سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد ٻيو)

 باب:

صفحو :11

سيد رکيل شاهه

سيد رکيل شاهه ولد نور محمد شاهه تاريخ 17 ربيع الاول 1262هه/1846ع ۾ ڳوٺ حليم شاهه (تحصيل ميرپور، بلوچستان) ۾ ڄائو. پوءِ سندس والد نور محمد شاه لڏي وڃي درگاهه فتحپور، تحصيل گنداوا ۾ ويٺو. سيد رکيل شاهه اتي ئي نپنو ۽ وفات ڪيائين. سندس روضو به فتحپور ۾ ئي آهي. چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ فقيري راهه اختيار ڪري جهوڪ شريف ۾ آيو، جتي صوفي عبدالستار جي صحبت ۾ رهي، توحيد جي ذڪر جي تلقين ورتائين ۽ صوفي عبدالستار کي ئي مرشد ورتائين. سنڌي، بلوچي ۽ فاريسيءَ ۾ ڪلام چيائين. 97 ورهين جي عمر ۾ 1359هه-1940ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام جي مجموعي ۾ 731 قافيون ڇپيل آهن.*

 

[1472]

بِره اِها بازار لَڳيم ڪر سؤدا سچا سر ڏيوڻ دا

1-      بازار اِنهين وچ بهادر کڙدي

سر ڏيوڻ ٻاجهون مول نه مڙدي

سُنوري اتي هوار ٿي چڙهندي

اپڻا آپ وڃاوڻ دا

2-     موج اِنهين وچ عاشق آون

سؤ سؤ غوطا لک لک کاون

بيچوني دا ڀيد نه پاون

درد دي دود دکاوڻ دا

3-     سمجهه سهي ڪر وجود وڃاوڻ

منصوري دا منصب پاوڻ

نينهن نسنگ نشان لڳاوڻ

ڪر زهر جسم ڏوکاوڻ دا

4-     محويت وچ محو ٿيو سِي

دام دُئي دا ٽُٽ ڳيوسِي

بيوس وچ پلئي بيوسي

عشق ڪيتم تڏهان آوڻ دا

5-      رمز ”رکيل“ اهو راز الٰهي

جنهن سِر آوي شان ته شاهي

مُلڪ فلڪ تي ڏيون گواهي

نينهن ذات ذهور لڪاوڻ دا

[1473]

اديون ڙي! اباڻن ڏي اٿم اميد اڃا

اتٿم اميد اڃان، ويڙهيچن ڏي وڃا

1-      مَٽ مارن جو هِت مان ڪونه ڏسان ٿي ڪاٿي

دل جي اکين سان دم دم، محبت مٺي کي مڃان

2-     طرف اُنهين جي ڙي عمر! ٻاجهاري اٿم ٻولي

شال وطن تي وينديس، ڀيرو ڪيئن پڃان

3-     سِڪ وو سچيءَ جو سندرو، درد ٻڌايم دل کي

کائڻ خوشيون لذت ويم، خاڪ ڏسان ٿي اڃا

4-     روز ”رکيل“ کي سرتيون! جانب جي اٿم جهوري

ڏاج ڏکن جو مليم، سُک ڀانيان ٿي سُڃان

[1474]

نـــه آهـي سمجهڻ سڃاپــڻ جــي

ڪجي ڪيئن عشق جي معنيٰ

1-      بحر بيچون بيرنگ جِي ڏسي ٿيا موج مستانا

لڙهيا تنهن لهر ۾ لائن، ڪيا تنهن درد ديوانا

2-     اهو اسرار نامعلوم، دل دستور دَستانا

ڪرن تقرير هي طالب، لدّني علم ميخانا

3-     شمع جي شعاع تي ڪاهيُون، ڪيون پرواز پروانا

پتنگ ٿيو پيا پچن اوهي، جلن سي جوش ۾ جانا

4-     ٿيڻ منصور آهي مشڪل، توڙي هستي ٿي بيگانا

”رکيل“ هي رمز ڏس گولي، بره جو باب بوستانا

[1475]

نازل سڄڻ جي نينهن نوان ڪيا، ٿئڙم پاند پراڻا

1-      ڪڏهن لذت ۾ سرتيون، ڪڏهن سورن ۾ سڙان
                                        ڪڏهن مُٺي سان ماڻا
2-     صبر نه ڪوئي سرتيون، چاڪن ڪئي چري هان
                                        پِرَ جا ڪنديس پڇاڻا
3-     وحدت واه وڻيم سرتيون هوت هڪوئي ڀلو ميان
                                        هڪ بنان ٻيو نٿي ڄاڻا

4-     حال ”رکيل“ جو سرتيون، من محبت ۾ مست ميان
                                        ساڻ دمن جي سڃاڻا

 

[1476]

ڪهڙا ڏوه ثواب، تينون دلبر وو ايوين نه جڳائي

1-      برقعا کول ته مئن جهاتي پاوان

عمر ساري دا مئن ڏکڙا سڻاوان

ڏيوڻ حرف حساب

2-     عشق اصل هئي خلق دي خواري

مک موڙان ته مئن ٿيوان مياري

لڳڙم نينهن نواب

3-     ڏک عذاب سدا سک پاوان

دل ديان ڳالهيان ڪنهن نون سڻاوان

آوندا شرم حجاب

4-     جلوا جمال سڄڻ سو سُونهين

شمس قمر مشتاق به ڏونهين

اُڀريا ”رکيل“ شب مهتاب

[1477]

ڪر ڪي ڳنڍڻ جون ڳالهيون، يار ڇنڻ منجهان ڇاهي

1-      کڻ وو اکيون کِل مان سان، ڇوه رکين ٿو ڇاسان
        ننگ پنهنجو وڃ واليُون، حجت حاجت منهنجي ناهي
2-     قلم اڙي ات انگ لکيو، عشق تنهنجو جو پيم پکو
        وهن هنجون اکيون آليون، مان ملان سِڪ لاهي
3-     مزگان تير ڇڪي، ابرو هلان رخ تي
        سونهن لبن تي لايون، زلف زيبا حق آهي
4-     سور سمر ٿيم سنهنجا، محبت ميلاپي منهنجا
        سميجهيل ”رکيل“ اهي چاليون، ڏس ڏنم سچ ڏاهي

 

[1478]

ڪڏهن غصي، ڪڏهن رُسي، لکيو ٿو هَسي

سائين تنهنجو عجب نمونو

1-      ڪڏهن جنگي، ڪڏهن رنگي، پنهنجو پاڻ ٿو پسي
        ڪڏهن امن امان ۾، وير ويُون ٿو وسي
2-     ڪاٿي اوجان، ڪاٿي فوجان، ڪاٿي بيڪس ناڪسِي
        ڪاٿي جنگ جدل ۾، طرف ڪيو ٿو ومِي
3-     ڪاٿي عابد، ڪاٿي زاهد، ڪاٿي پنهنجو ڳجهه ٿو ڏسِي
        ڪاٿي فڪر ۽ فرمان ۾، ڏيئي ڏيکاريون کَسِي
4-     ڪاٿي مڙهيون، ڪاٿي مسجد، ڪاٿي ”رکيل“ ٿو وسي
        هر رنگ ۾ رنگ يار جو، پارس ٿي لوهه سان گسِي

سچل جي سلسلي جا شاعر

 

شير خان جتوئي ”شائق“

صوفي شير خان “شائق“ جو ڳوٺ تعلقي وارهه ۾ سندس ئي نالي سان مشهور آهي. جوانيءَ ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، پر پوءِ درازن جي درگاهه جو مريد ٿيو ۽ ملازمت ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين. وٽس گهوڙا ڀلا هوندا هئا. طبابت ۽ شاعري سندس خاص شغل هئا. سندس ڪلام تي تصوف جو رنگ ڇانيل آهي. 90 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1373هه/1953ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هٿ اکر بياض ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي 322 قافيون شامل آهن.

 

[1479]*

عمر ادا ڄاڻ هي ڄاڻج

هر گز تون وٽ نه هِت هونديس

اُميدان لک الهه ۾ آهن

ويڙهيچن ڏي وري وينديس

1-      تنهنجا هي محل ۽ ماڙيون

ناهن مٽ مور منهنجي

پنهوارن جا پکا پريتون

واريءَ تي وڃي وسائينديس

2-     ڪيو ٿي قيد ڪوٽن ۾

ڪڙي ڪلفن اندر قابو

ڪاٽي ڪي ڏينهن قسمت جا

جائِي جيڏين سان جالينديس

3-     آهيان عاجز اسيرياڻي

الهه لڳ ڪر عدل هاڻي

اهي احوال ادا تنهنجا

سڀن سرتين سڻائينديس

4-     ڏاڏاڻا ڏت سندا ڏوٿي

سدائينس انگ تي سانگي

وسن جت مينهن محبت جا

چاهئون اُت مال چارينديس

5-      پڪا پيرون پُسيون پلڙا

ڪڪوريا ڪرڙ ۽ ڪنڊيون

سدا سي شوق مؤن ”شيرخان“

کلي گڏ کيت سان کائينديس

 

[1480]

نڌر نال نڀاوين، ڳل لاوين، مَن عرض آساڏا

1-      آلهه لڳ ڪر اي احساني، اڱڻ عاجز دي آوين
2-     پيار ڪنون ا پيارل سائين، پيرا پِرتيئون پاوين
3-     هس هس ڪي هادي سائين، اعييٰ لنظ اَلاوين
4-     حاضر هووين گڏ هوت هميشہ، دُور نه دم هڪ جاوين
5-      محبت دي مئخاني والا، پيالا پاڪ پلاوين
6-     سدا ”شيرخان“ ڪون سِڪ سچي دي، سهڻي سُرت سکاوين

[1481]

سُمهڻ ۾ سَوَ سُر ٿِي، اُٿي جارئون جاڳ

1-      گمراهي غفلت گندي، نپٽ ننڊ نڀاڳ

جاڳڻ سان جي جار رکين، اِها سُرت سڀاڳ

2-     اصل کان آهي اسان جي، هٿ وارث جي واڳ

عيبدارن کي اچي اُهو سائين ڏيندو سهاڳ

3-     کنئي اچي گُهين جي موليٰ علي آڳ

نيٺ ڀلائي ڀلو ڪري، ڪندو ڀلو ڀاڳ

4-     ويهي وسائج ويسلا، سندو محبت ماڳ

”شائق“ پاڻهين شاه اچي، لائق ڏيندو لاڳ

[1482]

هستيءَ هوڏ کان هٽجي ويا آهيون

مَٽجي ويا آهيون، مٽجي ويا آهيون

1-      لاڳاپا سڀ لوڪ جا لاهي

گوڙ ساري دؤن گهٽجي ويا آهيون
        2-     ظاهر جا سڀ ذوق ڇــڏي

شوق شاهي ۾ سَٽجي ويا آهيون
        3-     بيشڪ بيــپــرواهه ٿياسي

خوف خطر سان کٽجي ويا آهيون
        4-     ”شيرخان“ هيُو هلاڪ نه هاڻي

وِره وڪڙ ۾ وَٽجي ويا آهيون

 

[1483]

سنگت صوفي جي سچي، سچ چ يار

ڳُڻ ته ڳنڍڻ جا ڪن، ڳچ ڳچ يار

1-      موج مدامي ماڻهن مستي

وصل وحدت ڪن واصل وَستِي

ريجهه رهاڻي ۾ ڏين رچ رچ يار

2-     لامذهب ٿي مذهب ماڻن

ڄاڻ ساريکي ڄاڻيو ڄاڻن

محبت جو ويٺا ٻاري مچ مچ يار

3-     چال چلن ٿا چڱائي چالو

نانہ ۾ نانگا ڪن نام نرالو

ڪثرت ڪل ڪن ڪوڙو ڪچ ڪچ يار

4-     پرت پياڪن پرتيون پيارا

وارث وجود جا ٿي وڻجارا

عام اصل عاشق ڪن اچ اچ يار

5-      شوق ِنهي جا ڏس ”شيرخان“

جاءِ جهان ڪن جيءَ ۾ جوان

بلي ٿي بيشڪ ان جي، بچ بچ يار

[1484]

روڪ رسم رعايت ريت

هل رمز رنديءَ رخ راز سان

1-      خوشيئون خويش ڇڏي ٿي خلاصو

پرجهه پرائي کي ڏيئي پاسو
                        جــوڙيــم جسم سڀ جِيت

سچو سالم رهي ساز سان

2-     قرب قول سان قابو ڪاهيج

ڳاهه ڳجهو سو ڳجهه ۾ ڳاهيج
                        مَٺ مندر مڙهيون هي ميست

اوڳاملــي نـــه الک آواز سان

3-     مام مرشد جي معلوم محڪم

طلب تکيءَ سان طالب ڪر تم
                        نــام سان ڪـر نانِيت

رهه شاهي شغل شهباز سان

4-     ”شائق“ شوق سدا رک شاهي

اعليٰ جنهن جي آهي الٰهي
                        پنهل جي پاڪ پريت

ڇڏي غير غرض هل غماز سان

 

[1485]

چريا ٿيا آهيون چَٽ، ڏسي پرت وارو پَٽ

1-      بيخوديءَ ۾ خود ٿياسي، جائي هڻي جهٽ
2-     صافئون صاف ٿياسي صوفي، ’لا‘ سان لاهي لَٽ
3-     پاڻ ۾ پاڻ سڃاڻي پنهنجو، گهيرئون جاچي گهٽ
4-     ”شائق“ شوق اهو آ شاهي، ٻيو سڀ نخرو نٽ

 

[1486]

خيال ۾ خيال کي ڪري ڏس خيال

خيال ۾ سارو قرب ڪمال

1-      خيال ’احد‘ ۾ ’ميم‘ ملايو

خيال سان ئي عبد سڏايو

خيال وڏو هٿ پنهل جو پايو

بيمثل ڪيو خيال مثال

2-     ذات صفت ۾ خيال سڃاڻي

ڄاڻ ساريءَ کي خيال ٿو ڄاڻي

خيال منوصري موجان ماڻي

ڪري ٿو وهندو خيال وصال

3-     ’موتوا قبل اِلا‘ خيال ٿو ماري

ماري خيال وري ٿو جياري

پرت پيالو خيال پياري

خيال ڏياري جوت جمال

4-     ساري خدائي خيال ۾ آهي

خيال بنان هن نانہ ۾ ناهي

خيال خلاصو ننگ نباهي

خيال بنان آهي جيئڻ جنجال

5-      ”شيرخان“ خيال ڪرائي شاهي

بالا خيال سندي بادشاهي

خيال جي هٿ ۾ آلهه اِلاهي

بيشڪ خيال جي ڳالهه بحال

 

[1487]

بره بيرنگ بڀيشڪ بازي، بيسر ٿي ڪو کيڏي خان

1-      ڏانءُ ڪنهين نه ڪوئي ڏيکي، مڙسي والا اُهو ميدان
2-     نا وت هلندا مذهب مُصلي، نا وت هلندا دين ايمان
3-     نا وت علم عقل دي حاجت، نِينهن اڳيؤن هِن سب نادان
4-     ٿي هڪو هڪ هوڪي هيکل، ساڙ ڇوڙي جو سڀ سامان
5-      ”شيرخان“ شائق اُهو سڏيجي، قرب اُتئون ڪر سِر قربان

 

[1488]

من گهريو محبوب مليو، عيد ٿي ته اڄ ادا

سو هوت آيم هٿ هلي جنهن ڪاڻ ڪيم گهر گهر گدا

1-      ورهه ٿيا وڇڙئي جنهين کان

سال سڪندي ٿي لنگهيا
        تنهن معــاف ڪيا مــون تــان

اچي هن خلق ساريءَ جا خندا
2-     درد ويــا دانهــون ڪندي

سور منهنجا سُورن پيا
        واءِ ويلا ڪئي وڇــوڙي

جان کان ٿيم جڏهن جدا
3-     جــن جدائــيءَ ۾ جــــاڙ ڪئي

ڀَوَ سڀئي بلڪل ڀڳا
        ڊاوَ ڊپ ڊڄــــنـــدا ويــــا

مُنجهندا اُهي موڳا مندا
4-     شڪر لک ”شير خان“ ڪــر

جو دوست مليئي دل گهريو
        هــي مهرباني تــو مٿــي

خود خاص ڪيڙي آءِ خدا

 

[1489]

هرڪو پنهنجو ڄاڻي پاڻ، تنهنجو ڇا هي ٻين ساڻ

1-      اوج اهو آ اعليٰ اونهون، بي مثل آ بي نمونو
                        ڄاڻڻ اوکو ڄاڻ

2-     ناهه جو رنگ آ نرک نرالو، چاهه سارو ڏس چلت چالو
                        ڪانه ڪنهين ڪاڻ

3-     هردم حيلو هام هڻڻ جو، دست وڏائي واهه وڻن جو
                        رايو منجهه رهاڻ

4-     ”شير خان شائق“ عشق جو اولو، بيرنگ بيحد ڪيائين ڀولو
                        عبرت ٿي اهڃاڻ

[1490]

هن ناهه ۾ ناهي ٻيو، آهي دم هڪو هڪ دم هڪو

ڪر غور تان آهي غم هڪو

1-      درسن سارو دم ٿو ڪري

ڌُم ڏيان سارو دم ڌري

آهي اهو ناهي پري

ڏس شوق ٻاري شم هڪو

2-     هي دم ڇڏي دم سان ملي

ديدار ڪر درسن دلي

هي ناهه ڏس نسري نلي

ڪثرت ڪلئي جو ڪم هڪو

3-     رنج راحت دم رکي

هن لوڪ ۾ ’لا دم‘ لکي

چس چاس چاهئون دم چکي

ٻيو بيک سارو بم هڪو

4-     دم ڪري ”شيرخان“ شاهي

دم آلہ جي آڻي اوگاهي

دم اهو آءِ موج ماهي

بِئي توڙ جو آءِ تم هڪو

 

[1491]

گم ڪري ڇڏ غير ۾ غير

حرص هيبت سان هوندين هچ ۾

1-      ترڪ طمع کي ڏيئي طالب

غم وهم تي ٿي پوءِ غالب

ڏس سڀوئي سر جو سر

ڪثرت بازي ڪائي ڪچ ۾

2-     دم قدم سان دروني دائم

قرب قوي منجهه قابو قائم

پرجهي پرت جو پير

کڻ خيال سان مرد ٿي مچ ۾

3-     بيک ڀسم جو ڀڃي بهانو

ياقي ٿي ڏس يار يگانو

فراق وارو ڦند ڦير

اڇل اُمالڪ گند جي گچ ۾

4-     ”شائق“ پوءِ شير خان سڏائج

اسم عمارت اندر اڏائج

شوق جو شاهي پوءِ شير

ڏس ڏهاڙي صوفي سچ ۾

 

[1492]

چڱي چاش چاهئون چريا ٿي چکون ٿا

لِڪل لوڪ ۾ لِڪ لِڪ ’لا‘ لکون ٿا

1-      گردش گوش لايون، حيرت هوش لايون

قدرت ڪوش لايون، ڳجهو ڳجهه ڳالهايون

2-     اسم سان الايون، ڳجهو ڳجهه ڳالهايون

حقي حق هلايون، ڀسم ۾ بکون ٿا

3-     ڪيون راز راضي، مقابل مجازي

اصل ٿي آغازي، رسم رس رکون ٿا

4-     ”شائق“ سوق ڪيڙو، ظاهر ذوق پيڙو

’عين‘ و ’غين‘ ٿيڙو، دمو دم دُکون ٿا

 

 

آغا غلام نبي خان ”صوفي“

 

آغا غلام نبي خان، جيڪو ”آغا صوفي“ جي نالي سان مشهور آهي، شڪارپور جو رهاڪو هو. شاعر، مصنف، حڪيم ۽ تصوّف جو ڄاڻو هو. سيپٽمبر 1889ع ۾ ڄائو. سندس والد رياست خيرپور ۾ وزير هو. آغا صوفي به رياست ۾ ئي سرڪاري عهدي تي رهيو. ڊرامي جي فن سان دلچسپي هجڻ ڪري، ڪيترائي اردو ۽ سنڌي اسٽيج ڊراما لکيائين. آغا صوفي، درازي درگاهه جي سجاده سخي قبول محمد ثاني جو مريد هو. انهيءَ ڪري عقيدت مان “سچل جو رسالو“ ترتيب ڏنائين ۽ چيائين. 19- جولاءِ 1938ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪيائين.

 

[1493]*

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا

زندان هزارين مان نه رڳو

1-      هڪ زلف اوهان جي ماه لقا

ڪيا خادم خاقان شاهه گدا

تنهنجي در تي دارا دلربا

دربان هزارين مان نه رڳو

2-     ٿا لات پکي ڏينهن رات لنوَن

تنهنجي ساراه ملڪ به فلڪ چون

تنهنجي در تي نادر ناٿ نِوَن

خاقان هزارين مان نه رڳو

3-     تنهنجا عين مثل الماس ٻَئِي

سڌ سونهن سند ئي هر سوءَ پئي

تنهنجي الفت جا ٿا ڪن ڪيئي

ارمان هزارين مان نه رڳو

4-     ڪئين محبت مرد شهيد ڪيا

ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا

تنهنجي ديدن مست مريد ڪيا

سلطان هزارين مان نه رڳو

5-      ڪئي آه آغا هيءَ خوب ثنا

وڃي هوت اڳيان پڙهه باد صبا

ڪن صفت اوهان جي صلي اعليٰ

انسان هزارين مان نه رڳو

[1494]*

الله آن مئيءَ جا اڄ ڪي اباڻا

سڪي ساه جي لاءِ رئن نيڻن نماڻا

1-      نه ٿر کان ٿريچن جو ڪانگل ڪو آيو

ڇو سانگين سنگهارن سڏيو نا سڏايو

الائي ڇو مئيءَ ساڻ ڏمريا ڏاڏاڻا

2-     عمر قيد قسمت ڪيو مون کي هاڻي

مارو منهنجا ايندا اڄ ڪي سڀاڻي

وٺي وطن ويندا سانگي سي سياڻا

3-     عمر تنهنجا مخمل محل مال ماڙيون

وسارن نه دل تان ولر ويڙهه واريون

.......................................................

4-     لکيو لوح ۾ هو صبر ساڻ سهنديس

صبر ساڻ سهنديس ڪنهن کي ڪين چونديس

ڪيان ڪيئن چئو مان مقدر سان ماڻا

5-      امر آهي آندو کڻي پَر پُٽن ۾

ڪڍيو هو اباڻن اُتان ٻن لٽن ۾

لکيا ليک ”آغا“ نٿي ڄاڻ ڄاڻان

[1495]

ڪانگا ڏجان پرين کي پيغام ويندي ويندي

ڪج ياد جي ڪيا هيئي انجام ويندي ويندي

1-      ڪاغذ قريب کي هي پل ۾ وڃي پڄائج
        ڪانگا ڪرين متان ڏس تون شام ويندي ويندي
2-     قسمت سان پکي دل جو ڦاهي ۾ اچي ڦاٿو
        زلفن جا وجهي تنهن کي وئين دام ويندي ويندي
3-     تن جي ڀي لڌئي سهڻا سچ سار سنگدل ڪا
        گهورن سان تو جي گهايا گگدام ويندي ويندي
4-     رکڻي نه هئي اسان سان اي يار توکي ياري
        ”آغا“ تي رکيئي ناحق الزام ويندي ويندي

 

 

 

 

 

 

 

ايسر فقير*

ايسر فقير پٽ پرمانند، رانوٽي تعلقي اُٻاوڙي جو ويٺل هو، پر سڄي عمر روهڙيءَ ۾ رهيو ۽ اتي ئي گذاريائين. درگاهه درازا جو طالب هو.

[1496]

چُٽاسي ڪفر ڪافر کؤن

لنگهي منجهه عشق آياسِي

1-      نه ڪنهن ٻانڀڻ ڏني ٻولي

چايوسِي عشق کي جهولي

پَسِي سون پاڪ جي ٽولي

مڃيو سِي ’ميم‘ کي مقرر

نه ڪنهن معلم پڙهايا سِي

2-     جني جودئون پاتي جهاتي

ڪُٺا سي قرب جي ڪاتي

جني سان لئون سڄڻ لاتي

ٿيا هن حال جي ابتر

تنين جي گهور گهايا سي

3-     اٿي ”ايسر“ ڪري آهون

ٻڌي هٿڙا ٻئي ٻانهون

سڻج سڏڙا سڄڻ دانهون

جيئن جي سِپ سِڪي آبر

تنهين جي اُڃ اُڃايا سِي

شاهه نصير جي سلسلي جو شاعر

 

سيد غلام شاهه*

 

سيد غلام شاهه ولد سيد جهنگل شاهه بخاري. سندس اصل وڏا اُچ شريف کان هڱورجن (ضلعي خيرپور) ۾ آيا. غلام شاهه جو رهڻ ٻن هنڌن تي ٿيو: هڪ هڱورجن ۾ ڏاڏاڻن وٽ، ٻيو ناناڻن ۾ هٽڙي لب درياء (ڏوڪري) ۾ ٿيو. نوشهري فيروز واري شاه نصير جو طالب هو. 14- ربيع الثاني 1337هه/1918ع ۾ وصال ڪيائين.

 

[1497]

اڄ ڪري سينگار يار مون وٽ آيو آ

يار آيو آ، دلدار آيو آ
1-      هــار هَسيون آيو پائــي، ٺــاهه مڙيئي ٺاهي

گهنگهرو گهڻڪائي، ڇمڪار لايو آ
2-     حُسن صورت بلي، تنهنجو تاب ڪير جهلي

مشڪ عطر ملي، هٻڪار لايو آ
3-     غلام شاهه چـــوي جهاتي، اڄ يــار مـــون ڏي پاتــي

..............................................

 

[1498]

تنهنجي اکڙين جادون لايو

خون ڪرڻ جو خيال رکيائون

قهري ڪجل تو پايو

1-      اکڙيون ڪن ٿيون ڏاڍي اُٻار

ڪانه پُڄي ٿي تن کي واهر

پَٽين کائِن جئن بُز کي ناهر

سرس ڪَيُون اُهي سعيو

2-     نيڻ هڻن ٿا نيزا نوڪان

چشمن جون ڏين چوري چوڪان

’ڌاڙ وي لوڪان، ڌاڙ وي لوڪان!‘

تو خوني خنجر وهايو

3-     فوج نيڻن جي رنگ برنگي

ڪُجا فرنگي ڪُجا تُرنگي

ڪُجا سلطان توفي جنگي

انهن ڪجلين ڪُل کي ڪنبايو

4-     چوي غلام شاهه ديدان دُناليون

سدا خماريون هِن مست مواليون

ڪيان مان تن سان ڪهڙيون ڳالهيون

اسان کي ناز نيڻن جي نوايو

[1499]

ڪير آهين وري ڪنهن کي ٿو ڳولهين

تو ۾ يار جو ديرو

1-      دل واري درياءُ ۾ گهِڙُ ته ٿئين گهيرو
        لهرين منجهان لعل لڀندُءِ، سمجهه فڪل ڦيرو
2-     سوجهي لهج سيني اندر ووڙج اِهو ويڙو
        ڪُ پيريءَ منجهان پِرَ پنهنجي جو پيهي ڏسج پيرو
3-     پيهي ڏسج پاڻ ۾ پيارل ڏوئي مَن جو ميرو
        ٻئي پاسي ڏي ڪين ڳولج، ڳولج جگر جيرو
4-     سمجهه غلام شاه ڳالهه انهيءَ کي ٿيءُ نه غافل غيرو
        جي سِرُ سڃاڻين پانهنجو ته مُلڪ سمورو ئي تيرو

 

[1500]

صفات منجهان ذات جو ديدار تو ڏسان

انهي آبر مان آفتاب جو انوار ٿو ڏسان

1-      احدي ڇڏي ٿيو عابد ڪردگار ٿو ڏسان

انهي مورت منجهان صورت جو سردار ٿو ڏسان

2-     ”انا احمد بلا ميمي“ مدار ٿو ڏسان

ڪيو صنعان قيد ڪاڪل ڳل زنار ٿو ڏسان

3-     غلام شاه ٿيو ويساه ڪيو اعتبار ٿو ڏسان

جوهر جاءِ ظهور ذاتي چوڌاري ٿو ڏسان

 

 

 

فقير هدايت علي ”تارڪ“ نجفي

 

فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ ولد الهداد تُنيو، ڳوٺ لعلو رانڪ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 25- محرم 1312هه/1894ع ۾ ڄائو. عربي ۽ فارسي جي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نوشهري جي نقشبندي بزرگ صفي الله جو مريد ٿيو. باڪمال شاعر هو. سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ٻولين ۾ گهڻو ڪلام چيائين. 9- مارچ 1939ع تي وفات ڪيائين.

 

[1500-الف] روپ تلنگ*

فَقر جي صحبت خدا جي صحبت، فقير راضي الله راضي

فقر جي محبت خدا جي محبت، فقير راضي الله راضي

1-      فقر کي ڄاڻڻ خدا کي ڄاڻڻ، فقر سڃاڻڻ خدا سڃاڻڻ
        فقر جي حالت خدا جي حالت، فقير راضي الله راضي
2-     فقر جي ٻولي خدا جي ٻولي، فقر جي چالِي خدا جي چالي
        فقر جي صورت خدا جي صورت، فقير راضي الله راضي
3-     فقر سان جالڻ خدا سان جالڻ، فقر کي ڳولڻ خدا کي ڳولڻ
        فقر جي خدمت خدا جي خدمت، فقير راضي الله راضي
4-     فقر جو ”نجفي“ خدا جو نجفي، فقر جو طالب خدا جو طالب
        فقر جي برڪت خدا جي برڪت، فقير راضي الله راضي

 

[1500-ب] روپ تلنگ

پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ آيس، ٻيو ڪم نه هُيَڙم ڪار ميان

1-      عرش کان هِت فرشتي آندو، ديدن جي ديدار ميان
2-     خواب خوديءَ کان خيال جا ڳائي، بره ڪيو بيدار ميان
3-     علم عقل ۾ ڪينڪي ايندو، عشق سندو اسرار ميان
4-     انا الحق جو ماري نعرو، ”نجفي“ ٿي فروار ميان

 

[1500-ج] روپ تلنگ

ويک طهورانات دا تجلات دا

ڇاتي دي وچ جهاتي پاڪي

1-      لُنوءَ لُنوءَ دي وچ ’لا‘ دي لولي

لطف لطيفي لات دا، تَن تات دا
2-     ماهي ميڏي نال جو مليا

زانول آيا رت دا، پرڀات دا
3-     بادل بن ڪر برسر آيا

بيرنگي بَرساتِ دا، برڪات دا
4-     رمز اهين وچ بيخود رهيان

هوش ڳيا حنات دا، سيّات دا
5-      نــؤ نــؤ ”نجفي“ ويک نظارا

عشق عجب اوقات دا، اِثبات دا

 

[1500-د] روپ تلنگ

پنهنجي پاڻ پروڙڻ ٻاجهئون، ٻيو سڀ خالي خام خيال

1-      جيسين هي هو هڪ نه ڄاڻي، تيسين ناهي وصل وصال
2-     دور ڪرين جي دل کان دوئي کي، نُور صفا ۾ ٿئين نهال
3-     مذهب ملت کان منهن موڙي، حاصل ڪر حقيقي حال
4-     ظاهر باطن ذات صفت ۾، جلوه هڪ آ جوت جمال
5-      عرش عظيم کان اعليٰ آهي، قائم تنهنجو قرب ڪمال
6-     ”نجفي“ مَئي جو نينہ نشي ٿيو، قادر ڏنو آءِ ڪيف ڪلال

 

[1500-هه]

عشق الستي ٿيا اثباتي، لايا نينهن نظارا نروارا

1-      رندان والي ريت سِکيوسِي، ڇوڙڪي لوڪ دا لارا
2-     ترڪ ڏتوسي چا تسبيح ڪون، زلف تي ڳل زُنارا، هي مارا
3-     عاشق ٿي معشوق سڏايم، سمجهي پِرت پسارا، سِرُ سارا
4-     آپ وسار ته آپي مارين، ”نجفي“ نينهن نقارا، ٿي نيارا

 

[1500-و]

جن پروڙيو پاڻ، سي هر جا پسن ٿا پاڻ کي

هي هُو مڙيئي هڪ ڏسي ڄاڻن همہ جي ڄاڻ

1-      پا شهر، ڇا بحر ۾، ڇا مهر ۾، ڇا قهر ۾
        ڇا ميٺ ۾، ڇا زهر ۾، ماڻن بقا جي ڀاڻ کي
2-     ڇا وَسنوَ ۾، ڇا ويران ۾، ڇا درد ۾، ڇا درمان ۾
        ڇا نفعي ۾، ڇا نقصان ۾، تاڻن طلب جي تاڻ کي
3-     مسجد اندر، مندر اندر، بازار اندر، بندر اندر
        ڏس موج ٿي ٻاهر اندر، مستيءَ سندي مهراڻ کي
4-     “تارڪ“ نسورو نور ڏس، هر جا تجلي طور ڏس
        ٿي محو منجهه مذڪور ڏس، اقرب سندي اهڃاڻ کي

 

[1500-ز]

اچي مان يار، اي منٺار، توکان ڌار، دم نه سري

هلي هڪوار، ڏي آڌار، ٿو بيمار، عشق مري

1-      جگر ٽوڙي تون مُنهن موڙي، ڇِني ڇوڙي وئين ڇا کان
        محبت آر تنهنجي تار، عشق آزار آندو اري
2-     سندءِ صورت مِٺي مورت، آهي امرت هِئين حيرت
        نظر نروار گل رخسار، ٿو اظهار نور ٻري
3-     سدا ايندين تون هڪ ٿيندين، وٺي نيندين مِلڻ ڏيندين
        اِها پُڪار منجهه درٻار، سڻ سردار لطف ڪري
4-     سندءِ لاري تڳان تاري، سدا ”تارڪ“ توکي ساري
        سگهو لهه سار ڪري سينگار، پائي هار پير ڀري

 

 

 

 

فيض دريا شاهه جي سلسلي جو شاعر

 

علي محمد شاهه

 

فقير علي محمد شاهه ولد حُسين شاهه جيلاني، ويٺل گاگڙي، دستاربندي عالم هو، 19- ربيع الاول 1282هه ۾ ڄائو ۽ 19- ربيع الاول 1345هه/1926ع ۾ وفات ڪيائين. جوانيءَ ۾ فيض درياء جيلاني انباه شريف جو طالب ٿيو. سندس ڪلام جي بياض ۾ شامل 228 سنڌي ۽ سرائيڪي قافيون نظر مان گذريون.

[1501] آسا

بيرنگ بره بابت سُڻائي، عشق وڃايو اسلام

1-      مسجد منبر ڇوڙ منارا، ڪوثر پيتم جام

2-     اسم شاهه فياض جي قرب ڪيو قتلام

3-     ڪعبي وڃڻ ۾ ڪم نه اسان جو، روح اندر ۾ رام

4-     عابد زاهد ذوق نه ميڪون، دين ڪفر ڪيها ڪام
5-      ”علي محمد“ سائين عشق جي، ڪل ناهي ڪنهين عام

[1502] آسا

عشق آهي ته چنجور، علم عقل جي پاڙ پٽي ٿو

1-      دخل درست ڪري ٿو پنهنجو، سمهڻ ساري رات نه ڪنهن جو

ڪري روح اندر ۾ رنجور، سيني اندر ساڙ سٽي ٿو

2-     دين ڪفر اسلام وڃائي، هستيءَ واري ڀت ڀڃائي

پوءِ ته ڪري فيض گنجور، ڪارنهن قلب جي صفا ڪٽي ٿو

3-     عشق آهي ته شير شيراني، آباد ڪري ٿو تخت ويراني

”علي محمد“ ٿيو مخمور، هر چيز کي سائين ڪين هٽي لو

[1503] پيلو

بات بره دي سمجهين نه سالڪ، اٽڪل نال آلاوڻ ڪيا

1-      ظاهر زاهد زور ڪريندئين

عامل ڪامل ٿي جو ٻَهندئين

شرڪ شيطاني دل وچ ڌريندئين

صافي سرُ مناوڻ ڪيا

2-     نفس ناداني ڪين سُڃاتئي

راز ربّي سير پنهنجو نه ڄاتئي

پهر پوياڙي جو اچي پهتئي

اڳتي دل وڌاوڻ ڪيا

3-     الست بربڪم ڪَن پيوئي

قالوا بليٰ تڏهن چيوئي

وعدو واسوف وارو وسريوئي

اُس تي عُذر آوڻ ڪيا

4-     ”علي محمد“ ڇڏ مام مَسلاتِي

نور حضور ۾ پائي ڏس جهاتي

بره بڃَي آ ڪُسڻ جي ڪاتي

عشق جي آڳ اُجهاوڻ ڪيا

[1504] پيلو

سِرُ سري هُون واهه گرو، پير نه پِڇو تي ڌرنا ري

قدم نه پڇو تي ڌرنا ري

1-      اِبليسي هِن ڪم اسان جا

دين ڀڃڻ جا دم اسان جا

خَمر خوري ڪم اسان جا

لعنت ڏنهون نه لرنا ري

2-     نينهن اسان جو آهي ناسارو

اهڙو جهڙو ڪافر ڪارو

چست نه وٺندو ٻيو ڪو چارو

ماڳ محبت نه مرنا ري

3-     دين مذاهب دور ڪيتوسي

علم عقل چڪچور ڪيتوسي

جام محبت پُر پيتوسي

رمز انهي وچ رهنا ري

4-     ”علي محمد“ نام الٰهي

مرشد ميرا فيض بالٰهي

بيشڪ آهي بره بقائي

قادر ا نون ڪهنا ري

[1505] آسا

رکي روح اندر ۾ رام، روشن ذات پڇاڻيون ٿا

1-      شير آهيون شهباز شهانا

مُلڪ اسان جو ماڳ ميخانا

جذب ڀري جام، پيالو پرت پِلايون ٿا

2-     بيرنگ بره اسان جي بازي

سِرُ ڏيڻ آ سرفرازي

گنگا پاسي گام، نِرنؤن نينهن نوايون ٿا

3-     جُوءِ اسان جي ڪاشي جمنا

هاڻ سوين آهن سرتيون سَمنا

هردم ڪريون هر نام، ڀول نه ٻيو ڪو ڀانيون ٿا

4-     ”علي محمد“ آڙاه عشق جو ٻاري

وڃي لڳاسون ’لا‘ جي لاري

آهيون مست مدام، ’لاحد‘ ۾ لِيا پايون ٿا

[1506] ڪسوري

آدم سِرُ الله ٿي آيو، ڳالهه انهيءَ کي سمجهي ڪو سالڪ

1-      اصلان ٿيڙس عشق اشارو، محمد ڪيتس نينهن نظارو
                خلق ۾ آيوپ خاص ٿي خالق

2-     لااِلٰہ اِلاالله اصلؤن ٿي آيو، احمد عشق مؤن بره بنايو
                محمّد پاڪ رسول الله مالڪ

3-     رمز رنگي بيرنگي بڻائي، ڪاٿي رهبر رمز رِلائي
                ڪاٿي سڏائين ٿو نينهان نازڪ

4-     الست بربڪم آپ الائي، عشق ٿي ٿو محبوب مِلائي
                ”علي محمد“ لاشڪ لالِڪُ

[1507] آسا

مرڻ مون تان آهي معاف، مُوتوا واري مام پَڙي

1-  لنگهي وياسون ڪُنن ڪثرت کان، ڪپي اُهو ڪوه قاف
2-  وحدت جي درياء ۾ لوڙهي، عشق ورتو انصاف
3-  آهي سو عشق اُليل ۾، علي محمد جو اوصاف

 

[1508] ڪوهياري

عشق اڪابر هوش عقل نون، رمز رندي نا ڏَسيندا هي

مُلان قاضي ڪامل ڪيئي، داناءَ دُر دَسيندا هي

1-      راه شريعت شوق نه شاهي، اصلؤن آهي بيپرواهي
                                نيزي سِرُ ڌريندا هي
2-     لڄ ڀرم ڪُل شرم شڪي ٿي، حاصل جڏان مُلڪ حقي ٿي
                                ڪامل قرب ڪريندا هي
3-     نازڪ آهي نينهن نيارو، ڏيئي آيو چشمن چارو
                                مُوتُوا قبلل مريندا هي
4-     ”علي محمد“ ٿيءُ يگانو، بره وارو واه بهانو
                                سوليءَ عشق سڏيندا هي

 

[1509] ڪوهياري

جاٿي مسجد ناهي ماڳ مڙهي

ويو آ مُلڪ انهيءَ تي خيال چڙهي

1-  ڪُن فيڪون کان اڳي هتي آيو، فاذڪروني رمز ريجهايو
                        بيحد بره جا باب پڙهي

2-  هٿئون موليٰ جي جام پيتوسي، رمز ربيّ جو راز وتوسي
                        سيني منجهان صاف سِرّي

3-  مَوتوا قبلل مري جياسي، لا مڪاني سير ڪياسي
                        طالب توڪل ساڻ ٿري

4-     ”علي محمد“ عشق اڻائو، اُهو ڄاڻي جنهن سر آئو
                        عام کي ناهي خبر کري

 

[1510] تلنگ

پائي پريم نگر ۾ پير، سارو مون سيرُ سڃاتو

1-      بنا شاهه فياض جي ٻيو لڪ اماڻيندو ڪير

2-     رهبر انهي راهه جو شاهه علي آ شير

3-     عشق نيئي اوڏانهن اليو، جاٿي ويري ناهي وير

4-     ”علي محمد“ سائين عشق انهي مان ڪي گهاتو لهندا گهير

 

[1511] ڪوهياري

مست مداخم ميثاقي آهيون، بحر بقاءَ جا باقي آهيون

1-      روح پرواز ڪري پيو هوا ۾، برق مڪان ۾ باقي آهيون
2-     خاڪي چولو پرتئون پهريوسي، نور نوراني پاڪي آهيون

3-     حوض ڪوثر آهي دست اسان جي، مست ميخاني ۾ ساقي آهيون
4-     علي محمّد آهي اسان جو، اڱڻ انهن جي اوطاقي آهيون

 

[1512]

سائن جا ساري سانگ، آءٌ ويٺي روز رڙان ٿي

1-      ”الست برڪم“ آواز ايهو، بره سڻائي آ بانگ
2-     ”قالوابليٰ“ قول ڪياسي، طالب ڏاڍي آهي تانگ
3-     ڪاٿي جوڳين پنڌ پڇايان، ڪاٿي اُڏاريان ٿي ڪانگ
4-     ”علي محمد“ بره ٿيو باري، نينهن جي کاڌو آ نانگ

 

 

 

پير صاحب پاڳاري جي سلسلي جا شاعر

 

علي اصغر شاهه ”اصغر“

 

پير علي اصغر شاهه ”اصغر“ ولد پير حزب الله شاهه ”مسڪين“ ولد علي گوهر شاهه ”اصغر“ جي ولادت 22- ربيع الاول 1278هه تي پير ڳوٺ ۾ ٿي ۽ اُتيئي 24- ذي القعد 1345هه/1935ع تي وفات ڪيائين.

 

[1513]

دنيا سڄي منجهان ڪيو دل آ سلام تنهنجو

هڪڙو نه مان سلامي، آ خاص عام تنهنجو

1-      ٻانَهن تي ٻاجهه گهرجي سهڻا سڄڻ سدائين

مان آ مڃي غلامي آهيان غلام تنهنجو

2-     ڪل ورد ۽ وظيفا مون کان ويا ٿِي وسري

آهي مگر وظيفو شب روز نام تنهنجو

3-     خضري ملي حياتي جي ٿئي نصيب مون کي

لالي لبن تان لاهڻ لبريز جام تنهنجو

4-     خوش ٿي ڪنار ۾ ٿي مبوب هيئن چيو پوءِ

مون کي وڻي ويو اڄ ”اصغر“ ڪلام تنهنجو

[1514]

سيني اندر عجيبا تنهنجي آ سِڪ سمائي

آ طلب تات تنهنجي ٻي ناهي وات وائي

1-      هينئڙو حبيب منهنجو حيرات ٿيو هجري ۾

ڪر محب ڪا ملڻ جي جند جان مان جلائي

2-     هيڪر هلي عجيبا عاجز جي آ اڱڻ تون

آه عرض مون اهوئي، ڇِن ڪين آشنائي

3-     محبوب محب مل تون ڪر درد سب دفع هي

منٺار ماهرو ويا تو ري نه واه ڪائي

4-     ديدار تنهنجي جو آ سوالي سدائين ”اصغر“

دلدار دوست دلبر جيئري نه ڪر جدائي

 

[1515]

مارو ملندم شال، جيئري لهنديون جلد جدايون

1-      سانگين جو جاڪُون ساٿ سِڌاڻو

تاڪون جيءَ ۾ آهي جهوراڻو

نيڻن وهي جر جال

2-     ڪير لهي ڪل مارن ڌاران

ڪير ٻڌي هي ڪو ٻاڪاران

هئي هئي هيڻا حال

3-     سور ڇڏيو آ جن جي ساڙي

شال رهائن پنهنجي پاڙي

ڪري پنهنجا قرب ڪمال

4-     ”اصغر“ تنهنجو ستت سويلو

مارن سان ڪندو موليٰ ميلو

ويندي مونجهه ملال

 

[1516]

اڄ آءُ ڪري احسان، منهنجي اکڻ تون يار اوتاري

1-      ڪونه ائين مون اڳ هو ڄاتو

ناحق ٽوڙي ويندين ناتو

قهري ڀڃي ڪو ڪان، مفت ڇڏيندين مئي کي ماري

2-     ساعت ڀانيان سال سوا تو

حال کان ٿيڙس بيحال سوا تو

وره ڪيو ويران، گوندر غم ۾ گهايل گهاري

3-     رات گذاريان روئي روئي

سورن ڀائي آهي نه ڪوئي

هئي هئي هِنيون حيران، ويتر ماري آهيان مونجهاري

4-     ”اصغر“ جو هي شعر سڻي تون

ڪوهيارل آ قدم کڻي تون

ٿي مولا لڳ مهربان، پئي آهيان جو تنهنجي پناري

 

 


* تفصيل لاءِ ڏسو ”بحرالعشق رسالو حضرت سيد رکيل شاهه صوفي جو“، ڇاپو ٽيون، 1968ع.

*  [1479]  کان  [1492]  تائين قافيون، شير خان ”شائق“ جي هٿ اکر بياض مان ورتل آهن، جيڪو 1940ع ڌاري قلمبند ڪيو ويو. هن بياض ۾ شير خان جون 322، سچل جي 1، خير محمد هيسباڻي جون 6، شاهه محمد ديدڙ جي 1، بلا شاه جي 1، سچل جون 5، جمعي فقير جي 1، وريل جون 2، عظيم علي جي 1، ڪمال جي 1، بيدل جي 1 ۽ حفيظ جي هڪ قافي شامل آهن. ان کان سواءِ گرهوڙي صاحب جي پيشنگوئي ۽ رضا محمد فقير جا بيت پڻ شامل آهن.

*  [1493]  عبدالڪريم پلي (ڍورو نارو) کان مليل.

*  [1494]  عجيب نيون قافيون، ڄيٺمل کيئومل ڪتب فروش، نزد پڪو قلعو حيدرآباد، 1925ع.

* خادم حسين عباسي جي گڏ ڪيل ۽ سچل ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل مواد تان ورتل

* ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1500-الف] کان [1500-ز] ڍوري ناري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org