الله بخش خان اُڍو
الله بخش خان اُڍو ضلعي جيڪب آباد ۾ اُڍن جي ڳوٺ ۾
ويٺل هو، تاريخ 11 محرم 1357هه / 3 مارچ 1939ع ۾
وفات ڪيائين. سندس ڪلام جي قلمي مجموعي ۾ 97
قافيون نظر مان گذريون، جن مان ڪي هيٺ شامل آهن.
[1692]
مانگهه مهيني ڏني مبارڪ
بسنت برسيا باغان وي ميان
1_ ڦڳڻ ڦليا گُل گلابي
مُکري موگا انب عنابي
کليا کجوري کارڪ
گُل هزار گلستان وي ميان
2_ چِيٽ چڪنار سوسن ساوا
کليا گل اناري ماوا
ترانا ڳايا طوطي شارڪ
بار جهليو بوستان وي ميان
3_ عقيق اُٽنگڻ عبرت لائي
ڪيتڪي گل ٿي سُرهائي
مُلڪ اُٺو مالڪ
آئي بُوءِ عيراقان وي ميان
4_ ”الله بخش“ عنبر مٽ نه عرب جي
خواه کتوري ختاءِ قرب جي
خاص خلقيو خالق
ڪيان قربان هندوستان وي ميان.
[1693] بروو
سھُاڳي ساڻ سوانارا، ڏجانءِ تون باهه بوتي کي
صفائي ڪر صفا سوڌي، تپائي يارتون تن کي
1_ ڌَنَو ڌمڻ کي دلبر
ويهج واندو پرين نا پل
اَمر ايهو ٿي آستادي
وٺج فاذڪر جي فن کي
2_ ڏسي اهو ڪم ڪوٺارا
ڪَنئي شاباس سونارا
مهانگو مُلهه ڪري موتين
سفارش ڪن صرافن کي
3_ ڪڍج سڀ غير ۽ گاندو
راحت ڏي روح ٿي واندو
قائم ڪر ڪرت ڪوٺاري
هلي ڏس تون هٽارن کي
4_ جنهين نا ڪرت ڪمايو
انهي کي هٿ نه ڪجهه آيو
”الله بخش“ انهيءَ هارايو
سڃاتائين ڪين ساجن کي
[1694] بروو
سڌو سنداڻ تي لوهر، هڻج وڏاڻ ڪر وارو
سونهڻ سان ڪر صفا ساري،
ڪڍج زنگ ڪَنِههَ سان ڪارو
1_ اڇو ڪر انهي کي اجرو
ڪڍج ڪس هڻي ته ڪڙو
جهالان ڏي جهلڪ ۽ جهمڪو
اکج اوزار سان آرو
2_ رَوَش وٺ روز شب پيارا
وسارو ڪر نه تون يارا
شابس ڪَنِي لک لوهارا
ڪرن تو پَرک سان پيارو
3_ مُطرقي مَهٽ سندائڻ
صفا ڪر تون سون سهاڳي ساڻ
صفا ٿئي سون جان اُجري
ڏيندو تو شان سونارو
4_ جنهين انهيءَ ڪرت ڪمايو
تنهين ٿيو بخت سوايو
اُنهي او جڳ جاڳايو
”اُڍا“ ٿين مانُ موچارو
جوڳ، تلنگ
مرد ٿيئن ماڻين مزو، سرمدن جان تون سر کي سٽ
اُلٽ بازي عشق جي، منهن تون مانجهي ڪين مٽ
1_ پير پائج نا ڪيٻائج، وره واهر تون وٺج
پرت پائج سِر سهائج، گهور ۾ ڪج ڪين گهٽ
2_ ڪيس ٿيو يرديس ۾، ويس ولين جي ولهار
ريس ڪري ٿي ريسارو، جهاٽ جهٽڪي ڪرتون جهٽ
3_ عاشق ٿئين نه ڪر اجارو، ٿيءُ وڻجارو، وِرهه
جو
ڪر اجارو عشق ۾، کڻ گام غازي ٿيءُ نه گهٽ
4_ اُهي ”الله بخش“ عام ناهن، گام کڻندا ڪي
غازي
بازي کڻي ويا ته ماضي، تون هلٽ پنهنجي
ڪين هٽ
[1696] سورٺ
هڻي گز گر نار، ٻول ٻيجل ٻوليو
1_ تار طنبوري تُڻِ تُڻِ تانان
جيءُ جسي تو ڪرن پڪاران
اهو سُر ستار، ٻول ٻيجل ٻوليو
2_ مُور ميراثي نه ڦري رتي
وجَفَ الَقَلمُ ناهين هٽي
غرض ناهين گرنا، ٻول ٻيجل ٻوليو
3_ آمُر ازلي ناهين اولو
ارادي اِلاهي ناهين ڀولو
قول سمجهه ڪلتار، ٻول ٻيجل ٻوليو
4_ سوال سورٺ ور آهي سِر جو
قول نه ڦرندو ڪڏهن قدر جو
الهه بخش آهي اظهار، ٻول ٻيجل ٻوليو
[1697] مانجهه
ساهه وڻن نا سينگار
لوئي لاڏ آهي لکيڻن
1_ اوبيون اونيون اباڻا اڻائن
لاک جون لويون لڱين لائن
اوڍين اڻ پنهوار
لوئي لاڏ آهي لکڻين
2_ پٽ پاريون کٽ نه سمهن
پٽ نه مٽ آلوئي اباڻن
ايها ماڙيچين ميار
لوئي لاڏ آهي لکيڻن
3_ لوئي پراڻي اوڍيل اباڻي
لاهڻ ڊاهڻ نه ريت راڄاڻي
ايهو ڪم ڪرن بدڪار
لوئي لاڏ آهي لکيڻن
4_ سومرا سيباڻا راڄن راڻا
ڪين وڻن ٿا وهاڻا وڇاڻا
کٿن سمهن خمار
لوئي لاڏ آهي لکيڻن
5_ عمر ادا جڪي اوڍن اونيون
پٽ ۽ سٽ کان پنهوارن پليون
”الهه بخش“ سارن سنگهار
لوئي لاڏ آهي لکيڻن.
[1698] مانجهه
نيڻن مان نيسارا وهائي ناليون ناليون
ويڙهيچن وساري نٿي واڙيون واڙيون
1_ ڏينهان ٿي ڏوٿين لاءِ ڏسي ڪري ريهان
راتيان اٿس روئاپو، وسي جيئن مينهان
ڳري پئي ڳڻن ۾ ڪري ڳالهيون ڳالهيون
2_ ڏسي ۾ ڦِسي پئي، پرين لاءِ پڇي پئي
نيشانيون نراوليون، پوڪاريون پسي پئي
ڪنن ڪُرڪَ واليون ڏهاڙيون ڏهاڙ
3_ جيڏين ۽ سرتين ساهيڙين کي ساري
ناونهين ويڙهيچن وٿاڻن وساري
ساري پئي سانگيڙن سنڀاليون سنڀاليون
4_ منهنجا کيت وارا، سنگهارا پيارا
ننگي ننگ وارا ڌنارا، سوڀارا
ڪندا نا ”الله بخش“ اگهاڙيون اگهاڙيون
[1699]
سور جيڪر سليان گهري گهري
او پاڙيچون هن پري پري
1_ نينهن لڳو منهنجو شينهن شڪاري
من اٽڪيو منهنجو وڏي ماري
راتيان ڏينهان ٿو لڙي لڙي
2_ چوٽ چنبي جي ڪيڙم ريهان
ڪوڪان ڪري ڪيڙم ڪيهان
ڪڍيائين چڪ چنبو ڀري ڀري
3_ عشق جو آرو دل جو ڳارو
”الهه بخش“ شينهن کان آهي سوڀارو
پرين ڪندم نا پري پري
[1700]
گنهگار آهيان غفلت گذاريم
ڏسي ڏوهه پنهنجا سهڻا ٿو سڻايان
1_ تون غفار ستار ذنبن ذَنُبا
پسي پنهنجا پر ڪار پرين ٿو پوڪريان
2_ ڪمينن ڪمن کان ڪمزور آهيان
جبار ستار نالو تنهنجو ڳايان
3_ تون قادر ڪُل شيءِ قديرا
آهين تون ته هوندين قديم و قديما
4_ ”الهه بخش“ عاصي رحمت پياسي
عَبد الابدي گهُران ٿو عطايان.
[1701] بروو، تلنگ
عاشقان آلٽي بات
ڪونه پڇاڻي رمز رنداني
1_ بعضي ترند اولهه اوڀاري
بعضي وچ آسمان اوتاري
بعضي خود وچ خيالات
2_ بعضي هن مشتاق محبوبان
بعضي شملي رکندي شاهان
بعضي طلب رهن تات
3_ بعضي ڪن بيزار باتان
نقل ڇوڙ ڪر اصلي ناتان
بعضي دور رهن درجات
4_ بعضي ”الهه بخش“ صاحب سلوڪي
بعضي رهن مالڪ ملوڪي
بعضي طلب لات منات
[1702] جوڳ
تيڏي عشق ڪيتوني مفتون مجنون
ليلى لک لات منات
1_ درد تيڏي دا دارون نه درمل
سوين طبيب طب وچ ڪامل
ڪم نه آڻيني قانون فنون
2_ سر تي ورتي پوٿين پنڊت
ڏيک آزار ڪون ٿيڙي عبرت
سمجهي نا باطون مضمون
3_ قاضين ملين ڪتاب ڪڍبي
نقشي نرالي ڀوپين ڀريي
مام رکيو ني ملعون جنون
4_ ”الهه بخش“ ڳالهيان نينهن نراليان
سوين تنهن ديان چلت چاليان
ڪي ٿي ڳئي محزون قلمون
[1703] ڀيرور
زلفان معشوقان وَرَ ونگوڙي
واتيان واسينگان ڦَٽن ڦوڪاران
1_ تيزون تيز تليهر تکڙي
هر دم هاڃي ڪرن تيکون تکڙي
ڏوران ڏراقون ڏنگن ڏُکاران
2_ سُرڪن ڦَرڪن ونگ وڪڙ ڪن
هيبت جرئت نال جبر ڪن
نه هردم هٽن ڏنگن ڏچاران
3_ ڪيس ڪاريهر وڪڙين ور ور
چاون عشاقين ڪستئون ڪَر ڪَر
زور زبر ڪرن سُرڪن شوڪاران
4_ ”الهه بخش“ ناتان مڃين باتان
هردم عشاقين ڪرن واتان
شور شمع اتي پتنگين پساران
[1704] ڀيروي
ڪيوين ڪران مئن وس نه ڪوئي
قلم قضا مس ميٽي نه ڪوئي
1_ انگ ننگي نال لڳڙ ناتا
چڻنگ چولي چُلدي ڏينهان راتا
سور سڻاوان ڪنهن ڪني روئي
2_ نينهن نسنگ لڳا سُنگ نا ڪيس
وَنگ وَنگ ڳيا ترس نا ڪيتس
صبر آرام گِهن ڳئي سڀوئي
3_ نانگ سنگان وچ آوڙي اولي
اڙ ٻنگ اڙدها باندر ڀولي
ڏکين ڏجهي آوسي آرياڻي اوئي
4_ سڱ نا ميڏا هي سنگ ساٿ نيسن
سگ ڪون ساڳي سڃاڻ نيسن
”الهه بخش“ آسرا اوهي سوئي
[1705] ڪاريهر
عاشق جهور جهڪور ڪڪور ڪريندي
نانگي تانگهي سانگي نه سٽيندي
1_ ونگن ٻنگن چاون آون
بالين ڌمالين چالين چلن
2_ ڳهلي وهلي نه سَلي سُٻُڪَنِ
ڳوڌي جوڌي جولين جهٽڪن
موجين جوزين محبين ملهاون
3_ ڪوڏي روڏي توڏي تنبن
دڙڪين ڌمڪين ڪڙڪين نه ڪنبن
مُرڪي کَجڪي سُرڪي پيئن
4_ آون لاون پرت ملهاون
موج مچاون هسن مرڪن
”الهه بخش“ ڏورن سمرڻيون سورن
ڀيروي
اَلَست جنان آر ارواحي، اَويسِي الٽ تِنا آئي
ٿئي سرور سپاهي، مليا درسن درگاهي
1_ محرم محبوب جهولي جهُليا
خيالي خواب تڏهان کُليا
خورسند ۽ خوش سي کِليا
ڌُو ڌُو ڪر ڌُم وچ ڍِليا
زماني ذوق تنان پليا
وياسي وِير نا وليا
ذڪر ۽ فڪر وچ مليا
وائي وحدت تنا لائي
2_ آيا اسرار تنان اونهان
گوني ٿيا گيان تن گونان
رنگي ٿئي رنگ رنگون نان
ڪرن پئي نُون نمونان
چورن پئي چپ چگونان
مرڪن من وچ ممنونان
کاوڻ هي خورش تن خونان
پرين ڪني پرت تن پائي
3_ آيا جب عشق ٿي اُلٽا
پُلٽ ٿي پَلَڪَ وچ پَلٽا
جهلٽ ٿي جهاٽ وچ جهُلٽيا
خالق خود خساص او خلقيا
خلق وچ پاڪي خرقا
چاتس ڪنان عام ڪني اُلڪا
ڪسي ڪانهِين هي ترڪا
و ِرهه وائي جنان ڳائي
4_ ڏتي جنان عشق آزادي
گهڙئي سي گهيڙ تنهن وادي
ڇا ڳئي گوءِ او غازي
موکيئي تنان ڏوهه سڀ ماضي
رضا دي راز ٿئي راضي
توڙي هووَن ملان قاضي
”الهه بخش“ اور ڪن آزي
پارت پنج تن پرائي
[1707]
ساڌو سُرتيا آپ ڪو ڪهاوين
من وچ مورک نه جوت جاڳاوين
1_ آپ ڪون آپ نهينج پُر جهاوين
هِردي اندر جوت جاڳاوين
ايسي ڪرتب ڪجهه نه پاوين
2_ تيرا پتلا هي جل ڪا ڇائي
جلد جنم پاويگا ڀائي
جاوين جڳت سي ڦِر نا آوين
3_ واهه تيرا هي ڪام ڪر وڌي
روپ رکيا تم برهمڻ جوڳي
ڪام ڪٺوري پاپ پراوين
4_ ساڌو نام نهين تيرا ٺوڳي
خاطر مايا دي لالچي لوڀي
خاطر ڪِس ڪي لوڀ جاڳاوين
5_ ويکين درش گنگا دوارا
مڙهي ڀوڳين مندر پيارا
صدقي سيتي تم ڪجهه نه پاوين
6_ گُر ڪي ڀڳتي دل وچ لاوين
آرسي اندر دي وچ واجهاوين
نام الک دا ”الهه بخش“ لاوين
سيد غلام عباس شاهه
سيد غلام عباس شاهه ولد روشن علي شاهه جهانيان
پوٽو، 1301هه ۾ ٽنڊي جهانيان (حيدرآباد شهر) ۾
ڄائو ۽ 10 جمادي الاَخر 1357هه/جولاءِ 1939ع تي
وفات ڪيائين. سندس هيٺين قافي ”جهانيان خاندان“
تان ورتل آهي.*
[1708]
واه واه ناز نيڻن جي نزاڪت ڏس
لحظي ليئڙو پائن، سا لياقت ڏس
1_ ڪڏهن جهٽڪ ڏيئي کن نهارڻ ٿيون
دک درد دلين جا لاهن ٿيون
پاڻ سهڻيءَ ريت سيبائن ٿيون
اها صاف سندن آهي، سخاوت ڏس
2_ هلي حسين اهي ڪن جنهن حملا
جيءَ جان وجهن تنهن جر جلا
تڙ ڦڙ ۾ مچائن ٿرٿلا
لنؤ لرزش فيض فصاحت ڏس
3_ جي راض رکن کڻي سهڻيون اکڙيون
ڪڏهن ڪنهن به ٻڌيون سي ڪي مڙيون
ڏيئي اڇل اشاري ڪن دست دليون
اهڙي ٻاجهه ڀري تن عنايت ڏس
4_ نشان چٽڻ تن اڳيان ڇاهي
ڏيئي گهور وجهن ٿيون دل گهائي
ايهو عجب”غلام عباس“ آهي
ڪارين ڪجلين جي ته ڪرامت ڏس.
جمعو فقير جتوئي
جمعو فقير جتوئي، ڳاڙهي تعلقي واره جو ويٺل هو.
[1709]
عشق جي کنيس اُليل
نه ته ڪاٿي هو آدم انساني
1_ ڪاٿي هو آدم باغ بهشتي ڪاٿي هئي حوى
حَيَواني
پنهنجي حڪم سان هلايائين حڪمت آيو محبت
ڪارڻ ميل
ٿيو ڪاڏهن شرڪ
شيطاني
2_ عاشق ٿي معشوق مٿاهون سير ڪرين سلطاني
سارو نور نبي نرمل ۾ سمايُون ڪيائين سيل
هر جاءِ تنهنجي
حڪمراني
3_ عشق جي آتش آڙهه لايس درد لڳس دراني
جيئن مجنون مست ڦري ٿو تيئن ڪري ليلى ليل
ڏاڍي وِره لايس
ويراني
4_ سسئي ڪاڻ پنهل پنڌ پيڙو ڇڏيائين ڪيچ
مڪراني
ذوق مؤن ذات ڌرايائين وڌٻي لايو تڙ تي تيل
ڇڏي خان ٻارو چل
خاني
5_ رانجهن تخت هزاري جو صاحب هير لايس حيراني
آيو جهنگ سيال پڇائي چاڪ ٿي ٻڌائين چيلهه
ڪنهن غرض ٿيو
گذراني
6_ ”جمعا“ تون سمجهه ڳالهه ڳجهيءَ کي غير جي
ڀڃ گماني
”الانسان سِري انا سره“ ڀول ٻيائيءَ جا
ڀيل
پوءِ سير صحي
ساروئي سبحاني
[1710] سر ڀيروي*
اڄ مان ڪنهن سان سَليان سُور
دل چاڪن ڪئي آه چُور
حال منهنجي جا محرم مِٺڙا، ڏينهڙا لاتَوَ ڏور
1_ اُڏر پکيڙا پار پرين هي نانءَ ڌڻي هڪواري
آڻي ڏي ته عجيبن جي هن ڌاريءَ کي دلداري
ساه سُڌير ٿئي من منهنجو سڻي محبن جو
مذڪور
2_ هڪ ته مون سان سهڻل ڪئي ڀورل بيپرواهي
هرڪو پنهنجي غرض وارو ڪونهي ڪنهن جو ڀائي
پنهنجا ويٺي پاڻ سان اوريان درد گهڻي
دستور
3_ محب هڻي ويو مَن ۾ مٻيخون جيءَ اندر جڙيون
سوين حڪيم طبيب جو مڙيا لکين پياريائون
پُڙيون
سِڪ ”جمعي“ کي يار سڄڻ جي وره ڪيو وهلور
عباس علي شاهه
عباس علي شاهه ولد حاجي امام بخش شاهه، پير شاهه
پوٽو، ڳوٺ غلام حيدر شاهه لڳ ميرواهه گورچاڻي،
تعلقي ميرپورخاص جو ويٺل هو. اندازاً 1940ع ڌاري
وفات ڪيائين.
[1711]*
ننگ نرمل تون نباهج، آءٌ ته آهيان عيبدار
1_ ”قالوا“ نيندو قول سين، پريَم ڪري تنهنجي
پچار
عبد ٿيڙس عهد کان، نرمل اوهان جو نامدار
2_ ٻانهپ سندي ٻولي ٻڌي، آيس هلي هادي هتي
ڪابه ڪيڙم ڪار تنهنجي ٿيس، غافل گنهگار
3_ عيب مون ڏي لک هزارين، ٿيو بديون بيحد شمار
قال ڪهڙي آءٌ ڪريان، سڀ سمجهين ٿو ستار
4_ ”لاتقنطوا“ ڀروسو مون کي، مليو، محمد جو
ميان
عاشق اجهو اڙين سندو، ”عباس علي“ کي ڏي
آڌار.
درل ڀٽو
دُرل (دورل) ڀٽو لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. چاليهن سالن
جي عمر ۾ سنه 1940ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس هيٺين
قافي30_ 1920 ڌاري لکيل قافين جي هڪ قلمي بياض ۾
شامل آهي.
[1712]*
موڙي آءُ مهار، ٻاروچا ڇڏ نه ڇپر ۾
1_ ڪيچ ڪوهيارا ڪره قطاري
وڃ نه مُٺيءَ کي محب تون ماري
ڌاري ڇڏ نه ڌار
2_ هو جي ڪيا هئئي سخن سچارا
پاڙج پانهنجا پنهل پيارا
ڪيا هئئي قول قرار
3_ هيءَ لڳي آءِ لڙهه تنهنجي لاري
هيئن نه مناسب ويهڻ وساري
سگهڙي لهج سار
4_ دل ۾ ”دُرَل“ چئي ڇڏ بيپرواهيون
آءٌ ته جوڙي ڏيانءِ جيءُ منجهه جايون
لَک لکين هزار.
بلند فقير
بلند فقير سولنگي، ويٺل ٽنڊو آدم، اندازاً 1940ع
ڌاري وفات ڪيائين.
[1713] روپ زلو*
دل نه دلبر ڇڄي، منهنجي تو کان مڪمل
1_ ريءَ آزل موت آمر جي، ڪيئن ڀيلو هوندي ڀڄي
امر الاهي آڪمل
2_ ساهڙ سهڻي سير سائر جي، ڊاوَ ڪنهن نا ڊڄي
سائين منهنجا
سهڻل
3_ ٻارِ ۾ ٻڏنديس ٻيڻا، منهنجا خيال نٿو پيو
کڄي
ميهر نوري نِرمل
4_ سِڪ وندي سان ساجن ساڻي، ڇو جهيڻي ٿي جهڄي
ڀؤ ناهي ڪو ڀرجهل
5_ ”بلند“ چوي باغ بهاريون، ڀيڄَ ڀلي پئي ڀِڄي
اعظم عجيبا افضل.
[1714] روپ ڀيروي
هاري گهُم چؤڌاري هَڪل هِر واري
ٻوڙِي ٻني4 تي اٿئي پکي جام جهاري
1_ پنهنجي پوک پياري، سٺي ڪر سينگاري
سنباهج سنڀاري، ڪري ترت تياري
2_ ’ڪَر پيهٻي تي پلتار، هڪل هر وار
نِسري ٿئي نروار، پچي پوک پياري
3_ پختو ٿي ٿون پچاءِ، زبان کان به بچاءِ
مڙسيءَ کي ته مچاءِ، ڪري هشياري
4_ ”بلند“ جن ڪمايو، ڏاندن مڙسن ڳاهيو
آڇو تن سنباهيو، کِيندا عمر ساري.
[1715] روپ بسنت
لکيو لعل اچي پاريندو
مون سان انگ پنهل اچي پاريندو
ڀينر شهر ڀنڀور کان بس ڪيم
1_ بره بلوچ جي آهيان بندياڻي، محبت ميگهه
ملاري وو
سبق سِڪڻ جا سَوز سراسر صحي مون کي
سيکاريندو
اديون اهي آمين آوس ڪيم
2_ آهي آس اميد مون اهڙي ور پنهنجي ڏي آءٌ
وينديس وو
جيڏيون جانب جَت منهينجو، ڏاتر مون
ڏيکاريندو
غرض انهيءَ ۾ گوندر گس
ڪيم
3_ ڪاڏي ڪعبو، ڪاڏي قبلو، ڪاڏي ماڳ مدينو وو
اولهه مڪو مدينو مُنور، ڪيچي زيارت
ڪاريندو
راه انهيءَ ۾ رَيئٻي رس
ڪيم
4_ بَر پٽيون بَيبان ”بلند“ چئي روه جبل ٿي
ڏوريان وو
لَڪ لَڪيون مڪران ملڪ جون آرياڻي مون
اُڪاريندو
وندر وڃڻ لاءِ وڏڙا وس ڪيم.
[1716]
ڪهڙو آرام اچي انهن کي
جن کي دوست جاڳايو
1_ چڱي چلگت سندن چالي
لاکيڻي لوڏ لڱن لالي
ورائيندنواڳ وطن والي
ڌُرائين دوست دل لايو
2_ سِڪان ساريان سندن صحبت
مون کي ماريو انهيءَ محبت
اڱڻ ايندم اديون البت
ڪندو مون تي ٻاجهه ٻاروچو
3_ سُتي مليو ساجن سائين
خوشيون مون سان خواب ۾ ڪيائين
چڱيون ڳالهيون چليو چيائين
انهيءَ رنگ مان کي ريجهايو
4_ دوست هلي آيو گهر
لٿا سڀ غم ۽ گوندر
ولهو آيو وِلهيءَ جو ور
”بلند“ چوي ڀاڳ ٿيم ڀلارو.
[1717] روپ زالو
يار پا ڳيون جهاتيان
نينَ سڄڻ تيڏيان چِٽيان
1_ لالڻ لاشڪ تيڏي ڪيتي
لَئون لَئون اندر لاتيان
لؤون تُساڏي لُٽيان
2_ راتيان ڏينهان ڪُهينديدان ميڪون
تيڏي قرب ديان ڪاتيان
فنا فَراقان ڦٽيان
3_ لُٻان لوڪ ديان سڀئي سِر تٻي
چاهه وچون مئن چاتيان
جڳ واليان جٻيئي جُٺيان
4_ ”بلند“ آکٻي آپ آلاوين
ڀَليان ڀيان باتيان
سهڻا سائين سُٺيان.
[1718]
مومل ماڻيائون الا، اَمر ساڻ الله جي
1_ ڇٺيءَ رات چوريءَ جو انگ ته لکيائون
مِڙي برهمڻ پاڻ ۾ پوٿي پٽيائون
ان جو لکيو مسلمين سان، تڏهن لڙ ۾ لوڙهيائون
2_ سوڍي سُڀٻيرو ڪيو، پَهرين پَهَيائون
ڪاهي آيا ڪاڪ تي ٻيجهيءَ ٻوليائون
ٽيجهي ٽڪاڻن تان ڪاوا ڪڍيائون
3_ مارن منجهان مارئي تڙ تي تڪيائون
کڻي هليا کوهه تان، ڪري دانهياري دانهون
مارئي عمر ڪوٽ ۾، هن جي ڪل نه ڪيائون
4_ لِيلهان ڪؤنرو پاڻ ۾، سودو سليائون
ڪري ٺاهه ٺڳيءَ جو ان کي ماري مڃيائون
بوتي جي بيان سان لِيلهان لڏيائون
5_ مجنون ليلى مسيت ۾ پرتان پڙهايائون
ڏاڍو کاه کٿابن ڪيو جن تي بدي بنايائون
قاضي وٺي وٽي وه جي هٿ ۾، پيالو پلايائون
6_ ڪاريون راتيون ڪچو گهڙو آيون اونداهيون
هڪڙا دور درياءَ کي ٻيو رڱن رتائون
سهڻيءَ ساهڙ کي چيو، تون اچج اورانهون
7_ سيفل جا سمونڊ ۾ ٻيڙا ٻوڙيائون
سيفل مَلڪان پاڻ ۾ ترهو تڪيائون
بديعل جا باغ کي ڏوري ڏٺائون
8_ هِير هاريءَ ماهي خاطر مڃيون مڃتائون
رانجهن تخت هزارو هڪدم ترڪ ڪيائون
چوچڪ شهر چناه ۾ چاڪر چوايائون
9_ يوسف ڪاڻ زليخان ڏنيون جيءَ کي جفائون
عشق ۾ عُمي ٿي پئي، رب جون رضائون
قادر اُن جي قرب ۾ ڪيون واحد وَفائون
10_ شيرين ۾ فرهاد فنا ٿي ٽڪر ٽاڪيائون
هِمت بندو مدد خدا، سبق پڙهيائون
ناٿي نِيرَندي مان واهڙ وهايائون
11_ گندريءَ ڄام نَوايو محبت منڊيائون
معاف مِيڙئي محصول ٿيو مياڻيون موکيائون
داخل دوجهان ۾ نينهن نباهِيائون
12_ اوڏڻ لا کي عشق ۾، گهَرو گهاريائون
پاريائون ناتو نياز جو مور نه مٽيائون
پيوند پيچ پريت جو پختو پاريائون
13_ ڪري ته آس الله جي آيو اُتاهون
سِر جو سوالي منگتو ٿو ڪري صدائون
ان کي برابر ”بلند“ چوي ڪات سِين ڪٺائون.
کهرو شاهه
سيد کهَرو شاهه، ڀٽ شاهه طرف جو ويٺل هو. اندازاً
1940ع ڌاري وفات ڪيائين.
[1719]*
گهاتوئڙا ووالا، متان آئين رڇ رنڊايو
1_ رڇ رنڊائي ڪيترا، هتان لک هليا
2_ سڳن سٽون آئيون، ويڙا ونجهه هٿا
3_ ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، ڪلو ڪونه ڪجا
4_ سيد پنهنجي ساٿ سان، ”کهري شاه“ کي نجا
[1720]
ميان ڏي موڪل، ماروئڙن جي ملڻ جي
ويڙ هيچن جي وطن جي
1_ پٽ پهرينديس ڪينڪي، اٿم پهنوارن جي پل
2_ سي ٿي ساريان سومرا، آهيان جن جي اصل
3_ پائر سندي پار جي، جهانگيئڙن کؤن مَ جهل
4_ ويڙهه وڃڻ جي راتو ڏينهان، ”کهري شاهه“ کي
ونجهل.
غلام رسول الله آبادي
غلام رسول الله آبادي گذريل دور ۾ هڪ حال وارو
شاعر ٿي گذريو. سندس ڪلام جي ذخيري مان 61 مولود ۽
101 قافيون مليون.* جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
[1721]
عمر اباڻا ڪين وساريان، روز انهن لاءِ راهون
نهاريان
1_ پکڙا پهنوارن جا ياد پون ٿا
ڪوڏِ عمر پوءِ ڪيئن گذاريان
2_ ڏٿ ڏؤنرن تي گذر اسان جو
کاڄ کنڀيون سي سانگي ساريان
3_ بازر بنگلا ڪين ڏٺا هئم
واريءَ وڇاڻا پَٽ پَئِي پچاريان
4_ الله آباد ۾ رهن سي راضي
پلڪ پري ڪين تن کان گهاريان
5_ عرض”غلام رسول“ سدائين
پلپل ويٺي ڪانگ اُڏاريان.
[1722] سر ڀيروي
منهنجو شهر ڀنڀور ۾ ڇاهي ڙي
وڃان ڪيچ ملڪ ڏي ڪاهي ڙي
1_ شهر ڀنڀور ڀلائي هان
ڪا جا رمز رضا جي رلائي هان
پيا ٿم پُور پلئه ڇا کان ڄائي هان
ويا چوري ويس مٽائي ڙي
2_ ڏاڍا شهر ڀنڀور ۾ ڀولاهِن
رڇ باندر راهڙ رولا ڪن
جيڪي ڳالهه ڳڻي منهنجي ڳولا ڪن
اِهو ترس انهن کي آهي ڙي
3_ اُٿي ڏونگر ڏور، هاڻي ڏاهي ٿيءُ
ڇو جو شهر ڀنڀور جي ڄائي ٿيءُ
جيڪا ڏير ڏئي ويا سُرڪي سائي پيءُ
الله آباد ۾ آئٻي ڙي
4_ سُور ڀنڀور جا ساڙي ويا
ڪيچي ڪالهه قطارون قطارون ويا
مون کي ڏونگ ڏيهه ڏيکاري ويا
غلام رسول“ سڏائي ڙي
[1723]
ڏينهن چوان يا ڏيهه سمورو
ڇڏيو سٻي ڙي ڇڏيو سٻي
1_ عالم ليکي عالم ۾ هُون، گوشِ اندر گُر
گڏيوسي
2_ سؤ سؤ رنگي ساز وڄائي، سُرَ ۾ سِرُ سڏيوسي
3_ اؤکو بار بره جو برسر، لطف ٿيو جو لڏيوسي
4_ الله آبادي ائين ئي آهي، عاشق ٿي سر
آڏايوسي
5_ حال محال بيحال برابر،”غلام رسول“ ساڻ
گڏيوسي.
[1724]
ڪَن ڏي ته ڪير آهي، ”قُل“ ٿو پڙهي ٻڌائي
1_ تو ۾ تنوار ڪا جا، با عرض بينڊ باجا
واهه جو وڄن ٿا واڄا، صورت سڄي ڇُپائي
2_ آيو جهاز جائِي، هلندو ڏسي هوائِي
عاشق کي ڪل نه ڪائِي، ٻوڙو به اصل ناهي
3_ ڪُڙمي ته کيت لڻندو، ڪوري ڏَهيون به آڻندو
چارئي طرف نهاري، پڇجي، چوي ته ڇاهي
4_ ڪُڙمي ته کيت لڻندو، ڪوري ڏَهيون به آڻندو
راجا ته راڳ سڻندو، ڏيندو انعام ٺاهي
5_ الله آباد گهرجي، وسري نه ياد گهرجي
خوش خيال شاد گهرجي، سبحان سڀ سِکائي
6_ ”غلام رسول“ ٻوهر، سونا لِڪي ته لوهر
جنهن جو قسم ته گوهر، ميٽي نه ڪو مٽائي.
[1725]
اکيون ڇو ٿيون رڙون رت، ملندو ساڳيو سنگت
قاصد ڪالهه اوڏاهون آيون، کڻي خلاصو خط
1_ دوست دلاسو دل کي ڏيئي، پارس ويو پربت
جان جبل ۾ جهاتي پاتم، ثابت رهندم سَت
2_ روز ازل جي اصلي منهنجو پنهل ساڻ پهت
ملڪ انهي ۾ موجان ماڻيون، جاٿي ڪونه قحط
3_ الله آباد اُداسي دلڙي، ڳڻ ڳوليندي وت
پرچي ايندو پاڻ پيارل، جائي جانب جَت
4_ هتي اُداسي هتي خلاصي، ڪنبندي ڪنبندي وت
آخر ساڻ ”غلام رسول“ حضرت ڏيندم هٿ.
[1726]
رهيو وڃي نينهن جو نالو، الله آباد ، اسان جو ڇا؟
1_ پاڻ سڃاڻي پنهنجو آيو، ڪيائين ڪُمل ڪشالو
هجي همزاد، اسان جو ڇا؟
2_ ”فاذ ڪُرونِي اَذ ڪُر ڪُم“ آهي نينهن نرالو
ڪري ڪو ياد، اسان جو ڇا؟
3_ ”هُو هُو“ هر دم ياد هميشہ، چشم عجائب چالو
بِره بنياد، اسان جو ڇا؟
4_ غرض ”غلام رسول “ جي هردم رکجي سرت سنڀالو
سُود سوادم اسان جو ڇا؟
[1726]
پرديسي پاڻ پلايوُن ويا، جيڪي جيئري جان جلايون
ويا
1_ ديدان لائي، ديس پرايو
محبت ساڻ ملهايوُن ويا
2_ منٿان منهنجو ڪين مڃيائون
حاضر حڪم هلايون ويا
3_ ڪنهن کي ڪين ٻڌايئون ڪجهه ڀي
پنهنجي اندر ۾ پايون ويا
4_ عالم ساڻ رهيا اُهڙائي
ما کؤون مُنهڙو مَٽايون ويا
5_ داغ جدائي جو دل کي ڏيئي
”غلام رسول“ سڏايون ويا.
محمد يوسف ميمڻ
محمد يوسف ولد مهرام ميمڻ، دادو جو ويٺل هو. وڏو
درويش ٿي گذريو آهي. سندس 4 قافيون نظر مان
گذريون، جيڪي هيٺ شامل ڪجن ٿيون.
[1727]
ڏي جذب، ڪر وَهب، بجاءِ صلب
دامن تنهنجي ۾ پياسين
1_ رک ياراني يار تون
ڪر نه ڪڏب، ڏس نه حسب، منهنجو نسب
لوري تنهنجي ۾
لڳاسين
2_ مڙگان جا مورچا ٻڌي
ڪر نه غضب، ڏي تون ادب، تن ۾ طلب
تاري تنهنجي ۾
تڳاسين
3_ ”يوسف“ هِت تون ڇا ڪندين
ڪار ڪسب، تنهنجو ندب، ڪر تون رڪب
هاءِ هِراسن
هٻيرا ڏناسين.
[1729]
رڻ ۽ رٽ ڏاڍا پَٽ، واڙين وَٽ
اڳيئون ڏاڍي آڳ ٻُجهي ٿي
1_ غازي گهڙِندا ڪي هُتي
جتي جهنگ ۾ جهَٽ، چيهن چَٽ، سورن سَٽ
اتي ڏاڍي ڏاڪ هلي ٿي
2_ جنگ انهيءَ ۾ ڪو گهڙي
جتي رنگ جي مَٽِ، ڪن ٿا جهٽ، لفظن ڪَٽِ
جاءِ انهيءَ تي جَلي ٿي
3_ رُوءِ رچن ٿا رنگ ۾
جي جاني وهارن کَٽ، سيج سلهٽ، نوڪن نَٽ
بازي اُتي بات بلي ٿي
4_ ”يوسف“ سان سانگين جو
ڳاهٽ ڳٽ، لوري لٽ، چائي چَٽ
ساڳي پنهنجي يار جي سَلي ٿي
[1730]
روح رتل ۾ چوڏهن طبل، ما قبل
ساڳِي پنهنجي يار جي سڏايان
1_ ڪاري ڪوجهي شل وٽان
توکي سُجهل، اچڻ اڳل، مُڊيون توکي معلوم ڪرايان
2_ دشمن دفع ڪر مون سندا
مارِن مُٺل، ٿا آڻ جهل، روز روز دانهون ٿي هلايان
3_ ڪڍ ڪپي سي دونس تون
4_ ”يوسف“ کي مان رَسين
ٻُڌل جان هڪل، آهيان، هيڪل، اندر اولانڀا
اُٿاريان.
[1731]
دل جا بند، شڪر شهد، ڪيسر قند
ڇپرِ ِ ڇوريءَ هِت پاتو؟
1_ رنگ رانجهن مان شل لايان
گوڏ گرد، ملهج مهد، منجهه نهد
مُٺيءَ هِت ويهي نا ڄاتو
2_ لوري لڳي وئي جان کي
وسريا ورد، روزن چند، دنيا جا ڌنڌ
الفي پائي مون رنگ لاتو
3_ ڪڏهن ملندين تون جاني
ٿيم درد، ڇڻيم ڏند، رسيم رند
پڇندي آيس تو در راتو
4_ ”يوسف“ ساڻ ڪرم جو
ڪر ڪو قصد، جانب، ڪرتون رسد
صاف ڪري ڏج تون حاطو.
گلڻ تيوڻو
گلڻ تيوڻو، ويٺل ڳوٺ قبول تيوڻو، تعلقو واره ضلعو
لاڙڪاڻو، اندازاً 1897ع ڌاري ڄائو. سندس ڪلام
بيتن ۽ قافين تي مشتمل آهي.(1).
[1732]
محب ماري ويم، جوش جلائي ويم
ڏونگر ڀانيم ڏليون ڏوليون
1_ مادر محبت روز ازل کؤن، پينگهي پائي ويٺي
اصل کؤون
نينهن ڏنيون جي لوليون لوليون
2_ ڀينر ڀنڀور ۾ ڇا ويهي ڪنديس، دليئون جانيون
هوت ڏي وينديس
جيءُ جُسو تان گهوليون گهوليون
3_ حب حبيبن جي من ۾ آهي، بيشڪ رمندي ڪيچ ڏي
ڪاهي
ڪوه ڪنديون تن ڇوليون ڇوليون
4_ گولو”گلڻ“ آهي ته جائي، ٻاجهئون تنهنجي
ڪندو نه وائي
واٽون وندر جون ٿيم سوليون سوليون
*
تفصيل لاءِ ڏسو ”جهانيان خاندان“، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌ الاجي، 1972ع
[7110]
ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي کان مليل.
[1711] ”ميين
شاهه عنايت جو ڪلام“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
1963ع
[1712]
سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ بياض تان
ورتل.
[1713]
کان [1718] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.
[1719]
۽
[1720] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.
(1)
بيتن لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب ”بيت“،
سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع؛ هيءَ قافي لاڙڪاڻي مان
غلام نبي کان ملي.
|