مهاڳ
سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه
1955ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون رکي وئي، جا
1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي ۽ ان جي عملي
نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
پهريان ٻه سال 1975ع ۽ 1985ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾
صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن ڳوٺن مان
گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل
ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو، ۽ بنده ڪوشش
ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان
ڪچهريون ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلو کي سمجهڻ
۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
انهي سعِي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو
مواد گڏ ٿيو جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر
ڀاڱي بابت نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي.
گڏ ٿيل مواد کي موضوعن جي لحاظ سان چاليهن جلدن ۾ شايع
ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي. ان رٿا موجب هيءُ ”لوڪ
ادب“ جو ويهون ڪتاب آهي، جيڪو مواد جي گهڻائي
سببان ٻن جلدن ۾ شايع ڪرڻو هو، پر قافين جو مواد
باوجود چونڊ ۾ اختصار جي ايتري گهڻو ٿي پيو جو ان
کي ٽن جلدن ۾ مرتب ڪرڻو پيو. پهريون جلد هن کان اڳ
1985 ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
هن ٻئي جلد ۾ شامل مواد کي، تاريخي لحاظ سان دؤر-وار
طور مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پهرين جلد ۾
انهن شاعرن جو ڪلام شامل آهي جيڪي تيرهين صدي هجري
جي آخر تائين ٿي گذريا. هي ٻيو جلد 14-صدي هجري جي
اوائلي دور وارن شاعرن سان شروع ٿي 14- صدي جي
اوائلي ڏهاڪن وارن شاعرن جي دور تي پورو ٿئي ٿو.
هن جلد جو مواد هيٺين پنجن بابن ۾ دؤر-وار ورڇيل
آهي. جيتوڻيڪ ڪيترن ئي شاعرن جي سوانح نه ملڻ
سببان اها دؤر-وار تقسيم تخميني طور قائم ڪيل آهي.
ان کان سواءِ ڪن جدا جدا خصوصيتن سببان، ساڳي عرصي
وارن شاعرن کي جدا جدا بابن ۽ ڀاڱن هيٺ پڻ رکيو
ويو آهي.
باب پهريون: هن باب هيٺ 14-صدي هجري جي اوائلي ڏهاڪي
وارا شاعر آندل آهن، جن ۾ خواجه غلام فريد، فيض
دريا شاه ”ميرل“ ۽ سندس طالب شاعر، محمود فقير
کٽياڻ ۽ سندس صحبتي شاعر، ۽ هن دؤر جي ٻن مشهور
گُني شاعرن رمضان واڍي ۽ حاجي خانڻ چنجڻي کي شامل
ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هن باب ۾ اهي شاعر به
ڏنا ويا آهن جن جون قافيون 1911ع ڌاري لکيل قافين
جي بياض ۽ 1915ع تائين ڇپيل قافين جي ڪتابڙن ۾
ڇپيل آهن. اهي شاعر به اندازاَ 14-صدي جي اوائل ۾
ٿي گذريا.
باب ٻيو: 14-صدي جي اوائل ۾ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي
شاعرن ۾ مصري شاهه ۽ مير عبدالحسين خان ”سانگي“
پنهنجي همعصر شاعرن ۾ اڳواڻ ۽ برک شاعر هئا، ۽
انهي لحاظ سان هن باب جو عنوان ئي ”لاڙ ۾ مصري
شاهه ۽ سانگي وارو دؤر“ قائم ڪيو ويو آهي. هن دؤر
جا ٻيا مشهور شاعر صاحبڏنو شاه، مير فتح محمد خان
ٽالپر، زمان شاه ”ساقي“، مرزا قليچ بيگ وغيره هئا،
جن جي ڪلام کي هن باب هيٺ رکيو ويو آهي.
باب ٽيون: 14-صدي جي اوائلي دؤر ۾ سنڌ جي اترئين ڀاڱي ۾
مولاناعبدالغفور همايوني ”مفتون“، مير علي نواز
علوي، مولوي قادر بخش گولو، وريل فقير ابڙو ۽ سيد
فضل علي شاهه نامور شاعر هئا. انهن اڳواڻ شاعرن جي
ڪن همعصر، صحبي ۽ طالب شاعرن جا به الڳ الڳ سلسلا
هئا. هن باب هيٺ اهڙن مشهور اڳواڻ شاعرن جي سلسلي
مطابق مواد کي مرتب ڪيو ويو آهي. جيئن ته (الف)
مولانا عبدالغفور همايوني، مير علي نواز علوي ۽
سندن همعصر شاعر، (ب) مولوي قادر بخش گولو ۽ ٻيا
نامور شاعر، (ج) وريل فقير ابڙو ۽ سندس صحبتي
شاعر، ۽ (د) سيد فضل علي شاهه ۽ سندس طالب شاعر.
باب چوٿون: هن باب هيٺ 14-صدي جي اوائلي دؤر جي انهن
شاعرن جون قافيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي ڪن قلمي
بياضن مان، يا ڪن راوين جي زباني قلمبند ڪيون
ويون، پر اهي شاعر مشهور نه هئا جنهنڪري سندن
احوال معلوم نه ٿي سگهيو. تنهن هوندي به انهن غير
معروف شاعرن جي ڪلام جي هن نسبتاَ آڳاٽي ذخيري کي
محفوظ ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو. هن باب هيٺ شامل مواد
کي اصل ماخذن ۽ بياضن جي حوالي سان هيٺين طرح
ورڇيو ويو آهي: (الف) سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ
22-1920ع ڌاري لکيل قلمي بياض تان کنيل قافيون،
(ب) سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوط 30-1920ع ڌاري لکيل
بياض مان چونڊ قافيون، (ج) 1911ع کان 1930ع واري
دور جي شاعرن جون قافيون، ۽ (د) ڪن ٻين غير معروف
شاعرن جون قافيون.
باب پنجون: هن باب هيٺ چوڏهين صدي هجري جي پهرين ڏهاڪن
وارن انهن شاعرن جي ڪلام کي آندو ويو آهي جيڪي طلب
۽ ارادت جي لحاظ سان انهن سلوڪي سلسلن سان وابسته
هئا جن جو ذڪر پهرئين جلد ۾ اچي چڪو آهي. انهن جو
ذڪر اُتي پڻ آڻي سگهجي ها. پر تاريخي لحاظ سان هن
جلد جي دؤر -وار ترتيب جي ضرورت کي پوري ڪرڻ خاطر
انهن جو ڪلام هن باب هيٺ ”سلوڪي سلسلن جا شاعر“ جي
عنوان سان آندو ويو آهي. جيئن ته: درگاهه جهوڪ
شريف جا طالب شاعر، سچل جي سلسلي جا شاعر، شاهه
نصير جي سلسلي جا شاعر، فيض دريا شاهه جي سلسلي جا
شاعر، پير صاحب پاڳارن جي درگاهه جي سلسلي جا
شاعر. البت هن دؤر ۾ مولوي احمد صاحب خان ڳڙهي ۽
ڀرچونڊي جي بزرگن جي عقيدتمندن جو هڪ جدا سلوڪي
سلسلو پڻ قائم ٿيو. انهن سلسلن سان وابسته شاعرن
جو ڪلام پڻ هن باب هيٺ آندو ويو آهي. ان کان سواءِ
هن دؤر جي مشهور شاعر سيد صالح شاهه راڻي پوري ۽
ٻين ”معروف شاعرن“ جون قافيون پڻ هن باب هيٺ شامل
ڪيون ويون آهن.
سنڌي شاعريءَ جي صنفن مان ”قافين ڪلامن“ جو مواد گهڻي ۾
گهڻو آهي. جيتوڻيڪ ان جو گهڻو حصو ضايع پڻ ٿي چڪو
آهي: ان جو ثبوت اهو آهي جو باوجود چونڊ جي هي
مواد ڪم از ڪم ٽن جلدن ۾ سمائجي سگهيو آهي. ايتري
گهڻي مواد جي آسان مطالعي خاطر اڳتي هلي ڪن ضروري
”فهرستن، مرتب ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي، جنهن ڪري
پهرئين جلد کان وٺي ٽئين جلد تائين قافين توڙي
صفحن جا عدد مسلسل طور رکيا ويا آهن ته جيئن حوالن
ڏيڻ ۾ آساني ٿئي. انهيءَ لحاظ سان پهرئين جلد جو
متن 644 صفحن تي پورو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ٻه سئو ٽيهن
شاعرن جون 1027 چونڊ قافيون شامل آهن. هي ٻيو جلد
صفحي 645 کان شروع ٿي 1144 صفحي تي ختم ٿئي ٿو ۽
ان ۾ ٻه سئو چئن شاعرن جون 709 قافيون شامل آهن.
يعني ته هن ٻئي جلد جي خاتمي تائين جملي چار سؤ
چوٽيهن شاعرن جون 1736 چونڊيل قافيون قلمبند ٿي
چڪيون آهن.
قافين جو هيءُ اٿاهه مواد گذريل ٽينهن چاليهن سالن واري
عرصي ۾ جدا جدا جاين تان ڪافي محبت سان سهيڙيو ويو
آهي ۽ زباني روايتن کان سواءِ گهڻائي ڪي ڇاپي
ذخيرا توڙي قلمي بياض ۽ دفتر ڳوليا ڦوليا ويا آهن.
انهي سڄي ڪم ۾ جن به سڄڻن مدد ڪئي آهي تن جي
مهرباني. خاص طرح محترم ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ قرب
ڪري ڪافي قلمي ذخيرو مهيا ڪيو ۽ پڻ ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌي ”فيض دريا جي سلسلي“ بابت مواد
مهيا ڪيو. مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص
طرح محترم محمد اسماعيل شيخ هن ڪتاب جي مواد کي
اُتاري يڪجا ڪرڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين
جوڳو ڪم ڪيو، ۽ پڻ پروفن جي نگراني ڪئي. سنڌي ادبي
بورڊ پريس جي مئنيجر محترم الله بچائي يوسفزئي هن
ڪتاب جي ڇپائي جي سهڻي نگراني ڪئي. ڪتاب جي رٿا ۽
آخري سٽاء توڙي ترتيب ۽ تاليف لاءِ راقم خود
ذميوار آهي.
اسلام آباد خادم العلم
30- جون 1987ع نبي بخش
باب پهريون
14- صدي جي شروعاتي دور جا شاعر
(الف) ان وقت جا ڪي معروف شاعر
خواجه غلام فريد
خواجه خلاف فريد ڪؤريجن جي قبيلي مان هو. سندس وڏا
اصل سنڌ جا هئا، جتان لڏي وڃي مٺڻ ڪوٽ ۾ ويٺا ۽
پوءِ وڃي چاچڙان شريف ۾ سڪونت پذير ٿيا، خواجه
غلام فريد به چاچڙان شريف ۾ ئي 2- ذوالقعد سنه
1261هه ۾ ڄائو. سنڌ سان بيحد محبت هئس، سرائڪي
سندس مادري زبان هئي. پر سنڌي به ڄاڻندو هو. سنڌي
۽ سرائڪي ۾ ڪلام چيائين. سچل ۽ فقير خير محمد
هيسباڻي جي ڪلامن کان گهڻو متاثر هو. 6- ربيع
الثاني 1319هه/24- جولاءِ 1901ع تي وفات ڪيائين.
خواجه صاحب سنڌ جو عاشق، ۽ پڻ سنڌ ۽ پنجاب جي
روحاني رشتي کي ڳنڍيندڙ هو:
هي عرب شريف سِڌائي
بُو سنڌ پنجاب دي آئي
”ديوان فريد“ ۾ سندس سنڌي قافيون به شامل آهن، جن مان
هيٺ ڏنل پهريون ٽي قافيون 62، 63 ۽ 153 نمبرن سان
ڇپيل آهن.*
[1-28]
تنهنجي عشق جا هي انصاف، مان ظلم نه ڀائيندس
ته به تنهنجا ٿورا ڳائيندس
-1
سجدو جانب تنهنجي جانب، تنهنجي گرد طواف
قدم قدم تي سيس نوائيندس
2- تنهنجي سيرت صورت سهڻي، ڇا چوان اوصاف
جندڙي توتان گهور گهمائيندس
3- تن من سهڻا ملڪ آهي تنهنجي، سچ آهي ناهي لاف
قسم اوهان جي سر جو کائيندس
4- ذڪر ۽ فڪر آهي تنهنجو دم دم، چوندس صاف جو صاف
عبد معبود مان توکي ڀائيندس
5- ٻانهي گولي يار جي آهيان، ناهيان، ناهي ”فريد“ خلاف
انهن کي ڀائيندس خواه نا ڀائيندس.
1-28]الف]
لڄ لوئي ڪين لهائيندس
تنهنجا بخمل باهه ۾ باريندس
1- تنهنجا زور ذلل ۽ مڪر دغا، تنهنجي ظلم جون ڳالهيون عمر
ادا
وڃي ويڙهيچن سان گهاريندس
2- ٿر پنهوارن جو ديس وطن، ٿر آهي اسان جو ملڪ امن
خوش سانگين ساڻ گذاريندس
3- هاڻ قيد ۾ ڪهڙو ڪم ڪيان، شالا مارن واري واهڻ وڃان
جاتي وارا اڳار ٻوهاريندس
4- هجي هر دل ڏيهه، اباڻي مينهن، آهي سڪ ساڻيهه جي راتين ڏينهن
ويٺي دانهن ڪندس هنجهون هاريندس
5- بٺ ماڙيون ۽ محلات جا گهر، آهي مرَڪ ”فريد“ جو مارو ٿر
ڌڻ سانگيئڙن جا چاريندس.
1-28]ب]
هر دل جو دلدار، يار منهنجو
سهڻن جو سردار، يار منهنجو
1- ڪٿ ملا ڪٿ امر نهي،
ڪٿ منصور تي دار، يار منهنجو
2- پاڻ ڇپائي راز حقيق،
پاڻ ڪري اظهار، يار منهنجو
3- ڪٿ سرهي ڪٿ ناز نزاڪت
ڪٿ ڪجل ڪٿ ڌار، يار منهنجو
4- ڪٿ بلڪل ڪٿ گل جي صورت
ڪٿ برگ ڪٿي خار، يار منهنجو
5- ڪٿ ڍولڪ ڪٿ تان ترانو
ڪٿ صوفي سرشار، يار منهنجو
6- ڪٿ عابد ڪٿ نفل دوگانه
ڪٿ ڪيفي ميخوار، يار منهنجو
7- ڪٿ عاشق ڪٿ درد ڪشالو
ڪٿ دلبر غمخوار، يار منهنجو
8- يار ”فريد“ نه آهي وچ پردي
خود پردو آهي يار، يار منهنجو
1-28]ج]
يار ڪون ڪر مَسجود، ڇڏي ڏي ٻيو معبود
1- هر صورت وچ ۾ يار ڪونه ڄاڻي، غير نهين موجود
2- سڀ اعداد ڪون سمجهين واحد، ڪثرت هي منفرد
3- فخرالدين مٺل دي شوقئون، دم دم نِڪلم
دُود
4- وصل ”فريد“ ڪُون حاصل هو يا، جب هوگيا
نابود
1-29]]
سِک ريت روش منصوري نون
هڻ ٺپ رک ڪَنز قُد وري نون
1- جوئي عشق مدرسي آيا، فقه اصول دا فڪر اُٺايا
بيشڪ عارف هو ڪر بابا، رمز حقيقت پوري نون
2- جو ڪوئي چاهي علم حقائق، راز لُدني ڪشف
دقائق
3- ڀيد انوکي نينهن آ ويڙي، نيڙي وسندي ڪرن
بکيڙي
هور نه ڪوئي آپ نبيڙي، اپڻي اِڪي
پوري نون
4- لطف ازل دا ويلا آيا، فخر جهان گُر گيان
سُنايا
طبع سليم ”فريد“ دي پايا، فهم نڪات
طيوري نون
1-30]]
عاشق ڄاڻ يقين، هر جا ذات پنهل دي
1- هر صورت وچ يار دا جلوا، ڪيا آسمان زمين
2- اَحد اَها بن احمد آيا، موهيس چِين ماچين
3- حاڪم هر ڪو حڪم هلاوي آپ پڻي مسڪين
4- آپ ڪري ٻهه وعظ نصيحت، آپ بجائي بين
5- پير مغان هڪ رمز سَمجهائي، ساجن سمجهه
قرين
6- غافل نا ٿي يار ڪنون تون، هر جاڳہ هر چين
7- دل ”فريد“ دي لوٽڻ ڪيتي، بڻيا فخرالدين
1-31]]
هڪ دل عربي آڻ ڀرمائي، ڏوجهي سمجهندي واهه نه ڪائي
1- پيرين پنڌ ڪر مديني ڄُلسان، توڙي جهنگل وچ رُل مرسان
ٽُر ويسان مول نه رهسان، توڙي ٿيون جهاز
توائي
2- مينون ملسن يار پيارا، جنهن دا نانءُ هي
نبي سونهارا
او ڪريسي ڪين وسارا، مينون ويسن دامن لائي
3- مئن ڀي روضي رسول دي ويسان، مين ڀي سجدا
سيني ڌريسان
اُٿان وڄ تي روح ريجهيسان، جٿان وسدا نور
سدائي
4- سڪ ”شيخ فريد“ نون رهندي، دُکان هجران ڪيتي
دل ماندي
آءُ ٻهسين يار سيراندي، توڙي سوين ڪرن
دعائي.
1-32]]
اُٿان محض نه دخل عدم دا،
هي سِر اسرار قدم دا
1- دلڙي سکر سڃاڻ سياڻي، آءٌ ڪي هر دم سمجهه ٻيلياڻي
مظهر ذات صمد دا ڄاڻي، هي توڙي روپ صنم دا
2- جس نون ذوق خيال مُهيا، اُس نون قال تي حال
مُهيا
گلشن جشن جمال مُهيا، هي وارث باغ اِرم دا
3- ويکو شوڪت شان پسارا، محور گردش صبح سَيارا
مرڪز دور محيط دا سارا، هي نقطا دل آدم دا
4- خاص ”غلام فريد“ فخر دا، باندا بردا اُسي
دي در دا
بَٺ پيا آسرا علم هنر دا، هي تڪيا دوست دي
دم دا.
1-32]]
روپ قصوري
ڏک ٿَئي ٻانہ ٻيلي وو يار، تي آيم اڪيلي
1- تَنون بن ڏيوم ڪون دلاسي،
نه ٿيسان ول آسي پاسي
ماڻين اکڻ حولي وو يار
2- اعليٰ ادنيٰ جو جڳ جيوي،
مئن وانگڻ ٻي ڪائي نه ٿيوي
ڏکڻي وانڍي ويلي وو يار
3- نا ماهي نه منجهيان ڏسديان
اکيان وسديان دليان قسديان
جندڙي ٿيوي ڀان ڀيلي وو يار
4- سوئي ناز نگاه دي مئنون
جيتائين ول نه ڏيکان تئنون
رهسان ميل ڪچيلي وو يار
5- ڪٿان او ماهي ڪٿان او ماڻي
نا ماهي نا راجھ ٻٻاڻي
جيسان ڏک ڏهيلي وو يار
6- ڀاڳ سُهاڳ سڃي ٿئي رُٺڙي
هار حميلان ڳانٻي ٽٽڙي
ٽُٽي ٻانهن چوڙيلي وو يار
7- هڪ مئن درد اندوه وچالي
ٻي سڀ ناز نوازين جالي
ٽائٻي سؤ سٺ سهيلي وو يار
8- ٻاجهؤن يار ”فريدا“ حيلا
ڪَجهڙا ڪوجها تي رنگ پيلا
سِيند ڌڙي ٿئي ميلي وو يار
1-34]]
جهوڪ لڏاڪي يار ديوان،
وڃي ته وسايئي ملڪ بيگانا
1- ٽوڙڻ دي هَئي نينہ نه لائين ها
ڇوڙڻ دي هَئي اڳ ته ٻڌائين ها
وعدي آپني ڪون توڙ رسائين ها
دل وچ رهي ها منصف خان
2- ڪنہ سِکيايُئي لاڪي ٽوڙڻ
درد وندان نون روئندا ڇوڙڻ
آ پڻيان واڳان وطن تي موڙڻ
هڪ دل کسيئي ڏوجهي ڪيڏون آنا
3- سسئي وانگڻ اداسڻ ٿيسان
ڀر ڀر جام زهر دا پيسان
جاڪون جيسان مئن ڪيچ ڏي ويسان
ڪيچ شهر دا اعليٰ شانا
4- وچ پڃري دي پيان ماندا
گهن گهن رونديان نانؤ سچان دا
لنبان قصا هي درد مندان دا
بيدردان دا ڪوڙا فسانا
5- آءُ ميان رانجهن ٺيلهون ٻيڙي
ڇوڙ نه وڃو تُسان جهنگل ٻيلي
اِهين ته ٻيلي وچ شير مريلي
آءُ ميان ”فريد“ پڙهين شڪرانا
1-35]]
روپ سسئي
جڏان ڄايم، پاڪر جهولي، ڪر ويڻ ڌتي ماءُ لولي،
1- ٻهلي پريت نه پئي پُيو ماءُ دي، پڇي هوت بلو نه رادي
ڄئِي مَٺِي مٺڙي ڄاوڻ لادي، هم بخت سڙي ڏک
رولي
2- ول سينگيان طعني ڏينديان، ماء ڀيڻي ويڻ
الينديان
کِل هَس ڪي ڪيس ڪر بنديان، سس ماريم سؤ سؤ
ٻولي
3- ساري چولي بَوڇڻ گانگهي، ڪيم زيور تين ور
لانگهي
سر مانگهه مير ٿينديان سانگهي، ٿيم سرخي
زهر دي گولي
4- بن يار نه سيج سُهيسان، ڦل سِهري ٽوڙ
سٽيسان
ڀن بينسر بُل سڙيسان، بَٺ چندن هار نٻولي
5- توڙي درسن مول نه پيسان، تان ڀي نازڪ نينه
نڀيسان
وچ ڪوٽ مٺڻ مر ويسان، ٿي در دلبر دي گولي
6- گهر فخر پيا پَئون پاوي، آء اُڄڙي جهوڪ
وساوي
رَل چيٽ بهار سُهاوي، وس هس رس کيڏون هولي
7- جڏان يار ”فريدڻ“ آيا، سر سولي دي سانگ
رسايا
سڀ هار سينگار اجايا، ڳئي ناز نوان دي
ٽولي
1-36]]
روپ سسئي
سِڪ سانول ڪيتي ساڻٻي، رت روندي نين نماڻي
1- سڪ سانول ساٿ سُهيسان، سِر ڏيسان نيه نڀيسان
مئن تان چاچڙ شهر ڄُليسان، اڀاوين، ڄاڻي
يار نه ڄاڻي
2- آءُ مل تون ڍول پيارا، دل نه ڪرو يار
ويسارا
چوڌار سُجهيم انڌارا، ميڏي رڳ رڳ سُول
سهاڻي
3- سهڻي سيد ڪاڻ اُداسي، ٿيوان پريم ننگر دا
واسي
پَئي ڳل نينان دي ڦاسي، اهو لوڪ نادان ڪيا
ڄاڻي
4- الله يار ”فريد“ ملاوي، مئڏي روندي نيڻ
رهاوي
رهاوي ڪول ٻلهاوي، ول آسم روح ٽڪاڻي.
1-37]]
عشق دا جلوا هر هڪ جا، سبحان الله سبحان الله
عاشق خود معشوق بنيا، سبحان الله سبحان الله
1- بلبل تي پروانا هون، گل شمع اُتي ديوانا هون
تيڏي چاند چَڪور اکئين موه ڳيا، سبحان
الله سبحان الله
2- شاهه ڪڏان دل تنگ ڏسي، ڪڏان صلح ڏسي ڪڏان
جنگ ڏسي
وَهه شان جمال جلالان دا، سبحان الله
سبحان الله
3- انالحق دي ٻول ڪَهون، خود اِني عبد رسول
ڪهون
عشق ستان دا ورد پڙهيا، سبحان الله سبحان
الله
4- پريت ”فريد“ دي ريت عجيب، ڏاڍي درد تي سوس
دي کيپ عجيب
تسان سمجهو ساري اهل وفا، سبحان الله
سبحان الله
1-38]]
بِن يار سانول ٻيا نهين، هٰذا جُنون العاشقين
1- بَر تتي رلدِي هين ڪيون، سڌي واٽ تي بڀلدي هين ڪيون
يار يست همدم همنشين، هٰذا جُنون العاشقين
2- ڪيا نار ڪيا گلزار هي، ڪيا يار ڪيا اَغيار
هي
آورا بِدان آورا بِبين، هٰذا جُنون
العاشقين
3- نهين قال بيشڪ حال هي، پلپل اسانڏي نال هي
نازڪ مزاج نازنين، هٰذا جُنونُ الکعاشين
4- وه عشق ڏتڙي ڏات هي، ڳئي راتِ هوئي پرڀات
هي
شُد فرش دل عرش برين، هٰذا جُنون العاشقين
5- ڏينهڙي هجر موڪلا ڳئي، ويلي وصال دي آ ڳئي
ديديم با چشم يقين، هٰذا جُنون العاشقين
6- مذهب وُجودي فرض هي، ٻيا ڪُل اجايا غرض هي
جانان بجانم شُد قرين، هٰذا جُنونُ
العاشقين
7- خلفت جهين دي ڳول هي، هر دم ”فريد“ دي ڪول
هي
سوگند پير، فخرالدين، هٰذا جُنونُ
العاشقين
1-39]]
روپ ڀيروي
آءُ چُڻون رَل يار، پيلُونً پڪيان ني وي
1- ڪيئي بَگڙي ڪيئي ساويان پيليان
ڪئِي ڀُوريان ڪِئي بگڙيان نيليان
ڪِئي اوديان گُل انار، ڪَٽڙيان
رتيان ني وي
2- پيلون ڏهلين ديان گلذاران
ڪهين ڳَل ٽوڙي ڪهين سر کاريان
ڪِئي لا ٻيٺيان بار، ڀر ڀر پڇيان
ني وي
3- بار ٿئي هي رشڪ آرام دي
سُتڪ سَڙ ڳئي جُهڙ دُوک دي غمڙي
هر جا باغ بهار، سا کان چکيان ني
وي
4- چال چلوٽين ٿئي آبادي
پلپل خوشيان دم دم شادي
لوڪين هَنس هزار، ڪل تي پکيان ني
وي
5- حوران پريان ٽولي ٽولي
حُسن ديان هُليان بِر هوندي جهولي
راتيان ننڍڙيان ٺار، ڪوئلين تتيان
ني وي
حافظ حادي ڏنو*
حافظ هادي ڏنو ميمڻ، ڳوٺ ماڙي، تعلقي ٺل، ضلعي شڪارپور
جو ويٺل هو، عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪيل هئس، ۽
قرآن شريف جو حافظ هو. دنيوي ڌنڌا ڇڏي فقيري
اختيار ڪيائين. 19- صدي جي آخر يا 20- صدي جي شروع
۾ ٿي گذريو.
1-40]]
پختو پنهل توسان پيچ پيڙو
زوري زلف تنهنجي قابو قيد ڪيڙو
1- چشما چوري ڪن زوري، نئون لائي نينهڙو
2- راتيان ڏيهان ڪيان ريهان، وس ويچاري ويڙو
3- ”حافظ هادي“ اڳئون مهدي، گهوريان جان جيئڙو
*خواجه
غلام فريد جون ٻيون قافيون سنڌي ادبي بورڊ جي
ڪتبخاني ۾ محفوظ ٻن قلمي بياضن مان ورتل آهن.
* ”تذڪره
شعراء سکر“ تان ورتل
|