاڍو بار جدائيءَ جو ڪير کڻي
ڏکي ڏينهڙا گذاريو ڳڻيو پئي ڳڻي
1- ليليٰ مجنون لڳا ڪنهن لاري
مٿان فرهاد ڏونگر ٿو ڏاري
گازڙي بيٺا گرز گهڙي
2- سير ڪرڻ جو ڪيائون سعيو
روح پنهنجي جو هونِ ڪو رايو
حرڪت رسي او هڪڙي ڪڻي
3- پرين ”پيرل“ سان پائي وڃ جهاتي
ڪُهي وڏيس تنهنجي قرب جي ڪاتي
واء وطن جي نٿي جي وڻي
[1339]
اکين کي عادتون آهن، لڪي لڪي لِيَڙو پائن
1- جاٿي نِشان وڃيو رکجي، چٽڻ چاهي اڳيون رکجي
اهڙي لالچ نٿي رکجي، اهڙي خوراڪ ٿيون
کائنِ
2- جاٿي اکڙين ٻڌو آرو، لڳائين نينهن سندو
نعرو
جلائين جيءَ جسم سارو، لکين لکين گهوٽ
ٿيون گهائِن
3- چڙهي جئن باز جا بوري، کسي دلڙي ڪيئون زوري
لڳي ٿن لؤ لؤن ۾ لوري، سوين سوين لوڇ ٿيون
لائِن
4- رسن پرچن پاڻهي ”پيرل“، نه ٿيون ڏين ٻئي
ڪنهن کي ڪل
اٿن اها اصل کان اٽڪل، ڏاڍا وري پيچ ٿيون
پائِن
[1340]
گهڻا وڃي ڏينهڙا لاتئي، پرين پرديس ۾ ڇاکؤن
1- هلي ڏس حال هيڪر، ترس توکي پوي جيڪر
ڪيا گم شاهه کوٽا کر، ڦٽي هنئڙو ٿيون
ڦاڪون
2- ڪيون واعدا ورڻ جا وئين، پرين پرديس وڃي
خوش ٿئين
پنهل پنهنجي ديس تي موٽين، مٽي منهڙو وئين
ماکؤن
3- ”پيرل“ مون وٽ پرين ايندو، سڀاڳو ڏينهن شل
ٿيندو
مبارڪ ڏيهه مون ڏيندو، ٿيا سولا سوڻ
ڪالهاڪون
[1341]
پکي پاڻ پڃري ڪهڙا ٻول ٻولي
منجهون ذوق ذاتي ڏسج نيڻ کولي
1- اهڙو عشق آهي آتش ٿو مچائي
بيهي پاڻ پنهنجو پتنگ جان پچائي
رکي سر جو نه سانگو ڳجهي ڳالهه ڳولي
2- پکي آ پرائو گهڙي دم گذر ۾
پوندو سانگ سرتيون سانگي کي سفر ۾
لکيو منجهه پيشاني مٿئون موت ٻولي
3- پرچي ”پيرل“ چئي وٺو راه رب جو
هلڻ نيٺ حق آهي الله ڏي سڀ جو
هالاڻو هيڻيءَ جو ڪجناءِ وقت سولي
[1342]
مٺا مارو الائي ڇو، سکيا سانگي اسان کؤن ڇو
مَٽِي مُنهَڙو رهيا
ويهي
1- قضا هِت قيد قسمت ڪيس، مِٺن مارن کؤن وڇڙي ويس
پڇايان روز ڏوٿين ڏس، تنهين دلڙي سنڀاري
ٿي
2- قضا جي قلم جون ڳالهيون، سڙيءَ قسمت سڀئي
پاليون
جدائي جا ڏينهڙا جاليون، ڪڏهن وينديس پکي
پيهي
3- لوئي هيءَ لال ٿيم، ليڙان، جهڄي هينئڙو ٿيم
جهيران
سوين تان سُور ڏين پِيڙان، تنهين جي ڪَل
پڇو ڪيهي
4- چوي ”پيرل“ اسان پِريَن، وسارڻ هو نه واجب
تن
اسان کي سِڪ سدا سندين، انهن جي رمز دل
رِيهِي
[1343]
منهنجي ماروئڙن جي ملڪ تي، سُونهن سدائين ساوليون
1- بيڏوهيون هن بند ۾، ڪنهن جُهڻڪ سان جِهڻڪي جهليون
ڪو ڏينهن قضا جي ڪوٽ ۾، پنهنجي وطن
وينديون هليون
2- مُنجهه ۾ مُونجهيون مرن، سرتين سوا سُورن
سليون
ابتر گذارڻ ٿيو انهن، جي پکڙن جي هيٺان
پليون
3- اُٺڙا مينہ ملير تي، تازيون ٿيون تيناهُون
تَليون
ڏاتر ڏيکاريندو مون کي پنهنجي وطن جون
سايون وليون
4- پرديس تي ”پيرل“ چوي، باندياڻيون ڪيئن چئجن
ڀليون
جڏهن راضپي سان رخصت ملين تڏهن راڄ پنهنجي
سان رَليون
[1344]
جال ڀري جام، پِيَئُون آبُ - حيات
1- لاتِيسِي لولاڪ ۾ ’لا‘ سندي ڪاتي
’مان‘ کي ماري مان پروڙيون، آهيون گهر
هِڪي ڀاتي
2- لنگهي ڪُنَ ڪاپار مؤن، پِياسِي منجهه
ظلماتي
نفيءَ ۾ نابود ٿي، ٿيءَ صاحب صفائي
3- ڪاف ڪشالا معاف ٿيا، ويا وچ وچور وچاتِي
پَسِي پنهنجو پاڻ ڏٺوسِي، قرب ٿيو قرباتي
4- ”پيرل“ سارو پاڻ آه، جڏنہ مان مام سڃاتي
تصوير اندر نور ذاتي، جان پايان جهاتي
[1345]
ٿيان قربان اڄ ايندو، پرين جي پار جو پانڌي
1- سڪايل کي سوين سانگا، طرف انهيءَ جون ڪيان تانگها
ڪروڙين مان پئي اڏايان ڪانگا، خبر خوش خير
جي آندي
2- مُدت کان پوءِ مٺي جاني، ڪئي آهي محب
مهرباني
مُڪي آهي نازڪ نيشاني، شڪر ٿيو ميان ڀلي
ٿي باندي
3- چوي ”پيرل“ پانڌي آيو، مُڪو سڄڻن ڪري سعيو
پنم منهنجي روح جو رايو، اچي مل ٿي مري
ماندي
[1346]
عمر ادا مارن جي ماري ٿي جدائي
ڪيو ڪونه هاڻي نه ڪو حال ڀائي
1- عمر ڪر نه ڪارو، سانگين کي تون سارو
نڪو چنڊ نه تارو، اندر ٿي اونداهي
2- ويڙهيچا وسن ۾، هيءَ باندياڻي بکن ۾
مان ڏهاڳڻ ڏکن ۾، ٻي خوش آهي خدائي
3- ”پيرل“ پاڻ ايندا، وٺي نال نيندا
ڇني نا ڇڏيندا، ماري ٿي مونجهائِي
[1347]
محبن لاءِ آهيان ماندي، ساعت ڪين سري ڙي سري
1- سڄڻ اوهان جي سِڪ ۾ سِڪان ٿي
خط پروانا روز لکان ٿي
ڳوڙهن ڳاٽ ڀري ڙي ڀري
2- جانب جيئري پائي وڃ جهاتي
بيوس دلڙي منهنجي ڦاٿي
آيس منجهه آري ڙي آري
3- عشق ”پيرل“ کي ننڍڙي لاڪون
آڻي فراقون ڦٽ ڪيا ڦاڪون
ماريس ذوق ذري ڙي ذري
[1348]
اَلهه آڻيندوءِ اڱڻ اسان جي
حال جا محرم سوڍل سياڻا
1- جهونيون ڏٺيم تنهنجون جانب جايون
جيڪي هٿن سان تو ٿي ٺاهيون
اچي ته ڏٺم تنهنجا پلنگ پراڻا
2- ڪانه جوڪيوَ مون ان الله ٻيلي
جندڙي ڇڏي ويا منهنجي اڪيلي
انهن ڏکن مان آءٌ ڇا ڄاڻا
3- سوَن طبيبن سُتيون سنڀرايون
حال مئيءَ جو ڏسي وڃن ورايُون
دونهان درد جا ڪين اُجهاڻا
4- پرين ”پيرل“ کي ويهه نه وساري
جيئري جانب وڄ مُنهڙو ڏيکاري
تو لئي روئن ٿا منهنجا نيڻ نماڻا
[1349]
خوش ٿو گذارين منهنجا مِٺا، عاشق تنهنجو آ عذاب ۾
1- ٻن پيو جدائيءَ جو جِيّڻ، تنهن کان زهر جو پيالو پِيڻَ
پنهنجي يار کؤن دم ڌار ٿيڻ، لکيو ڪهڙي آ
ڪتاب ۾
2- ليئڙو پاتئي لوڪؤن لڪي، مون عمر گذاري ساري
سِڪي
تقدير رب ڏينهون ايئن لِکي، آهي بندي جي باب ۾
3- جن کي لڳي جيءَ ۾ جَڙي، سِڪ سوز ۾ ويڙا سڙي
جيئري مِلين جيڪر وري، نه ته منجهڙو
ڏيکارج خواب ۾
4- ”پيرل“ چوي پڪ ڄاڻ تون، ڏک جا گذاريا ڏينهن
مون
سرڪار رب جي روبرو، هرڪو ايندو ته حساب ۾
فقير احمد علي ابڙو
فقير احمد علي جا وڏا اصل شڪارپور ۾ ويٺل هئا، پر زماني
جي گردش سبب سندس خاندان ڪڏهن روهڙي ۾ رهيو ته
ڪڏهن گهوٽڪي ۾. سندس ولادت 1869ع ۾ ٿي ۽ 1917ع ۾
وفات ڪيائين. سنڌي ماستر هو. آخر عمر ۾ پير ڳوٺ ۾
هيڊ ماستر هو، جتي غريب الوطن ٿي وفات ڪيائين. سنه
1909ع ۾ درازي درويش سخي قبول محمد جو مريد ٿيو.
سنڌي ۽ فارسي ۾ شعر چيائين. سندس 5 قافيون نظر مان
گذريون.
[1350]
لئون يار لائي دل لٽي، عجب سهڻي جي سينگار سان
1- چشما چائن، مزگان مارن، چست رين دل چٽي
دلبر هڪڙي ديدار
سان
2- عشق منجهارؤن آءٌ ڇا ڄاڻان، محبت لائي هئي
مٺي
پيڙس ڪم آزار سان
3- عشق الستي برسر ساٿي، بوند بره جي اُٺي
عجب ميگهه ملهار
سان
4- ”احمد علي“ چئي تن پرين ڏنهن، محبت مور نه
مَٽي
اٿم سچي دل يار
سان
[1351]
ڪيچي ڪري ويا پنهنجي پڄاڻي
ڌاري سَٽي ويا عيبن هاڻي
1- ڀينرن ڀنڀور کان بس آءِ منهنجي
ڪاڻ برادر خويش نه ڪنهن جي
جبل جهاڳي ڏسان شال آرياڻي
2- نال نه نيائون هن ننڌر کي
چوري چاڙهي ويا وٺي منهنجي ور کي
ڇاکؤن ڇڏي ويا ڄاڻي کٽياڻي
3- ڏاگهن ڏيرن ڏاڍ ڪيو مون
ڪُڻڪيا ڪين ڪُٺا نه ڪُڇائون
مام سمجهي ويا ڄاڻ سُڃاڻي
4- ”احمد علي“ نور علي پڻ
شاه دريازي سوال سخي سُڻ
جُوءِ جتن جي ڏيکارج ڄاڻا
[1352]
ڪڏهن ملندين ڍولڻ يار، سُڌ ناهي يَر ڇا حياتي الا
1- آءٌ آياڻي نوي نينہ نه ڄاڻان الا، عشق عجب اسرار
ڪَل نه آهي ڪيئن دل ڦاٿي الا
2- لاهي حباب نوي ديک تماشا الا، دردونديءَ جو ديدار
تو ڪئين مُنهن تي چادر پاتي الا
3- آءَ جاني نوي يار پيارا الا، نين سِڪن ساري ڄمار
در در ٿي پاتم جهاتي الا
4- ”احمد علي“ وي ميٽ مدايون اِلا، بخشين تون بخشڻهار
خواندا هي بت خاطي الا
[1353]
واه بهار عجب رنگ لايو، ٻهڪن چمن چوڌاري
1- باغ بهاريان وڻ ٽڻ موريا، سبز صحن چوڌاري
گل ڦل ٽڙيا خوب بسنتي، هر هنڌ ٿي هٻڪاري
2- جهولن جهمڪن گلڙا گهڻيئي خيرو کٽڻهاري
موتيو چنبيلي مگرو واه واه، ٽنگر ٽمڪي
ٽاري
3- گل گلاب انگوري ڪيتڪ، زعفران خوب بهاري
ڪونو واه بنفشو ڀائين، عشق پيچ اناري
4- پٽ پهري ٿيا سبز لباسي، گاهن ڪئي گلزاري
ڇهيو چل ڳنڍيري سائَون، ڀَتر ڇپر چوڌاري
5- کيٽ پڪا چوڌاري آڀون، جهار ٻوڙي جهلڪاري
کنيون کانڀاڻي هڻن گليلا، هڪ ڪيو ٿا هاري
فقير محمد صالح
فقير محمد صالح ولد غازي ڪلهوڙي جون قافيون ”گلزار عشق
قافيون ۽ دردن جو داستان“ جي نالي سان 1918ع ۾
ڇپيون. يعني ته محمد صالح ان وقت حال حيات هو.
”گلزار عشق“ ۾ سندس 42 قافيون نظر مان گذريون.
[1354]
روپ سورٺ
ڪيا عشق هاڃا هاغام، دردن جا هي دام نوان
1- ’لولاک لما‘ سڻ تون ميان، لڳيس تنهنجي لام
ڄائي
ٿيان ڄام اوهان
2- ’فاذکروني اذڪر ڪم‘ ڪيا واعدا وريام
اهي
پيغام چوان
3- ’موتوا قبل‘ مرين جي تون، ڪر ڦٽي هي ڪام
ننڊ آرام
چوان
4- ’قالوا بليٰ‘ ڪيئي واعدو، پاڙج تون پيغام
جيڪي
انجام چوان
5- ’ڪل نفسِ‘ صحيح ڏس تون، هي ”صالح“ آ سام
صدقي صبح
شام چوان
[1355]
روپ بروو
جيڪي عشق آزاريو سي جوش منجهه جلن
هيڻو تن جو حال ڏسي سي راتيون ڏينهن رڙن
1- عمر ساري سوز ۾ سو جهوريءَ منجهه جهِڄن
هٿ کنيو هوت لئي سي لالڻ ريءَ لڇن
2- مرن ڪين محبوب ري، توڙي ڪاتيءَ ساڻ ڪُسن
وسامن ڪين محبوب ري، توڙي محبت مچ ٻرن
3- ڏيئي ڏک ڏکيءَ کي ڇڏي ويا ڇپرن
درد دود دل ۾ ٿا اولانبا اچن
4- عضوا سڀ اندوه ۾ ٿا ڏکن منجهه ڏکن
قضا منجهه تقدير جي آيس منجهه ڪنن
5- ’العشق نار‘ پڇو کان پتنگن
صبر ڪين سهي سگهان، جو پرين ويو پرديسن
6- ”صالح“ تون سدا ره جيڪا مرضي مالڪن
بيسر من بار ڪيو، ڪٺس منجهه قربن
[1356]
روپ بنس
سڪ ساهڙ جي هيئڙي ڀرپور
گهايل دلڙي هٿ ڪيئن گهاري
1- اڌ رات اٿي دريء لنگهي، سيارو گهڻو پيو سيءَ ڏنگي
سرس ٿئڙس سور، ور پنهنجو وهي ڪيئن وساري
2- ڀيرو ميهر ڏونہ ڪين ڀڃي ٿي، ڪاهن مؤن ڪاهيو
وڃي ٿي
3- ننڊ ڦٽايون وڃي نار نماڻي، پائيندڙ گهڻو
ٻيو سير سيباڻي
عشق ڪئڙس مهجور، پرين پنهنجي کي ٿي پلپل
پڪاري
4- عش ڪيا ڪي سلطان سپاهي، واٽ مسافر ماري ٿو
راهي
ايڏا ڪيائين ڪيس ڪلور، جو سوز مؤن ٿو
”صالح“ سنڀاري
حاجي ميوو جتوئي
حاجي ميوو جتوئي، ضلعي دادو جي ملڪاڻين ويجهو ڳوٺ چنراٺ
جو رهاڪو هو. جوانيءَ ۾ پهلوان مڙس هو. پر پوءِ
عشق الاهي ويراڳ ڏئي ڇڏيس. عبادت سان گڏ راڳ جي
مجلس ۾ پڻ مست ٿي ويندو هو. هڪ سؤ ورهين جي ڄمار ۾
1920ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس 3 قافيون نظر مان
گذريون.
[1357]
آءُ منهنجا پنهل اوتاري، هي گوندر ڏينہ ٿي گذاري
1- ٻَڌي سورن سندرو، هيءَ ٻانڀڻ ٿي ٻاڪاري
2- ڪڍيو پيار پنهل لئي، اُڀيو هيءَ اوساري
3- اڳي روز الست کان لڳيس تنهنجي لاري
4- مانديءَ تي ”ميوو“ چئي، ورنہ ايندو واڳ
واري
[1358]
روح ريجهايم ريهي رونق، مورت ملت واري مام ۾ آيو
1- نينهن نماڻا ڪيا سي پاڻ، هئڻ وڃايم حسن جي حق
2- بره بيماري شب روز رڳن ۾، دکيل سئا ڌمڪار ڌمڪ
3- منهڙو ڏيکاري مجذوب ڪيائين، لعلن جا اهي لک
لائق
4- باب بره جو اوهان پڙهيو نه ڪوئي، ڀينر لاهيو
اها بڪ بڪ
5- ”سبحان الغني المعجز“، وصل وارو لڌم ورق
6- ”فاذڪروني اذڪرڪم“، سِڪڻ سيکاريم سرتيون سبق
7- ”ميوي“ مشتقي ڏي سڪ ساقي، سيدار تنهنجي جو اٿم
درڪ
(ج) وريل فقير ابڙو ۽ سندس صحبتي شاعر
وريل فقير ابڙو
وريل فقير ابڙو ويٺل لڳ ٻيڙو چانڊيو، ضلعو لاڙڪاڻو،
الله ڏني فقير جهَل مگسي واري جو طالب هو، جيڪو
وري قلندر شاه ’ڪَڇي ڌڻي‘ (ضلعو ڪَڇي، بلوچستان)
جو طالب هو. قلندر شاهه طريقت ۾ سلطان باهو جي
سلسلي جو طالب هو. وريل فقير ابڙي جو طالب قلندر
شاهه وڳڻائي ٿيو، جنهن جو طالب قادر بخش عرف غمدل
فقير دايو هو. وريل فقير سنه 1918ع ۾ وفات ڪئي.
[1359]
ڀنڀا سندن وار، ڀِرُن تي بونئر ڀلن ٿا
1- ظالم زلف زوراور زنکي، ڪن ٿا قتل قهار
2- مزگن ماري ملڪ منايا، پيا ڏيهن ۾ ڏهڪار
3- لائن لال لبن سر لالي، گوهر ڪن گفتار
4- ”وريل“ راز انهيءَ ۾ راول، سوليءَ تي سردار
[1360]
لکين لوڪ تن کي چريو ڇو نه چوندو
جڏهن ميان جني تي بره بار ايندو
1- بره جي بهاري سدا سوڀ واري
اصل آ اختياري، وڍي سرڙو ڏيندو
2- پرت جو پيالو، پياريائون نرالو
ٿيو من متوالو، سِڪ سان سڏيندو
3- پيالو پڇاڻي، ڪو سالڪ سڃاڻي
الله ڄاڻ ڄاڻي، آڏيءَ سر اَٽيندو
4- خودي خود خدائي، جوشون جان جائي
”وريل“ هي واڌائي، سچن کي سو ڏيندو
[1361]
جتن جون جبل ۾ آهن جام جهوڪان
موٽڻ کؤن مهانگيون پنهن جون پلهوڪان
1- ڏکيءَ ڏير ڪيڙا وَتيون هوت ويئڙا
پلئه مئيءَ جي پيڙا، اهڙا ويڻ لوڪان
2- کٿوريون ٿا کائن، ڪنهن کي ڪين ٻڌائن
ورهه ٿيون وسائن، پڪيون پاڪ پوکان
3- ڏکن ۽ سورن جي ڪريان ڳالهه ڪهڙي
وهن واهه واهيون، لڳن عام موڪان
4- گهمڻ لئي گهمان منهنجو سڪ سير وڃايو
”وريل“ وس نه آهي، نيون نينهن جون نوڪان
[1362]
نڪا مومل نڪو ماڻو، ڄاڻ اوهين اهو ڄاڻو
1- ناڪا ناتر نڪو نجهرو، نڪا ٽهڻ نڪو ٽڪاڻو
2- نڪا ڪاوڙ نڪو ڪڙڪو، نڪو رنج نڪو رساڻو
3- احمد گڏيو آهي مون سان، اهو راڻل جو اوراڻو
4- ”ورايل“ نالو نفي ٿيڙو، صُوفي سخن سڃاڻو
[1363]
سردار حسُن سرڪار الا
ڪوڙين ٿي ٿيا قربان بادشاه بالا
1- رکي جوڙ جنسار ڪري جنگ جاري
ٻڌي شاهه شملا کٽي سوڀ ساري
ڪيو هوش حيران ڪڍي تال تالا
2- پسي حُسن جي جوت حيرت ۾ آيا
پنهنجي هٿين پاڻ تنهي لحم لايا
سُري سيج ڀانئي ڪَيُون نيشان نالا
3- مجني جيها مير چولا ڪيئين چير
ڪري ڏيل ڏکيا رکيائون سِير
پيتائون زور زهر ڀري پُر پيالا
4- ”وريل“ حُسن هڪ همراه گهرجي
بنا حُسن جي ٻيو ڪونه سُجهي
ڪري راز رحمت ڪامل ڪمالا
[1364]
جَت زوراور ذات، ويا اُٿي آڌيءَ رات
ٻولي سندن سهڻي، لطيفائي لات
1- مَيا مهاريون، هيڪل هونگاريون
سرها سينگاريون، توڏي سندن تات
2- سنجهي ساٿ کنيون، مهري ماٺ ڪيون
چريا چپ چَيُون هليا چپ چپات
3- ڏاجي ۾ ڏونگر، مليو اٿم ڇپر
کنيو سور سمر، هوءِ ڪيان هيهات
4- روئان رند کڻان، هوتن لاءِ هڻان
”وريل“ سڏ سڻان، برهه وٺي برسات
[1365]
ڪتڻ وارن جي اڳيان، آءٌ ڪيهو ڪنڌ کڻان
1- ڪاڪيون ڪتڻ نه اُڄهي، پَها پٽ هڻان
2- اَيٽ اُکيڙيم جن لئي، تن جوڳين جوڳ گهڻا
3- گلا گودڙين جي، چايو سر چڻان
4- ”وريل“ نيزي نينهن جي گهايا گهوٽ گهڻا
قلندر شاهه وڳڻائي
قلندر شاهه، ڳوٺ وڳڻ ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو ۽ وريل
فقير ابڙي جو طالب هو. سندس هيٺيون 4 قافيون نظر
مان گذريون.
[1366]
عشق سندي آزار، ويهڻ بيهڻ آرام وڃايو
1- پير مغان ڏنو پيالو، لهي ويو سڀ ڪشالو
هُو دم، هي دم حال هُشيار، هادي مون کي حق
سمجهايو
2- ڪوه طبيب ٿا مون وٽ آڻيو، موج انهيءَ جو
مزو نٿا ماڻيو
وڃي وهم ويچار، هادي مون کي حق سمجهايو
3- وايون ويون آهن سڀئي وسري، عرض صوفي جي
اڳيؤن آ نِسري
پير مغان جي پچار، سوريءَ آڻي سِرُ سهايو
4- عبديت جو لاهي اولر، دوئيءَ وارو ڀڃي ڀولو
احد ڪري اظهار، ”شاهه قلندر“ نام سڏايو
[1367]
وڃڻا جهوڪ ضرور ميڏي دا ٿيا يار ڪني
تنوار سُنيجي ٿي رانجهي دي وو
1- جيڏيون ني جانب يار سڄڻ جي، چيٽڪ ڪيڙس چُور
2- ڪر ڪِي سَرندي سانول سائين، ماريو ڪين
معذور
3- سانڀريا نِي وو سڀ پَرين، وسريم هڏ نه مور
4- مَڪي دي راهؤن ڇٽڪن حاجي، رهن سي شہ دي
حضور
[1368]
سائين وي تيڏي عشق ڍُونڍائِي، ني سانول ٻِلِي
1- باغ چُوچڪ دامئنون جُهنڊ جهنگل دي
ڪانهن رانجهن دي مئنون ڪِيلِي
2- پهاڙ ماهي دا مئنون پلنگ پَٿاري
طول کيڙي دي مئنون سِيلِي
3- عاشق هــاٿي معشوق مهابــت
جيوين ڀاوين تِيوين ڀِيلِي
4- آبر آکِين دي آءِ ڪي ڇٽڪي
روز وهن رت ريِلِي
5- آکي ”قلندر“ نال آسا ڏي
رب تُسان نون هُڻ مِيلِي
[1369]
مئن مئن گهلڻ ڪيتي پيارا، مئن مئن صدقي ڪيتي
1- جنهن آپون آپ صحيح رب ڪيتا، تنهن تنهن بازي نيتي
2- بن پياري دي کيڏڻ چوکا، جنهن هاري تنهن
جيتي
3- اندر ٻاهر تون ئي وسدا، ڪس نون غير پليتي
4- ”قلندر شاهه“ لام لڳا وچ دامن تيڏي بستي
قادر بخش ”غمدل“
قادر بخش دايو اصل گهوٽڪي طرف جو ويٺل هو. قلندر شاهه
وڳڻائي جو طالب ٿيو. ”غمدل“ تخلص اختيار ڪيائين ۽
ڪلام چيائين، جن مان گهڻا مشهور ٿيا ۽ فقيرن ڳايا.
آخر ۾ شهر رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سڪونت اختيار
ڪيائين ۽ اتي ئي سنه 1392هجري ۾ وفات ڪيائين.
[1/1369]
ميڏا يار سوداگر سِر دا، پا سور باسارين ڦِردا
1- هٿ اپڻي ڪات ڌريندا، هوڪا هر هنڌ ڏيندا
عاشق ڪُون ته ٻوليندا، سِر ڏي ته پِڇي سِر
گهردا
2- ميڏي اڱڻ آيا دل جاني، ڏونهين نين ڪران
نذراني
محبوب دي هي مهماني، اهو قوت ڪباب جگر دا
3- وچ ديد دي ديد رَلايس، ميڏا دم پرواز ڪرايس
بت باقي ڀسم بنايس، گهنڊ کول نقاب نظر دا
4- اهو سودا ديد خريدي، سولي شوق دي شرف شهيدي
اسان عيد ڪيتي اضحيٰ دي، مزا مليا ڌار
خنجر دا
5- اهو سهڻل ميڏا ساقي، ”غمدل“ موجود ميثاقي
محبوب ٿيا هي ملاقي، ڀر ڏيندا جام زهر دا
[2/1369]
سِر بار غمان دي آئِي ني
اسان عشق دي سفر سهائِي ني
1- مجروح ڦِران مستانا، تيڏي ديد ڪيا ديوانا
ڳل تار زلف دا ڳانا، خم خم دي پيچ پَوائِي
ني
2- تيڏي هجر ديان تڏڙيان هِيران، ميڏي مَن ڪون
ڀاوَن مِيران
مئن درد فراق فقيران، تيڏي چشمان چاڪ
چڪائِي نِي
3- ساول وسريا ويس وطن دا، پيا جالڻ بن جوڀن
دا
مئن چولا چير بدن دا، تيڏي سانگي سانگ
بنائِي نِي
4- سِنڌيان سِنڌيان ڌڙيان ڌاون، لب لعل تي
سرخي لاوَن
وچ ڪُنڊيا دي ڪجلا پاوَن، جملي جنسار
جلائِي نِي
5- اهي ازلئون اکيان اڙيان، سي ته مور نه
”غمدل“ مڙيان
لا چوٽان چت تي چڙهيان، لک عاشق مار
گنوائِي نِي
[3/1369]
دل وحدت دا ويساه به آ، حرمين تين بيت الله به آ
اهو مظهر صورت حضرت انسان، اول ڪتاب الله به آ
1- دل روشن عين آئينا ڀي، دل محرم راز معينا ڀي
دل عرش خدا آستينا ڀي، دل در سينا درگاه
به آ
2- دل دفتر علم دقيقي دا، دل خانا حرم حقيقي
دا
دل آفتاب اي تاريڪي دا، دل اسرارؤن آگاهه
به آ
3- دل عاشق تين محبوب سدا، دل طالب تين مطلوب
سدا
دل درد خزانا خوف سدا، دل عشق بره آڙاه به
آ
4- دل مندر ميخانا جي، دل تڪيا تيرٿ جانان جي
دل پوڄا پريم ٽڪانا جي، دل ’واه گرو جي‘
واه به آ
5- دل هجر فراق وصال ڪڏان، دل ”غمدل“ حسرت
حال ڪڏان
دل جذب جلال جمال ڪڏان، دل وجہ الله ويساه
به آ
[4/1369]
هوتن ڏي هنگلاج هلڻ جون پورب منجهه پچاران
پون ٿيون عرش
پڪاران
1- سامي هلي اسنڀري ستگر ڏي لاهي لوڪ مياران
سڱيون سنڱ وڄائي ڪن ٿا گاروڙي گجڪاران
2- ڪنڍل ڪنٺ ڪڙولا ڪڙيون ڪنگڻ جون قطاران
جوڙي جٽائون جوڳ جڳٽ جون جوڳي ڪن جنساران
3- وي ويراڳي ونجهليون وڄائي، تڪين منجهه
تنواران
هوڪا هُل هنگام هنيون ويا هُو هُو جون
هونگاران
4- سِرڪٽ ڪونڌ ڪسڻ جا ڪو ڏيا، ڪات نه ڪڍن
ڪپاران
وري وري وڍجن واڍوڙيا، وڍيل واران واران
5- طالب تپسيي تلڪ لڳائي بن ۾ باغ بهاران
واس وٺن وڃي واسينگن جا گروڙي گُر گرناران
6- گوني گيان گگن جو ”غمدل“ غازي ڪن گفتاران
خاڪ لڱين سِر سيلهيون سناسين، اکڙيون
ميگهه ملاران
[5/1369]
تنهنجي حسن سندا ڪيئي بردا بشر
لک حور پري ملڪ ديو دشر
1- الماس آفــاقــي لــرزن ٿــا
جهٽ جهٽ جهلڪن جهمڪن ٿا
تنهنجو تاب ڏسي هو تڙڦن ٿا
صد سورج ستارا ڪتيون قمر
2- يـاقــوت عــقيق زمــرد زرد
سرمند بدخشان گوهر گرد
مرجان و ڪهربان ريحان کــي رد
تشبيہ مثل ٿيا تمّ تصور
3- مٽ مطلق ناه مثال تنهنجو
ڪل مظهر حسن ڪمال تنهنجو
جُــز يوسف کــي آ جمال تنهنجو
سينا طور سڙي ٿيو پرزا پٿر
*
تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪليات خادم“، لطف الله بدوي،
سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع
[1297] ۽
[1298] ”ڪليات
خادم“ تان ورتل.
[1299] کان
[1300] هريسنگ
جي 1907ع ۾ ڇپايل قافين جي ڪتاب تان ورتل.
[1301] کان
[1303] پوڪرداس
جي 1906ع ۾ (ٻيو ڇاپو) ڇپايل قافين جي ڪتاب
تان ورتل
[1306] تعلقي
روهڙي مان محمد حسن مشتاق کان مليل.
[1307] ڳوٺ
مبارڪ جروار تعلقو ٽنڊو الهار مان الهه بچائي
جروار کان مليل
[1308] عشق
جو پيالو، ڇپايل ميشرس ويڙهومل کٽڻ مل، بڪ
ڊيپو لاڙڪاڻو تان ورتل.
[1309] کان
[1313] تعلقي
واراهه مان غلام رسول جتوئي کان مليل
مرحوم مولوي نور محمد ملڪ عادلپوري جي بياض
تان 3- اپريل 1965 تي ڊاڪٽر بلوچ جون اُتاريل
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل، جنهن
مرحوم مولوي نور محمد مَلڪ عادلپوري جي بياض
تان 3- اپريل 1965ع تي قلمبند ڪيو
[1320]
مرحوم مولوي نور محمد مَلڪ عادلپوري (تعلقو
ميرپور ماٿيلو) جي بياض 1334هه/1915ع ڌاري
لکيل تان ورتل.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل، جيڪو 17
سيپٽمبر 1969ع تي ڳوٺ محراب پور جمالي (تعلقي
اوسته محمد) ۾ مير شاهنواز شاهلياڻي وٽ ڪيل
ڪچهري ۾ قلمبند ڪيو ويو
هڪ روايت موجب پيرل فقير ڳوٺ آٽِيرِي تعلقي
خيرپور جو ويٺل هو ۽ خيرپور ۾ جادو شاه جي
مقام ۾ مدفون آهي
[1337] خوشرام
فقير سودائي جي 1297هه/1880ع ۾ لکيل بياض تان
ورتل.
مير فتح خان ٽالپر (فتح محمد خان) ٽنڊي محمد
خان واري جي لکايل بياض سال 1914ع تان ورتل
[1339] ”نيون
قافيون“ (ڀاڱو پهريون)، ڇپائيندڙ شوالداس،
سکر، آگسٽ 1915ع.
[1340] ”درد
وندن جي دانهن-عاشقن جا آلاپ“ (قافيون نيون)
ڇپايل چوهڙ سنگ ديوان بلند راءِ صاحب، دفعو
ٻيو، آڪٽوبر 1916ع.
[1341] ”عجيب
نيون قافيون“ (ڀاڱو پهريون) ڇپائيندڙ نارائڻ
داس تاراچند سکر، دفعه اول، 1916ع.
[1342] کان
[1347] سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع ڌاري
لکيل قافين جي بياض تان ورتل.
[1348] ”هو
ڏوٿي هو ڏينهن“ (ص 35) سيد حسام الدين شاهه
راشدي.
[1349] ”هو
ڏوٿي هو ڏينهن“، تعلقي ٽنڊي الهيار مان الهه
بچائي جروار ۽ تعلقي روهڙِ مان محمد حسن مشتاق
کان مليل.
[1350] کان
[1353] سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 30-1920ع ڌاري
لکيل قافين جي بياض تان ورتل.
[1354] کان
[1356] ”گلزار
عشق“، ڇپائيندڙ شولداس، شڪارپور، 1918ع ۾ محمد
صالح جون 45 قافيون (جن ۾ 4 غزل)، ٻه مولود،
ست بيت، هڪ سي حرفي ۽ هڪ نظم شامل آهن.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ 1911ع ڌاري لکيل
قافين جي بياض تان ورتل
[1359] ڊاڪٽر
بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.
[1360] ۽
[1361] ”نيون
قافيون“، شوالداس سکر، آگسٽ 1916ع.
[1362] ۽
[1363] سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع ڌاري
لکيل قافين جي بياض تان ورتل.
[1366] ڊاڪٽر
بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.
[1367] مير
حسن علي خان ٽالپر واري قافين جي بياض تان
ورتل.
[1368] ۽
[1369] خيرپور
پبلڪ لائبريري ۾ رکيل قلمي نسخي تان ورتل.
*
سوانح ۽
[1/1369]
کان
[10/1369]
قافيون ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.
|