محمد
خان ٽالپور
محمد خان ولد مراد خان ولد محمد خان ٽالپور،
گُهراماڻي، ڳوٺ مراد خان ٽالپور تعلقي ٽنڊي باگي
جو ويٺل هو. قرآن شريف ۽ فارسي پڙهيل هو. سنه
1260هه/1844ع ۾ ڄائو. جوانيءَ ۾ شاعري شروع
ڪيائين. پهريائين ’جمجما سلطان‘ ۽ ’ڀوري جو قصو‘
بيتن ۾ جوڙيائين، ۽ ان بعد ٻن ڀائرن جي وفات جي
صدمي کان قافيون چيائين. وٽس ڳائڻن جي ڪچهري هميشه
لڳي پئي هوندي هئي. گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني درگاهن
تي ويندو هو. پير صاحب پاڳاري جو مريد هو. اميري
ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين. آخري عمر ۾ سائو ويس
ڍڪيندو هو. سنه 1353هه/1933ع ۾ وفات ڪيائين.
محمد خان پنهنجي وقت جو عام مقبول شاعر هو. سندس
ڪلام ننڍن ڪتابڙن جي صورت ۾ ڇپيو آهي. سندس ڪي بيت
لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب ”بيت“ ۾ شايع ٿيل آهن. سندس
جوڙيل قصا لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب ”سنڌ جا عشقيہ
داستان:
جلد-2“ ۾ شايع ٿيل آهن. سندس قافيون مشهور آهن ۽ بدين ضلعي جي ڳائڻن وڏي
چاهه سان ڳايون. سندس ڪلام جي قلمي مجموعن ۾ ٻن
سون کان وڌيڪ قافيون ڏنيون ويون هيون.
[1516]
برهه وڌو جنهن کي ڀن ۾ ڀيري
عشق اڏاري چاڙهيس انگاسين
1-
ڀڙڪو بدن تي ٻاري ائي بجلي
طورسينا جيئن ساڙي وئي تجلي
جنهن کان لڱ لوساٽيا ڄيري
کاڌن خبرون خاص صلاحيتون
2-
هيس سڀن ۾سگهڙ سياڻي
نينهن نماڻي ڪيس نماڻي
ڦيڻو هڻي ويا دل ڦيري
اوڍيم سِر تي ويس سناسين
3-
سور سامهان ٿيم باب بيراڳي
اڄ گهٽ ٿي منهنجي صورت ساڳي
دعويٰ ڇڏيم يار تنهن ديري
ڪين پڳيس مان فال عطاسين
4-
عشق جي آتش ڱکوري جيئن کانيو
ٽپ ڏيئي ”ٽالپر“ پاڻ پچايو
جنهن کي جهڙپ لڳي وئي جيءَ جيري
ماٺ ”محمد“ ڪر کاڄين ڇاسين
[1517]
آيو ڪونه چرخو چريءَ کي ڪتڻ ۾
ويو وقت گذري ولهـي جــو ويهڻ ۾
1-
ايندو اڄ سڀان ڪو ويچاري جو وارو
ڪتيئين پاءُ نه پاندي، نه ڪو ڏي اڌارو
تڏهن ٿي هئي هٿ، ويس سج لهڻ
2-
سمنڊ سير سختي سُجهي بار بار
ڪشتيوان ڪرڙا چلي ڪونه چارو
پلئه ناهي پيسو ڌڏيان ڇا پتڻ ۾
3-
ڪنبي ڪانڌ کان هن تتئي تند نه تائي
دنيا جي ڌنڌن ۾ عمر وئي اجائي
تڏهن ٿي پروڙي ورائي پڇڻ ۾
4- ”محمد
خان“ تي آهي سدا رب ستاري
ورتي جنهن آ مرسل سندي توهه تاري
ڇٽا سڀ ڇيهن کان سي ڪلمو پڙهڻ ۾
[1519]
پرين پاڻ، ڪنهن کان هاڻ سِکئين ريت رُسامون
مُڪئِي ڇو نه ڇَلو هاڻ، سڄڻ يار سُلا مون
1-
لک هزار، تنهنجا آر، سَٺم بار مٿي تي
سؤدو سِر جو ڪيم صاف، لاهي خوف اوهان مُون
2-
پاتم پير، ڀانيم خير، لڌم دير مٺائي
چڱيم چاس، ڏسي خاص، ڪيم تپاس توهان مون
3-
هن لوڪ سندي ٽوڪ، رکي شوق پرايم
منهنجي باب ڪو ڪتاب، لکيو قلم ڪِرامون
4-
مڃي منٿ، منهنجي ترت، ڪر شفقت ملڻ جي
ايندو هٿ توکي ڇا، ”محمد“ ماري اسان مون
[1520]
سُجهن سور سُهمان مارن جا موهر ۾
ڏيندم مُنهن تي مهڻا سي سرتيون سڳر ۾
1-
ڪري ڏاڍ آندي عمر تو ڏوٿياڻي
اِها ڳالهه ڳچ ڏينهن ڳڻجي آکاڻي
منهندان هڪ جيڏين واکاڻي وڳر ۾
2-
ڪاٽڻ پهر قسمت ٿيم هِت لاچاري
ڪئي ڪانه مارن منهنجي پوئواري
اچي رهجي مئيءَ جي ڍڪي شل ڍنگهر ۾
3-
انهيءَ ڇرڪ ڇيري وڌي جانِ ڳاري
لهي ماس لڱن تان هنجهون روز هاري
ٿيان شال پوري پنهوارن جي پر ۾
4-
يارون وو ميارون ”محمد“ چئي مڙيئي
پييون سِر نماڻن سنگهارن سڀيئي
ڪهڙي پار لاهيون لکيون جي امر ۾
[1521]
ڪالهه ڏٺو سو اڄ پڻ ناهي، عبرتخانو رنگي رنگ
محبت سِر تي ڪات ڪري پيو، وقت اچي ويو ڏاڍو تنگ
1-
چوڻ چکاي خلل پراوڻ، ننڍ وڏائي ويئي ڇڏي
حيات حقيقت، لڄ لياقت، لوڪ منجهارا ويئي لڏي
ٻَئي ته ڀائر ويرين وانگي، پيءَ پٽ بيٺا جو ٽي جنگ
2-
جُف دنيا کي ويو وڪوڙي، حرس هوس جي ڳالهه هُلي
سخت زمانو زور بيٺو، شهرت جي بازار کُلي
مور هليا ويا هنجهه اُڏامي، انهي ٽڪاڻي ويٺا ڪنگ
3-
پاند پڙي جا شان هٽائي، واسڪوٽن جا ويس ڪيائون
مون ڏٺا هئا ”محمد“ چئي، هيٺان لاهي مٿي ٻڌائون
حرف تن تي آهن ڪهڙا، مالِڪ توتي آهي ننگ
[1522]
فوج حسن جي تنهنجي هٿ سڀ ڇو نه سڄڻ آرا ڪرين
نرگس نين زراور سرڪش قيد رستم دارا ڪرين
1-
سر تي ڪرين ٿو سايون سايون
ڪن ڪنڍا ڏين جهالر جهايون
بينسر بين بينون لب لعلون
تاب تجل تارا ڪرين
2-
سونهن ڏسيو ٿو سينو ساهين
هڏ هيڻن تي سَرواهي واهين
ڪئين ٻڌائين ڪئين ڇوڙائين
منهن موڙيو مارا ڪرين
3-
هڪ تون سهڻو سهڻل سائين
ويس بُت تي واڌو پائين
ٻيڻي لوڏ لهي لک ٻاهين
ڪيف ڪجل ڪارا ڪرين
4-
پنهنجا قاضي پنهنجا مَسلا
پنهنجا دريافت پنهنجا حملا
پنهنجي ڪورٽ پنهنجا فيصلا
ڀلي حاڪم حڪم هزارا ڪرين
5-
آءٌ ڦران تو لئي يار فراقي
”محمد“
سان ٿي يار مُلاقي
ڏي پيالو ساجن ساقي
مون تي وڙ وڏا پيارا ڪرين
[1523]
تنهنجي چشمن جا چالان چوان
ڏيئي صدقو سِر قربان ٿيان
1-
پائي هار ڳلي هسوار ٿئين
سدا محافي ۾ مهندار سونهن
ساري گلشن ۾ گلزار ٿئين
ڪهڙا بيمثل مان بيان چوان
2-
هنيون حيرت ۾ حيران ٿيو
هَجِي هوش هُئڻ هڪوار ويو
تنهنجي پرت جو پيوند يار پيو
تڏهن هر هر ٿو قربان چوان
3-
رهبر ٿي حق راه ڏَسيئي
پاڻ ۾ پنهنجو پاڻ پسيئي
رمز رنديءَ جو راز رکيئي
مان عشق ڪيئن انسان چوان
4-
مان پير مغان پينار آهيان
ٿو عشق اضافي جي آر ڪيان
سُڻ ”محمد“ جا منٺار ميان
مان عرض جيڪي ٿو لِسان چوان
[1524]
ڏيوو يا گنو هي سودا صاف سِر دا
نهين مال ملڪيت ذرا ايڪ زر دا
1-
پکي پيٽ ڪيتئي ودا وڻ مريندا
نه ٿيا قوت واڌو ڏونگر ڏس ڏوريندا
کنڀڙ مار کس پيا، فڪر رک فجر دا
2-
آڻين ۽ چاڙهين پاڇي ڪانه پائي
هي ڏون ڏهاڙي لابارا جو لائي
سنبرندي گذر ڳيا سفر بي ثمر دا
3-
مٽي ۽ مائيٽي رکن يار ياري
نه رهندي هميشه پيسي دي پياري
بکئي باس پڄندا جاني يار جگر دا
4-
صفا سِر حاضر هي نهين بيٺ ناڻا
اُتر ۽ ستر دي ٻي طاقت نه ڄاڻا
سهانگا مهانگا ”محمد“ مال گهر دا
[1525]
جيءُ وچ جوڳي ياد گرو ڪر، ڪيها ڪم رُلڻ دا
1-
آپ برهمڻ ساڌ سڏاوين، سينڌر رنگ ڏي تلڪ لڳاوين
سَت پُڙيان لڪ روٽيان کاوين، ڪيتئي بيک پنڻ دا
2-
تن وچ تيرٿ تن وچ تڪيا، جو ڀي طلبين سڀ ڪجهه هَڪيا
بابو منگدئين ٻئي در بکيا، لڄائين ويک لڇڻ دا
3-
گنگا گومت گام اِٿاهين، نانڪ لڇمڻ رام اِٿاهين
”محمد“
مسجد مام اِٿاهين، مطلب سڀ ملڻ دا
[1526]
کپئي ترس ڪر نه ڪر مئن ويسان نه ٿيڏي در تون
1-
پُڇ پُڇ ٿَڪُس مئن پاڙا، آيس اڱڻ تساڏي
ڇوڙئين نه دم حياتي، توڙي مارين پادر تون
2-
آدم ڪون ڪڻڪ دا، ڏس ڪير ڏي ڳيا
سر آيا حڪم تنهين دي، بهشتئون نڪل ٻهر تون
3-
شيطان سهوَ پيئي، تنهن ڪون ڀُلايا ڪنهن ني
آدم ڪون سر نه نايس، ذاتي اندر ذڪر تون
4-
زڪريا ڪون ول وڻ، لڪڙي ڪيوين لُڪايا
سر پيا اوزار آُس دي، جهل ڌڪ ٿيوين تڪر تون
5-
اينجها طوفان لايُئي، ٻيڙا ٻڏڻ ڪونه آيا
نوح ڪون اُٿون بچايُئي، سا ڳي خواجه خضر تون
6- ”محمد“ ميڏي ڪا ڏاهپ، هرگز هلي نه ڪائي
شافع منگان شفاعت، دل دي لاهين گوندر تون
مائي فاطمہ موچياڻي
مائي فاطمہ ڌيءَ لال موچي، پنهنجا ڪلام ۽ بيت
جوڙيائين. (1960 ۾) پنجويهه سال اڳ سٺ ورهين جي
ڄمار ۾ گذاريائين.
[1527]*
ڪاڻ پنهل جي جيڏيون سرتيون
هاڻي ويٺي ٿي ڪانگ اڏاريان
1-
پار انهي ڏنهن اچي من ڪو پانڌي
هاڻي تن جي ويٺي ٿي راهه نهاريان
2-
ٻڌي سندرو سور انهيءَ مون
مان آري لئي اوساريان
3-
مٽ محبن جي ڇا ڪو ٿيندو
تن کي ويهي مان ڪيئن وساريان
4- ”لال“ چوي ٿو پنهل پڄاڻان
مان گهڙي هت ڪيئن گهاريان
[1528]
نڪري ٿا نروار، عشق عقل ٻئي چوغان ۾
1-
جڏهن جنگ لڳي ڏينهن خيبر جي، ڪٽيائو ڪل ڪفار
عرب عجم ۽ ايران ۾
2-
جنگ لڳي ته جُلهه ٿي، ٿيا سرواهين جا سٽڪار
اُتي مرد کڙا هئا ميدان ۾
3-
اتي ڌرتي سِرَ ته ڌڪاءَ ٿيو، ڀڳو سڀ بلغ بخار
خبر رسي خراسان ۾
4-
جڏهن حڪم ٿيو حضرت شاهه جو، چئين قبلين چؤڌار
ملڪ خلق ٿيا فرمان ۾
5-
جڏهن عشق ڀڄايو عقل کي، جنگ ته کٽي ويا جهونجهار
”لال“
چوي لامڪان ۾
[1529]
سرتيون ڳالهه ڪَريم ڪا، مان سان هاڙي هلڻ جي
1-
ڏر ڏسي ڏونگر جا، متان وري پوءِ وريم ڪا
2-
مان ڀي اورينديس ته انهن سان جيڪا ٻاروچل لئي مريم ڪا
3-
جيڏيون ڙي باهه جبل ۾ انهي ٻاروچل جي ٿي ٻريم ڪا
4- ”لال“ موچي مسڪين تي، من پنهنجي ديد ڌريم ڪا
[1530]
موڪل ڏي هلي وڃان، سومرا مان وڃان ملڪ وري
1-
ڪڍ بندياڻي بند مون، هاڻي لاهج ڀُل جي ڀري
2-
کاڄ کائينديس تنهنجا ڪينڪي، توڙِ وڃان ماڳ مري
3-
ناهيُون هنڌ جا هير وان، اسين پئون ڪرڙن هيٺ ڪري
4-
ڦوڳ ڦلاريا ڦرڪن، اسان ڏي ڏؤنرا پيا ته ڏري
5- ”لال“ چوي پنهوارن سان، مان کوليان درد دري
[1531]
اکرين سان شال ڏسنديس
پرين پسنديس، اوڏنہ وينديس
جتي منهنجو ڪانڌ ڪوهيارو، محبت وارو
1-
جيڏيون شهر ڀنڀور کان ڀينر منهنجي بس، دل آهي بيوس
ڪنهن کي مان چونديس، نيٺ وڃي لهنديس
پنهل خان پيارو، قربن وارو
2-
قاصد لڳ ڪريم جي نياپو هيءُ وڃي ڏجانءِ، چڱيان
چئجانءِ
وهلو وڃجانءِ، پيرين پئجانءِ
جتي هجي منهنجي جيءَ جو جيارو
3-
اوکا پنڌ آهن پهاڙ جا، باري ٻجهن ٿا بر، ڏونگر جا
ڏر
وندر جا ور، لهندو خبر
اتي ملندو محب مڻيارو
4- ”لال“
چوي لطف سان ڪيو ڪا نور نظر، سچا سرور
تنهنجي آڌر، ڏينهن محشر
ڏسان نور نظارو، مرسل موچارو
[1532]
منهنجي يار وڃي ٿو دل لُٽيون لُٽيون
نيڻن واري ناز سان
1-
جيئن بلبل کي باشو پڪڙي
ريءَ ڪاتي سي ڪُٺيون ڪُٺيون
بره واري باز سان
2-
جئن ڄارَ ڳنڍيون ٿي ڏنائون
سي ڇوڙيان پر نه ڇُٽيون ڇُٽيون
ڄڻ محمود ٻڌيون اياز سان
3- ”لال“
چوي ٿو عشق وارن تي
بُوندان بره جون وُٺيون وُٺيون
راڻل واري راز سان
فقير پير بخش ڪلوئي
*
پيربخش ولد جيئند خان ڪلوئي، پُراڻ جي ڪپ تي ڳوٺ
بچل ڪلوئي تعلقي ٽنڊي باگي جو ويٺل هو. سنه 1283هه
۾ ڄائو. جوانيءَ ۾ مال چاري ۽ هارپو ڪري گذران
ڪندو هو. نڙ وڄائڻ جو ملوڪ هو. حرن فقيرن جي صحبت
۾ جناب پير پاڳاري علي گوهر شاهه ثاني (محفي ڌڻي)
کان ذڪر وٺي فقيري اختيار ڪيائين ۽ بيت ۽ قافيون
چوڻ لڳو. سنه 1375ع ڌاري مرشد جي زيارت لاءِ ويندي
کڏڙي جي ڀرسان بيماري ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪي
قافيون هيٺ ڏجن ٿيون.
[1533]
الف آيا پرين جا پروانا
دل دوست اکر مئن واريان، ڪيوئي دوست اکر ديوانا
1- ’بي‘
بدر وچ لڳي لڙائي، جنگ کٽي ڪر جوانا
مدد علي دي مردانا، جنهن ڪفر ڪٽيا ڪفرانا
2- ’تي‘ طبل وچ تان علي دا، سر ڪلنگي تون قربانا
منهن مبارڪ محافي والا، صورت دا سبحانا
3- ’عين‘ اندر اوطاق علي دي، ’ميم‘ اندر ميدانا
لوح قلم ڪنون اڳ هويا، محمد تي مهربانا
4- ’جيم‘ جانب دا جهڪا جهڳ سڳ، جهٽ پٽ ڪي جهلڪانا
گهونگهٽ دي وچ سر مگهٽ، موهي محمد تي مرڪانا
5- ”پيرو“ ڇوي پنجن تنن دي، هِت هُت زيب حقانا
چار ئي يار چوغان علي دي، مست گهمن ميدانا
[1534]
سڄي سِيالي پون پالي، مئن اُداسڻ اُڃ دي
يار پياري دي اوتاري، مئن سامڻ سڃ دي
1-
پنهل ڳولان، جبل ڦولان، گس گهولان ساٿ تؤن
درس دِلان، وچ ملان، مئن نه وَلان واٽ تؤن
ڪيچ جاوان، ڪنگڻ پاوان، ميندي لاوان هٿ تؤن
پنهل ٻهندڙ، سيج ٺهندڙ، مئن جا رهندڙ رُڃ دي
2-
ڪيچ ٿيوان، وپل جيوان، سيج سِيوان حق دي
سيج سوڙان، ول جوڙان، ٻڏ موڙان ٻهڪدي
پنهل تي پڳ، خادم جڳ، اِهين ول دڳ دَهُڪ دي
اکين دي اوج، مريندي فوج، اِهين ول موج منجهه دي
3-
ڪيچ ڪاهان، ڏيوان واهان، ڪر دانهان ڊُڪ دي
وڃان جيڪر، مِلان هيڪر، ٿيوان نوڪر نُک دي
عشق عزت نه عزيزت گهتان لذيت لک دي
پنهل هي پاڪ، مئن مشتاق، سر اِملاڪ سُڃ دي
4-
بره باري، ڪڍ ڪٽاري، مئڪون ماري مار ڳئي
ڏيک ڏونگر، ٻڌان هونگر، گهت گوندر گهار ڳئي
زال زادي، پير پيادي، اِهين وادي وار ڳئي
جبل جاڙي، ڳاٽ ڳاڙي، مار ڌاڙي ڌڃ ڳئي
5-
اُٺ گونگي، زير زونگي، ڪر جُنگي جاڙ ڳئي
گهت ڏوري، ظلم زوري، هوت چوري چاڙهه ڳئي
مئڏا گهن مور، پنهون ڳئي زور، سارا ڀنڀور ساڙ ڳئي
اندر دي اُداس، ملڻ دي خواس، ’پِيرو‘ دي آس پُڄ
ڳئي
عاقل
هڪ آڳاٽو شاعر عاقل ٿي گذريو آهي جنهن جو بيت جناب
پير صاحب محمد راشد روضي ڌڻي جي ملفوظات ۾ نقل ٿيل
آهي. ڪي قافيون ان جون ٿي سگهن ٿيون. البت آخر ۾
ڏنل قافيون اسلوب جي لحاظ سان غالباً مولوي محمد
عاقل جون آهن. مولوي محمد عاقل ڳوٺ عاقل تعلقي
لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. سٺ ورهين جي عمر ۾
1359هه/1940ع ڌاري وفات ڪيائين. سنڌي ۽ فارسي ۾
شعر چيائين. پنهنجي وقت جو عالم ۽ فارسي توڙي سنڌي
جو يگانو شاعر هو. بهترين ڪاتب پڻ هو، ڪيترائي
نسخا ڪتابت
ڪيائين. گهڻو وقت پير صاحب پاڳاري شمس العلماء شاهه عرف ڪوٽ ڌڻي وٽ
گذاريائين، جتي سندس وڏي قدرداني هئي.
[1535]*
سي آڻ سانگيڙا، مولا سي ميل ماروئڙا
جني جي ڳل اٿم ڳاري
1-
پرين پرديس ٿيا راهي
روئي ٿيڙس آءٌ بي ساهي
نڪو قاصد نه ڪل ڪائي
مُڪي دلبر نه دلداري
2-
سفر ڪنهن انگ سي وِيَڙا
پري پرديس نئن پِڙا
پڇايان روز پانڌيڙا
ته هُئڙن ڪا ورڻ واري
3-
ساعت ساعت سڃڻ ساريان
غمن ۾ ٿي گهڙيون گهاريان
روئان رتڙو هنجهون هاريان
اکين جو آب ٿيو جاري
4-
مان ماندو ٿئين ”عاقل“
خبر خوش هيءَ ڪَهي ڪانگل
سڄڻ سانگي ايندا اڄ ڪلهه
ڪندا غمثار غمخَواري
[1536]
آيو عشق عجب اسرار ميان
کُلي بره سندي ڪا بازار ميان
1-
هنجهه هجن توڙِ مور هجن
ڪَڪان ڪي خوش ٽور ٻُجهن
تنهنجي ٽور ٽلڻ تئون گهور ڪجن
اِهڙي اِهڙي سندن رفتار ميان
2-
اِنهن اکڙنِ پاتو ڪيف ڪجل
آيو عشاقن تي عام اَجَلُ
ڪندا لاشڪ ڪو اڄ خون خلل
آبرو سيف سَٽِن ٿيون ڍار ميان
3-
زلفان نانگن جان ويون ويڙه ونگي
دلڙِ ڏورئون ڏسو سدا ساه سَنگي
هڪڙو مان نه وِڌا ٿَوَ ڏيہ ڏنگي
ڪارا ڪاريهر ڪي وار ميان
4-
ناهن بار برهه جا ڪي سير مَڻي
ايهي ”عاقل“ توريءَ ڪير کڻي
توڙِ جنّ ملائڪ ديو پَريين
باري بِره سندو آهه بار ميان
[1537]
روپ گجري
ڏسي هت هزارا، نزاڪت نظارا
بهاريءَ کي بلڪل ڏئي ٿي الارا
1-
ڇٽا زلف زنگي، بهاريو بنفشو
چنبيلي جو چرچو ڏسي ڪو تماشو
کليا ناز سان نين نرگس نيارا
2-
لکين ويس تنهنجا بسؤنتي بهاري
ڪٿي زعفراني ڪٿي گل اناري
مٽائين ٿو پوشاڪ پلپل پيارا
3-
عجب رخ سندو رنگ رونق گلابي
سدا مئي ۾ مخمور نينا شرابي
عاشقن کي ابرو ڪُهن جئن ڪٽارا
4-
انهيءَ پِڙ اندر پير پرجهي ڪوپائي
اچي ڪو قلندر سانگو سر جو لاهي
وڄن نينهن جا ناد نوبت نقارا
5-
نمائي جو جنهن دم ڏٺوَ چشم چائي
وڌو چشم جي چوٽ اڻموٽ گهائي
انهي چوٽ سوَ گهوٽ گهائين ويچارا
6-
هڻي حسن جي تاب تاراج ڪيڙو
عقل هوش ”عاقل“ نپت نينہ نيڙو
اسان جا اُتاهين چليا ڪين چارا
[1538]
جيڏيون جدا جاني ٿيو، پلپل پون ٿا پُور ڙي
جندڙي جلي سينو سڙي، دلڙي ڳري تَن چُور ڙي
1-
ساري خلق ۾ سربرسر،
جانب جيهو نه اچي نظر
تارا ڪتيون شمس و قمر، توڙي ملائڪ حور ڙي
2-
پهريون لطيفي لات سان، لائي نينهن نماڻي ذات سان
پوءِ نا پُڇن وات سان،
ڪيهو دوستن دستوري ڙي
3-
محبن سان گڏ شامل هئس، خوش حال ۾ خوش دل هئس
اڄ ڏينهن کان غافل هئس، ڪيهي ڏوهه ٿيس ڏمر ڙي
4- ”عاقل“
ملڻ لئي محب جي، پيغام پرين کي مُنجي
من ڪو ڪرم قاصد ڪري، سارو چوي مذڪور ڙي
[1539]
ماريس تنهنجي ماڻي رب ڄاڻي
درد ونديءَ دل جون دانهون
1-
جدا جانب کان ڪيو
ويريءَ ڪنهن ويڳاڻي رَڪَ راڻي
ڪيو مون کي پِرَکؤن پراهون
2-
ويٺي آهيان واٽ تي
ايندي الائي ڪنهن ٽاڻي هت هاڻي
روز نهاريان ٿي راهون
3-
سُڻي سوال سقيم جو
هِن ڀوريءَ جي ڀاڻي شل آڻي
موٽي توکي مولي ايڏاهون
4-
ملڻ لئي تو محب جي
تانگهه گهڻي دل تاڻي پرڀاڻي
اوري اچج اوراهون
5-
وري واڳ وصال جي
آءُ ٿَڪِيءَ جي ٿاڻي سُڻ هاڻي
”عاقل“
جون يار آهون
[1540]
ڪنهن کي سور سڻايان، ساهه اندر جا ساري ساري
1-
پاڻ ڏاڍن سان لَنَو جا لايم، پوءِ سينو ڪهڙو
ساهيان
حجت ويهان ڪيهي واري واري
2-
بره نيون برساتون لاتيون، ويٺي وره وسايان
هر دم هنجڙيون هاري هاري
3-
پرچ پرين ڇڏ ريت رسڻ جي، آءُ پاندڙو ڳل ٿي پايان
ماڻن وِڌي هان ماري ماري
4-
باب بنديءَ جي اڳ لکيو هو، اڄ آءٌ ڪيئن مٽايان
ڪير قضا کي ٽاري ٽاري
5- ”عاقل“ آخر رب ٿيندو راضي، آس اميد نه لاهيان
واڳ ايندا شل واري واري
[1541]
ڪري سينگار جانيئڙو، ڪري سينگار سانولڙو
سڄڻ ڪنهن سير تي آيو
1-
ڪاهي آيو ته ڪثرت ۾، لڳيون حُران به حيرت ۾
ملڪ انسان عبرت ۾، سڀني جي ساهه سيبايو
2-
نه هيڙس ڪار ٻيو ڪم ڪو، پسي آيو پاڻ پنهنجو جلوو
نماڻيءَ کي نوازڻ جو، رکي ڪو رُح ۾ رايو
3-
پنهل توکي ڪو پهه پيڙو، پاڻهي پاتئي اچي لِيَڙو
اهو سڀ عشق ڪم ڪيڙو، هُون هِت پرت پهچايو
4-
بهاريون باغ گلزاريون، چمن چؤطرف چوڌاريون
ٽڙي ٽهڪڻ لڳيون ٽاريون، نئون نئون نينهن رنگ لايو
5-
اکڻ آيو اهو جاني، ڪري ”عاقل“ تي احساني
ڪريان جند جان قرباني، وائي هي سوال ورنايو
[1542]*
يار جدا ٿئين جا ڪُون آءٌ ٽاڪُون
ڪوڙين ويٺي ڪانگ اُڏايان
1-
چيري چيهاڙيون ڪيم، پهريم جي پوشاڪون
2-
مُنهن تي سانوڻ مينهن جان، محبت واريون ماڪون
3-
هِنيَڙو هيرڻ پن جان، ڪِيَڙو فراقن ڦاڪيون
4- ”عاقل“ تنهنجي عشق ۾، روز الست لاڪون
[1543]
صبا وڃي ڏي سنهيو هي، عشاقن جو عجيبن کي
سڻائج نيئي سڄي ساري، حقيقت هيءَ حبيبن کي
1-
اوهان وٽ ناهه ڪا ڪمتي، ڪرامت ۽ عنايت جي
ڪوتاهي آهي قسمت جي، چوان پنهنجي نصيبن کي
2-
اهي فوجان فراقن جون، عشاقن تي اچن ڪاهيون
سٽن سيفون بڇن بڙڇيون، ته ڀي چپ آهه غريبن کي
3-
دوا هن درد منهنجي جي، بنا ديدار ناهي ٻي
ڦڪيون ڏيئي ويا ڪيئي، ناهي طاقت طبيبن کي
4-
ازل کان آهي هي ”عاقل“، اوهان جي باغ جو بلبل
سنڀاليون ٿور ئي پلپل، گلن ۽ عندليبن کي
[1544]
ما مهيسي مون کي موهي ويا
حب ڏيئي هنيڙو هٿ ڪري
1-
دعا ڪريو آئين جيڏيون، ولر ويراڳين شال وري
اڱڻ آسر ونديءَ جي ايندا، پرتئون پير ڀري
2-
الفت آديسين جي، آءٌ وڌيس تئي تري
ساري صحبت سناسين جي، ٻرٻر آگ ٻري
3-
ڪستا ڪمريون برتن بگريون، سامين سونهن سري مڙهيون
ڇڏي وڃي ملڪ ماڻيائون، جيڪس پنڌ پري
حاجي عبدالله ڊکڻ
حاجي عبدالله ولد محمد فقير ڊکڻ سومرو، ڳوٺ
الهرکيي جلباڻي تعلقي نصيرآباد ضلعي لاڙڪاڻي جو
رهاڪو هو. اندازاً 1870ع ڌاري ڄائو. سنڌي، عربي ۽
فارسي جو چڱو ڄاڻو هو. راڳداري جو به ڄاڻو هو. ٻُٽ
سرائي (تعلقي ميهڙ) جي راشدي پير شاهه محي الدين
دوران جو مريد هو. ڪلام ۾ پاڻ کي ”لنگهو“ به چيو
اٿس. سنه 1930ع ڌاري وفات ڪيائين، سندس 36 قافيون
نظر مان گذريون.
[1545]
روپ گجري
ملڻ ريءَ شبا روز ماندي مري ٿي
ٻڌي هٿ ادب ساڻ آزيون ڪري ٿي
1-
کڻي نيڻ نروار نازؤن نهاري
هڻي ٻاڻ ٻهڳڻ وئين دلڙي ڌتاري
ڪيان ڪيئن، نه منهنجي اوهان ريءَ سري ٿي
2-
نه ڪر دوست دلگير سان مفت ماڻو
ڏيو خيال سان وير واڳُن وراڻو
سدا سوز تنهنجي ۾ سُڏڪا ڀري ٿي
3-
جدائي سهڻ جي نه توفيق مان کي
وري مُنهن مٽائڻ نه لائق اوهان کي
فراقن اندر جانِ بيحد ڳري ٿي
4-
چوي ”عبدالله“ جو عرض هاڻي
ورائي وصل جي سا منزل رساڻي
مٺا محب مون کان نه دم تون پري ٿي
[1546]
روپ پهاڙي
شب روز توکي سدا ويٺي ساريان
سدا ويٺي ساريان، ڪڏهن نا وساريان
پلپل پڪاريان، هنجهڙيون ٿي هاريان
1-
سگهڙو لهج سار، جاني جيءَ جيار
توکؤن هتڙي ڌار، ڏکيا ڏينهڙا گهاريان
2-
پرين ڪر نه پاسو، ڏئين ڪو دلاسو
ويهي خلاصو، پوءِ شڪر گذاريان
3-
ڪيان درد دانهون، ٻڌي هٿڙا ٻانهون
نِت تنهنجون راهون، رويُون ٿي نهاريان
4-
ڪر ڪا روح رهاڻ، مطلب توڙي رساڻ
دم دم تنهنجي ڪاڻ، ڪانگ اُڏاريان
5- ”عبدالله“
دلگير، هيڻي حال حقير
پيارين کنڊون کير، الحمد ڪاريان
[1547]
روپ ڀيروي
بيشڪ آهي آپر، دل جي اندر
مون کي سِڪ خان پنهل جي
1-
مون کؤن جاليو نا ٿئي
گهوٽ بِنان ڪو دم گهر
2-
روئندي رات گذاريان
ڏينهن ڏکڻ ۾ ويتر
3-
دکـــن دُون وجــــــود ۾
ٻاڦ نه نڪري ٻاهر
4-
جانب ويو جنهن جوءِ مان
سو بر ڀانيان بازر
5-
عرض ”عبدالله“ چئي
پهچ پنهل پورو ڪر
[1548]
روپ ڀيروي، جهنگلو
ڪونهي مئيءَ جو ڪو وس
رهبر رس، ڏکيا ڏکيا ڏينهڙا ٿي گهارين
1-
وؤڙيندي مون ورهيه ٿيا، ڏيهه ڏوريندي پئي ڏس
تنهنجو گس، رويون رويون روز نهاريان
2-
محب مِٺا مسڪين جو مانَ پوئي ڪو تَرَسُ
سوز سَرسُ، توريءَ پَلپل پيو پڪاريان
3-
وارج ورق وصال جو، ڪندو توکي جڳ جس
هيڪر هَسُ، سي ڳُڻ تنهنجا ڪين وساريان
4- ”حاجي عبدالله“ چئي پرچ، ڦِٽي ڪر عڪس
پِريمَ پسُ، هيڻي هيڻي حال گذاريان
[1545]
روپ آسا
ڏکي رات گذاريم ساري، اچي دوست ڏيو دلداري
1-
جنهن وقت ناگہ نيڻ کڻي ٿو
مزگان تير تفنگ هڻي ٿو
بره لڳل ٿم باري
2-
درد فراقن ڪئي دل ڦارون
دلبر تنهن جو ڪو ڏَس دارون
معاف ٿئي بيماري
3-
آيو عشق وڃان مان ڪاڏي
ڏسان رند روز اوهان ڏي
وجهه اچڻ ۾ نه گهاري
4- ”حاجي
عبدالله“ اُداسي
جانب تو لئي پلپل پياسي
جنهن کي ڳچيءَ ڳل ڳاري
[1550]
ساعت ڀانيان سال، سُکين سانگين لئي
1-
محلاتن ۾ وهڻ وِه ڄاڻان
جيئڻ آهه جنجال، مٺڙن مارن لئي
2-
راتيان ڏينهان اُڪير اباڻي
دم دم دل کي خيال، سُکين سانگين لئي
3-
جهِڄان جهانگين کي ٿي سنڀاليان
روئي وڃايم حال، مٺڙن مارن لئي
4- ”حاجي
عبدالله“ ڊکڻ کي
ويڙهيچن جو وصال، سُکين سانگين لئي
[1551]
لاهه ظلم جا زنجير، عمر! ڇڏ زورو
1-
ڪوٽ اندر هيءَ قسمت آندي، قيد ڪيس تقدير
2-
ڪڍ بندياڻي باند نه ڪر تون، عمر ڄام اَمير
3-
کاڄ کنڀيون کٽ مرڪ مارن جو، ٻن تنهنجا کنڊ کير
4- ”حاجي عبدالله“ ڊکڻ کي، اندر آس اُڪير
[1552]
روپ مانجهه
نيڻن سنديون نوڪان هڻي، لايُون وئين جيءَ ۾ جَڙي
1-
من اندر مچ ٿا ٻرن، اِها بِره جي بازي بڻي
داغ دل تي درد جو، بي پئي فراقن ۾ ڦڻي
جند جان سُرن ۾ سڙي
2-
ملڻ ريءَ مسڪين جي آئِي اکين لائي آڻِي
اکڻ آسروند جي آ قرب جا ڪي قدم کڻي
اچي گهار گهايل وٽ گهڙي
3-
انتظاري بيقراري طلب تنهنجي ٿم گهڻي
ڏيڻ دلاسو ڪونڪو، جالڻ پري ويو ٿِي وڻي
ڪنهن در ڏيان هي دانهڙي
4-
اصل تنهنجو آهيان مان خاڪ پيرن جي پَڻي
”حاجي
عبدالله“ چئي، ڄاڻي مِٺو مالڪ ڌڻي
وارج وصل جي واڳڙي
مولوي احمد صاحب خانڳڙهي ۽ ڀرچونڊي بزرگن جا بيا
معتقد شاعر
مولوي احمد صاحب خانڳڙهي
عالم حافظ مولوي عبدالغفار نقشبندي قادري، پنهنجي
علم ۽ فضل، پاڪائي ۽ درويشي سان خانڳڙهه تعلقي
ميرپور ماٿيلي ۾ درگاهه جو پايو وڌو. کيس ڀرچونڊي
وارن بزرگن کان فيض مليو هو ۽ پاڻ وڏي فيض وارو
ٿيو. تاريخ 29- صفر 1325هه ۾ خانڳڙهه ۾ وفات
ڪيائين. مشهور شاعر مولوي بهاءالدين ’بهائي‘ سندس
وفات تي تاريخي قطعو چيو، جنهن جي آخري سٽ هئي ته:
سال وصال آن شہِ اقليم معرفت
فرمود ”عند سد رة المنتهيٰ“ سروش
1325
مولوي احمد صاحب پنهنجي والد جي وفات تي درگاهه
خانڳڙهه جو سجاده نشين ٿيو. طريقت ۾ هن صاحب
رندانه مشرب اختيار ڪيو، جنهن جو اظهار سندس ڪلام
۾ ملي ٿو. اڱاري رات 23 شوال سنه 1353هه تي وفات
ڪيائين. مولوي بهائي جي فرزند محمد اعظم سراجي
سندس وفات تي فارسي ۾ تاريخي قطعو منظوم ڪيو.
مولوي احمد صاحب گهڻو ڪلام چيو جنهن ۾ مولود، سي
حرفيون ۽ قافيون شامل آهن. سندن محبت واري مريد
مولوي محمد اعظم سراجي ۽ سندس ڀاءُ مولوي
عبدالرحمان ضيائي ۽ حافظ شير محمد گلال سندس ڪلام
کي سيهڙيو ۽ ٻن ڪتابڙن (ليٿو) ۾ ڇپايو. پهريون
ڪتاب غالباً ”بياض احمدي“ هو جنهن ۾ مولودن کان
سواءِ مسلسل طور 128 قافيون ڏنل آهن. انهن کان
سواءِ قافيون ۽ غزل سال 1321هه جا چيل جدا طور آخر
۾ ڏنل آهن ۽ اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته ”ٻيون به گهڻيون
قافيون انهي سال جون هيون مگر ڪنهن سبب جي ڪري
ناياب“. ٻيو ڪتاب جنهن جي ڪتابت محمد اعظم سراجي
20- ماه ذي الحج 1353هه (يعني احمد صاحب جي وفات
کان ٻه مهينا کن پوءِ) پوري ڪئي، سو اليڪٽرڪ پريس
لاهور مان مئي 1936ع ۾ ڇپيو. هيٺ جيڪو انتخاب ڏنو
ويو آهي سو انهيءَ ڪتاب مان ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو
اهو احمد صاحب جي حياتي جي پوئين دور جو ڪلام آهي
۽ انهي لحاظ سان معنيٰ خيز آهي.
[1553]
آيو عشق اڱڻ ٿيون شاديون
وو ڀلي آيو آن گهوريس تن تؤن وويار
مان ته ڳيت خوشيءَ جا ڳايان
1-
نيڻن ناز بحال بهاريان وو
ڪيڏو دستور رکن شهزاديون
2-
خون جگر تن خاص خوراڪان وو
آهي خوش وتن ٿيون کاڌيون
3- ”احمد“ اکڙيون عبرت جهڙيون وو
اهي ڪجليون ڪيئن ته وراڌيون
[1555]
وسريا ٻيا سڀ امان ڙي امان، گهر رانجهن آيا
1-
رانجهن
آيا بخت سوايا، اور رهي نا طمعان
2-
جيهي تيهي هان مين اُهيندي، سڱ سڃاڻي سمان
3-
عشق تيڏا ايمان آ ميڏا، ڌرم ڀرم تي ڌمان
4-
اصلئون ”احمد“ هويا تيرا، ڄاڻي اُڀا لما
[1555]
جدا جانان کان هڪ دم جيڻ بس يار مشڪل آ
اکين سان ويون اکيون اٽڪي، نڪڻ ٻئي پار مشڪل آ
1-
عجب صوفين ڪيو سودو، وٺي وعدو سٽيائون سر
جنهين سودي جو سر شاهي، ڪرڻ واپار مشڪل آ
2-
رلايو رمز رانجهن کي، هزارو حُسن ويساريو
لڳڻ بن باهه دردن جي ڇڏڻ گهر ٻار مشڪل آ
3-
جي ناهي زور بازو ۾، نڪا قوت ڪرائن ۾
بهادر کي بنا قوت ڇڪڻ تلوار مشڪل آ
4-
جنهين جي تاب کان بيتاب ٿئي مدهوش فرزانو
فنا ڌاران کڻي چشما جهلڻ چمڪار مشڪل آ
5-
عنايت ساڻ ”احمد“ کي پياريو جام وحدت جو
اڳيؤن بيدرد جي احوالِ دل اظهار مشڪل آ
[1556]
منهنجي خان پنهل توسان زاري، حاڪم حجت ناهي
1-
اڻ سونهين آهيان پنڌ پتڻ جو
ڪونه ڪميني جو ڪوه ڪٽڻ جو
منزل آهي پياري وو
2-
ننگ سنڀالڻ آ ڪم ڪريمن
پيش پيل سان قرب قريبن
لڳل لپيٽ آهي پياري وو
4-
ڪار ڪريم آه ننگ لڄ پالڻ
معاف ڪري منهنجا جوکا جالڻ
آڻي دوست ڏنم دلداري وو
5- ”احمد“
ايندو پاڻهين پنهل
هوريان ڏاڍيان هاڙي پيو هل
صاحب ڪندم ساري وو
[1557]
ري ڪجل ڪاريون الا، ماري ويون مسڪين کي
1-
بحري باز اکين جا، جهڙيان ڏين واريون الا
2-
پنبڻيون پلپل ٿيون هڻن، جهورن جهمڪاريون الا
3-
اڻ جهل باهه فراق جي، ٻيهر ويا ٻاريون الا
4-
سهسين خنجر خون لئي، اکين آڻي اولاريون الا
5- ”احمد“ اکڙيون آتشي، گهڙي نه وجهن گهاريون الا
[1553]
مست سر خمار چشمان يار جون خوني حصال
لطف سان لائق ڀريون، ڏين جام جلدي پُر جمال
1-
بره جا بانگا چوان يا جوشوَر جذبي جلال
يا چوان هي چور چانگا، يا ته هي غيبي غزال
2-
شوق جا شعلا چوان يا نينهن جا نازڪ خيال
يا چوان ساقي صبح جا يا چوان ڪيفي ڪلال
3-
غين جا غمزا چوان يا عين جا عينان زُلال
جيم جا جلوا چوان يا ميم جون موجان محال
4-
ٿيو سچو صديق سرور دلربا ڪامل ڪمال
دوست جو ديدار آيو خانڳڙهه ۾ خوش مثال
5-
عين ”احمد“ ڪئي عنايت بره جي بازر بحال
فرق ٿيو في الحال فاني، ڪيو ڪرم وهوا وصال
[1559]
زلف زوراور سڄڻ جا باز باشا بيشمار
جوش مان جذبو ڪري عقلؤن کسي ويا اختيار
1-
عشق جا افسر چوان يا نينهن جا نازڪ نگار
يا چوان دلبر دلاور بادلا يا بيقرار
2-
زهر جا ظالم چوان يا موج هو يا مست مار
يا چوان هي فوج فرفر، يا ته دامان پيچدار
3-
لاڏڪا ’لا‘ جا چوان يا ميم جا مختيارڪار
يا چوان هي چُور چهرا، يا ته هي خالص خمار
4- ’ڀرچونڊي‘ مان اڀريو هي انوري اسرار يار
’خانڳڙهه‘
خوشحال ٿيو غلبو ڪيو عبدالغفار
5-
عشق ”احمد“ جي بڻائي بره جي بازر بهار
’لا‘
منجابن لنگهي هليو ’اِلاّ‘ عنايت اعتبار
[1560]
چُست چمڪيدار چشما يا جون چهريون چريون
تير مزگن جا هڻن ڏنهن قوس ڀِروَن جي ڀريون
-1
اسود العينين جون اظهار آيون انوريون
مست مارزغ البصر سرمو سدا پائن پَريون
2-
صيد دل جي واسطي شهباز وانگي شنگريون
شوق مان سر شائقن واريون ڏين جهڙپان وريون
3-
جيم مان جوشئون پيارن جام ميء جو من گهريون
يا الف جي رهنمائي لاءِ هي ٻئي ٻَريون
4-
عين ”احمد“ عين اٽڪيون درد جون کوليؤن دريون
ڏين اِسار تان ڪن غارتان هي بره جون بازيگريون
[1527] کان
[1531] ڊاڪٽر
بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.
مهراڻ ”سوانح نمبر“، 1987ع تان ورتل
[1535] کان
[1539] سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ قافين جي قلمي
بياض تان ورتل. انهي بياض ۾ عاقل جون 5 قافيون
نظر مان گذريون.
[1542] تعلقي
خيرپور مان عبدالرزاق ٻانڀڻ کان مليل.
|