سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد ٻيو)

 باب:

صفحو :10

محمد محسن

 

[1431]

اچي يار منهنجو اديون اربيلو

اچي ڍول منهنجو اديون اربيلو

1-      ڇوريءَ کي ڇڏي ويو، گوندر ۾ گڏي ويو

سورن جا اوتارا اندر ۾ اڏي ويو

چوري مون چريءَ کي ڪيئين واء ويلو

2-     جڏيءَ کي جدائي پنهل تنهنجي ماري

سڄڻ جي به سرتيون الله واڳ واري

ايندو ڪو انهن ڏهون مون هيڻيءَ تي حيلو

3-     لائي ويو جا لوري آهيان تنهنجي گهوري

ڏکيءَ کي ڏکن جي ڏنو يار ڏوري

ٿڪيءَ کي ٿرن ۾ اچي مل اڪيلو

4-     چوي ”محمد حسن“ ڪر نا جدائي

ڏسي هي زمانو ڪر نا بيوفائي

نالي نانء ڌڻيءَ جي اچي مل سويلو

 

 

محمد علي

 

[1432]

وڃي پهچائجان پرين کي، نياپو هي ميان پانڌي

1-      قضا منجهه قيد قسمت جي وجهي زنجير ڪيس قابو
        پڇي مان ماڳ مارن جو، وره کؤن دم ناهيان واندي
2-     ڏسان شل ڏيهه ڏاڏاڻو، جتي ڀر ۾ ڀيٽون ڀاڻو
        ملان مارن ڇڏي ماڻو، ٿيان وري شآل هيڪاندي
3-     ملان شل ماڳ مارن جي، ڏهاڻي ڏيهه ڏوٿين جي
        ڏيان منجهه جاءِ جانب کي، مران تان پاس پيراندي
4-     ”محمد علي“ کي من ۾، سدا سانگين طلب تن ۾
        گذارڻ مون جَنَب جن ۾، بره تن جي ڪيس باندي

 

 

مشتاق

 

[1432]

چشما دا چمڪارا وي، لحظي نال لٽيندا لٽ پٽ

1-      چاڪ ڪيتي دل چاڪ اسا ڏي، چاڪ ويکان چوڌاران وي
        چاڪ دي چاڪ بيچاڪ ڪيتي، چاڪ بنان نهين چارا وي
                        چاڪ ڏٺي دل چاڪ چٽ پٽ

2-     گلگون رنگ گلابي چهرا، حسن هميشه هزارا وي
        ارم عشاقان رخ رانجهن دا، نوان وت ناز نظارا وي
                        بي رخ مول نه ڀانئج کٽ پٽ

3-     مزگان دي مُترچي سِر آون، ڪرن ايراني آلارا وي
        ڪرماني تي ڪار غلامي، مارن مڙمُنهن پارا وي
                        ڪن جدا جند جان جهٽ پٽ

4-     مجنون مثل ”مشتاق“ هزارين، سوين سڪندر دارا وي
        اکيان باز بره جيوين بحري، دام گهتن شہ دارا وي
                        ڪرن ستم سويلي سٽ پٽ

 

 

 

 

مير محمد

 

[1434]

عجيب سهڻي جو سينگار، نئون نت روز ڏسان ٿي

1-      تون ني منهنجو اصل کؤن آهين

الا ڳل ڳچيءَ جو هار

يُويون مان پاڻ وجهان ٿي

2-     ڳجهيون ڳالهيون دوست منهنجي جون

الا هينئڙي منجهه هزار

ڪنهن کي ڪين چوان ٿي

3-     اکيون ڍولڻ جون ٻرن مشعلا

الا کليون سي باغ بهار

ڀؤنر جان واس وٺان ٿي

4-     ”مير محمد“ چئي يار سڏيندين تون

الا وطنئون ٿيان آءٌ ڌار

دم دم توکي ڏسان ٿي

 

 

نيرولي

 

[1435]

سڪايل سان سهڻا نه ڪر محبت ماڻو

کِلي مـــل خــــدا لڳ ٿــي سوڍل سياڻو

1-      هنيوَ ديد جنهن دم، ٿيس مست تنهن دم
        ويو هوش هڪدم، عقل سب اُڏاڻو
2-     لڳي تار تن ۾، برابر بدن ۾
        اٿم مونجهه من ۾، وتان مون ويڳاڻو
3-     هجر سينو ساهي، نيڻين ننڍڙي ناهي
        سدا زير آهي، غمن جو وڇاڻو
4-     اچج مون اوتاري، وارث واڳ واري
        هلڻ لئي پڪاري، ”نيرولي“ نماڻو

 

 

ندو فقير

[1436]

داتا تنهنجي در منهنجي توبہ زاري

بخش بديون آهيان گنهگاري

1-      حال منهنجي جو معلوم توکي

نفس نادان ڀُڻو ول پوکي

ڪين سا ڱاهيم پيئي دل دوکي

ميٽ مدايون آٿِي سُڌ ساري

2-     ”ڪن فيڪون“ جي ڏينهن ڏهاڙي

حوض ڪوثر جو پاڻي مون پياري

ننگي پنهنجو ننگ سڃاڻج

آءٌ اصل کؤن آهيان عيبن واري

3-     هر رنگ ۾ آئيو رنگي

آدم پوش پهري آيو ڪلنگي

نيڻ کڻي پنهنجا جوش مان جنگي

مون مسڪين تي ٿيو آهي ماري

4-     ”ندو“ چوي نروار نماڻو

محب مٺا ڪر نه تون ماڻو

ڏي ڪو دلاسو ٿئي هشنائي

توه تڳان پئي تنهنجي تاري

[1437]

جوڳين جو جنسار، ڏٺو مون جوڳين جو جنسار

ڀَڳوان ڪپڙا گبريون ڪلهن ٿي، ڪنڍڙا ورين وار

1-      اصل آڏوتي آهن اُهي، جن کي ڪنڍو منجهه ڪپار
        پاڻ هڻيو ٿا نانگ نمائين، اهڙا اٿن پار
2-     مڙد وڄائين مُرليون سُرليون، تڪ تڪ تڪڙا تار
        آهين تار تنبين ۾، هر هڪ لک هزار
3-     سامي سير سندي سڪ ۾، لڳي برهه سندي بازار
        هر هنڌ گهمن هر جا ڦرن، ”ندا“ ٿين نروار

 

[1438]

پٽ پهري لوئي ڪيئن لڄايان، سومرا اٿم سيل سانگين جو

1-      مارو جي ايندا ڪين ڇڏيندا

وٺي نماڻي ويڙهه جي ويندا

چونــڊي شال بيـرون آءٌ تــان پــلوَ ۾ پــايــان

2-     وٺــڙا مينهن مـلــير تــي ميان

پهنوارن سان پلــر وڃي پيان

ڀــر پٽن ويهـــي آءٌ تـــان واريءَ پٿـــر وڇايان

3-     سرتيون ويٺــي ساريان ساريان

ڪنهن دم دل تـــان ڪين وساريــان

نـت نـت روز نـوان ڪوڙيـن ڪانگ اڏايان

4-     آءٌ انهن جـــي اُهـــي بــه منهنجا

نــدو“ چئـــي ٿيــا سڀ سهنجا

شال ڏسي انهن کي آءٌ تان ڏکڙا جي لاهيان

[1439]

دل لٽي ڪيئي يار ديواني

مَ ڪر ماڻا تون منهنجا جاني

1-      آءُ الله لڳ اڱڻ منهنجي، پهچان نه آءٌ ٿوري تنهنجي
                        سر صــدقــو ڪريـــان قـــربـــان

2-     ناز ڀريا جي نيڻ کڻين ٿو، گهور گهنڊي سان هِنيَڙو هڻين ٿو
                        ڪونه ڏسان ڪو تنهنجو ثاني

3-     ٻانهي گولي تنهنجي آهيان، پورهيت پازي پاڻئي چايان
                        ڪر ملڻ جي ڪا مهرباني

4-     ”ندي“ چوي نينهن جا نقطا، قابو آهن جڙيا پختا
                        سڻج هي تان حرف حقاني

 

[1440]

دل خيالن ذرا ذرا ڪيو، نفس جي حرصن ٻڌو نيهو

1-      پڙهيو حديثان ماڻهو منجهائين، هر ڪلهي تي ٻني ٿا ڪاهين
        پوءِ به وريو ٿا  پاڻ پڏائين، پنن ماني ڏيو ۽ ڏيو
2-     نينهن ”ندي“ کي ڪيو نماڻو، سدا وتي ٿو ويڳاڻو
        محبوبن ڪيو منهن تي ماڻو، سورن اچي ڪيو ساڻس سيهو

 

[1441]

مُلان مار نه مون، سڄڻ ڏسِي ڪيئن سبق پڙهان

1-      ’الف‘ آخوند اسان وٽ آهي، ’بي‘ جي بات نه بُون
2-     عشق اندر اڌو اڌ ڪيڙو، فيراقن ڦاڪون
3-     جيءَ منهنجي ۾ جانب جوڙيون، اندر اوطاقون
4-     نازن ساڻ نهوڙي ”ندي“ کي، اصلئون ’ڪُن فيڪون

 

[1442]

دل ماهي دي نال لڳي، وي لوڪون دل رانجهو دي نال

1-      جنهن ويلي رانجهن وِنجهُلي وڄائي، وره ويراڳي وَڳي
2-     باهه بره دي ڀڙڪا جولايا، ڌَوڻَ وانگي ساڌَڳي
3-     چوچڪ چايا سِر کيڙي والي، سا ٽوڙ سَٽي مئن سَڳي
4-     ”ندا“ آکي نروار رانجهو دي، ڪوڙ نهين ڪا ٺڳي

 

[1443]

ماهي يار واليان ڳالهيان، سڻ سڙن سڀ سياليان

1-      چوچڪ چناهه واليان چٽيان، رل مل گهمن ميڏيان گهٽيان
        آ کڙهه تي آم ساميهيان، مهڻي ڏينديس مُنهن ڪاليان
2-     جنهن ويلي رانجهن اڱڻ اوسي، لک ڀانيان نت ڀاليان
        مل سڄڻ سهڻي ڍولڻ ديان، چاڪ ديان ويکو چاليان
3-     سامي ڏٺو سِي سڪ سچا، جنهن دي عشق لايا ڌم ڌجا
        وحدت سندي مرلي وڳي، تن ڪون ڪيتس تڪ تاليان
4-     ”ندا“ آکي نروار نينهن دا، سودا ڪيتم گهن لاليان
        برهه دي بازار وچ سڀ مليوسي ماليان

 

 

(د) 1911-1930ع واري دور جا شاعر

 

 

هنن شاعرن جون قافيون ڪتابڙن تان چونڊيون ويون جيڪي 1911-1923ع واري دور ۾ شايع ٿيا. ڀوڄراج جي قافي جيتوڻيڪ پوءِ جي ڇپيل ”تذڪره لطفي“ تان ورتل آهي مگر ڀوڄراج سنه 1920ع ۾ گذاري ويو. جيتوڻيڪ ڪن شاعرن جي سڃاڻپ موجود آهي، سندن ڪلام ايترو مشهور ڪونه ٿيو.

 

علي بخش شاه

 

ميان صاحب علي بخش شاه ”برده“ درازي فاروقي هو.

 

[1444]*

قرب اوهان جي ڪيچ ڌڻي، بيوس ڪئي آ باندي

1-      سُتي هن جو سور پرائيان، ويهڻ ناهي واندي
2-     روئڻ ري ٻي ڪار نه اڄهي، هيڻي تئڙي هيڪاندي
3-     درد فراق يج ماري منجهائي، مهڻن ڪئي آهي ماندي
4-     من اندر ۾ مچ ٻري ٿو، عشق اڱڻ آهي آندي
5-      سک سمهڻ کڻي ”برده“ وڃايو، درد سان ڪيو درماندي

 

 

 

 

 

ڌرمداس

ڌرمداس اسڪول ماستر هو. سندس هيٺيون قافيون 20- صدي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي ڪتابڙن ۾ شامل آهن.

 

[1445]*

ڪتي نه ڄاڻان سير سير، طاقت ناهم تند جي

1-      ملائڪ ايندءِ موت جو، پوءِ ڇڏائيندو تو ڪير ڪير
2-     ڏاڍي ذات جتن جي، پنهل وٺي ويا ڏير ڏير
3-     پشواز پهرج پريم جي، ڇاڪ مان هڻجانءِ ڇير ڇير
4-     دنيا فاني ”ڌرمون“ چوي، ڪين رکج ڪنهن سان وير وير

 

[1446]

ساهُ وٺي ويا ساڻ،  ڪهڙي حجت هوتن سان

1-      ٻانهي ڄام پنهل جي، پورهيت آهيان پاڻ
2-     نئڙت سان نمي ڪري، هلنديس هوتن هاڻ
3-     جاٿي ڪاٿي جڳ ۾، محب ڌاران مساڻ
4-     جانب ڌاران جيڏيون، جتن انڌن کي اهڃاڻ
5-      ”ڌرمداس“ دل سان چوي، ڏاتر ڏيندو ڏاڻ

 

[1447]

پوڙو ٿي ڏم مَ ٻانگ، رک تن ۾ تار پرينءَ جي

1-      هنس جي همراهي وٺي، ڪوڙين اڏائج ڪانگ
2-     سنت سَماگم سَک لهه سدا، ڇڏ طمع ۽ تانگ
3-     ڪوڙي قيد وجهي ڪري، پهر سچي جو سانگ
4-     ديا ڌرم ڌيرج رکج، ٿج نسورو نه نانگ
5-      ”ڌرمداس“ دک لاه تون، پائي موڪش قُلن جي ڦانگ

 

[1448]*

ويٺو ڪر وائي، ڀلو سنجهي ملندا سپريم

1-      ملڻ ۾ محبوب جي ڇڏ آرس آتائي

2-     اندر ۾ ڪر ايڪتا، ڪڍ ٻاهر ٻيائي

3-     واري رک وجود ۾، سِڪ سڄڻ سائي

4-     دوست لاءِ ”ڌرمداس“ چئي، ڪر گهر گهر نه گدائي

 

 

  

ڀوڄراج

ڀوڄراج پٽ سنت چانڊومل، لاڙڪاڻي شهر ۾ 1867ع ۾ ڄائو ۽ 1920ع ۾ گذاري ويو. مشهور سنت ۽ شاعر جيوت سنگ جو ٻالو هو.*

 

[1449]

رانديگر جي اها راند، ڏسي منهنجو منڙو ٺري ٿو

1-      هردم ويٺو ٺاهي ڊاهي، گهڙي نه هڪڙي اٿس واند
2-     ڪاٿي قيدي قيدؤن ڪڍائي، ڪاٿي ناحق رکي ٿو باند
3-     بعضي در محبت سرور گردد، بعضي برمعشوق مشتاق ماند
4-     مرشد واري مام تون ”ڀوڄان“، رکج پلئه پنهنجي پاند

 

[1450]

ڳالهيون پنهنجي ڳجهه جون، ٿا ساميئڙا به سلن

1-      سمجهي پنهنجي ساهه کي، ٿا چست اهي به چلن
        جوشون جهونگر سان لڳي ٿا محب کي ملن
2-     هڪليون پنهنجي هوت ڏي، ٿا هيڪاندا به هلن
        مورون مٽن ڪينڪي، جيڪا ٽور ٽلن
3-     سدا صحبت پنهنجي، اکيون ڪين الن
        پسي پنهنجو پاڻ کي، ڀول نه ٻي ڀلن
4-     ”ڀوڄا“ باهه برهه ۾، ٿا جوڳيئڙا به جلن
        ’ونحن اقرب‘ يار سان، ٿا رمز اها رلن

 

اوڌنداس

[1451]*

حال پنهنجو دلگير، سهڻل سان مان اوريان

1-      ڪهڙي پار پنهون ويو نڪري پڇان پير فقير
2-     وڏو ويراڳ وره ورچائي، نيڻ وهن هٿ نير
3-     ڪن فرياد فراقي فڪر سين، چڪن چاڪن چير
4-     ”اوڌنداس“ ملڻ محبن لئي، ڪجي ڪا تدبير

 

[1452]

نالي ٿيا نروار، گهايل گهر گهر ۾

جن کي سور سڄڻ جي ستايو

1-      وير وتار وتن ويراڳي، عاجز عاشق زار، اصلئون اندر ۾
                        جن جو جوش جيرو جلايو

2-     ماهتابي مُنهن مَن موهڻو، ابرو تيز ترار، هڻي ويو جگر ۾

ذرو به تنهن کي رحم نه آيو

3-     ويڳاڻا ڪيا وره ويچارا، روئن زاروزار، پِرين لئي پَر ۾

روئي روئي تن حال وڃايو

4-     ”اوڌنداس“ انهن جي آزي، سڻي من منٺار، وهاري ڀر ۾

محبت من ۾ مچ مچايو

 

 

 

 

ڌڻي بخش

[1453]*

عمر ادا اباڻن ڏاڍا ڏينهن لايا

الائي الهه ڄاڻي اڃا ڇو نه آيا

1-      لنگهي وره وئڙا وريو ڪونه وانگي

روئان راتيان ڏينهان ساري پنهنجا سانگي

سوين ساٿ سورن جا دل ۾ سمايا

2-     اکيون طرف اباڻي تڪن روز روئي

سنيهو سانگين ڏنهن آيم ڪونه ڪوئي

روئي روز تن لئي پلؤن مون پسايا

3-     ڪري قيد قسمت مون کي هتڙي آندو

مارن ريءَ ماڙين ۾ ڏاڍو من آ ماندو

خوشيون عيش آرام وِرهن وڃايو

4-     ”ڌڻي بخش“ ماندو مارن لئي نه ٿي تون

خوشيءَ جو پيالو ڪري پُر جو پيءَ تون

اجهي ڄاڻ توکي موليٰ جو ملايا

 

 

جيئند

 

[1454]*

جيءَ ۾ جوش پون ٿا جال، سدا سانگيئڙا ويٺي ساريان

1-      لکي عريضي مڪم اباڻي

قاصد مئيءَ جو ليهڙو رساڻي

ڏجانءِ ڪي حال احوال

2-     مارو موکي پٽ نه پهرينديس

ماڳ مارن جا مور نه مٽينديس

لوئي اباڻي اٿم لال

3-     ڀٽن پاسي چڙن چونگارون

طرحين طرحين ڪرن تنوارون

مارن ڇيڙيم مال

4-     ”جيئند“ چوي جن جي آهيان

سينو تن سان ڪهڙو ساهيان

خوشين ڏي ٿيڙم خيال

 

 

(هه) ڪي ٻيا غير معروف شاعر

 

هيٺين شاعرن جون قافيون جدا جدا جاين تان مليون مگر اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته اُهي ڪهڙي دور جا آهن. انهن مان ڪي شايد ساڳئي هن اوائلي دور جا هجن، پر ٿي سگهي ٿو ته باقي ٻيا ڪافي پوءِ جا هجن.

 

اميد علي ڪلهوڙو

 

[1455]*

آڏو عجيبن جي وڃي پانڌي ڏجان ڪو پيغام

ڪيئن وساري ويٺين، دوست وجهي دل کي دام

1-      ڪي ڏينهنٿي اڪانهڪيئي پورهيت جي پوئواري
        يار اسان کؤن دلڙي پلڪ پلي ڪيئي پياري
        ڳالهه اها ٿي ڳاري، سڄڻ مُڪئي ڪونه سلام
2-     مِٽ مائٽ مون نه وڻن، ڪڙم قبيلو ڪؤڙو
        ساهه ته منهنجو سورن ڏکن هڻي ڪيو ڏوڙو
        رت رويُون هنجون هاريان، نيڻن ننڊ حرام
3-     آءٌ سڄڻ هڪ ڀيري، منهڙو ڏيکاري وچ وري
        سوٺو ٺاهي سِر تي، وينديس محب مري
        آءُ پرين ويهه پاڙي، پاڙ ”اميد علي“ ساڻ انجام

 

 

 

انور شاهه

[1456]*

تيڏي ڪارڻ دلبر، راهه ڀليندي کَڙِي

1-      ننڍڙين ٻنڌڻيين ٻانهي، تيڏي هان مين جاني
        چِتڙي مَٿڙي لڳي قرب تيڏي دي ڪاني
        سؤ سؤ وار تئن صديق، مينديان مٽ ناڌڙي
2-     تخت هزارا ماهي، ڇوڙڪي آيا شاهي
        هير تَتِي دي ڪارڻ رنگپور ٿئڙا راهي
        ويس جوڳيان پائي، گهايئي گهوران گهڙي
3-     مست مگن عشق عطا، ذات تڏي چا ڪِيتا
        رڳ رڳ دي وچ رانجهو لُون لُون دي وچ سِينا
        شڪر ٿيا اي دل، وڃ ”انور“ نال اڙي

 

 

 

اسحاق اُداسي

[1457]*

تار تِکيءَ مان تار اچي، واهر ڪر ميهار مُٺيءَ سان

1-      لالڻ لهرن لوڏي آهيان، هوت ڪريو هِن پار اچي
2-     ڪرڳل ڪوچ ڪُنن جا ڪڙڪا، انهن منجهان اُڪار اچي
3-     واڳن وير ورايس ويتر، مدد ڪريو مختيار اچي
4-     اوکيءَ ۾ ”اسحاق“ اداسي کي مشفق مُنهن ڏيکار اچي

 

[1458]

تنهنجي حسن وڌس حيران ڪري

آءٌ اکڻ پرين احسان ڪري

1-      تنهنجا زلف سياهي مار مثل

واري وار ڪيئي تلوار مثل

ابرو ڏنگا آهن هار مثل

سي مزگان هنيا تو ڪانَ ڪري

2-     سڻو سرس چوان سينگار سندئي

آهن عين عجيب اسرار سندئي

لب شهد شَڪر گفتار سندئي

لک موهيا تو مهمان ڪري

3-     آهين سهڻن جو سردار به تون

سڀ صوبن جو سالار به تون

منڍ مڙني جو مهندار به تون

توکي رب سڏايو سلطان ڪري

4-     ”اسحاق اُدسي“ آهي سندئي

شب روز ثناگر شاه سندئي

سوالي محمّد درگاه سندئي

تنهن کي دُرس ڏيو ڪو دان ڪري

 

اڪبر

 

[1459]*

ٿيان ٿيان ڪر يا، ٿيڏي عشق نچايا هي

1-      ڳل پيشوازا سِر گجراتي، ڪنگڻ ڪڙيان نٿ مين پاتي
        مستان پيا پاءِ جاهتي، سي نه سانگي يار
                        تان مين سانگ بنايا هي

2-     ڏي سهاڳ سهاڳڻ ٿيوان، سهليان وچڍ تيڏي سڏيون
        هڪ گهُٽ جام وصالون پيوان، جڳ ساري وچ يار
                        تان مين مِهڻا چايا هي

3-     ڌوتي پاڳول جڻيان پئسان، تلڪ لڳا مين دُواري ويسان
        بُت اڳي مين سِيس نِويسان، عشق هويا سردار
                        ڪلمي ڪفر ڪنبايا هي

4-     ”اڪبر“ بره بانگ سڻائي، عاشق معشوق جماعت بنائي
        وچ وحدت دي مسيت ٺهوائي، عشق هويا امام
                        يار سلام ولايا هي

 

 

 

جَــلّــو

 

[1460]*

لڳو عشق عجائب عنبري، صاحب سڄڻ صورت سر جو

1-  عنبر عجائب مشڪ مکيائين، چوٽا تيل چندن چِڪيائين
     سون رپي سِر تاج رکيائين، ٿيو بخت بلند شاهه سڪندري
                                طلب طهورا تاب ڪؤثر جو
2-  جوهر جڙيو بئنسر ڪڙيو، سونيون سَريون ڳچي ڳل جڙيون
     مينا ڪاري چوٽي ڦل چڙهيون، هار هِنئين تي چندري
                                موتين مڙهيو موتر ماه مصر جو
3-  نڪ نيڻان آ ناف ته خوني، ڏند انار مثل لب رُوني
     مرجان لال ته سنگ مَئُوني، سِينڌ راتائين سنگهري
                                ٿيو ظاهر ظهور ته زيب ظُهور جو
4-  گام گُروجي گهر ويٺي گهاري، جام ”جلوّ“ کي ويا سينگاري
     ”فاذڪروني اذڪر“ آري، ڪندو قرب قرابت قلندري
                                هادي حضرت روز حشر جو

 

 

 

 

 

 

 

دلاور

 

[1460]

شال ڏاتو ڏيهه ڏيکاري

1-      وڄڙيون چمڪن، بادل برسن، تاڙو ٿو به تنواري
2-     ايندم عجيبا، تن جا طبيبا، مڙص وڌو آهيان ماري
3-     گهر تڙ گهوريم، ڏونگر ڏوريم، ڪارڻ ڪانڌ ڪوهياري
4-     چئي نه در مٽينديس، جانسين رب جياري

 

 

دين محمد

 

[1462]

رانجهن ڦيرا پيا هي، جوڳي بن ڪي ڪاڻ سواليا

1-      لامڪان مڪان تساڏا، هر صورت وچ وسدا هي
        ’ميم‘ ڪي چادر برقعا پاڪي، عشق دي ڪيتي آيا هي
2-     سڻو لوڪان نال رانجهن دي، عشق اساڏا اصلا هي
        ’قالو بليٰ‘ وچ قول ڪيتوسي، اُس ڪنون مُنهن نه موڙيا هي
3-     ”دين محمد“ ڪون خواهش ملڻ دي، ’درٻيلا‘ آڻ وکايا هي
        لڳي نشانبر نوڪ لوڪان، جانب جوش جڳايا هي

 

 

طالب

 

[1463]سر گاندري

دامن جو ننگ يار سڃاڻج، آهيان عيبن هاڻي

دامن جو ننگ پِير سڃاڻج

1-      ميءِ کي ڄائِي ميءِ مُهاڻي، آهي اڳ اگهاڻي
        راءُ ريڌو پنهنجي راءِ سان، مَرڪي سڀ مياڻي
2-     ٻانهي گولي اصل اوهان جي پورهيت ڀرينديس پاڻي
        در تنهنجي تي سانول سهڻا، آن جا مُلهه وڪاڻي
3-     سڪندي مون کي سال لنگهي ويا، وِره ڪيس ويڳاڻي
        محبت ماري ڪئي هان موڳي، تنهنجي نينهن نماڻي
4-     حال منهنجو آ معلوم توکي، ڄاڻ سڀو ٿو ڄاڻي
        لاءِ ڳچيءَ ڳل پنهنجي سهل، ڪوجهي توڙي ڪاڻي
5-      ”طالب“ جي دل دوست لُٽي وئين، ڏيئي گهورن جي گهاڻي
        اڱڻ اسان جي آءُ پيارا، پنهنجو ننگ سڃاڻي

 

 

 

عبدل

 

[1464]

ننگ ڀريا تون ننگ سڃاڻج، آس اميد نه لاهيان

1-      اُٿيو آڌيءَ ڪريان آهسون

درد ونديءَ جون سڻجان دانهون

پازي پنڻ لئي آيس آئون

پاند ڳچي ڳل پائيان، داتا در تان دان ڏيارياج

2-     سائل سوالي آيهان تنهنجو

تاهم تڪيو توري ڪنهن جو

نام وٺيو ويٺي آهيان تنهنجو

تو بنا ڪٿ دانهين، پريم پنهنجو پاڻ ڀلائج

3-     بي وسيلو جو آهيان بيڪس

عيب کڻي اءٌ ٿو در آيس

شان اِلاهي پنهنجو تون پس

گولي اگلي آهيان، ڍولڻ ڍڪ جو پاند نه لاهج

4-     عمر اجائي وڃايم ساري

بار بدن جو برسر باري

توبهه توبهه ڪريان زاري

عاجز ٿي ڪنڌ نائيان، هر دم حق تي هادي هالائج

5-      ”عبدل“ آهي عاصي اگلو

تنهن کي ڪريين سائين سگلو

مشڪل ميٽي ڪريين سولو

ڳڻ پرين تنهنجا ڳائيان، من جا مطلب پورا پڄائج

 

[1465]

سُڌيون سڻي ساڻيهه جون ڳوڙها پيم ڳڙي

ماروئڙن سان منهنجي آهي جيءَ جي جڙي

1-      اصل لاڪون منهنجو مارُو سان آهي مَنُ

ساه منهنجو ساڻيہ ۾ تو وٽ آهي تَنُ

موڪل ڏي ملڪ وڃان، ڪڍي ڇڏ قيد ڪڙي

2-     سرتيون سڀ ساڻيهه ۾ کليو کير پين

آءٌ بندياڻي بند ۾ آيس منجهه نِيَرن

وس منهنجي جي هجي ته گهاريان هت ڪين گهڙي

3-     منهنجا ماروئڙن تي آهن حرف هزار

ڪانه لڌي ڪا منهنجي سرتين سار سنڀار

سُڌ نه لڌائون منهنجي آيو ڪونه لڙي

5-      سانگين ري هٿ سومرا منهنجي ڪين سري

ماروئڙن جي محبت ۾ ماندي مُنڌ ٿي مري

عبدل“ چوي اُن سان آهي دلڙي اَڙي

 

 

 

حاجي عبدالله سومرو

 

[1466]

اکيون اٽڪي عجيبن سان، وٺي گهر عشق کي آيون

1-      اکين کي آهه اوراتون، پرين سان پيچ جن پاتو
        لڳو تن نينهن جو ناتو، سڄڻ هڪ گهور سان گهايُون
2-     هڻي رمزون ٿين راهي، وجهي ڳل عشق جي ڦاهي
        ڏيئي ڪا دوست دلخواهي، اڱڻ مون پير وڃ پايون
3-     جني جي جاءِ جٿ ناهي، اتي سورهيه وڃن ڪاهي
        سانگو سِر ساه جو لاهي، خوديءَ جي خيال کي کانيُون
4-     بيوس دل يار سان اَڙجي، محبت ۾ وئي مڙهجي
        ڪامل جي قرب سان ڪَڙجي، سوين سِر ٿا ڏين نايُون
5-      تنهنجي ديدار لئي دلبر، سدائين ٿو سڪان سرور
        پَسايو پاڻ مون هيڪر، لکين ڳُڻ تو سندا ڳايون
6-     آهي ”عبدالله“ آسائو، ملڻ ڪارڻ پِياسائُو
        ڪري شفقت شناسائو، ورڻ جون وير ڪر وايون

 

 

 

 

ڪندن

 

[1467]

جهِرمر بادل جڳ مڳ لائي

ڪڪرن ڪيا رنگ ڪارا وي

1-      گڙگڙ گوڙ ٿيون گجڪارون، نؤنَت وڄڻ نغارا وي
        بادل برسي بوند وسائي، تئڙا مينگهه ملارا وي
2-     ڇوهو کوهو ڏئي ڇلڪارون، گهٽ گهٽ گهيڙ ۽ گهارا وي
        وهَ وهَ وسڻ لئي آيون وڄليون، ڇم ڇم ڪري چمڪارا وي
3-     ڇوهو کوهو ڏئي پلڪارون، گهٽ گهٽ گيڙ ۽ گهارا وي
        دم دم ڌارا وسي چوڌارا، نم نم وهن نيسارا وي
4-     کؤنر کِيٽَن ۾ کنڀيون کٿوريون، گل ڦل گاه گولاڙا وي
        ٿيون گلڪاريون ۽ گلزاريون، ساوا ٿيا پٽ سارا وي
5-      هارين نارين ڪُڙمين ڪيڙا وِرد خوشيءَ جا وارا وي
        ريج ڏسي تن هيج منجهارئون ڀريا ٻِجن سين ٻارا وي
6-     ”ڪندن“ وڃان قربان قرب مان پسندي پاڪ نظارا وي
        سِنڌ سُڪارِي چئو نَر ناري، ڏيئي قلب قرارا وي

 

 

 

 

 

يوسف رنگريز

 

[1468]

آهي آڳ عاشقن جو مرڪ، سي مرجلن جولان ۾

ريءَ پڪي سڏبــا ڪَچا محبــت سنــدي ميــدان ۾

1-      هردم حُسن جي هُوءِ ۾، خوابيا وتن خوش خوءِ ۾
        رمزان ڏسي تنهن روءِ ۾، عاشق ڦِرن بيبان ۾
2-     شمع پسيو شوقئون اچن، تِر نه هڪ پوئتي پون
        هڪدم اچي حاضر ٿين، توڙي هجن طوفان ۾
3-     عاشق ٿيا ٻڪرا وتن، هردم آڏيءَ تي پيا ڪُسن
        ”يوسف“ يقينئون آئيو، بِره جي بُستان ۾

 

  

باب پنجون

14- صدي هجري جي پهرين ڏهاڪن واري دور جا شاعر

 

(الف) سلوڪي سلسلن جا شاعر

 

درگاهه جهوڪ شريف جا طالب شاعر

 

پير محمد زاهد ”مشتاق*

پير صاحب محمد زاهد شاهه عرف پيرل سائين صوفي القادري ولد پير ابراهيم شاهه ”بنگلي ڌڻي“، شاهه عنايت شهيد جو ستون نمبر گادي نشين هو. تاريخ 8- ذوالحج 1292هه/1875ع تي وفات ڪيائين.

[1469]

بنائي بيک بازي جو عجب اسرار ٿي آيو

1-      جاني جنسار سان جهاتي، خيمي خاڪي منجهؤن پاتي
        ڪري هٿ ڪارگر ڪاتي، بِره بردار ٿي آيو
2-     پاتائين خاڪ جو چولو، رکيائين رمز ۾ رولو
        ڀڳائين ميم جو ڀولو، سپہ سالار ٿي آيو
3-     ٿيو سرمد سندو ساقي، اندر عطار اوطاقي
        ڪڏهن منجهه نور لولاڪي، دولهه درڪار ٿي آيو
4-     ڪٿي معشوق ڪٿ عاشق، ڪٿي ”مشتاق“ ڪٿ مالڪ
        ڪٿي خلقيل ڪٿي خالق، آخر اظهار ٿي آيو

 

فقير خير محمد ”صوفي*

فقير خير محمد ولد فقير عبدالعلي ولد صوفي محمد صديق ”صادق“ سنه 1258هه/1868ع ۾ ڄائو. ننڍي عمر ۾ ئي يتيم ٿيو، جنهنڪري سندس تربيت ۽ پرورش سندس چاچي صوفي شهاب الدين وٽ ٿي. سنه 1348هه/1929ع ۾ وفات ڪيائين. ذڪر ۽ فڪر جي تلقين صوفي عبدالستار جهوڪ واري کان ورتائين. باقي شاعري ۽ فقيري کيس ورثي ۾ ملي هئي. سندس 2 قافيون هيٺ شامل ڪيون ويون آهن.

[1470]

ڏاڍو ڏکيو صوفيءَ جو سير، عجب اسرار اونهو آهي

1-      جڏهن وڃي هي تڏهن ٿيئي هوء، ڏکي آهي ڏاڍي اها جوء

اچي ات بيرنگي ٿي بوءِ، وڃن ڪوڏيا ڪي ڪي ڪاهي
2-     وڃي ڏٺو جن ايهو پنڌ، تنبن مونن ۾ نايو ڪنڌ
        ڏٺائون رِند ٿي اهو رند، نديون نيڻن منجهان واهي
3-     چيو منصور ’آءٌ اهو حق‘، لٿس جڏهين سڀوئي شڪ
        اندر اثبات ٿيو هو حق، چرهيو ڪيئن پوءِ وڃي ڦاهي
4-     ڪٿي آ ”خير“ ڪٿ ”محمد“، ڪٿي آ عبد، ڪٿ احمد
        ڪٿي ”صوفي“، ڪٿي سرمد، ڏسو سمجهي صفا چاهي

 

[1471]

تيرت تنهنجو تو منجهه آهي، واري ڳول وجهود

1-      مڪو مدينو تو منجهه ٿيڙو

ٻاهر وڃي ڳولين تون ڪهڙو

سر نوائي ڪر سجود

2-     ڪاشي گنگا ٻاهر ناهي

ڳولج پنهنجي اندر ۾

منجهيئي لقا ۽ منجهه معبود

3-     من پنهنجي کي ڇڏ تون ماري

وهجان اندر ۾ ڏيئو ٻاري

نفس ندوري کي ڪر نابود

4-     ”خير محمد“ ٿو جوڳي چوائين

رام پنهنجو تون ڇو نه ريجهائين

ڪهڙو لائين بت کي ڀڀوت

 


[1444] عجيب نيون قافيون ڀاڱو 3، ڄيٺمل حيدرآباد، 1925ع.*

* [1445]کان  [1447]  ”بلا شاه جون قافيون“ ڇپايل هريسنگ شڪارپور، 1922ع.

* [1448]اُتم رس“، ڪلراچي، 1911ع.

* *  ”تذڪره لطفي“ (جلد ٽيون) 53-1952ع تان ورتل.

* [1451]  کان  [1452]  ”بلا شاه جون قافيون“ ڇپايل هريسنگ شڪارپور، 1922ع.

* [1453]  ”ڪلام جتوئي“ عرف گلن جي ٽوڪري، ويڙهومل کٽڻ مل تاجو ڪتب لاڙڪاڻو تان ورتل.

* [1454]  ”چنبيلي ڪلام“ (رساله عاشق ڪلام)، ميشرس خوبچند ٽيڪچند شهنشاهي ڪتبخانه شڪارپور، 1923ع. (؟)

* [1455] تعلقي اوٻاوڙي مان محمد عالم شور خانپوري کان مليل.

* [1456] تعلقي کپري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل.

* [1457] ۽  [1458]  عبدالڪريم پلي کان مليل.

* [1459] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.

* [1460] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* سوانح ۽ قافيون امداد علي لغاري ولد نواب بهاول خان ويٺل تاجپور ضلعو حيدر آباد کان مليون.

* *  وڻجارن وايون“، اداره نواءِ ادب، 1961ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org