[1144]
اکيون سڪن ديدار لئي، نت ٿيون وهائن نار نار
1- راتيان ينهان روئڻ ريهان، هنجون هاريان وٺي ويهان
ڪَن ٿا سڪن گفتار لئي، طلب سدا اٿن تار تار
2- هٿ ٿا سِڪن هٿ لئي سدا، سينو سِڪي سيني لئي
فدا
ڌڙ ٿو سِڪي رفتار لئي، روئي سدا ٿو زار
زار
3- روح ٿو روح کي سِڪي، ساه سِر لئي ٿو سڪي
من محب منٺار لئي، تن سِڪي ٿو وار وار
4- ”عنايت الله“ الله لاءِ، پرور ڌڻي پاتشاه
لاءِ
هِتي هُتي آڌار لاءِ، لهندو سڄڻ منهنجي
سار سار
[1145]
رِيءَ سيراهيءَ سَل يار، جگر ۾ جوڳيڙن جا
1- وڃڻ ويراڳين جي، ڪانه پَئِي مون کي ڪَلَ يار
2- آديسي ته اُٿي ويا، ماريس ماڳ مهل يار
3- سرتيون سناسين جا، جيءَ اندر ٿم جَلَ يار
4- اديون آديسين جا، پور پون پلپل يار
5- ايندا ”عنايت الله“ چئي، ڪري مُئي تي
ڪَهَل يار
[1146]
رِيءَ واهولي وَڍَ يار، وجود ۾ ويراڳين جا
1- وڃڻ جي ويراڳ ڏي، آديسين کي آه اَڍَ يار
2- آءُ پڻ وينديس اوڏهين، ڪابولين جي ڪَڍ يار
3- اُهي ”عنايت الله“ کي، سندي سامين ڏَڍَ يار
4- آهي ”عنايت الله“ کي، سندي سامين ڏَڍَ يار
[1147]
ڪهڙو آه قدر ڪانون کي، گلن ۽ مٺن ميون جو
1- مکڻ ماکيون ڪري ڦٽيون، کائي اِي ڪانوَ ڪيرپٽيون
گهمن گهٽيون جهلن ڦٽِون، اهو آهي مرڪ موڳن
جو
2- ميون جي رس چکن طوطا، ونن انهيءَ پرت ۾ پونا
رهن ٿا رمز ۾ روانا، انهن کي آءَ چاه چمن
جو
3- ڄاڻي ٿو باغ مان بلڪل، ڳولي هردم سدا گل گل
ڇڏي ٻيو بربحر جهنگل، ٿئي طالب ٿو غنچن جو
4- جنہ جو جو قدر آهي، لهي ٿو سو تنهين ڪاهي
ڪانو کي ڪل نه ڪا آهي، قدر بلڪل کي باغن
جو
5- چکن جي چاشنيون ميون، قدر ميون جو آهي تن
”عنايت الله“ کي عاشقن، هميشه خيال محبن
جو
[1148]
منهنجي من جو محب جاني، چلي ڪنهن چال سان آيو
1- اچي ٿيو اوڏڙو اقرب، ڪري مون تي مهر مقرب
ڏکي ري رخ روحاني، ڀلي ڪنهن ڀال سان آيو
2- سينگاري زلفن سهڻن کي، چُنا چندن مشڪ مُنهن
کي
لائي نقطا نوراني، هلي ڪنهن حال سان آيو
3- رقيبن کي رلائي رڃ ۾، سڙين کي ساڙي سڃ ۾
لڪائي لِڪ لوڪاني، کِلي ڪنهن خيال سان آيو
4- هاڻي ڏس ”عنايت الله“، پرين جو پيو تو
منجهه ساه
متان ٿئين فڪر منجهه فاني، مَلهِي ڪنهن
مانَ سان آيو.
فقير محمد
فقير محمد جي هڪ ڪافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي
هڪ ڪتاب ۾ شامل آهي، يعني ته فقير محمد ان وقت حال
حيات هو يا اڳ گذاري ويو. سندس ٻه قافيون هيٺ ڏجن
ٿيون.
[1149]
رخ رانجهي دا بدي منير هويا
ويکو دم دم ساهه سڌير هويا
1- جيڪي چاڪ سڏن سي چاڪ ٿِيون
اِهي چاڪ فراق دي چاڪ ٿِيوَن
اِهي چاڪ ڏٺي دل چاڪ ٿِيوَن
ماهي منصف دا امير هويا
2- چاڪ دي پيران دي خاڪ چُمان
اِهين خاڪ چُمي هُشناڪ ٿيوان
رانهي ياربنان مشتاق ٿِيوَان
قربدار ڪريم ڪبير هويا
3- مِل ڪي سهيليان طعني ڏيندين
ڄڻ ميندي تي مُشڪ مليندين
وهه رانجهي دي ڪاجَ ملهيندي
کيڙا خام ختم خنزير هويا
4- رانجها رنگپور ٿي سلطان آيا
جنهن دي شان اُتــي فــرقان آيا
ساڏا ضـامــن زور ضمــان آيـــا
جنهن دا نام محمد مِير هويا
5- حــق پاڪ سچا امــداد ڪرو
ميڏي دل نون شاد آباد ڪرو
اِهين ”فقير محمد“ ڪون آزاد ڪرو
تيڏا شفيع بي نظير هويا
[1150]
مُنهن مهتاب اکيان نرگس
چِيِن جَبين وچ پايئه ڪيون
1- کول نقاب ويکايئه مکڙا، دور هويا ميڏي دل دا دکڙا
شوخي نان آلايئه رُکڙا، چهرا سخت ويکايئه
ڪيون
2- چاڪر دي دل چاڪر نينئه، چاڪر در دا چاڪر
ڪيتئه
چاڪ فراق دا چاڪر سيتئه، رخ به طرف آلايئه
ڪيون
3- عشق اويڙا اُلٽي بازي، عجز نياز ڪريندا آزي
پتنگ سڏاوين ٿيوين نه غازي، بره دا بارا
چايئه ڪيون
4- آکي ”فقير محمد“ آ مل تون، مشتاقان نون
ٿورا لا تون
بهرِ خدا مک وِکلا تون، اپڻا آپ ڇپايئه
ڪيون
ميان نور محمد
ميان نور محمد جون 5 قافيون 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي هڪ ڪتاب
۾ شامل آهن، يعني ته نور محمد ان وقت حال حيات هو
يا اڳ گذاري ويل هو. ٻن قافين جي مٿان سندس نالو
”نورمحمد درويش“ لکيل آهي.
[1151]
ڪونه ٿئي ٿو قياس، ڏونگر ڏک وارن جو توکي
1- وؤري لهنديس هوت کي ميان الا، جنهن لئي آهيان اداس
2- عشق جني جي اچي کوڙيو ميان الا، منجهه اندر
جي انگاس
3- ڳاريو برهه بلوچ جي ميان الا، غير سندو ڪل
ماس
4- موڳن ڪل نه عشق جي ميان الا، آهن جيڪي
اَڻاس
5- ”نورمحمد“ ري عشق جي ميان الا، ڳالهه نه
آهي ڪا خاص
[1152]
دل تنهنجي ديدار يار، دام، پائي ڪئي ديواني
1- زلف جا زنجير پاتئي هوت هينئڙي منجهه هزار
ور ڏيو ٿا وَر وجهن واسينگ وانگر وار وار
ڏنگ هيو ڪن ڏيهه ڏاني
2- برهه جا باشا بڇايئي باز بحريون بي حسا
مرغ جان مشتاق ڪَيَڙا رُو مقابل مار مار
اِئين نه گهرجي يار جاني
3- جنگ جا جنسار جوڙيئي عاشق جي سِر اَپار
چشمن تنهنجن ڪئي چَٽاپٽ برهه واري ڪار زار
منهنجو ٿيو هينئڙو حيراني
4- کڻ اکيون نازڪ، نماڻي ”نور محمد“ ڏي نهار
تو ڏٺي هينئڙو ٺري، نيڻن سندا سڀ نار نار
ڪر ملڻ جي مهرباني
[1153]
روپ جهنگلو
هڪ گهور چشما ٿيون وجهن، سورهيه سوين مارائيون
سهسين گداگر دربدر، ڪيئي درد مند جلائيون
1- ڪَجليون ڪجل ڪڪوريون، آوَن اُمالڪ شوريون
ڏُورئون اچن جنگ جوڙيُون، خوني خنجر هٿ
چائيون
2- خوني پيالا پي آئيون، گوناگون غمزا لائيون
جنسار جنگي پائيون، توبہ لَکين کي پڙهايون
3- ويکو حسن جي ظهور کي، ساڙيو جَهين ڪوهه طور
کي
جلوي سان ڪن چَڪچُور سي، بانڪن جا سِر
نِوائيون
4- سلطان هڪڳ غمزي چندي، منجهه دام زلفن ڪن
بندي
در در ڦرن محبت سندي، ڪيبر حُسن جا کائيون
5- سڻ ”نور محمد“ جي صدا، منجهه ذوق ذاتي ڪر
گدا
ڏي شوق محبت جا نثا، ساقي پلؤ ٿا پائيون
محمد هاشم
محمد هاشم جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي ڪتاب ۾
شامل آهي، يعني ته محمد هاشم اُن وقت حال حيات هو
يا اڳ ٿي گذريو.
[1154]
قربان ڪريان جند گهول گهول
ڪڏهن آوين سڄڻ ساڏي ڪول
1- دلبر ايڏي دير نه لائج، مشتاقن کي منهڙو ڏيکارج
آءُ اسا ڏي ڪول
2- ايڏو وڇوڙو ورهن وارو، اچي پائج درسن سارو
راهن ۾ نه تون رول
3- آءٌ نماڻي عيبن هاڻي، سيد اچي ٿيندو سڃ ۾ ساڻي
آءُ مٺا تون ٻول
4- ”محمد هاشم“ سوال گهري سائل، ڪم ڪرڻ ڪاڻ آهي ڪاهل
عيب نه مئي جا کو
ڪؤڙل
ڪؤڙل جون هيٺيون ٻه قافيون 13- صدي هجري جي اوائل ۾ قلمبند ٿيل هڪ بياض ۾
شامل آهن، يعني ته ڪؤڙل ان وقت حال حيات هو يا اڳ
گذاريائين.
[1155]
آءُ ته پرين ڏي وينديس ڪاهي
آءُ ته پرين کي اينديس بچائي
1- چڱي تار ته چنگ جي وڃڻ ۾ آهي
ٻولي ٻاروچل جي جو ٿو سڻائي
2- آڏر ڪانگل ڏج سنيها ٺاهي
واڳ پرين جي سگهو ورائي
[1156]
موٽ پرين آءُ مل يار، آءٌ ڏسان سهڻل جا سينگار
1- اکڙيون اوهان جون آهن، ڪڪوريون، ڏند ته موتي ڏار
2- وار تُساڏي هِن ڇلڙي، ڀرون [اوهان جا جوڙيدار]
3- ٽور ته ٽلندي، مون ڏي ورندي، آءُ پرين تون
ماڻ پيار
4- ”ڪؤڙل“ چوي قربئون قلبئون خوش تئڙس منجهه
خنڪار
(د) هن دور جا ٻه گُني شاعر
رمضان واڍو
فقير رمضان پٽ سهمير پٽ صالح شهميراڻي لاکو واڍو، پنجموري تعلقي هالا جو
رهاڪو هو. هو هڪ سگهڙ، شاعر ۽ ذهين شخص هو. مڪتبن
جي تعليم حاصل ڪيائين، پر علم کان سندس عقل گهڻو
هو. ٻُڌ سُڌ جو وڏو وکر وهايائين. قافيون ڪلام
گهڻا چيائين. سندس مولود ۽ معجزا سڄيءَ سنڌ ۾
مقبول آهن. پنڌرهن ٻولين ۾ غزل چيائين ۽ آسي ڪتاب
تصنيف ڪيائين. سنه 1299هه کان وٺي 1325هه تائين
سندس هٿ لکيل ڪتاب ملن ٿا. اندازي موجب سمجهجي ٿو
ته رمضان فقير سنه 1280هه يا ان کان ڪجهه اڳ ڌاري
ڄائو ۽ سنه 1330هه/1912ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس
45 قافيون نظر مان گذريون، جن مان 17 قافيون شامل
ڪجن ٿيون.
[1157]
عشق جي نه ذات پڇو، بات الاهي آهي ڇا
نالو نينهن ناز نسب، نيات الاهي آهي ڇا
1- ڪڏهن صياد ڪڏهن صيد، ڪڏهن قتل ڪربلا
ڪڏهن قاصائي ڪڏهن تيخ، اهو ڪات الاهي آهي
ڇا،
2- وجهي کوهه ۾ وڪڻايو حضرت يوسف نبي کي
ڪڏهن قيد ڪڏهن تخت، اها ڏات الاهي آهي ڇا
3- وجهي ڪرٽ چيريون سِر زڪريا نبي جو
ڪڏهن رنج ڪڏهن راس، اها بات الاهي آهي ڇا
4- ”رمضان“ رنگ فقير سوين عشق اُجاريا
ڪڏهن واچ ڪڏهن گوڙ، اها برسات الاهي آهي
ڇا
[1158]
سور سرتيون انهي ماريس، جشن جيڏيون شال ماڻيو
1- اکر نه پاڙهيوَ عشق جو، هاڻي ڇمڪان ڇو ٿيون ماريو
برهه جو باب پرين پاڙهيو
2- هئي هئي منهنجي حال جي، سُڌ نه اوهان کي ساري
هوند ڳوڙها مون لئه
ڳاڙهيو
3- اوهين سمجهو ٿيون سُکڙا، هينئڙي منجهه بيقراري
عشق مُئيءَ کي چڱي چاڙهيو
4- راتيان ڏيهان ”رمضان“ چوي، اها مون کي آهي تاري
ڪهل ڪيچي ڪري نه آيو
[1159]
مون ڪتيو نه پورو پاءُ ڙي، صبح سڏيندم سير لئي
بخشيندو پاڻ خداءُ ڙي
1- سنجهي ويٺيس آرٽ اُلوڙي
تاڙا، مُنيون، ڦنگَ ڦلوڙي
جوٽا وٽيا مون نه جهوڙي
لٿو ڪَموٽن چاءُ ڙي
2- ٽَڪ ڏنگي جنهن ۾ ور جو پيڙا
ڏور ڇِني مون کان ٻُڙا جي ويڙا
اَسُر اُٿي مون پَها نه ڪَيڙا
آيو سمهڻ سان ساءُ ڙي
3- جنهن ڪيو ٿي فڪر ۾ ويهي
اڳيان صرافن مَرڪن سيئي
”رمضان واڍو“ ويل تو ويئي
هاڻي ڪيئن کٽان مان داءُ ڙي
[1160]
آهي انجام عجيب اچڻ جو
ڪهڙو وڇايان هنڌ وهڻ جو
1- مُرغ ڪُهيو ٿو پُلاه پچايان
روپين رڪيبن ۾ پايو پايان
مٿس سون زري پوش ڍڪڻ جو
2- کٽون خاصيون گلم وڇايان
طول وهاڻا ور ڏيو ٺاهيان
عطر عنبير گهرايان ڇَٽڻ جو
3- ڇڏيا ٺاهه مڙيئي ٺاهي
نفعو انهيءَ ۾ آهي آهي
”رمضان واڍي“ کي آهي شوق ملڻ جو
[1161]
بحري باز ڪَرن پرواز، مئن لُٽي آن نيڻان دي ناز
1- لب لب شب روز لعلان جهَرڪن
دَنــــد دَهــــان دُر مـــوتـــي مــرڪ
ڪهه ڪهه آون آواز
2- راک لک موهي مُک آهُو عيني
ويک ڪجـل دي ڪالـــي پيني
ڪر ڪر مِرگهه ڪواز
3- رم رم رفتار ويکو ”رمضان“
طائــوس سڻيندي ٿيــا شرمــانــا
سهڻي صورت دي ساز
[1162]
قاصد چئج کي سڄڻن، آءٌ جا بَر ۾ ڀُلي پهچان شال پرين
1- رس رسول الله جا، ٿيءَ وسيلو ولهين
2- هڪڙو ڀؤ بيراه جو، ٻيو جو خوف مِرُن
3- ڏينهن تتو آ ڏونگرين، ڇپر چانءُ نه ڪن
4- ”رمضان واڍو“ واٽ تي، لُٽڪي منجهه لَڪن
[1162]
موڪل ڏي مارئيءَ کي، عمر اوهان وٽ سام، ڀلو ڄام
1- هت قسمت جا مون ڏينهن گذارئا
هاڻ پنهينجا مون سانگي سنڀارئا
آيا تن جا سلام، ڀلو ڄام
2- ناحق نا ڪج آءٌ حق واري
ڳُڻن اباڻن جي آهيان ڳاري
ڀانيان ڪوٽ قيام، ڀلو ڄام
3- هڪ جيڏين ساڻ راند ۾
پيرون چونڊينديس پاند ۾
نائي کٻڙ لام، ڀلو ڄام
4- ”رمضان واڍو۾“ آهي اُداسي
پرڏيهين لاءِ آهي پياسي
تن کي تانگهه تمام، ڀلو ڄام
[1164]
دلبر ٻارئو مچ مجاز، مچ مجاز
1- جانيءَ جاري مان جهاي پاتي، ڏٺم صورت جو سهڻو ساز
2- دل ڌتاري کسي کڻي ويو، ڪري نينڻن جو نٽڪو
ناز
3- ڦُرئل دل وري نا ڪنهن جي، فڪر ڪري توڙي
آواز
4- ”رمضان واڍو“ پوءِ وڃنان مچ ۾، پَهه پچڻ
لاءِ ڪر پرواز
[1165]
ڀلي اڄ آيو نينهن نواب، ڀلي اڄ آيو
1- جنهن اچي ڪل ڪم وسارئا، حرص هوا جو ڪهنو ڪتاب
2- ڏيو ڏيل اندر ۾ برئو، غير غرق ٿي رهيو ثواب
3- رکج ”مير الف“ سان محبت، بره پڙهايو اهڙو
باب
4- ”رمضان واڍي“ کي وحدت جو، عشق پياريو شاهي
شراب
[1166]
روز ازل کان آڙي آڙي، منهنجي جان جوڳن سان وي
1- آڙي امالڪ آديسن سان وو
ڪاپڙين سان ڪَڙيِ ڪَڙيِ
2- سرخون کائي سامي هلي وو
سڻ ڪري ويا مَڙهِي مَڙهِي
3- وسئون ويراڳن سان وه نا لڳڙو
ڪنهن جادوگر جَڙي جَڙي
4- ”رمضان واڍي“ کي ورد وظائف سان
ڏاڍيِ پڙهيل پَڙهِي پڙهِي
[1167]
دلدار جي سينگار، تنهن ديدار موهياسون
1- چندن چُوءِ ڪئي بُوءِ، مٿي مُوءِ سِياهي
زلف وار جي قطار، تهين تار موهياسون
2- چشم ناز ڪري ساز، ڀري باز اُڏايا
ڇمڪار جي جهلڪار، ڪجل ڪار موهياسون
3- حسن گل تي بلبل ڏي ٿي بُل ڏيهاڻي
رخسار نئي تلوار منهن موچار موهياسون
4- ”واڍو“ ڀان گهري دان هي ”رمضان“ ويچارو
کلڻ يار جي گفتار لب لغار موهياسون
[1168]
ٻئو تو ته جِهو نا ثاني، تون سر آهين سبحاني
1- آدم، نوح، الياس نه عيسيٰ
لُنوط، زڪريا، شيث نه موسيٰ
هنود، هارون، يعقوب، جر جيسيٰ
خواه يوسف ماه ڪنعاني
2- حمل، ثور، جوزا، سرطانا
آسد، قوس، سنبل، ميزانا
عقرب، حُوت، دلو حيرانا
بجلي قزح برق بيراني
3- مشتري، شمس، مريخ، عطارد
قمر، زهرو، زحل ٿيا رد
ديو و جِنّ ملڪ اونچي قد
لعلون دُرَ هيرا مرجاني
4- نجار ”رمضان“ مداحي
تو سيّد جو آهي سپاهي
شان تنهنجو شهنشاهي
ساري ملڪ زمين آسماني
[1169]
نيلا پيلا ڪيا هي رنگ، رنگ سجن ڪا او بنايا
1- سرخ سياه سفيد سرمي، زوني دکني شنگرف شرمي
سبزا ڪالا ڪيا هي
ڪنگ
2- عنبير عجائب ايراني، مشڪ گلاب زري زعفراني
خواه خوشبويان
ڦوٽا لؤنگ
3- خواه زير جد جوهر، ماڻڪ مرجان پارس گوهر
ڪيا ڪنهن نوري
مرداسنگ
4- صفت صولت ڪئسي، ”رمضان باڍا“ انت بحرني
هاڪ ڪي جهريج
جهنگ
[1170]
ڇپر ڇوٽ جي چاڙه تي، الا پئوسون پنڌ پهاڙ تي
آءٌ جا راڻي ۾ رڙان، سڻي منهنجا سڏ پهاڙ تي
1- اُٿي آڳاهين آءٌ ٿيان، وڃي واٽ وندر جي پوان
پير ڏسان ڪي
اُهاڙ تي
2- ڏيرن مون کي ڏک ڏنو، سنگت پنهل سان جن ڇنو
اَلا نيائون
سسئيءَ کان ساڙ تي
3- ”رمضان واڍو“ ڪيئن وهي، ڳولي لعل کي لڪ تي
لهي
گڏجي ڪنهن گهٽ
گهاڙ تي
[1171]
دل ڦري دا قياس نه ڪوئي، ڪهنون آکان فرياد يارو
1- جوئي ڦٽن سي ول چيٺين، او ڪرن امداد يارو
2- جِٿاهين فوج حسن دي لڙدي، اُٿاهين ڪوئي نا
داد يارو
3- تکيان تيغيان جَهور داريان، ڦٽي ٿو رڪ
فولاد يارو
4- ”رمضان واڍا“ وٺو وٽ وڌي، ڪُهُه ڪري
مانهاند يارو
[1172]
خوش يار اسانون شل روز هووي
نهين پوي وڇوڙا هڪ پل دا
1- بہ ريجهه رهاڻ کيڏهن رانديان
پرين آئي اڱڻ ٿئيان شاديان
تـــلــيــو ڍولــــڻ ٽــلــــدا
2- جهوٽي خوب هندوري وچ کايُون
ڳجهڙيان ڳاٽ ڳراٽيان ني پايون
پختي پيچ پيوسين دل دا
3- مشڪ عطر عنبير ڇڙڪار ٿِيوَن
ڇم ڇم ڪر سگهي يار آوَن
مرڪي محبت ملندا
[1173]
گاوي بجاوي، گاوي بجاوي، گاوي بجاوي پان
هر رنگ رنگ ۾ رانجهن راضي
1- ديپڪ، هنڊول، بڀاس، ڀيرو، ڪانرو، ڪليان
ڌڪڙ ڌمامي ڌمال ڌان ڌان، ڌو ڌٽ منجهه ڌيان
سؤ رنگ مان آهين هڪ رنگ قاضي
2- ڪؤنسيون، ڪسوري، تلنگ، ترانو، نٽ کٽ هندستانيا
آپنگ آپنگ، چنگ، مرڌنگ، ڌهمر، مُرليان،
مُغرمان
بيرنگيءَ باريءَ بنا بازي
3- گَنوَرِي، گُنجري، پُوري،. پورڀ، آبري، اوغان
يار بسنت، بهاري، مالڪوس، گايو ڪارستان
سيني ۾ سرندو وڄائي سازي
4- سسئي، سهڻي، سورٺ، سارنگ، اُت مالڪ جا په مڪان
يار هنڌين هزارين هردم حاضر من پسين
”رمضان“
گشت گداگر گهمي ڏس غازي
حاجي خانڻ چنجڻي
حاجي خان محمد عرف حاجي خانڻ چِنجڻي، ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقي وارهه جو ويٺل
هو. اندازاً 1830ع ڌاري ڄائو. گُني شاعر هو ۽ پاڻ
قافيون ڳائيندو هو. حاجي خانڻ 1323هه (1906ع)
تائين جيئرو هو ۽ غالباً 1918ع واري وڏي بيماري ۾
گذاريائين. سندس 80 کن قافيون، ڪي مولود ۽ سهرا
نظر مان گذريا.
[1174]
سچ مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي
ڪوڙيءَ دوستيءَ جــو دم بڻي نــه بڻي
1- سچ پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو آهي
انگ آدم جو ٻيو ٺهيو آهي
سچ چيو منور، کڻي چڙهيو ڦاهي
اهڙا بار برهه جا، ٻيو ڪو کڻي نه کڻي
2- سچ مربي محب مجيب چيو
انا احمد عين عجيب چيو
اسان آسن خاص نصيب چيو
سڏڙا مالڪ سُڻي، ٻيو سُڻي نه سُني
3- سچ ”حاجي“ يار جي ڳالهه سچي
محبت وارا ڪندا ير ڪانه ڪچي
رنگ رمزن ۾ ويو روح رچي
ڳڻِي يار ويو، ٻيو ڳڻِي نه ڳڻِي
[1175]
سُتي پرايم سُور ڙي
جاڳو ڙي جاڳو جيڏيون
1- جاڳڻ سان مون جار نه ڪيڙو
اوجاڳو پَلئه تي لاهين پيڙو
محب ملاقي جن سان ٿيڙو
حاصل ٿين حضور ڙي
2- ننڊ نڀاڳي وڌم نهوڙي
ڇوري ڇپر ۾ ويا وڇوڙي
قلم رباني ڪير جو موڙي
ماريس انهي مذڪور ڙي
3- آءٌ ته اصل کان آهيان البيلي
جان سورن ۾ آهه اڪيلي
خبر نه پيڙم يار سويلي
مون ڏانهن ڪل قصور ڙي
4- ”حاجي خانڻ، رک خيال هڪوئي
ناهي مثال محمّد ڪوئي
ٻول ٻڌايان ڪنهن کي روئي
پون پرين جا پُور ڙي
[1176]
پنهور پٽن تي ادا والي شال ورن
مارئي کي ملندا، سي ايندا گهوٽ گهرن
1- ويهي ڪيئن ڪريان تنهنجا ويس وڳا
مان کي مارن جا لڱن تي لال لڳا
پايان پئي پرت منجهان سرتين ساڻ
سڳا
انگ پايو ڪنجرو گُلين ڀرت ڀَرن
2- مون کي سرتين جا سڀئي سانگ سُجهن
ويٺيون واڙِءَ ۾ سي ماڙيءَ ۾
مُنجهن
لال لويون اٿن، کٿيءَ خوش سي هُجن
بَرا برن ۾ ڇيلا ڇيڪ چرن
3- ڏسان ڏوٿين جا وٿاڻ وري
مون مارن جي چاڪن ڪيس چري
سڪ سرتين جي اٿم جيءَ جَڙي
موڪل ڏي ته وڃان پَهري ساڻ ڦَرن
4- کنيئي کوه مٿان موٽي شال ميان
سونهان ساهڙ ۾ پائي پِسڙو پيان
ڏؤنرا ڏوين سان ”حاجي“ خوش ٿي
کِيان
کائي مانَ مران داتا تَن جي درن
[1177]
صبح توڙي شام شام، آهيان يار جو غلام
1- ارش سما رَينَ نه هئي، اصل عين غين نه هئي
نظر نِگهه نيَن نه هئي، پوءِ پروڙن مام
مام
2- بحر بر بيابان نه هئو، جملي هي جهان نه هئو
شمر ڪو شيطان نه هئو، جم نڪو ڪو جام جام
3- عرض زمين فلڪ نه هئو، خالق خلق مَلڪ نه هئو
درد وارو دلق نه هئو، هئو عربي احمد ڄام
ڄام
4- آءٌ انهيءَ جو عبد آهيان، ان جو ڪعبو ان ڏي
ڪاهيان
مڪي واري مون آهه نه لاهيان، اصل اٿمن
انجام جام
5- ”حاجي خانڻ“ حق حبيب، مليو مون کي محب
مجيب
اسم ذاتي آهي عجيب، سيد ساري سام سام
[1178]
سر ڪوهياري
ڪل نه پئي تقدير جي، تدبير ڪري ڄمان
انگ اصل ۾ ائين لکيو، ڏوه نه ڏيان امان
1- موڙهي مت مذاق ڀانيان، رڙهي ڪاڏي رمان
تو سيد ٻاجهؤن واه نه ڪائي، چوان نمان
نمان
2- اڄ ڪلهه کؤن ناهي عشق تنهنجو، سال لنگهيم
سمان
بي خبر کي خبر نه هئي، غافل ڪيس غمان
3- طلب رکيم، يار تنهنجي، ٻئي سان نه اٿم،
طمعان
آهي اميد ايندين، نيندين دلبر دمان دَما
4- ”حاجي خانڻ“ واه جو ڏٺم، تو چشمان چايون
شمان
ويٺي سُتي ياد تونهين، اُڀا گهميس لمان
[1179]
ياد پويان ماروئڙا، وڃان جيئري شال وري
وڃان جيئري شال وري، ڏسي اکڙيون پون ٺري
1- پٽ پهنواريون ڪيئن ڪن، ٻن پوي سوين سري
زيب ڪڙيون زينت جون، زحمت ڀانيان ٿي زري
2- هِت گلم غاليچا غنچا پلنگن پيا گل پٿري
هُت گل ڦل گولاڙن جون ويون ولڙيون واڌ وري
3- ڏُٿ ڏؤنرا جن ڏٺا ڦوڳن پاسي ڦري
جي سڱر کائن سرتيون آهي تن جي ڳالهه ڳري
4- ”حاجي خانڻ“ حب مان پيتي ڪيف ڪَري
پرين شل پنهنجو ڪندا آهيان عيبن ڀري
[1180]
سانگين سانگيڙا سيباڻا
مارن ٻاجهؤ هي هت مونجهه مري ٿي
1- منهنجو ملڪ ملير مدامي
دلڙي تنهن لئي بي آرامي
آيل ڏنم اوراڻا
2- کُنهِه پَٽ پٽيون، پٽيون وڻيون
مون کائن کٽون، کٽيون وڻيون
ڀائن من منهنجي هو ڀاڻا
3- لاهي ليسوڙا، سڱر سيڪي کائن
پُسيون پنهوار پٽيون پوئي پائن
لوئيءَ پاند پراڻا
4- ”خانڻ“ کُهِه سونيون سريون هسيُون
هي سڀ طرحون مون کي سورن ڏسيون
نه ته هي ڳالهيون نه ڄاڻا
[1181]
گهٽ گهٽ ۾ ٺاهن گهرڙا
اُٺا ماڳ مارن جا ٻَرڙا
1- گهٽيون گهير جبل گهٽ گهاٽا
ميا روز وهن هِتِ ماٺا
ڏونگر ڌاڍا ڪرڙا
2- مارو ڇانگ ڇپر ۾ ڇيڙن
مڏيون مال نه هو هِت ميڙن
ڦوڳ چرن پيا ڦرڙا
3- سيئي سون پُسيون ڪن پويان
ڪلهي اويون، ٺهن ٿيون لويون
مارن ذوق انهن جا ذرڙا
4- ”حاجي“ حرف هنن هڪ پاڙيو
انهيءَ لحم جسم سڀ ساڙيو
دک درد اندر منجهه درڙا
[1182]
ڏور ڇو لايا ڍولڻ ڏينهن
ڏي خاطي خبر پرين ايندو ڪڏهن
1- مند نه وريا وو، يار جي ٻاجهؤن ڀلو
سي ڇا ڪندا وسي مينهن
ٻن پيو وڇوڙو وري ويندو
ڪڏهن
2- ساعت سڄڻ ري سال ٿي ڀانيان ڀلو
ناتو منهنجو جنهن سان نينهن
نال ڪوٺي ننڌر وري نيندو
ڪڏهن
3- دلڙي ”خانڻ“ جي هٿ حبيبن
وري کاڌو وڏي شينهن
اهو ڦاٽو شِڪَم وري
سِبندو ڪڏهن
[1183]
ڪَيان عيد اڱڻ اڄ آيو، منهنجو دلبر نئين نئين ناز سان
1- مُرڪڻ سان ٿو تن من موهي
خيال دُوئي دل جا ٿو کوهي
سهڻي انگ انگ ۾ رنگ بدلايو
ساهه سوگهو ڪيائين ريءَ ساز سان
2- غم وهم وسواس وڃايم
رمزان رمزن سان جڏهن لايم
پوءِ ٿيڙم بخت سوايو
روح ريجهي ويو انهيءَ راز سان
3- ڏيئي ديدار لُٽي ويو دلڙي
شينهن سان ڪيئن ٻِٽ ٿئي ٻلڙي
جنهن جو ميڪڻ محض اجايو
مڃ رمز رندن جي راز سان
4- ”خانڻ“ خيال ڏسي دل نرمي
عشق اڙانگو نٿو ملي راز سان
توڻي کاڻيون کوهه کپايو
ڇا چِڙي اڏامي باز سان
[1184]
وڌا دل منهنجيءَ کي دلبر نوان دام دام
نوان نوان دام دام سڄر سڄر دام دام
1- پلڪ پنهل ٿيءَ نه پري، ساعت منهنجي ڪين ٿي سري
هيءَ ماندي هت مري، سمجهه پنهل مام مام
2- لئون ته ڍولڻ وئين لائي، پاڻ هڻي وئين ڪين
ٻڌائي
پاند ڳچيءَ منجهه پائي، ڪيان صبح عرض شام
شام
3- آءٌ جو اصل اوهان جي آهيان، سينو توسان
ڪهڙو ساهيان
حجت يار ڪهڙي ڀايان، ڪهڙي هڻان هام هام
4- ”حاجي خانڻ“ جيتر جيان، سوين ڀيرا قربان
ٿيان
اٿم اميدان اچان، مير مديني جا ڄام ڄام
[1185]
هي حُسن ديان فوجان چڙهيان، نال عشاقان دي اڙيا
1- ترڪش تير توبان مارن
ڪان ڪمان قتل ڪر ڪارن
گهاوَن ڇوٽيان بڙيان
2- قهر ڪرينديان ڪاريان لاريان
سُهڻِي ويکڻ ڪاڻ سينگاريان
خون ڪرڻ لئي کڙيان
3- ”حاجي“ حملا ڪر ڪرهَلديان
ڪنهن مُلاحظي مول نه ٽلديان
وسريم ڌڙيان ۽ گهڙيان
[1186]
ڪر ڇم ڇم ڇم ڇم ڇن نن نن نن
جوڳي ڌنڪ ڌنڪ دل لي چلِي
1- ڳل پيشوازي پيرين ڪڙيان
در جي در جي پيرين جَڙيان
لب رم جهم رم جهم لائي، تن تن تن
آهي حال دي محرم ڳئي چلِي
2- ونگي ٽور تي ونگيان زلفان
قيد ڪوشان ڪرن ڪرن ريءَ قُلفان
اکين جهِم جهِم جهِم ڪن ڪن ڪن
وچ چاه زنخ دي ڏئي چِلي
3- ابرو سيف سٽن سروآهيان
هِي سر صديقي مئن نابِرُ ناهيان
پيالي نَم نَم نَم دن دن دن
مِٺي شَڪر شرابئون مَئي چلي
4- ”خانڻ“ خم خم يار کِليندا
مان ڀريا مُڙ مُرڪ آليندا
دڪ دم دم دم ڳئي چُن چُن چُن
پُر ناز نقابئون سيئي چلي
[1187]
وڃن ٿا ويراڳي، ويراڳي وِهاڻي
ڪنهن نه جهليا ڪنهن نه پَليا، هتان ويا ٿم هاڻي
1- هتان ويم هاڻي هوءِ، تن کي ڳولهيان ڪهڙي جُوءِ
اِهو سندن هَڏِ نه هوءِ، مون وٽ ها
مَهماڻي
2- هتان ويم هاڻي هَلي، تن کي ڳولهيان ڪهڙو
ڳلي
ٿرن برن چمان چلي، تن سان روح رهاڻي
3- ”حاجي خانڻ“ مِثل خواب، ڪُسِي ٿيءَ هِت
ڪباب
آڏو ڏيندين ڪهڙو جواب، برين پڇندئِي پاڻهي
[1188]
جهڙو چيٽ تهڙو ڪَتِي، اسان داوَن تنهنجي وَتِي
1- سَر نِهه ڄانڀا ساوا سَلا، هر ڪنهن جا هِت ٿيا ڀلا
پاڻي پيسي لڳا پَلا، کاري مچيءَ جي کَتي
2- ساريون جوئر آڀون ڳَنا، پَڪيون پوکان ٻڌن
بنا
لائِي لاباري هلن رَنان، ڪاڻي ڪوجهي مَتي
3- چڻا مٽر مڱ موٺ، ڳاهي کڻن ڪيئي ڳوٺ
اَجهي آهن تنهنجي اوٽ، ٻئي جي ناهي پَتي
4- ڪرنگهه ٻاجهر ڪُڙمي ڪاهن، لائِي لابارو
تنهن جو لاهن
ڳاڙها بگا ڏاند ڳاهن، چَرن چاهَڪ چَتي
5- ”حاجي خانڻ“ ساڻ هلي، ڀلو ڪندو نيٺ ڀلي
جيڪي گُهرن گُندي پَلِي، گڏهه تنهنجي گتي
باب ٻيو
لاڙ ۾ مصري شاهه ۽ سنگهي وارو دور
مصري شاهه
سيد مصري شاهه
ولد سيد بلند شاهه سنه 1245هه/1828ع ۾ نصرپور ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. رضوي
ساداتن مان هو سندس پيءَ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو هو،
تنهن ڪري سندس تعليم ۽ تربيت وڏي ڀاءُ سيد فتح شاه
جي نظر هيٺ ٿي. قاضي گل محمد ”گل“ جي شاگردي ۾
سنڌي، فارسي ۽عربيءَ جي تعليم ورتائين. 5- صفر سنه
1335هه/1916ع جي رات وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو
قلمي مجموعو اسان جي نظر مان گذريو، جنهن ۾ سندس
225 قافيون شامل هيون.
[1189] *
فرق نهڪوئي ڦير، وحدت ڪثرت وچ ۾
1-
هندو مومن هيڪڙو، سڀ ۾ صاحب سير
2- ”ڪُل شيءِ محيط“ ٿيو، پرچي پاتائين پير
3-
صفت سَڱيڻي اَحد سين، ويو وچان ئي وِير
4-
مِٺو آهي ”مصري“، ڪَڙيو چوئِينُ ڪِير!
[1190]روپ ڀيروي ۽ ٽوڙي
مئن بندا بَردا دَر دا در دا، در دا تنہ دلبر دا
1-
سَهندا ساعت نهين هڪ سائل
گهونگهٽ
گُهور نيڻان دا گهايل
مُکڙي ٻاجهون مَردا
2-
دُهرِي دام زلف دي ڌاريُئي
محڪم ميخ مُدّمغ ماريئي
خم خمدار خنجر دا
3-
چاري جوڙ ڇَتيان چا ڇوڙن
ڪريا پوءِ ڪَلي جا ٽوڙن
جوهر دار جگر دا
4-
دامن دست تيڏي وچ دائم
”مصري“
مست مشتاق
ملازم
نائب ناز نظر دا
[1191]
روپ جوڳ
دردمندن کي ديدارُ، دلبر واري ڏي دلداريون
1-
جيڏانهه ساجن تو سِينڍاريون
اچن اوڏهين عين اَپاريون
پسيون پسن اُن پار
ورن پوئتي ڪين ويچاريون
2-
لاهي نقابا تو لئون لايُن
”فَاصبرُ صبرآ“ سِرَ تي آيتن
بات اِنهي ڪُيون بي اختيار
بِره بڇي آن بندِي بِهاريون
3-
سهسين سيني ۾ سروايون
بنديو ڪرين تو بي پرواهيون
سُهڻن جا سالار
هڻي محب سدا مُنهن پارِيون
4-
جبل جلوَن سان جيلايُئي
”مصري“ سان مُنهن مُنهن ۾ لايُئي
اهڙا رکيئي جڏهن آر
وارث تڏهين ڪيمَ وساريون
[1192]
روپ جوڳ
وڻ چڙهي وائي مِٺي، ڪانگل ڪَهي توڪالَ جا
چئو اڱڻ ايندا ڪڏهن، هِت هوت محرم حالَ جا
1-
لنؤ مَنَهن منهنجي مِٺا، ليکي لکڻ تنهن لالَ جا
ڏي خبر کيانتا کري، جڏيون جياري جالَ جا
2-
پرَ هڻي ڪي پارَ ڏي ماڻهن ڀريي جي مثالَ جا
سي سنيها ڏي سگهون، موٽِ اچڻ جي مقالَ جا
3-
گس جهلِي گوندر لٿا، ٻُڌي ويڻ واٽ وصالَ جا
سڀ لمحه لحظي لهي ويا، سِيڻن ڪئي آ سنڀالَ جا
4-
مِهرَ محبوبن سندي، عسيٰ اَمُر اعمالَ جا
ٿيا جنازا جانِ سين، ساعت اندر صد سالَ جا
5-
هٿُ ڇُڙي ۽ اک ڦري، ٻي آرٽ ڍُرڪي مالَ جا
ٿيا سڀاڳا سوڻ ”مصري“ جرح ويا جنجالَ جا
[1193]
انهي نينهن ڪيس ناڪام، انهي بره ڪيس بدنام
نه ته ڏيهه ۾ ڏاهي هيس
1-
اَنگي ازل اُستاد هٿ ۾ طلب جي تختي ڏنيم
اِن اکر اُبتي جي جيڪر مون پروڙي مام
نه ته ڏيهه ۾ ڏاهي هيس
2-
هڪ سِڪ گهڻي ساجن پري، ٻيو طعنا تُنڪا لوڪ جا
سي سيباڻم ساه کي، مرُ اچيو ڏينم عام
جڏهن دلبر سندي دامن لڳيس
3-
رات ڏينهن راهون ڏسي اکڙيون اُداسن ۾ رهيون
اندر آڙه عشق جا مچ مڱر ۽ ماتام
لَس لُوهِي لُساٽي وڌيس
4-
تسبيح ۽ طاعت تڪيا تقوائون وييون ترڪ ٿي
دين مذهب ڪِٿ رهيا، ڪِٿ ڪفر ۽ اسلام
رَند راهون نهاريندي رهيس
5-
مِهر محبوبن پئي ”مصري“ چئي مشتاق جي
ته من ورائي واڳ ڪِين ويجها اچن وريام
آءٌ نِڪڻي جَنهين نالي سُيَس
[1194]
روپ جوڳ
ڪَئين ڪِهاڻيون ڪنديون ڪنديون
تنهنجي بره بڇڻ جون
1-
وَنَحنُ
اَقرب
نيڻ اڙائِي
چشم اَويڙا چؤڏس چائِي
بازيگر تو بنديون بنديون
2-
جي نيڻن جي نوڪُن چڙهنديون
سي سبحان اللّذي اَسريٰ پڙهنديون
دلبر درد ونديون ونديون
3-
ڪوٺيو ويٺو ڪِيس ڪرائين
وينديون
وايون
پوءِ
ورائين
گڏ وهارين گَنديون گَنديون
4-
بره اوهان جو
بيشڪ باري
زوراور توسين زارو زاري
ميٽ ”مصري“ جون منديون منديون
[1195]
روپ جوڳ
گهِن هٿ مُرلي مالها، موهيو سانُول تو مَڻِ والا
راول رانجها پاڻ لايئي سانُون
1-
نازين نال نهوڙ نِتوئي، سِر پر ڇَتيان ڇوڙ ڏتوئي
ڪِيس تلهير ڪالا
2-
شمس قمر ڪنون سهڻي صورت، مُک مهتاب منوّر مورت
ڀؤنر بِشيهر بالا
3-
گهت هڪ دام غلام ڪِتوئي، ڪر بدنام آرام ڏتوئي
مار نِتوئي متوالا
4- ”مصري“
نال ڪريندائين ماڻا، سڀ سڀ تيڌي سهج سيباڻا
اور عجب هن اعليٰ
[1196]
روپ رامڪلي
ماءُ ڏٺيم اڄ ماٺ مڙهين ۾، جوڳي جيڪس ويا جبروت
1-
لوڪئون پاڻ لڪائي لاشڪ
لانگوٽيا ٿيا لايَموت
سوجهي سُڃ ۾ سَهي سناسين
صاحب هٿ ڪيئون صبر سڪوت
2-
آڌيءَ رات اُٿي ويا اوڏانهين
جيڏانہ سمُن هين ثابوت
ڪينر ڪاپڙين جا اڄ اڪِينهِين
قلب قراريو جن جي قُوت
3-
نانہ ٿيا تڏهن ناٿ نوازيا
نانگا نڪري ويا ناسوت
لالچ لوڀ ڇڏي ٿيا لاغم
لال لنگهي پيا کؤن لاهوت
4-
پاڻ وڃائي پورب هليا
پاڻ ڀَڄايئون ڀولا ڀُوت
من جيون ڪُل مَٽصي ممتائون
”مصري“ ماڻيائون ملڪوت
[1197]
روپ آسا
زاغ عقل دا هَئا پرواز، جب آيا شهباز عشق دا
1-
طالب مئن مطلوب به مئن هون
غالب تي
مغلوب
به نمن هون
خردمند مجذوب به مئن هون
ناظر تي ڪر ناز نياز
همسر هوئس هرهڪ هڪ دا
2-
گہ موسيٰ وت ڪوه طور ئون
گہ سردار مثل منصور ئون
نامنظور مثل منظور ئون
رمز اِهين دا
رک ڪي
راز
ماريم نعرا اَناالحق دا
3-
آگ عشق دي اوهسُ لايا
ڀڙڪا بدن وچ سَهيو نه سمايا
جان جگر سڀ جوش جلايا
سِر اساڏي سڀ رڳون ساز
وڄيا وحدت دي ورق دا
4-
اپڻا آپ سڀ وچ سِيتم
وچ
ميخاني جلوا ڪيتم
پيرِ مُغان ٿي پَٽ پُر پيتم
بحر اِهين
وچ بي انداز
پايم غوطا اِستغرق دا
5-
ڪڏان گداگر نورنگ نگري
ڪَج ڪُلاه ڪڏان ڪيَخُسري
ڪُــلُ شـيءِ مــحيط ”مصري“
اســــــان
سُــــڻـــيــا
آواز
ٽُٽا شيشا شارڪ شڪ دا
[1198]
روپ پهاڙي
رمز رندن جي رول نه ڄاڻن
اِهي ننگ سڃاڻن نَر نيهي ميان
1-
دُزدَ دُٻن ۾ ٿا ديد آڙائين
وريو وَٽنِ سان سي به وڃائين
سَر ڦِٽائين سيئي ميان
2-
هوءِ هنجهن جي حال همت جِي
ووڙ ولايت ويئي وحدت جي
ڪل ڪنگن کي ڪيهي ميان
3-
هنجهه هِيرَن کي نِڪُونج نهارين
پَت پکيڙا پنهنجي پارين
وِيلَ نه ڪن ڪِٿ ويهي ميان
4-
جِت پِٿُون
تِت پاڻ رهن ٿا
سوجهيو سَر مان لعل لهن ٿا
پين پَرو اُت پيهي ميان
5-
تَڪي تار پيهن طاماعُون
”مصري“
سِير سڃاڻن سائُو
هلي ڏس سيئي ڏيهي ميان
[1199]
روپ سارنگ
پرچ پيارا آ پرڀات، سڪ سڄڻ تنهنجي ساوڻ لايا
1-
آگم اوهيڙن اکڙين جي اچن مٿان عرفات
بَطحيٰ يضشرَب پُوند ڀڄايو، رحمت ريلي رات
2-
سيوهڻ ۽ ملتان، سکر تي بره ڪئي برسات
ٿيلهي ٿر بَر روه رِجائي، ڪاهيائون ڪيچ قلات
3-
سُرها سارنگ سِنڌ سرهايون، قحط ڀڳي ڪثرات
ڍَڪِيءَ ڍول پکي آءُ بيهي، تن من تنهنجي تات
4-
مشهد مينهنِ موهيو ٿي، سهس رنگي سبزات
خراسان کِنوائي وڄڙيون، هليون ڏُونہ هِرات
5-
اَوَ ڳڻي آءٌ آهيان اصل اوڇي ذات
تنهنجا ڳُڻ ڳڻڻ کان اڳرا، اَحسن الطافات
6- ”مصري“ کي ربّ ميڙئين، مُرسل رفيع الدّرجات
آل مٿي اصحابن اُن جي سهسين سلام صلوات
[1200]
روپ سارنگ
اڄ ته عجيبن آڻي لايا نينهن نوان
1-
برساتون ۽ بوندون، بَدل بهار پِنا
ريهي رحمت سان ريلي گڏيئوپن ڇَمَر ڇَنا
سڀ هنڌ سبزا ٿيا، عيدون اسان ۽ اوهان
2-
ڏنيون کِيانتن خبرون سهسين ساوڻ جون
مليا محب منگل ڳائي ڳل لاوڻ جون
الله ڪيون آباديون، پانڌين پيرين پوان
3-
غم گوندر ويا گذري، شڪرانا شاديءَ جا
ڪوڙ يين ڪروڙين ڪرم، حمد لکين هاديءَ جا
صفتون صاحب سنديون، ڪهڙيون چئي ڪيئن چوان
4-
مينهن سدائتا ”مصري“ واه ولهرين وٺا
سُرها سيني لائيان مِلي محب مِٺا
ڏيهه ڏنگو ڇا ڪندو، سڄڻ هُونِ سَنوان
[1201]
روپ برو تلنگ
ساهه صبر نٿو سهي، دل درماندي درسن ڌاران
1-
نينهن نقابن ڪين نهاري
لڄ شرم جا گهُنڊ اُتاري
پرت پڌر ٿي پَهي
2-
اهڙي تان نه هيس ڙي جيڏيون
حسن هادي جي ڪيون مون سين هيڏيون
طلب وڌيس منجهه تَهي
3-
ما پليندي نه رهيوڙي سرتيون
روز ڏيانس ٿـــي ماهيو مَتيون
رخ ڏسڻ ري نه رهي
4-
جيڪر جام جُـــڙن بلوري
مُحب ”مصري“ اچي ڪن مئخوري
ته ٺاهه انهي سين ٿي ٺهي
[1202]
روپ سارنگ
عشق سپہ سالار سَهيو، مُلڪ فلڪ ميدان تهين دا
1-
عشق امـام جنہ نــون ڏيوي اشارا
سو گهت ڪلنگي گهنِي عرش ڪنار
عين الحق اسرار سهيو، آکڻ والا الحان آهين دا
2-
عشق جـنـہ نــون جام پلاوي
سو شہ ماهي ڦر چاڪ سڏاوي
ڌڻ والا ڌڻوار سهيو، هِيرَ ڪنون حيران تهين دا
3-
عشق دريا دِلان نون ٻوڙي
غرق غوراب ڇَهي وچ ڇوڙي
هردم هووي هوشيار سهيو، نا سهي سُکاڻ تهين دا
4- ”مصري“ آءُ گهن ماڻ عشق دا
ستا ڇــوڙ ريا ۽ رَشڪ دا
لاشڪ ليل نِهار سهيو، پُر سدا پيمان جهين دا
[1203]
روپ ڪانرو
کنيائون کِلي نيڻ گَهرا گلابي
ڀري ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي
1-
ذري سونهن يوسف کي بازار نيو
بـنــا ملهــه مُقيّد خــريــدار ٿيو
مصر ۾ نه منظور ٿي ماهتابي
2-
پيو پَر تـوو طُــور تي نُـور جو
نه ماهر ٿيو موسيٰ ٽِنهن مذڪور جو
کڻن بار بيشڪ بَلي بُوتُرابي
3-
بره تيخ ڀڙڪي جو جلوو ڪيو
هٽيا عرش حامل فَلَڪ فرش ٿيو
نه آيو اُتي ڪو عرب جو اعرابي
4-
اکين جي آڻين نُہ طبق کي تپايو
جلـي ويــا جبل، عشق آڙه مچايــو
وڄي نينهن نوبن، ڀڳي حد حسابي
5-
ڪِيو معراج مردن مـڱر مـچ مچائي
اهو راز رنــدي منجهان منجهه نــه مائـي
اٿئي مهل ”مصري“ سگهو ڪر شتابي
[1205]
روپ ڀڀاس
اَوڳڻ ڪيم ڳڻيج، ڀلو يار ميان
تو دلاسي دوست جيان ٿي
1-
پرين پورهيت پانهنجي، ڇپر ۾ نه ڇڏيج
2-
لاڙي پاند لُنگيءَ جو، ڍلِيون ڍول ڍڪيج
3-
وِنگيون واٽون وَر اڙانگا، رَهَيس هاڻ رسيج
4-
اکيون عاجز سامهيون، سائينءَ لڳ سڃڻيج
5-
پسِي مدايون ”مصري“ جون، مهرؤن ڪيم مٽيج
هز هائنيس مير عبدالحسين خان ”سانگي“*
هز هائنيس مير عبدالحسين خان ولد مير عباس علي خان ولد مير نصير خان 1851ع ۾
نظربندي واري زماني ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو. سنڌي، عربي،
فارسي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. فارسيءَ تي
ڪافي دسترس هُيس. ننڍي هوندي کان ئي شعر و شاعري
ڏانهن مائل رهيو. نهايت خليق ۽ حليم طبع هو. سنڌي،
فارسي ۽ اردو ۽ معياري شعر چيو اٿس. 1924ع ۾ وفات
ڪيائين. سندس قبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مقبري
جي الهندي طرف کان آهي. سندس ڪلام جي مجموعي (ٽي
جلد) ”ڪليات سانگي“ ۾ سندس سنڌي ۽ سرائڪي جملي 133
قافيون شامل آهن.
[1205]
سر کنڀات
ڏکن پاتو ڏاڍڙوپ ڏاڻ، جيڏيون ڙي! آءٌ واڳي وتان ٿي
1-
مردم چشم کان مخفي رکان ٿي
دل جي اکين سان پرين پسان ٿي
پنهنجو وڃائي پاڻ، جيڏيون ڙي! آءٌ پرين پسان ٿي
2-
عشق جي طفل ته چوري چوري
دامن ورتي ڊوڙي ڊوڙي
قرب قريب جي ڪاڻ، جيڏيون ڙي! آءٌ روز روئان ٿي
3-
زلف سڄڻ جي ڪيس آواري
قابوپ ڪاڪل ڪئي دلڙي ويچاري
موهين مرڪڻ ساڻ، جيڏيون ڙي! هي حال چوان ٿي
4-
پـــرزا پنبڻن ڪِي جان مــون جوڙي
چيري چچري، ڪڇي ڪوري
”سانگي“ سورن ساڻ، جيڏيون ڙي! گهائي گهمان ٿي
[1206]
ڪوهيار
طرحين طرحين تنوارون تنوارون
ڀلو مانڊن جي مرلين ڪيون
1-
ڀيڄ ڀنيءَ ڦيري ڦوڪون ڏنائون
سورٺ مان ڪيائون ساز سٽائون
ماء سي پرت پڪارون پڪارون
جيءَ اندر جڙ جِي ويون
2-
واڄٽ جــي ويراڳين وڃايا
محبت من ۾ تن مچ مچايا
ماء سي قرب ڪوڪارون ڪوڪارون
ٻڌندي ويون ڀلجي ويون
3- ”سانگي“ سامــي ويا ڏاڍي لئون لائــي
منڊائڻ وارا جاٽون چِتائي
پياريون تن جون پچارون پچارون
ڪاڪيون مون ڪرڻيون پيون
[1207]
سر مانجهه
ڪونجڙين جاڙي الا، ويڙا وڳر وهي، رائي رات رهي
1-
ڪالهون پوءِ ڪين سُڄن، ڪونجهڙين جا ڪُڻڪا
منهنجي وندر هئا تن ڀورين جا ڀُڻڪا
سي جهڙڪا ڙي جيڏيون، ويڙم روح ۾ رهي
2-
قيد الماء جي آندا، پکيڙا پرڏيهي
قسمت ڏينهڙا گهاريون، من ماڳن تي ويهي
آخر ويا ويچارا، پنهنجي وطن ڪَهي
3-
ويندي ويل ڪَيون ڪونجڙين جي لاتيون
هڻي ويون جي هَئي هَئي، قلب اندر سي ڪاتيون
”سانگي“
بس ڇڏ باتيون، ڪونهي سور سَهي
[1208]
سر جوڳ
اٿم آيل آسا پُني، آديسي سي آڌيءَ آيا
1-
بازار ۾ اڄ آهن بکائون
پنجڪڻي ڪا پِنِي يار
کاهوڙين ڪي کاڄ پچايا
2-
ماڪ اُٿي ٿي مينهن وانگر
رات هُئي تن تي رني يار
سامين ڏاڍا سوز مچايا
3-
آديسين جا آڌيءَ کان پوءِ
سُڄن ڀُڻڪا ڀِنِي يار
ڪينر ڪاپڙين وڄايا
4-
سُڻي واڄٽ ويراڳين جا
چِڪ ڪئي مون چُنِي يار
اکين ايڏا آب وهايا
5- ”سانگي“
سامي سالم آهن
نڪي شيعا سني يار
ڪُفر ڪنوٽين خوب ڪمايا
[1209]
سر گجري
ڪالهه ڪيا ڪاري ڪاڪل ٿي
مٺي منهنجي مٿان اَٽڪا لَٽڪا ڙي
1-
وار ونگا ڪن لال ڳلن تي
لاڏ منهنجان وٽڪا جهٽڪا ڙي
2-
هــن عهد جــا عشق ڪن ٿــا
مٿن تي مٽڪا پٽڪا ڙي
3-
وڻيا دل کي دوست پرين جا
ناز ڀريا ڳٽڪا چٽڪا ڙي
4-
تيغ آبرو جي ”سانگي“ سر تي
ڪين ڪري گهٽڪا سٽڪا ڙي
[1210]
سر ڪسوري
تون تن ڇڏ نٽ، جهٽ پٽ آءُ پرين
ڀري چئو سر واريون چالڙيون
1-
آسان ادا ۽ بنا سان صفا ڪيئي
”تِين“ ڪڍو ”چؤتالڙيون“
2-
ڌڪڙ دم دم، ڇم ڇم ڇيريون
ٿَم ٿَم وڄن ٿيون ٿالڙيون
3-
ناز منجهان اي نينهن جا ناچو
ڇير ٻڌي ڏي ڇالڙيون
4- ”سانگي“ ٿَيان ٿَيان سڻندي
عمر وڃائي افعالڙيون
[1211]
سر تلنگ
ڪاڻ ڪيچين جي ڪيچ ڏي ٿينديس
ڏونگر ڏوري، ير ڏوري، سائين ڏوري
1-
جي نه آءٌ سُک ٿي سُتيس
ڏونگر ڏورڻ کان هوند چُٽيس
پر ڀينر هيڙس ڀوري، ير ڀوري، سائين ڀوري
2-
نالي هئي تنهنجي هي نار نماڻي
پرين پيارل پاڻ سڃاڻي
ڇَڏ مَ ڇپر ۾ ڇوري، ير ڇوري، سائين ڇوري
3-
انگ ازل کان اڙايس جن سان
پرور پاڪ ميڙيندم تن سان
جن جي آهيان گهوري، ير گهوري، سائين گهوري
4-
سرتيون سيڻ سسئي جا ها سِي
سنجهو ڏيئي ”سانگي“ ويا جي
چڙهي چانگن تي چوري، ير چوري، سائين چوري
[1212]
لَيس الهادي لَيس الحق، اَنت الهادي اَنت الحق
1-
دلبر کان دلجاءِ مليون
ڪـوڙو ڪـوڙن لاءِ قلـق
2-
هاڻ ڏٺوسون هادي هڪڙو
شڪ جو پردو ڪيو سون شق
3-
جِهَت کان نابود ٿيو ورنه
اُفـق سو، سو آهــي شفـق
4-
حڪم اسان جي ساڻ هلــي ٿــو
اَسپ زماني جو ابلق
5-
وسهو ”سانگي“ ويٺو دل تي
”عبداللطيفي“ صاف سبق
[1213]
عبرت جوهي آهي مڪان
”ڪُلّ يومِ مّا هُوَ فِي ”شان“
1-
پاڻ وڃائي ڪاڻ ۾ پياسون، اديون ڙي ارمان
2-
لِڪلِڪوٽي ۾ ٿي آيو، عالم منجهه انسان
3-
جي گهرين آرام، وڃي ڪر حال ڀائي حيوان
4-
ڇڏي اسين امڪان وڃون ڇو، بعيد از امڪان
5-
ڪي پڙهن پيارل جون پوٿيون، ڪي پڙهن قرآن
6-
هِتي هُتي هر جاءِ ۾ آهي، ”سانگي“ جو سيلان
[1214]
آهيون منجهه اسلام، سرويچ سپاهي يار سڄڻ جا
1-
احمد احمد هڪ ڪري پوءِ ڪفر ڪيوسون تمام
2-
اهو آهي انصاف اسان جو، رام کي ڪيوسون رام
3-
بيقراري ٻاهر آهي، اندر ۾ آرام
4-
جيڪو هو آغاز اسان جو، سو ٿيو انجام
5-
اصل کان سو آهي سالم، ”سانگي“ عشق امام
[1215]
ملڪ ۾ پهري پيا منصور، لڳو آهي اناالحق جو نعرو
1-
ڇڏي دُرنگي دين دنيا جي، غازي ماري غرور
هڻي نڪتا نر نغارو
2-
ڌڄون لاتيون دردن دل ۾، چار ئي بازو چُور
اچي محبت جو پيو مارو
3-
مهنجي من ۾ چاڪ چڪن ٿا، نينهن ڪيا ناسر
ڪاري لڳي ويو قرب ڪٽارو
4-
سِر تي آيو بار برهه جو، پُورن تي پيا پُور
کلي کنيو سون باري بازو
5-
شغل شاهي ٿيو شش جِهَت ۾، هر جا هوت حضور
نازڪ جو ڏس نُور نظارو
6-
اڄ اسين وري جوش ۾ آهيون، مئي محبت جا مخمور
واءَ لڳي ويو وحدت وارو
7-
محبت ڪم متوالن جو، ”سانگي“ آهي سور
گوندر ۾ ٿيو آهي گذارو
[1216]
تنهنجي پسڻ لاءِ يار
پاتيون پاتيون مون جهاتيون جهاتيون
1-
صاحبڏنا منهنجا مرشد سائين، دل گهريا دلدار
لک لهن تنهنجيون لاتيون لاتيون
2-
ڇا چوان هي ڇا مان ڇا ٿيو، غم تنهنجي غمخوار
ڇني ڇڏيون آهن ڇاتيون ڇاتيون
3-
قلب ۾ تنهنجي قرب جون آهن، چؤطرف چوڌاري
قهري لڳي ويون ڪاتيون ڪاتيون
4-
منهنجي محبت جون مرشد منهنجا، آڙين جا آڌار
”سانگي“
ساري سي راتيون راتيون
صاحب ڏنو شاهه
سيد صاحب ڏنو شاهه ولد سيد محمد شاهه، ميين شاهه ڪريم جي پيڙهيءَ مان هو ۽
بلڙيءَ (تعلقي ٽنڊي محمد خان، ضلعي حيدرآباد) ۾
درگاهه شاهه ڪريم جو سجاده نشين ٿي رهيو. سنڌي،
سرائڪي، اردو ۽ پارسي ۾ شاعري ڪيائين. ڪجهه سال اڳ
سندس ڪلام جو بياض نظر مان گذريو، جنهن ۾ سندس 80
کن قافيون نظر مان گذريون. تاريخ 19- رجب
1332هه/13- جون 1914ع ۾ وفات ڪيائين.
[1217] *
تنهنجي حسن ڪيس حيران، چشمن آءٌ چوري وڏيس
1-
اکين جا ڏيئي يار اشارا، من ڪيئي مستان
گهورن تن تان گهوري وڌيس
2-
پتنگ وانگر مچ محبت ۾، ڪَٿ ڪئي مون ڪانَ
سِڪ سڄڻ تنهنجي سوري وڌيس
3-
ناز ڀريا توسان لائي ناتو، عشق ڄاتم آسان
ان عقل کڻي اوري وڌيس
4-
سهڻا تنهنجي سڪ جو مون وٽ، بيحد آهي بيان
جهوري انهي جهوري وڌيس
5- ”صاحبڏنا“ ڪنهن کي سڻايان، اندر جا ارمان
قرب ڪچي آءٌ ڪوري وڌيس
[1218]
منهنجي آهي جَتن سان ڪا جيءَ جي جَڙي
ڪنهن پــار پاسي نــه گهاريــان هڪ گهــڙي
1-
سُک ته پنهل جا ڪين ٿي سنبران
ويا آهن سوز ساڙي منجهه سڙي
2-
وينديس خان پنهل ڏي آءٌ
راڻي منجهه وڃي روئي رڙي
3- ”صاحبڏنا“
”سانگي“
وڌي ڪا
قلب منهنجي کي قرب ڪڙي
[1219] *
رسائج روبــرو قاصد ادا خط هــي عجيبن کــي
چئج هي عرض عاجز جا نمائي ڪنڌ نجيبن کي
1-
لڳي مون کي عشق جي لوري، وري وڃ ويڄ کڻ ڦڪيون
دوا هن درد منهنجي جي ناهي طاقت طبيبن کي
2-
سٽيئي سورن جون سرواهيون، نه ڪيئي ڪو خوف خالق جو
مٺا مشتاق هي ماري ڪيو خوش تو رفيق کي
3-
تو وٽ آيس سڄڻ سائين ڪرڻ سر ساهه جو سودو
تڏهن توکي نه واجب هو وجهڻ غم ۾ غريبن کي
4-
ڪري قاصد مڪم پنهنجو ڪبوتر کي قريبن ڏي
اتان سو ڪينڪي آيو چوان پنهنجي نصيبن کي
5-
رهن ٿا ياد هردم مون سچڻ ”صاحبڏنا“ سيئي
وساري ڪيئن رهان ويهي سندم هئي هئي حبيبن کي
[1220] *
لاشڪ آهيون لامذهب، اسين غرق ٿياسون در غبغب
1- ”موتوا
قبل“ جو پِئي پيالو، مست وتان نت آءٌ متوالو
عشق سيکاري رمـز عجيب
2-
ڪڏهن هندو مومن چيائون، هر مظهر ۾ پاڻ لڪايائون
سالڪ سمجهن تنهن جو سبب
3-
اندر مسجد مندر حجرا، پائي منهن ڏسين سڀ مُجرا
راهه اِنهي سان ملندو رب
4-
نه از آدم نه از حوا، مور نه ڌاريون ڪي ماسوا
نينـهن اسان جـــو آهــي نسب
5- ”صاحبڏنا“
ڪثرت مان ڪاهي، وحدت پِڙ ۾ واڳ ورائي
مــرد ڪڏائــن ٿــا مرڪب
[1221] *
ماڙيچن مارن حون مارِن ٿيون ميارون
پکن پاسي ڪن ٿيون پهنواريون پچارون
1-
ڪاهي مال مارو ڪوٺي ويم اباڻا
پٽن پاسي تــن جــا هئــڙا ڪي ڀاڻا
ڪيان روز جن لئي تڙ تڙ تنوارون
2-
لاهي لال لويـون پٽولا نــه پائيندس
آءٌ ڪوهيارل جي لڄ کي ڪين لڄائيندس
ڪيان روز جن لئي نِيرَ ۾ نهارون
3-
سڪان ساريان جن کي سي ملندم مارو
اٺئي پهـر جــن لئي ساهه کـي مونجهارو
ڪيان ويٺي جن لئي دم دم پوڪارون
4- ”صاحبڏنا شاهـه“ ابـاڻـا مــون اينـدا
ورتيون مُئـي کــي نــال جــو نيندا
آيو نياپو اباڻن وَيهين جي پارون
[1222] *
عشق ٿــي استاد اڄ مــون کـــي پڙهايــو بــرهه باب
وڃ وري پنهنجو کڻي قاضي قصن جو تون ڪتاب
1-
تنهنجي واعظ وعظ کؤن آءٌ ٿو وجهان ڪَن ۾ ڪپاه
واه جو مُطرب وڻي ٿو، رمز وارو هيءُ رباب
2-
ننگ ۽ ناموس تقويٰ ورق سڀ وسري ويا
نينهن جا چاڙهي نشا مون شوق سان پيتو شراب
3-
شرم کان آ شمس مُنهن تي بُرج جو برقعو ڍڪيو
من موهن منهن تان جڏهن ٿي نار مان لاٿو نقاب
4-
رهن ٿا جي ياد هردم مون کي ”صاحبڏنا“ سي بخت
تي تن جي وري آهي ٻيو ڪهڙو خطاب
[1223]
مٺا توکان سوا مشڪل جيئڻ جنجل جدائيءَ جو
ولهيءَ جا ور اچي هيڪر ڪجان ڀيرو ڀلائيءَ جو
1-
برهه جي باغ ۾ دلڙي اُمالڪ مون رکي توسان
ٻئي سر ساهه ڏيئي سٽ ۾، ڪيم سودو سچائيءَ جو
2-
چيري چچري وڌئي دل کي هڻي پيڪان پنبڻن جو
نڪو ڪيئي خوف ۽ خطرو خداوند جي خدائيءَ جو
3-
جهڙي آهيان تهڙي تنهنجي پناري يار پئي آهيان
متان ڪو پاند ڪرين پڌرو ڪمينيءَ جي ڪچائيءَ جو
4-
مليو تختِ سليماني، ڪريون تنهن کي اسين ڪاڏي
اسان مستن جي مذهب ۾ نه آهي مَٽ سو پائيءَ جو
5-
چِٽائي يار چشمن جي آهي ”صاحبڏنا“ هر جا
ڪيوسون سير سڀ سارو سراسر اڄ صفائيءَ جو
[1224] *
عمر ياد آيا اڄ ڪي اباڻا
روئن نيڻ جن لئي نِيرَ ۾ نماڻا
1-
بندي آهيان بـنـد ۾ ٿـيـا ڏور ڏيـهي
ولهيءَ کي وساري رهيا آهن ويهي
ڪنديس هاڻ ڪن سان ماروئڙن ري ماڻا
2-
پلر جي پيئڻ لئي آهيان مان پياسي
وڳر مارن ۽ ور لئي آهيان مان اُداسي
جيڏين جا جتي ٿيا پکا پڊ پُراڻا
3-
مُــو نهان پوءِ ملڪ تــي ڪيون مينهن موڪون
منگها مُرٽ مکڻيون پڪيون جام پوکون
ڇڻي پيا ڇَنن ۾ للر لنب لاڻا
4- ”صاحبڏنا شاهـه“ سانگين کـي ٿـي ساريان
پلپل پهنوارن لئي نڪريو نهاريان
ڪيا جن جي سُرن سڀئي سَنڌ ساڻا
[1225]
هُيس گهڻو هشيار، ڪيس اديون ڙي عشق آياڻِي
1-
ناز سڄڻ جي نهوڙي نيڙس، وس وقوف وجود کان ويڙس
آيو برهه سر بار، نينهن نماڻي ڪيس نماڻي
2-
گهُورن سان هن دلڙي گهائي، ڪل تنهن نه لڌي آ ڪائي
پيم هول هزار، ڪنهن سان ڪريان قرب ڪهاڻي
3-
محبت تنهنجي آهيان ماري، سڪندي وڃايم عمر ساري
آءُ هلي هڪوار، وِره ڍولڻ تنهنجي ڪيس ويڳاڻي
4- ”صاحبڏنا“ دل جن کي ساري، ايندم سيئي شال اوتاري
دل گهريا دلدار، سهڻا سڄڻ اچ پاڻ سڃاڻي
[1226] *
چرخو چوريو ڙي جيڏيون، ايندو ڪم ڪتڻ
اُٿو جاڳو ڙي جيڏيون، ڇڏيو ساءُ سمهڻ
1-
واندي ويهه مَ وپيسلي، ڪر ڪا ڪار ڪتڻ
پريت لاءِ پنهنجي جتي عشق آتڻ
2-
هتي ريڏين راند ۾، وسريئي موت مرڻ
آڏو هلي هوت جي ڪيئن ٿيند ئي ڪنڌ کڻڻ
3-
جيئن ڦوٽو پاڻيءَ تي تري، تيئن ٿيو جاڙ جيئڻ
خوبي ويندئي خاڪ ٿي، نه ڄايو آهين ڄَڻ
4-
سِڪ ته ”صاحبڏنو شاهه“ چئي، سوڍا رک سڄڻ
هڪ ڏينهن هتان هئي هئي ٿيندو نيٺ هلڻ
[1227]
ڪر ڪر ناز نيڻان دي نال
موهه گَهتُيئي دل مشتاقان دي
1-
ڳلي ڳلي ڦيڙا پاوان، تيڏا ملڻ محال
2-
من موهن من موهه گِڌوئِي، ڪر ڪر قيل مقال
3-
حوران پريان حيرت کاون، ويک ڪي حُسن جمال
4-
تيڏا مَٽ هي ڪوئي نه ثاني، نهين ڪنهن دي مجال
5- ”صاحبڏنا“ مذهب ملت، تيڏڙا قرب ڪمال
[1228]
*
عشق ٿي آسان ڀانيم، نينہ پر او کو اديون
1-
صابرن بيٺي سدا، ڪمرون ڪمالت جون ٻڌيون
سالڪن سوري مٿي، لائق پئي لائون لڌيون
2-
بحر وحدت جي ڀڃي، ٻيڙيون ٻيائي جون وڌيون
سيئي سهڙيا سِير تي، جهاڳي چڙهيا ناميا نديون
3-
دل ڌوئي ڪڍ غير غفلت، جِي ڌوئن گاذر گنديون
ماسويٰ الله ترڪ دنيا، معاف ٿين اِي هي منديون
4-
جُهد ڪر جاسين جيوين، تون ڏي ڇڏي ڇائون تڌيون
جن ڇڏيون ”صاحبڏنا“، سي ڇو نه پرين پهچنديون
[1229]
سر سختيون سالڪن ڏي، محب مهماني مُڪا
اهنج اوکيون عاشقن ڏي، يار مهماني مُڪا
1-
ڪم نه آهي ڪُود ڪَن جو، بره ۾ هٿ بات ڪا
سر ڏيڻ، سوريءَ چڙهڻ، لئي دوستن ڌوڻا ڌڪا
2-
زڪريا، جرجيس، يحيٰ، سي هئا پرتئون پڪا
نا مڙيا منصور جيان، توڙي ٿيا تولا تڪا
3-
اڃ نه اوڏي عاشقن کي، بک بيراڳين ناه ڪا
وحد تي واصل الاهي، وتن لاهوتي لِڪا
4- ”صاحڏنا“! سڪ موز ۾، ٻي نا وڻج تون راهه ڪا
اسم رِي الله جي، ٻولي نه ٻولج ٻي ته ڪا
[1149] ”ڪافين
جو ڪتان“ بوڪرداس شڪارپور، 1906ع.
[1150] تعلقي
جيڪب آباد مان قادر بخش ساقي کان مليل.
[1151] کان
[1152] ”قافين
جو ڪتاب“ پوڪرداس شڪارپور، 1906ع
[1154] ”نيون
ڪافيون“ (ڀاڱو پهريون) ڇپائيندڙ شوالداس، سکر،
آگسٽ 1915ع.
*
ڪوٽڙي ڪبير جي ميان علي گوهر جي ڪتبخاني ۾
محفوظ اٽڪل هڪ سئو سال اڳ جا لکليل بياض تان
نقل ڪيل (27-4-85ع)، جنهن ۾ ڪؤڙل جون 16
قافيون، 6 مولود ۽ 2 ٽيهه اکريون ۽ هڪ مدح
شامل آهي.
[1157] تعلقي
عمرڪوٽ مان عبدالحڪيم پلي کان مليل
[1158] ”قافين
جو ڪتاب“، پوڪر داس جو ڇپايل، 1906ع
[1159] ۽
[1162] تعلقي
حيدرآباد مان ماستر محمد صالح سپيي کان مليل
[1162]
کان
[1173] ڊاڪٽر
بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.
[1174] ”ڪافين
جو ڪتاب“ بوڪرداس شڪارپور، 1906ع
[1175] پوڪرداس
۽ هريسنگ جي ڇپايل قافين جي ڪتابن تان ورتل.
[1176] مير
فتح خان (فتح محمد خان) ٽنڊي محمد خان واري جي
سال 1914ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.
[1177]
کان
[1181]
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.
[1182]
کان
[1186]
سنڌي اندي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 30-1920ع
ڌاري لکيل قافين جي بياض تان ورتل.
[1187]
کان
[1188]
لاڙڪاڻي مان ماستر فتح محمد کان مليل.
[1189] کان
[1104] سيد
قادر ڏني شاهه سجاده نشين وٽ محفوظ 1316ع
ڌاري لکيل بياض تان ورتل.
*
تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪليات سانگي“، ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع
[1217] کان
[1220] مير
فتح خان مرحوم ٽنڊي محمد خان واري جي سال
1914ع ۾ لکيل قلمي بياض تان ورتل.
[1218] ۽
[1219] بياض
۾ ڪتاب جي تاريخ 8-9-1914ع
[1220]
بياض ۾ ڪتابن جي تاريخ 16- آگسٽ 1914ع.
[1221]
سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع
ڌاري لکيل قافين جي بياض تان ورتل.
[1222]
۽
[1223]
تعلقي عمر ڪوٽ مان خليفي عبدالحڪيم پليءَ
کان مليل.
[1224]
۽
[1225] تعلقي
عمر ڪوٽ مان عبدالحڪيم پلي ۽ تعلقي حيدرآباد
مان ماستر محمد صالح سپيي کان مليل.
[1226]
۽
[1227] تعلقي
تعلقي حيدرآباد مان ماستر محمد صالح سپيي
کان مليل.
[1228]
۽
[1229] ماستر
سومر خان لغاري جي 1232ع ڌاري لکيل بياض تان
ورتل.
|