جمعو فقير
جمعو فقير کٽي ويٺل ڀاڳو ديرو پراڻو، جنهن کي
درياءَ پائي ويو، 1900ع ڌاري 80 ورهين جي ڄمار ۾
وفات ڪئي. آخوند جمعو ڪري سڏبو هو. اول طالب ٿيو
کاهي ڪنڊن ۾ سيد نور محمد شاهه جو، جيڪو طالب ميل
شريف(يعني قاضي احمد دمائي) جو هو. پوءِ جمعو فقير
به وڃي اتان جو مريد ٿيو. سندس قافيون سوز گذار ۽
حال واريون آهن ۽ سهڻي ٻولي ۾ چيل آهن
[1604]*
منهنجا پاڙيچا پنهوار
ڪينهين ڏي ڪاڪيون ڪالهه کڻي وي مال خزانا
ميڙي سڏيون
اتم اوطاقون جن ٿي اڏيون
تن جي ناهي ڀونءِ پچار، هتئون اچڻ جا سانگ کڻي ويا
02 ڇيريون جاما هليا وڌائي
هتئون ويا آهن الفيون پائي
تن جي ناهي خبر چار، هتئون الائي ڇا کئون هليا ويا
03 ”جمعا“ جاني محب ماڙيچا
وارث منهنجا ونهيا ويڙهيچا
سيئي سنڀر سفر سنگهار، جيءَ ۾ جيڪي جادو هڻي ويا
پهرين سڃاڻج پاڻ، پوءِ پنهنجي ذات کي
اثبات ڪر
01 آهين الائي ڪير تون، ڀل نه سهي ڪر ڀير تون
پائي ڪپيريءَ پير تون، گهائي دوئي کي گهات
ڪر
02 ڏنو عشق اهڃاڻ ڪو، ته سنگتي نه کڻجي ساڻ ڪو
03 ڏس ڪونه ڏيندءِ ڪو ٻيو، پير مغان پڌرو چيو
اٿي ماٺ جو مطلب اهيو، ڀڻڪڻ ڇڏي بند وات
ڪر
04 جي سر سڃاڻين ساه جو، اوگاه ٿي الله جو
رهبر ”جمعا انهيءَ راه جو نانگن چيو وڃي
ناٿ ڪر
[1606]
پڙهه وڃي پيرِ ِ مغان کان بره وارا باب ميان
ڪج مطالع ڪين تون قاضين وارا ڪتاب ميان
منطق فقہ پڙهي فارسيون، ٿا جوڙن سوال جواب ميان
حرڪت هنر حرفت سندا منهن ۾ اٿن محراب ميان
02 زهد تقوى کان زياده عشق جا اسباب ميان
جنهن ۾ نسخا نينهن جا نادر ڀايان ناياب
ميان
03 قاضي ملان مفتي پڙيئي هِن عقل جا ارباب
ميان
دم دم هئن ٿا دمزنيون ڪن دين ۾ دولاب ميان
04 سنگت صحبت سالڪن جي ”جمع“ ڀاءِ ثواب ميان
درويش دل تون دور ڪن هستي هئڻ جا حجاب
ميان
[1607]
دل چاڪن ڪئي آ چُور، مان ڪنهن سان سليان سور
حال منهنجي جا محرم يار، ڏينهڙا لاٿئي ڏور
01 هڪڙي مون سان سورن ڪئي، ٻي ڀورل بيپرواهي
هرڪا پنهنجي غرض واري، ڪانهي سورن ڀائي
پنهنجا ويٺي پاڻ سان اوريان، اهي درد گهڻا
دستور
02 آ پکيئڙا پار پرين، نان ڌڻي هڪواري
آڻي ڏي به عجيبن جي هن ڌاريءَ کي دلداري
ٿئي ساه سڌير من ماندو، سڻ محب اهو مذڪور
03 جانب لايئي جان ۾ ڪي جيءَ اندر جڙيون
سوين طبيب هزارين مڙيا، لکين پيارِن پڙيون
سڪ”جمعي“ کي محب ملڻ جي، آهي ورهين کئون
وهلور
[1608]
مون ڏي ميناڪاري، ڇلڙو مڪو آهي يار نشاني
1_ ڇلو ڇڻڪي، بُت ڪڻڪي، ماءُ جهڻڪي جهيڙي
ڪيڏهون آيو، هي نڀايو، تو پاتو اڄ انِي
4_ سوناري، سونُ ڳاري، ”جمعا“ آندو آ ويچاري
رپو ريلي، رنگ ميلي، خط کولي، ايراني
[1609]
جيجل تي جوڳڻ، آءٌ ور ته ڳولينديس ورَ سان
1_ بره جي بِينِ کڻي، هلنديس، هڪڙي ڃڻي
صبح سنجهه سين هڻي، آءٌ بر ته ڳولينديس بر
سان
2_ لاهي سِرَ جو سانگو، نَئين ته لنگهينديس
لانگهو
تان هجي توڙي تانگهو، آءٌ جر ته ڳولينديس
جو سان
3_ ”جمعا“ ڏس جي جوڳي، ماري تن ڪيس موڳي
اڻ سونهين آهيان اوڳي، آءٌ ٿر ته ڳولينديس
ٿر سان
[1610]
رکي روز وتان رانجهون نال ميان
کڃ کيڙي ڏهون ويندا خيال ميان
1_ مل ڪي سهيليا متيان ڏينديان
ڪوڙيان ڪپٽ ڪرڪيون جهلينديان
ميڪون جهوڪ وڻي جهنگل وينديان
جٺ رانجهون چاوي منجهان مال ميان
2_ چَريان چاڪ آکو سڙيان سُنور ڪنون
ماهي يار مٺا ميڪون نور ڪنون
اها دان ڊهيمُ ته حضور ڪنون
جنهن دي نينهن ڪيتي آن نهال ميان
3_ رانجهن رئسي رکيا سِر تاج شاهي
ملڪان فلڪان پئي مقال آهي
آڏو ”جمعا“ ساراهي لوڪ سپاهي
ڪونه ڪڇي ڪنهن دي مجال ميان
قاضي امام بخش
امام بخش قاضي، ذات دايو، ويٺل ميرپور ٻرڙو،
تعلقو ٺُل وڏو عالم هو. ميرن جي دور ۾ سندس فتوى
سان ڏوهارين کي سزائون ملنديون هيون. بهترين حڪيم
۽ شاعر هو. سرور بخش”فدا“ سندس ڀائٽيو ۽ شاگرد هو.
قاضي امام بخش جون 11 قافيون نظر مان گذريون.*
[1611]
بهتر بهاريون سبزيون سڄڻ جو
ڪڏهن نا ڪوماڻو، اهو دم دم ڦلاريو
1_ گل باغ محبوبن جي قسمون قسم جا
بلبل تهين تي آهن، عربون عجم جا
ٻولن ٿا ٻوليون، تن ساجن سنڀاريو
2_ مانند بنوشي مان گردن نوايان
سڄڻ اڳيئون سڀ خبران سڻايان
جني مهر سان منهنجو جيڙو جياريو
3_ جن ڏٺي آهي تنهنجي رونق بسنتي
بيهوش ٿيڙا منجهه محو مستي
پي مئي محبت تن دُئي کي وساريو
4_ آهي”امام بخش“ اميد ڪامل
ساغر گلابي ٿيندو هر طور حاصل
ڏيندا هٿن سان منهنجو هينئڙو سينگاريو
[1612]
ڪهڙو حال سڻايان مان پَر کي
سڀ نيڪ روشن ننگي نر کي
1_ پياس پنهل جي پسڻ جي آهي
قصدئون ڪيچ وڃان هوند ڪاهي
ڳولهي ڳوٺ ڳليون، لهان پنهنجي ورکي
2_ حامي هوت وسيلو وارث
پنهل آرياڻي پرين منهنجو پارس
لطفئون لال ڪندو شل لاغر کي
3_ آهي”امام بخش“ عاصي احقر
سچ مان ورتم سرور جو در
نيٺ نوازيندو پنهنجي نوڪر کي
[1613]
عشق عجب اسرار، سَئين سَئين رنگ و ِکيندا
بره عجب اسرار
1_ ڪڏان حيرت عبرت لاوي، ڪڏان لامڪان ويکاوي
گاه بهر گاه دوست ملاوي، وچ هر بازار، يوسف
نون و ِ چويندا
2_ ڪڏان بتخاني وچ نيندا، پُت اڳيون سجدا ڪر
ويندا
حرف انا الحق دا آلويندا، آپ ٿيندا بيزار،
الٽي تهمت ڏيندا
3_ وچ دڪان محبت والي، ڪات دي نال ڪلال آٺالي
ڏيوي شرابئون ڀر ڀر پيالي، مئي وٽئون
تڪرار، عشقان نون قتل ڪريندا
4_ ”امام بخش“ عشق اڻانگا، ڪُهيندا، ڪجهه ڪري نا
سانگا
بره ٿيندا هي وت بانگا، بانگ ڏيوي يڪبار، هوش
عقل لٽ نيندا
فقير مير خان ٽالپر
مير خان ٽالپر، ويٺل ڳوٺ ٽالپر وڏا تعلقو ڪوٽڏيجي
ضلعو خيرپور. 14 صدي هجري جي اوائل ۾ ٿي گذريو.
پنهنجي ڪلام ۾ ”خوش خان“ تخلص طور ڪم آندائين. لطف
علي ٽالپر سندس پٽ هو، جيڪو وڏو سگهڙ هو ۽ قافيون
ڪلام به چيائين. سندس هيٺيون ٻه قافيون لطف علي
ٽالپر جي بياض ۾ شامل آهن.
[1614]
لائي حب اندر ۾ هولي، وڄي نوبت نينهن نغارو
1_ نچن ناچو ڇمڪن ڇيريون، ٽهڪي ٿي اها ٽولي
واهه حسن
هٻڪارو
2_ سوين ساز آواز کڙا ٿيا، لئون لئون اندر
لولي
وفي انفسڪم اشارو
3_ ”في انما تولوا فثم وجهہ الله“ حلي آيو
جهولي
ڪيم دل ۾ درس
ديدارو
4_ بره حقيقي مان موج کڙي ٿي، ڇپر سارو ڇولي
قلزم ڪارونڀار نه
ڪنارو
5_ اصلي استئون اڻ لائق سان هئي، ٻاروچي جي
ٻولي
جنهن جو قرب
قرارو
6_ ”خوش خان“ سچي ستگر جي در جا گولا تن جي
گولي
ڪيم ساه صدق سر
سارو
[1615]
مارن جو ملير، مون کان مور نه وسري
1_ ماکين ۽ مصرين کؤن وڌ پيتم پينگهي ۾ پنير
2_ پت پنهوارن سان شل پرندي، صاحب رکندم سير
3_ وڃي ڏسندين شل ويڙهه ۾، ڪندو پنهوارن جو
پير
4_ وڇڙي آيس ويڙهيچن کؤن، چاڪ هِنئين ۾ چير
5_ ”خوش خان“ کيتن خوشيءَ مؤن پيتم کٽڙا کير
ابو طالب اعواڻ علوي قطب شاهي
پنهنجي هٿ لکيل بياض ”ڪتاب ڪافيات و مولود شريف“
۾ پنهنجو نالو ” ابوطالب قوم اعواڻ العلوي قطب
شاهي“ ڄاڻايو اٿس. غالباً شڪارپور جو هو. قافين ۾
حضرت غوث اعظم عبدالقادر جيلاني رحه سان پنهنجي
سچي عقيدت جو اظهار ڪيو اٿس ۽ مداحون چيون اٿس،
فارسي ۾ نظم توڙي سرائڪي ۾ سنڌي ۽ قافيون تصنيف
ڪيائين. بياض ۾ هڪ جاءِ تي سنه 1328هه لکيل، جنهن
جي معنى ته سنه 1910ع ڌاري زنده هو. بياض ۾ سندس
34 سنڌي ۽ سرائڪي قافيون نظر مان گذريون.*
[1616]
ٻاجهون تنهنجي پرين يار پيارا
ڏکيا ڏاڍا ڏينهڙا ته لنگهن ٿا
1_ ڏينهن اُهي اٿم ياد سڀئي
هوت هواسون هڪ هنڌ ٻيئي
قسمت آڻي ڪيو هٿ هيئي
جوشن ۾ تانهنجي جيئڙا ته جکن ٿا
2_ جنهن ڏينهن پنهنجو پاڻ پَسايُوَ
مينهن محبت وير وسايُوَ
نازڪ نينهن نڌر سان لايُوَ
تنهن ڏينهن لاڪون نيڻ ٽمن ٿا
3_ صورت پوش ڪَيُوَ انساني
معنى آهين لاثاني
مام تنهنجي سڄڻ ڪي سالڪ سمجهن ٿا
4_ هادي سنديم حضرت ميران
عبداالقادر شهه پير پيران
قدم سندس برڪل ليان
ڏٺڙي جنهن جي ڏک ڏور ٿين ٿا
5_ جيئري جدائي جالڻ اهنجو
سور نه ٿئي مون سانڍڻ سهنجو
توريءَ ناهي جيئڻ ته جڏيءَ جو
درد کان دلبر دونهاڻ دکن ٿا
6_ محب ملڻ جي ڪر ڪا وائي
گهوٽ اوهان جي گهورن گهائي
”طالب“ سنديوَ طلب سوائي
ڄام پنهون پلپل تنهنجا پور پون ٿا
[1617]
سڄڻ ٻانجهون ناهي سيرو، سڪ اندر ۾ ڪيا آهن سيلها
1_ سڪ سانول جي ساهه نه ماپي
رمز انهيءَ کان روح نه ڍاپي
ويٺي پڇان گهٽ گهير
2_ درد جدائي جوش جاڳايو
ساهه سڙيءَ جو سُور سُڪايو
اچي حال ڏسج هڪ وير
3_ آري ڄام اوهان جي عشق اڙايو
پاندي ڳچيءَ سِرُ نوايو
اڳيؤ پرين تنهنجي پير
4_ ”طالب“ سنديوَ طالب سدائين
نت ڏيکارين سهڻا سائين
شوق اوهان جي ماريس شير
[1619]
آري ڄام اوهان ريءَ ماندي، هَئي هوت آهي هيڪاندي
1_ جالڻ جدائي موت مٺيءَ کي
قربن ڪڙيو آهي ڪٺيءَ کي
هيءَ دور نه ٿيي درماندي
2_ قرب ڪيچي تنهنجا ڪهڙا ڳايان
پاندي ڳچيءَ ڳل اڳيون پايان
پنهون پيش ڪيو پسماندي
3_ ساهي منهنجي وئي ساه سڙي جي
بات بره سنديو ناهي گهوٽ گهڙيءَ جي
هيءَ هوت هجي پير اندي
4_ هوت هيڻيءَ جو حال هي هيڻو
بيو ته ٻڙيءَ کي ڪيو سورن ٻيڻو
ڪرم ڪرج ڪو ڪانڌي
5_ ”طالب“ آهي طالب پسڻ جي
دوست اوهان جي ديد ڏسڻ جي
پرين پاڻ پسايو کي پانڌي
[1619]
در ته اوهان جي دانهه سائين هونديس شال هميشہ
1_ وِ ِ ره اوهان جي آهيان وڪوڙي
ناز نيڻن جي آءٌ ته نهوڙي
هيڪر حضرت پاڻ پسائين
2_ ڪاٿي آهين اقدس اعلى
ڪاٿي مهدي شاهه مُعلى
ڪاٿي قُربئون ڄام ڪوٺائين
3_ هيءَ ويچاري محبت ساري
زور ڪري ٿي ضعيفي زاري
ناميانِڌر سان نينهن نڀائين
4_ سِڪَ سندوَ آهي هوت مون هردم
چِتُ نه موران چَريءَ تون چيائين
5_ مير ملڻ محض هيءَ ”طالب“
[1620]
ڏينهن ڏٺي ٿيم گهڻا گهڻا
آءٌ روز ويٺي ٿي رڙان رڙان
من ڪا ٻاجهه پوئي، من ڪو ترس پوئي
1_ مون جيهون ڪيتريون ڪمينيون
آءٌ ويچاري شل وڻان وڻان
2_ مون ته نذر آهيان نماڻي
پنهنجا سور سمر ڪيو پئي سڙان سڙان
3_ فڪر فرقت جي فنا ڪيو مون
قرب ۾ تنهنجي پئي ڪڙهان ڪڙهان
4_ ٻيا ورد وظائف ويا آهن وسري
هڪ اکر اوهان جو پڙهان پڙهان
5_ عاشق ”طالب“ ڄام اوهان جي
چاڙهه انهي پئي چڙها چڙهان
[1621]
*
ڏيئي جهوري جيءَ کي يار وئين
ڪري قهري قهر قهار وئين
1_ هيءَ ته ڦٽي هئي اڳئي ڦٽيل
.تنهن کي شاه ڪري ته شڪار وئين
2_ ديدان ديدن سان اٽڪائي
ڏئي حسن سندو هٻڪار وئين
3_ مڙگن جا پَڪانَ چلائي
هوش لُٽي هشيار وئين
4_ خوش گفتاريءَ سان مٺڙا موهُيوَ
چاڙههي بره جو باري بار وئين
5_ آري ڄام اندر ڏئي آتش
ڪري نينهن سندو نروار وئين
6_ سرور لهجان سار سگهيرڙي
هاڻي عشق ڪري اظهار وئين
7_ ”طالب“ طلب پسڻ پر ِ آهي
اچي دمدم تنهن کي ديدار ڏئين
[1622]
جيوتن تيوين ننگ پال، مين پلئي تُسانڏي پئيان
1_ هجر تُسانڏي ڪيتا هائل
عرض سڻو ساڏا سئيان
2_ جلوه ويکاوي هوش نيتوئي
ٻِيان وايان و ِسر سڀ وئيان
3_ سول نه ڀاوندا ڪڙم قبيلا
هُن ڳالهيان سهيو يا ڳئيان
4_ ماڻ تُساڏي دا شوق هي مينهون
مام اِنهين وچ مست جو ٿئيان
5_ آوين اساڏي ڪول عجيبا
نيڻين وهن نت نت نئيان
6_ هادي ميران شہ عبدالقادر
ڪرم ڪرين تان مين جيئان
7_ ”طالب“ تُساڏا بردا ماهي
ڏيوين پرت پيالا تا پيوان
يوسف سمون
يوسف فقير ولد حاجي محمد سمون، ٽنڊي ڄام تعلقي
حيدرآباد جي ڀرسان ”جيئي شاهه“ جي درگاهه جو متولي
هو. سنه 1910ع ڌاري وفات ڪيائين.*
[1623]
سڻ تون ڄام عمر، آءٌ ٿي هتي جاڙ جيان
1_ وينديس ويڙهه وري آس اميد نه لاهيان
اڳيان اباڻن جي پاند ڳچي ڳل پايان
سوکڙيون سرتين لاءِ سي نوڙت ناز نيان
2_ زيور زريون تنهنجا سڀ بد ٿي ڀايان
جامون کي ڏني ڏاڏاڻن سا لوئي ڪيئن لاهيان
عدت ڀڃان ڪيئن ان ڪاڻ جو ٻن ڏينهان
3_ ”يوسف“ چئي جيڏين لئي ٿر وڃي ٿاڪ ٿيان
ٻڪر ٻاٻاڻن جا ولر ڪري آءٌ واريان
جنب گذاريم جن سان سي سانگيئڙا ٿي ساريان
خليفو ڇٽو درس*
خليفو ڇٽو والد محمد قابل ذات پلي، ڳوٺ سِگهه
تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو، 1257هه...
1858ع ۾ ڄائو. عربي ۽ فارسي جي تعليم ورتائين.
سندس ڪلام جا مجموعا”شعرن جو انتخاب“ ۽ ”ڪنز
الاشعار في ڪلام الهيار“ آهن، جن ۾ مداحون، مولود
۽ قافيون وغيره آهن. تمام وڏو زميندار هو. پر آخر
عمر ۾ سموري ڪاروبار کي منهن موڙي فقيري ۽ درويشي
اختيار ڪيائين. 4 شعبان 1338هه.. 1919ع ۾ وفات
ڪيائين. ڪلام ۾ ”ڇٽو“، ”درس“ ۽ الهيار تخلص طور ڪم
آندائين.
[1624]
فڪر فرحي رمز رندان، صحيح سڃاڻن سالڪ ٿا
1_ تڙي تڪبر ڪڍيئون ڪاهي، اصل وڏائي نانگن
ناهي
عشق الاهي ان کي آهي، ساميڙا سي سرت سبحان
2_ واصل حق سان آهن ويراڳي، صورت تن سڃاتي
ساڳي
رام ريجهايو جوڳين جاڳي، جلن جلالي منجهه
جولان
3_ جوڳين پنهنجي جان جلائي، دل ۾ درد جي
دونهين دکائي
حاصل حق جي ڪري ڪمائي، نانگا نڪري ٿيا
نيشان
4_ چار عناصر ملت وارا، پارس پنجئي سيد
سونهارا
ٻارهن ٻيا به ”الله جا يارا“ صحيح سڃاڻج
سي سلطان
[1625]
سامين سمهي سک نه پرايو، جان جلائي جوڳين يار
1_ عاصي عاجز عيبن هاڻا، اپر اتاج سي آهن
اباڻا
ڄاپي سورن لاءِ ساماڻا، ورهه وڪوڙين
چوڌاري
2_ ويهي وهائن راتيون، ڇرڪ ڏڪاين ڇاتيون
ڇاتيون
برهه بنا ٻيون باتيون باتيون، عارف ڪن نٿا
اظهار
3_ ڪڏهن نفي، اثبات ۾ ڪڏهين، ذاتي مليل ذات ۾
ڪڏهين
نڪتل ننگ نيات مان ڪڏهين، کڻن خواري جا
به خرار
4_ راول رويو رت وهائن، آگ اندر جي عام نه آڇن
سور سليو سي ڪين سڻائن ”درس“ پڙهن ٿا
استغفار
[1626]
نه الفت رکن ساڻ ڪنهن انسان
خاص خدا سان واصل ويراڳي
1_ جرئت جوت جميعت ان جي، خالص خاصي نيت ان
جي
عشق الاهي ديت ان جي ڪلمو قربئون پڙهن
قرآن
2_ شر شهر کان شائق پاسي، برهه بيراڳي بيٺا
باسي
ڇڏيا وڻ ويراڳين واسي، طاهر بيٺا منجهه
زبان
3_ ڏسي ته لکيل مٿس هليا، رهن نه راول جوڳي
جهليا
پنهنجا پاڻ آهن تن پليا، ڪاڻ ڪڍن ٿا ڪنهن
ڪانَ
4_ ”درس دلاور حق جا طالب، رهن اماره تي ٿا
غالب
ترڪ دنيا ڏئي بيٺا راهب، صوفي صافي سرت
سجان
[1627]*
ڪئي آ اوچتي سانگين سنبت، لاچار کئون ويڙا لڏي
1_ محل ماڙي ڀانيان سڃي، مارو ويڙا ڀيرو ڀڃي
ويٺا آهن بر ۾ وڃي، پيرا پنهنجا پکڙا اڏي
2_ مان ڀانيو ويندم وٺي، هونديس قبيلي سان
ڪَٺي
قسمت مُئي جي آهي مُٺي، ڇوري ڇپرا ويڙا
ڇڏي
3_ ”الهيار چوي سانگي ساريان، آهون ڪري ٿي
اوساريان
ڳوڙها ڳلن تؤن ڳاڙيان، دلڙي غمن سان ويڙا
گڏي
[1628]*
تون آهين ڪعبو پاڻ، ڪعبو هردم آهه توساڻ
خَلقنا الانسانُ تون احسن آهين، پنهنجو
پاڻ سڃاڻ
1_ خلق الادم على صورتہ، ٻي نه ٻيائي ڄاڻ
2_ ونهن اقرب کان آهي ويجهو، تنهنجو توئي ساڻ
3_ ڪين ٿيڻ ۽ ڪين ڪمائڻ، عارف جو اهڃاڻ
4_ ”درس“ ڪڍي ڇڏ دوئي دل مان، اکر نه اهڙو آڻ
[1629]
جنهن دل تي آهي عشق جو پُور
سا دل هردم آهي چور
1_ ڪاپڙيا جي ڪيف ڪڪوريا، مست وتن مخمور
2_ ساعت سو نه سگهيو آهي سامي، جنهن سان پرين
جو سُور
3_ وات ۾ جنهن کي ورد وظيفو محبت جو مذڪور
4_ لاحد لنگهيا لانگوٽيا جي، ”درس“ دوئي ڪري
دور
[1630]
جنهن دل تي آهي، عشق جو بار،
سا دل هر دم آهي بهار
1_ ونحن اقرب وارث ويجهو، ويڇو هڪ نه وار
2_ فثم وجہ الله ڏي عارف، نر تئون ڪر نهار
3_ سامين جو سوز شناخت، وحدت جو واپار
4_ ”درس جي دل کان دور نه دلبر، دوست دُر
اشجار.
[1631]
ڪٽاريون قرب جون ڪجليون
ڪجل ري ڪانَ مارين ٿيون
1_ سدا سُر مون وتن پايو، آري ان جي ۾ جو آيو
نهارڻ سان رکن گهايو، ترس تِر ڪونه ڌارين
ٿيو
2_ دناليون ديد جون رکيون، هڻن سي ٻاڻ ٿيون
ٻکيون
صنم سهڻي سنديون اکيون، اچيو باهيون ته
ٻارين ٿيون
3_ سحر ڪن ٿيون سي ساحريون، وتن بارودن سان
ڀريون
اچي سي باز جيئن ڍريون، مسافر مفت مارين
ٿيون
4_ سبق سورن جو سيکاريو، ”درس“ دلگير ڪيئن
ماريو
ڪڏهن سهڻو صنم ساريو، هنجون نت روز هارين
ٿيون.
[1632]
سِڪ نه سمهڻ ڏي سيج بندن
وڃي دوست ڏسان درياه تري
1_ واٽ تي وڙهن ٿا ويري واڳون
جَر جون وينديس جهاڳي جهاڳون
سمنڊ لنگهيا سانباه تري
2_ ميهر مُڪون مان کي نينهن نياپو
جيڏيون منهنجي جيءَ جو جياپو
اُتي آءٌ وينديس او ڙاه تري
3_ جهاڳ وڏي جر جهول جو جهڙڪو
اچي نه آت منهنجي دل کي ڌڙڪو
وينديس آءٌ هر الله تري
4_ رات انڌيري بجلي چمڪي
مينهن مٿان پيو ڇوها ڏيو ڇمڪي
”درس“ وڃان آءٌ درياه تري
[1633]
قسمت آنديس ڪوٽ عمر جي
کاهڙ وڃڻ جو اٿم خيال
هيڪر کاهڙ جو کير پيارج
ملڪ ملير جو ڏکيءَ ڏيکارج
سڻج سٻاجها سندم سوال
2_ مند آئي موٽي مينهن وسڻ جي
اٿم اندر ۾ آس ملڻ جي
جيئڻ جدائيءَ جو جنال
3_ ناحق مون کي قيد ڪيوئي
دانهن مارن کي ڏينديس روئي
حال ڀاين سان ڪنديس حال
4_ قيد العماءِ جي آمر آڙايس
قيد قضا جي قلم ڪرايس
”درس“ ڪڍي ٿم درد ڌمال
سردار عبدالرحيم کوسو ”عاجز“
سردار عبدالرحيم کوسو ويٺل ٺل ضلعو جيڪب آباد، شعر
شاعري سان شوق هجڻ ڪري وٽس تر جي سگهڙن ۽ شاعرن
جون ڪچهريون هونديون هيون، قاضي سرور بخش ”فدا“ ۽
ٻيا شاعر سندس صحبتي هئا. اندراً 1920ع ڌاري
گذاريائين.
[1634]*
جهد سان جوهر ڇپايا حسن تنهنجي سڀ هڻي
گل چمن گلشن گنوايا حسن تنهنجي سڀ هڻي
1_ زلف ڪاري سان ذرو ڪي مشڪ و عنبر مٽ نه ٿئي
لعل مرجان لب لڄايا حسن تنهنجي سڀ هڻي
2_ عاشقن کي هڪ اشارو قتل لئي ڪافي ٿيو
پر هڻي پرزا ڪرايا حسن تنهنجي سڀ هڻي
3_ ٿا مرن منصور جان دعوى انا الحق جي چئي
سر سوين سوري چڙهايا حسن تنهنجي سڀ هڻي
4_ حال عاجز جو هميشه ڄام تون ڄاڻين سڄو
وس ويچاريءَ جا وڃايا حسن تنهنجي سڀ هڻي
[1635]
ڪري سينگار صورت جي جڏهن جلوو وجهي جاني
حسد حُسن تي حوارن پوي پَرين پريشاني
1_ صنوبر سور سهڻي قد ڪيئي شمشاد شرمايا
پسي قامت قربين جي ٿئي هر ڪنهن کي حيراني
2_ ملڪ محبوب سان مٽ ٿيا نه سيرت ۾ نه صورت ۾
چيو سڀڪنهن ٿي ساره ڪيو عجب فرزند انساني
3_ اکيون ڪاريون ڪجل ڌاران ڪري سينگار ڇا سرمو
ضرورت ناه زينت جي جني کي رنگ روحاني
4_ وظيفو وصف تنهنجي جو نه وسري ويل
ڪنهن”عاجز“
اپر ٿيو عاشقن لئي هي ڪفايت دور قرآني
علي اڪبر شاهه ثاني
سيد علي اڪبر شاهه ثاني، روهڙي جي بزرگ مير جان
الله شاهه ثالث جو پٽ ۽ سجاده نشين هو، سنڌي،
سرائڪي، فارسي ۽ اردو ۾ شعر چيائين. سنه 1922ع ۾
وفات ڪيائين.
[1636]
جيڪا سورن تنهنجي منجهه ٿي سڙي
تنهن کي ڏي دلاسو مهر ڪري
1_ ڏکيا ڏينهن لڳن ٿا توري
تو ٻاجهون دل ڪين ٺري
2_ پهريون ناتو نينهن جو لاتوَ
پوءِ ڪيوَ پنهنجو پاڻ پري
3_ بي تسڪين سوالي تنهنجو
راتيان ڏينهان ويٺو رڙي
اميد علي شاهه رضوي
سيد اميد علي شاهه ولد سيد غلام حسين شاهه،
روهڙيءَ جي رضوي ساداتن مان هو. سنه 1277هه ۾
ڄائو، پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪيائين، پينشن تي لهڻ
کانپوءِ لعل پير شاهه (تعلقو گهوٽڪي) ۾ وڃي رهيو،
تاريخ 4 ذوالقعد 1343هه . 1925ع ۾ روهڙي ۾ وفات
ڪيائين، عربي ۽ فارسي جي به ڪجهه ڄاڻ هيس، ڪجهه
ڪلام ”گلشن ادب“ جي نالي سان ڇپيو هو.
[1637]
توري تيل ڦليل، لڱن ڪيئن لائيان
1_ راتيان ڏينهنان اڻ تڻ ايها
اندر منجهه آليل، اُداسڻ آهيان
2_ آءُ عجيب الله توکي آڻي
ٻن جدائيءَ جي ويل، ويٺي واجهايان
3_ تنهنجي اچڻ لئي ڪيئي ڪانگا
اُٿي ويا سويل، عجيب اُڏايان
4_ ”اميد علي شاهه“ عاشق کي وڌا
عشق تنهنجي آ شڪيل، ڀلايون ٿي ڀانيان
لعل خان*
فقير لعل خان ونڊير، ويٺل ڏيپارجا( تعلقو ميرواهه،
ضلعو خيرپور) جو هول لاپرواهه سالڪ هو، چنيهه فقير
اُڄڻ کهڙائي جو طالب هو، اکين کان وڏو هو تنهنڪري
حافظ لعل خان به سڏيندا هئس. مڪتب هو جنهن ۾ عربي
پڙهائيندو هو.
[1638] مانجهه
ڏٿ ڏوٿي ڏي ساه کي ٿي سرهائي
ساه کي ٿي سرهائي، لٿي اونده ارهائي
1_ ملڪ ملير اُتي برسن ٿا ڪي بادل
ساوا ٿيم ساڙيهه تي تؤنگ ترايون تل
ڀاڳين جي ڀاڻن تان بوءِ بهشتي آئي
2_ پَهرُن سان پَٽ چڙهي ڏوٿي وڃن ڏورانها
کائِن بُنهه ڦوڙ ۽ کُنڀ کُنڀيون، رانهان ۽
ڇانها
ڏينهان ڏورين ڏٿ سين، راتيان خوش ٿين کائي
3_ هلن هونگاري ڌڻ ڪاهي جهنگ جيل
ڪن ڪچهريون ويهي سارو ڪنهن مهل
رهن سدا جهنگ جدا، ڪن وحدت جي وائي
4_ دوُر داد ڪيو ٿي مارئي کي موڪل
نڪتس نعل نِيرَ، لٿي جهانگياڻي تؤن جهل
راحم پنهنجي رحمت سين وڃي پکڙين پهچائي
5_ ”لعل خان“ لاهي ڇڏ تون دل جا وهم غم
”دنُيا سجن المؤمنين“ وير آٿي هڪڙو دم
مُحب الفقراءُ راحت ڄاڻ ته ٿي آجائي
[1639] پهاڙي
ياد ماڻا ڇو ٿو ڪرين بيڪسي بيڪار سان
ياد منهنجي دانءَ لُٽي تنهنجي اکين اسرار
سان
1. جي ڪرين ڳالهيون رُسڻ جون جهڙي مسڪين سان
انهي ڪاوڙ کان ڪٺل کي ڪر تِڪا تلوار سان
2. عاشق مَرن سِهرا ٻڌن سهڻي چڱي ديدار سان
ڏي ڪفن اُن کي دفن سهڻي سٺي جنسار سان
3. جيئڻ منهنجو ناهه جيڏيون هَئي لڏڻ لاچار
سان
ڏي ڦڪي دلبر مران ٿي عسق جي آزار سان
4. ”لعل خان“ توڙ تائين تو سچي سردار سان
آءُ مل يار پيارا، ڪنهن سڀاڳي وار سان.
قاضي سرور بخش ”فدا“
قاضي سرور بخش ذات جو دايو هو، ويٺل ميرپور ٻرڙو
تعلقو ٺل. سندس وڏا ميرن جي صاحبي ۾ قضا جي عهدي
تي فائز هئا، تنهنڪري قاضي جي لقب سان مشهور ٿيا.
قاضي سرور بخش عربي ۽ فارسي جي تعليم بزرگ
عبدالغفور همايوني کان ورتي. طبابت جو پيشو اختيار
ڪيائين، ليڪن سياست ۾ به عملي طور حصو ورتائين ۽
خلافت تحريڪ ۾ مولانا تاج محمود امروٽي سان گڏ
رهيو. شاعريءَ ۾ ”فدا“ ۽ ”فدائي“ تخلص طور ڪم
آندائين. تاريخ 8-مئي 1928ع تي وفات ڪيائين. سندس
17 قافيون نظر مان گذريون.
*
[1640] ڪسوري
عشق عجب اسرار ڏٺم
ڏاڍو بار بره جو باري آ
1_ جوش خروش خجالت خواري
بيشڪ بره سندي بيماري
عشق وارن اختياري آ
2_ عشق جهڙو اسرار نه ڪوئي
بره ڇڏيو بيمار نه ڪوئي
اها سمجهه پرين سُڌ ساري آ
3_ شاهه يوسف قيد ڪرايس
زڪريا کي ڪرٽ چيراس
اهڙو قرب قهاري آ
4_ ”سرور بخش“ تون سير انهي ۾
گهڙ امالڪ گهيڙ انهي ۾
توکي موٽڻ محب مياري آ
[1641]
ڪانگل ادا ڪر ڳالهڙي
مان کي مٺي منٺار جي
محبوب کي عاشق سندي آزار جي
1_ خاص خبر آڻج ادا پانڌي پرين جي پار جي
ڏي دلداري اچي دلبر سندي ديدار جي
2_ وصل وڌائي ڏجانءِ ورنه ملڻ جي وار جي
سِڪ ساهه سيني ۾ سدا پرين چمڻ پيزار جي
3_ سڻ سوال”سرور بخش“ جا، تان ٿئي بچا بيچار
جي
دلبر اچي ڪر تون دوا هن بره جي بيمار جي
[1642]
عشق اچي ٿيو اظهار ميان
عقل جي ويڙي اختياري
1_ حسن تنهنجي جي هُوءِ لاشڪ، ٿيو هان لاچار
ميان
بره لڳو ٿم باري
2_ موهي من مستان ڪيو، نيڻن تنهنجي دل ماري
مرڪڻ تنهنجي دل
ماري
3_ دارون منهنجي درد جو، دوست تنهنجو آ ديدار
ميان
قسم اٿم
ڪلتار
4_ راتيان ڏينهان روح ۾، تنهنجي پرت پچار ميان
عمر گذاريم ساري
5_ ”سرور بخش“ کي سپرين، محب مٺا منٺا ميان
دوست ڏجانءِ
دلدار.
مل محمود پلي
محمود پٽ طالب ذات پلي پاڙو، اجيجاڻي درس (سندن
فاقيرو گهر هئڻ ڪري کين ”درس“ سڏيندا هئا) ڳوٺ
حاجي عبداللطيف پلي(عمر ڪوٽ کان 12 ميل ڏکڻ طرف)
جو ويٺل هو، فقير محمود، حاجي عبداللطيف وٽ جيڪو
دائري وارن بزرگن جو شاگرد هو، پڙهي قرآن شريف جو
ياد حافظ ٿيو، پوءِ فقير جي شادي ڪاٺوڙي وارن
راڄڙن مان ٿي، کيس ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي، فقير تي
”مل“ نالو انهي ڪري پيو جو هو بدن ۾ سنهون ۽ قد جو
ڊگهو هو، جهڙو چؤنري جو ”مَل“ (چؤنري جي جهَل لاءِ
ڊگها ڪايا، جن کي ”مل“ چئبو آهي). ازانسواءِ سندس
ٻيو ڪلام اڻ ڇپيل آهي. سنه 1347هه .1928ع ۾ وفات
ڪيائين، سندن هيٺيون قافيون ”ليليٰ مجنون“ ۽ ”مجمع
العجائب“ تان ورتل آهن.
[1643]*
حسن تنهنجو ڪري جلوو، موهيوَ مان کي جُڙيا جاني
1_ اکيون ڪجليون ڀرون ڪنڍلا، کنوڻ وانگي ڪرن
تجلا
بدن بنيو اهڙي شڪلا، ڪَڙيِءَ قد ۾ سَروِ ُ
ثاني
2_ ٽِلين ٽم ٽم ڪبڪ رفتار، مثل طوطي ڪرين
گفتار
لبن سندن سندو ديدار، سڀئي رنگ روپ روحاني
3_ جڏهن کولين مبارڪ مُنہ، ڪري سورج تڏهن توبہ
قسم ڪريان ڌڻي جو سُنہ، نه ڀانيان مٽ
سندءِ ثاني
4_ اندر اونده شمع جهڙو، جاني جڳ ۾ تون تان
تهڙو
ذڪر ظاهر ڪريان ڪهڙو، آهين گل لال لاثاني
5_ ڪنان بجلين سندءِ صورت، چٽي چهري اچي عبرت
”پلي“ پينار کي رحمت، پسايو پاڪ پيشاني
[1644]
عقل مت کان الڳ جاني، بره جي بات ٻي آهي
1_ تماچي کي لڳو ناتو، سندو نوري قرب قهري
طنبو طولان وئان ڪاڏي، ڄُليون رڇَ ڄار ڳل
پائي
2_ سمن ۾ ڄام لاکو ڌُر، ڌڻي هو پاڳ پيڙهي جو
عشق اوڏڻ سندس موهيو، ڪيس ڪوڏر ڪُلهي چائي
3_ ڏسي نقشو بديعل جو، سٽيو سيفل تخت شاهي
ڪارڻ ليلى زهر مجنون، ڪڙو قاتل کِليو
کائي
4_ ”پلي“ پر ڏر ڪپر ڪوڙين، نِئا نينهن نيش
نِهوڙي
پايو صنعان سِر چڙهيو، پنهون ڌوِ ٻن ڀران
ڀانئي
[1645]
جدا جيئر مَ ٿي مون کان، اچي مل تون مٺا جاني
1_ هڪ سهڻو اڳي آهين، ٻيو لايون لڱين لائين
کِوڻ وانگر کَوين کانئيَن، پايو پَريَمِ
ڪجل ڪاني
2_ ڏسي جلوو هنيم جهاتي، پئي منجهه دام دل
ڦاٿي
عجب آهي سڄو ذاتي، حسن تنهنجي نه مٽ ثاني
3_ مرڻ سڙندي سڄڻ توري، ورج وهلو اَچج اوري
درد تنهنجي ڀڃي پوري، توڙي ڦاڪون ڪيس فاني
4_ عرض آزي سڻي نيازي، ٿيو”محمود“ تي راضي
لاهيو غم غور سين غازي ڪريو آجي پنهنجي
ٻانهي
[1646]
بدن باقي ڇڏي جاني، هِنيون هٿ ڪيئي سڄڻ هٻيري،
1_ اکيون توسان اچي اڙيون، جڙون جاني هڻي
جڙيون
چشم جي چوٽ تي چڙهيون، چُٽي ڪانن وڌيو
ڪٻيري
2_ بره بڻڇيون جَنين لڳيون، گهڙي ساعت نه سي
تڳيون
ٿيون بيدل ڀُڻن ڀَڳيون، ڀڄي ڀَن ۾ هڻي
ڀٻيري
3_ ڇُٽا ڦَٽڙا ڦَٽي واري، اُجهاڻل آڳ وئين
ٻاري
انهيءَ مامور سين ماري، وڌي ڇِرڪن هنيو
ڇيري
4_ چوي ”محمود“ تو ماري، ڳڻن سين يار ياد
ڳاري
برهه جو لڳو ڪان ڪاري، وئا دل کي ورهه
ويڙهي
[1647]
محب مشتاق کان جاني، مٺا منهن ڇو لڪائين ٿو
1_ هڻي هِنيڙي خنجر کوڙي، ڪڍيئي ٻاهر، ٻِسَٽ
ٻوڙي
ڪيئي ڦاڪون ڦَٽي ڦوڙي، اهڙا چُٽڪا چکائين
ٿو
2_ عرض کان بي غرض آهين، ذرو مون کي نٿو ڀائين
بڇئون باهيون ٻيڻيون لائين، دوهاڻ دل کي
دکائين ٿو
3_ ڪرين جيڪا ڦَٻئي سائي، لٽيو دلڙيون ٿئين
راهي
آءٌ تو لئي گهمان گهائي، نه تون درسن
دِکائين ٿو
4_ ”پلي“ پينار کي مل تون، ڪري قر بئون خوشي
کِل تون
منهنجي هن حال تي هل تون، سوالڻ ڇو
سِڪائين ٿو
[1648]
نه ٿي ڄاتم نڪو جاني، وڇوڙي يار تون ويندين
1_ ٻيون سرتيون سڀئي سَرهيون، مون سين هاڃو
ٿئون هيڏو
وڃان دانهين ڪنهن جي در تي، ڪري پوڪار ٿون
ويندين
2_ هُيم آسِي اِها دل تي، سدا گڏجي گذاريندس
وڃڻ جو پهه ڪٿان پئڙو مٺا منٺار، تون
ويندين
3_ ملڻَ مَهلُن سڄڻ سارئو، پڇان پر ۾ پرين
پيئي
صبر ساعت سمهڻ ناهي، سوا تو ڌار، تون
ويندي
4_ ”پلي“ پينار جي ناحق هڻي ڌاڙو لٽيئي دلڙي
اندر چيري ڪيئي ڦاڪون، ڪپي ڪوهيار تون
ويندين
[1649]
سانگي سفر وئا سي ٿي ساريان
رويو رويو هنجون ٿي هاريان
1_ ٿئان دور نه، پَسِي هي تان ڌاريان
ڪنہ سان ڏکن جون ڳالهيون آچاريان
2_ ڏکيان ڏينهن ڏاڍا گهنگر ٿي گهاريان
ازل جو ڙي آديون لکيو ٿي پاريان
3_ ڏکيا ڏينهن ڏاڍا اوڏاهين کڻيون نيڻ نهاريان
اچن مان مارو ته آءٌ گڏ ٿي گذاريان
4_ ”مل“ ماڳ پنهنجا نه ويڙهيون وساريان
راتو ڏينهن ڦَرڙا ڦوڳن منجهه چاريان.
[1650]
ساوڻ ٿئا سُک سُڪار يار
قحط قادر کڻي ڪاٽيو
1_ اُتر مان آبر اُٿيا، موگهُن مينهن ملهار
جهُڙ جهِمندي آب آيو، کوڻيون کيڏ خمار
2_ ڀيڄ ڀِني برساتيون ٿيون، ٿئا باغ بهار
سُڃ رُڃ ۾ سبزا آٿئا، گل ڦل ڪي گلزار
3_ مال وارن سين مهر ٿي لٿڙا ڏُرت ڏڪار
جهَرجهنگ ۾ رنگ لڳي ويا، عيدون عيش آپار
4_ ”مل محمود“ مبارڪون، هُونان لکَ هزار
[1604] کان
[1610] ڊاڪٽر
نواز علي شوق جي قلمي ذخيري مان ورتل
*سوانح
۽ قافيون ڊاڪٽر نواز علي شوق جي قلمي ذخيري
مان ورتل.
سوانح
۽ قافيون ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل
قلمي بياض موجب هيءَ قافي ”بروز حج 1328 هجري“
تي قلمبند ڪئ
”راز
نياز“ (تذڪره الشعراء)، مير محمد خان ”نياز“
ٽالپر، 1985ع
وڻجان وايون، عبدالڪريم پلي، 1961ع
تان ورتل.
[1627]
سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ قافين جي بياض تان
ورتل
[1628]
کان [1633] ڍوري ناري مان عبدالحڪيم پلي کي
مليل
[1634]
۽
[1635] ڪچهري محراب پور جمالي ۾ 29-12-1968ع
تي قلمبند ڪيل.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.
*
سرور بخش فدا جو احوال ۽ قافيون ڊاڪٽر نواز
علي شوق جي قلمي ذخيري تان ورتل.
[1643]
۽
[1644] ”ليليٰ مجنون ۽ نصيحت انساني“ تان ورتل.
|