محمد اڪرم
محمد اڪرم خان ولد آدم خان پٺاڻ، شڪارپور جو رهاڪو هو. سنه
1841ع
ڌاري
ڪڙيي عطا محمد تعلقي شڪارپور ۾ ڄائو، غلام محي
الدين شاهه جيلاني راڻيپور واري جو مريد ٿيو. عابد
زاهد ۽ موسيقيءَ جو ماهر هو. سنه 1323هه/1905ع
۾
وفات ڪيائين. سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪلام چيائين، سندس
ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون*
[1041]
هُت
ٻولَ ٻَڌي
آئين ٻيو
هِت نينهن لائي ويٺين نانءَ سان.
1- ”وفي
انفسڪم“ تو وٽ تنهنجو، هوت هميشه هيو
آندئي عار ڪهڙي امڪان سان
2- ”قالو
بليٰ“ ڪالهه قريبن، قول ڪڏهن تو ڪِيو
پئين پور ڪهڙي پيمان سان
3-
ملڪ ايندئي موت جا، رَتي نه رکندءِ - ريو
ڇڏي اوج ويندين ارمان سان
4-
تون تڪيو سمجهي ٿوڙ جو، کَرَ وتين نِت کِيو
موڳا محض مٽي واري مان سان
5- ”اڪرم“
سڀڪنهن سنجهه صُباحين، پار وڃن نيٺ پيو
ڪهڙي منٿ ڪرين مهمان سان
[1042]
مارو تون مِيل اَسِيرَ، ساه جنين کي ٿو ساري
1-
راتيون ڏينهان مون کي مارن جي، عاقل آهي اُڪيرَ
مهڻن وڏو مَنُ ماري
2-
سرتيون ساهيڙيون ويڙهه وسن ٿيون، محبت تن جي مِيرَ
راتيان ڏينهان ٿي رئاري
3-
کاڄ کِيَڻ ريءَ مارن جي، وِه ڀانيان ٿي وِير
ڏيل ڏکن وڏو ڏاري
4-
چوي ”اڪرم“ نانءَ الله جي، ڪڍ زوراور زنجير
واڳ وطن تي وڃان واري
[1043]
عشق تنهنجي ڪيو رنجور، محب تون ڪا ڪر ملڻ
1-
درد حُسن جي ڪيس ديواني، چاڪن ڪئي هان چُور
تون ڪر ڪا يار ورڻ جي
2-
باهه برهه جي ڪري ٿي ڀڙڪا، ساڙي جنهن ڪيو ڪلور
ڳالهه ڪرين ڪا دوست ڳنڍڻ جي
3-
راتيان ڏينهان عشق تنهنجي جا پلپل پون ٿا پُور
پر تئون ڪريو ڪار پسڻ جي
4-
چوي ”ڪرم“ حڪم هادي جي، حاصل ٿيندو حضور
ريت ڇڏي ڏي بار رسڻ جي
[1044]
ڪڏهن آ وين تون ساڏي ڪول
محب مٺا تون دلبر ڍول
1-
ننڊ نيڻان نون مول نه آوي، درد ڪيتا جا دل هول
2-
سڪ سڄڻ تيڏي ڪيتا اداسي، جهنگ رهيان سارا ڳول
3-
باهه برهه دي برسر ڀڙڪي، رڻ ۾ رُلي ڪُن نه رول
4-
آکي ”اڪرم“ نانءُ الله دي، آ ٻهه ٻهڳڻ تون ٻول.
[1045]*
ماندي آن وي مر جانديان
تيڏي ديدار ٻاجهون وو ماندي آن
1-
ڪٿ جدائي ڏور ڪيتا
ٻهندي ايڏا سور نه سهندي آن
2-
ديس ڇڏي پرديس آياسي
ڪنهن ايرادي مئن آندي آن
3-
راتيان ڏينهان ڳالهايان تيڏيان
ڳلي ڳلي مئن ڳاندي آن
4-
در تيڏي تي سهڻا سائين
بانديان دي مئن باندي آن
5-
اڱڻ ”اڪرم“ دي آءٌ پيارل
باندي ڳچي مئن پاندي آن
سوڀو فقير لغاري
سوڀو پٽ احمد خان لغاري بلو، تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ داد
خان لغاري جو ويٺل هو. اندازاً 1819ع/1213هه ڌاري
ڄائو ۽ نوي ورهين جي ڄمار ۾ 21- ذوالقعد
1907ع/1325هه ۾ وفات ڪيائين. فقيرن ۽ درويشن جي
صحبت ۾ رچي لال ٿيو. آخر پنهنجي ڳوٺ کان ڪجهه
مفاصلي تي مسجد وغيره جوڙائي آستانو ڪيائين، جتي
راڳ ۽ سماع جي مجلس ۾ مشغول رهندو هو ۽ سماع ۾ زار
زار روئندو هو. ”سيئڙي“ (بهاولپور رياست) جي مشهور
بزرگ خواجه محڪم الدين سيئرائي جو مريد ٿيو هو.
سندس چيل 15 قافيون نظر مان گذريو.
[1046]
آيا عشق ڳلي بازار ڏٺم، وچ جلوي جوش هزار ڏٺم
1- ”وفَاينما
تَوَلوا“ سهي ڪيتوسي
هر هر پاسي محب مليوسي
جٿ ڪٿ سهڻا يار ڏٺوسي
هي دل ڪون بس اعتبار ڏٺم
2-
نان غيران دا ڪوئي غير ڏسي
نان ويريان دا ڪوئي وير ڏسي
سڀ ”صاحب السيئر“ دا سير ڏسي
انهين دل وچ سڀ ديدار ڏٺم
3-
سئي سهڻيان دي ات ناز ڏٺم
آ ڦاٽي اُت شهباز ڏٺم
ڪَئي رمزان دي وچ راز ڏٺم
هِن چشمان دي چمڪار ڏٺم
4-
بس ”سوبا“ يار يقين ڏٺم
جڏان صورت احمد الدين ڏٺم
اها طلب اُتي تعلقين ڏٺم
وچ سِر انهين اسرار ڏٺم
[1047]
ديدان لڳيان نال ماهي دي
نهين ڪنهن دي سمجهاوڻ ديان
1-
رونديان رونديان رڄديان ناهين
بدلان وسن جيوين ساوڻ ديان
2-
جي مئن جَهلان، جل جل وينديان
اي مول نهين هٽڪاوڻ ديان
3-
راتين ڏينهان کڙيان ڳُلينديان
واٽين يار دي آوڻ ديان
4- ”سوڀا“
صفتان ”سيئڙي“ واليان
ڳالهين اي مهن ڳاوڻ ديان
[1048]
بازي برهه جو لاتي هئي، جنهن ڄاتي هئي تنهن پاتي وي
1- ”موتوا“
والا سبق پڙهيو وي، عاشق جيندي مرڪر جيوي
جهول پيالا عشقئون پيوي، سرڪي صاف حياتي وي
2-
عاشق سؤکا نام سڏاوڻ، مشڪل ياروپ! سر ڪپاوڻ
ميل ملامت سر تي چاوڻ، گوءِ پڌر تي لاتي وي
3-
بازي هئي وت اوکي اڙانگي، نه ڪر ڄاڻي سورهه سهانگي
مشڪل يارو ملهه مهانگي، ڪهه ڪهه والي جهاتي وي
4- ”سوڀا“ ويکو بازي دي ڦيري، نفس شيطان ڏونهين ٿئي ويري
بازي چاوڻ سر تي سهري، مارن ڪلب سي ڪتي وي
[1049]
سوهي لعل شالون سڄڻ سر سونهن ٿا
موتي مست ماڻڪ سي مرڪيو موهن ٿا
1-
ڏيو ذوق زريان سي زيور ضروري
ڇٽي زلف ڪالي سي قاتل ڪلوري
آون ڳل ول ول سي ڦاهيون پون ٿا
2-
موهيا مانگهه ملڪن چيري لال ڪيسر
برهه جا بڇيا ڀلي بولو بينسر
زنخ چاهه پلپل سي عاشق ٻڏن ٿا
3-
ڪنين وچ والي سونهن واهه واليون
ڪرن جنگ جهيڙو سي ڪيفي ڪلاليون
آون هِل مل ڪي سي هامان هڻن ٿا
4- ”سوڀا“ سمجهه صورت سڄڻ ڪي سبحاني
بڻيو خوب خرقو تجلو نوراني
عجب ناز نيڻان سي مُل ئي مڻن ٿا
[1050]
ڪوٽ عمر مون کي قسمت آندو
الا مارن سان منهنجون باتڙيون
1-
روز اچن ٿا نوان نياپا، ڳالهيون تن جون جيءَ جا
جياپا
اَلا نت نهاريان ٿي واٽڙيون
2-
رات سُتي سانگيئڙا ساريم، ساڻ ساهيڙين ڳالهيون
ڳاريم
اَلا ڇاتيءَ سان لاتئون ڇاتڙيون
3-
وڻن وطن جون واريون وڇايون، پر نه وڻن هي پلنگ
پٿاريون
اَلا ڪوٽن کؤن ڀليون ڪاتڙيون
4-
سڪ ”سوڀي“ جي دل ۾ آهي، مارن ريءَ ڪنهن کي معلوم
ناهي
اَلا روئي گذاريان راتڙيون
[1051]
پاءِ جهاتي سُوبَسُو، ڀُل نه تون عاشق ادا
1- ”ونحن
اقرب“ رک نظارو، رُل نه ناحق ڪُوبڪُو
2-
اصل سمجهڻ پاڻ پنهنجو، مارِ دُني جو عَدَو
3-
حاضر ناظر محب منهنجو، آهِ صورت هوبهو
4-
سڪ منجهان ”سوڀل“ چوي، اڄ يار سان ٿي روبرو.
مير غلام نجف خان ”غلام“
مير غلام نجف خان ”غلام“ خيرپور جي ميرن مان پنهنجي وقت جو وڏو
حڪيم ۽ سٺو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. اسي ورهين
جي ڄمار ۾ 1320هه/1902ع ۾ وفات ڪيائين.
[1051]
ڏاڍي جتن جي ذات اديون
منهنجو پنهل وٺي ويا رات اديون
1-
موليٰ ميڙ مَين جون مهارون
ڪن ته جبل کي جهات اديون
2-
کائڻ پيڻ زهر ٿي ڀانيان
وائي پرين جي وات اديون
3-
سرڙو ڪپيان مون پنهنجي هٿن سان
ڪڍي ڏيو ته مون کي ڪات اديون
4- ”غلام نجف“ چئي سر سيد تي
برهه اُٺي آ برسات اديون
مير راض محمد خان ”عاشق“
مير راض محمد خان خيرپور ضلعي جي ڪوٽ مير محمد خان واري مير
غلام حيدر خان ثاني جو پٽ هو. فارسي ڪلام جو گوهر
هو. سنڌي ڪافي گو شاعرن ۾ سٺو شاعر هو.
[1053]
واڳون وطن تي واريو سائين، محب مئيءَ کي نه ماريو
1-
ساهه سڄڻ کي ٿو ساري، دل دلبر نه وساري
محب مئي کي وئين ماري، انهي ڳاراڻي ڳاريو
2-
دل ۾ ڪيو درد ديرو، جانب ريءَ جلي جيرو
ڪون ڪيو يار ڦيرو، مونجهاري انهي ماريو
3-
گولن جي گولي آهيان، سڱن سينو ڪهڙو ساهيان
ڳڻ اوهان جا ويٺي ڳايان، رئان يار کي ساريو
4- ”راض محمد“ کي سڪ تنهنجي، گهڙي گهڙي آهي اهنجي
مانَ ڪيو گولي پنهنجي، پيالو پرت مئون پياريو.
[1054]
ديدان ديدن سان اي ويون، هاڻي چشم ڪير چوري
1-
دام زلف جا قابو جو پيڙا، ڪير سگهي ڇني ڇوڙو
2-
ابرو واريون تيز تراريون، سيني هنيون جانب جوڙي
3-
پيڪان پنبڙين جا هن نڌر کي، دوست ڏنا آهن کوڙي
4-
عشق اوهان جي آتش لائي، نينهن وڌو آهي نهوڙي
5-
اڱڻ اسان جي آء پيارا، قدم قدم تئون وچان گهوري
6-
تو بنا سهڻا حال اندر جو، ڪنهن سان نڌر ويهي اوري
7- ”راض محمد“ کي راتيان ڏيهان، سڪ اوهان جي وڌو جهوري.
چاڪر خان رستماڻي
چاڪر خان رستماڻي بلوچ، ويٺل ڇني تعلقي جوهي جو، سنه 1840ع ڌاري
ڄائو. سنه 1910ع ڌاري وفات ڪيائين.
[1055]*
منهنجون مارن سان ٿي ڳالهڙيون
ڪو دم تو وٽ قسمت آندو
1-
جنهن ته اسان کي ننڍڙي نپايو
امر نصيب هت کڻي آيو
هُت جان پڪيون ٿن جالڙيون
2-
آهي سدائين سڪار سنگهارن
ويڙهه وڃڻ جو ڪو پهه ته پنهوارن
سانگي ڪي لهندا سنڀالڙيون
3-
اچن پنهوار پَکي منجهه پيهي
حال ونڊينديون ڪي سرتيون سڀيئي
ڪن منهنجي ملڻ جون مقالڙيون
4- ”چاڪر“
مول وڻن نه ٿيون ماڙيون
هُت پڪيون ٿي ڪي ڳاڙهيون ڳانيون
پوءِ لام لُڏن ٿيون ڪي لالڙيون
[1056]
اسان نون شوق ملڻ دا ٿيا بسيار
مُنهڙا ويکان مين شال صنم دا
1- ”احد“
بدل
ڪر ”عبد“ سڏايئي
منهڙا ويکان ڪي ملڪ منايئي
وچ عرب دي ڪر سينگار
منهن ڏتئي مخلوق آدم دا
2-
نال ماهي دي نينهڙا لاتم
يار برهه دا برسر چاتم
زلف سهڻي دي ڳل جڻيا پاتم
عشق سهڻي دا ڪر اختيار
ووڙيم رستا دير و حرم دا
3-
مُک
رانجهن
دا قبلهء اطهر
ابرو ڏونهين
محراب منور
حسن
هادي
دا حج هي اڪبر
سجدا ڪيتا مين تنهن ڪون تڪرار
سمجهه ڳيا ڪُل دين ڌرم دا
4-
حال حسن دا آکان ڪيها
سرَ و قد نه دلبر جيها
پيدا ٿيا نه ٿيسي ايها
ويک ماهي دا گل رخسار
خجل ٿيا باغ ارم دا
5-
حسن تيڏا عالم بردا
تون هين مالڪ جن بشر دا
آهه ڪريندا ”چاڪر“ دردا
ڪون
مڪان دا
تونهين سردار
مالڪ ملڪ وجود آدم دا
(ب) فيض دريا شاهه ”ميرل“ ۽ سندس سلسلي جا شاعر
فيض دريا شاهه ”ميرل“
سيد فيض محمد شاهه ولد پير شاهه جيلاني، فيض دريا جي نالي سان
مشهور آهي. 1863ع ۾ ڄائو. سندس والد نوشهري جي
درويش شاهه نصير جو طالب هو ۽ پاڻ به ساڳي درگاهه
جو معتقد هو. شاعريءَ ۾ ”ميرل“ تخلص طور ڪم
آندائين. ميرل فقير جاگيراڻي بلوچ هو ۽ ڪنڊڙي روحل
واري جي ڀرسان رهندو هو. فيض محمد شاهه جو طالب ۽
مريد هو، ۽ فيض محمد شاهه جي ساڻس محبت هئي. فيض
محمد شاهه سنڌي ۽ فارسي علم پڙهيو، درويش ۽ سالڪ
هو. مستيءَ ۾ بيخود ٿي ويندو هو، ۽ سمورو ڪلام
بيخودي واري حالت ۾ چيائين. سڄي عمر لوڙهي ۾
گذاريائين ۽ جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار
ضلعي شڪارپور ۾ چڪ شهر جي ڀرسان ”هَنباه“ (انباه)
۾ آهي. سندس اندازاً ٻه سئو ڪلاڪ نظر مان گذريا.
[1057]
روپ آسا*
اسين رند رهبر مست آهيون
بيشڪ بيخود ڪمربست آهيون
1-
مُرع يگانا آهيون شاهي
بيرنگ اسان جـــي آهـــي بادشاهي
سِرُ سِري آهيون نور الاهي
جذبي جام جلالت جُست آهيون
2-
علم الاهي ٿا فرمايو
هاج هجڻ جي ٿا ڪُل وڃايون
ڳيت انالحق ٿا ڳايون
طالب تونهين توسان تُست آهيون
3-
رهبر آهيون راز آزلي
واحد وحدت ۾ آهيون وصلي
ذات مقدس آهيون اصلي
خالص خيال خدائي خست آهيون
4-
سجحاني ما اعظم شاني
الانساني سِرُ سبحاني
فاذ ڪروني نام نيشاني
حاضر حال همت هست آهيون
5-
اناالحق آه خيال منهنجو
انت الحق آهِ احوال منهنجو
ثبت الحق آه وصال منهنجو
هُو الحق سان چُست آهيون
6-
عشق اسان جي آه امامت
نور ازالي
آه ولايت
”ميرل“ سان آه ماڳ مداهت
عين صوفي صاف صفت آهيون
[1058]
روپ تلنگ
قلندر نه خطاب، منصوري آه راه منهنجو
1-
عشق عبيدالله وارو، شمس قمر شوق شتاب
قُم باذني آه ساه منهنجو
2-
آدهمي آه عشق منهنجو، بُلا شاهي باب
اجميري آه ارواح منهنجو
3-
حُسيني آه حال منهنجو، جنيدي ته جواب
بايزيدي آه بقاءُ منهنجو
4-
مُلڪ غوثي آه ”ميرل“ منهنجو، فريد شاهه فيضماب
شاه لطيفي آه لقاءُ منهنجو
[1059]
مٿي اُڏاڻو باز، ڪَپي مُرادان ڪُلي
1-
اچي اندر مؤن پيا ٿيو، اَناالحق جو آواز
2-
ثابت نينه نفي ڪيو، سڙيو هئڻ جو ساز
3-
بيخودي جي بحر ۾، شوق ٿيو شهباز
4- ”ميرل“
هن مسڪين تي ٿيو الاهي راز
[1060]*
ڪفر نڪو اسلام سَنيان، صبح نه ڪوئي شام سنيان
هر جا هردم يار سوڀارو
1-
دوئي نه ڪوئي دام سنيان، خاص نه ڪوئي عام سنيان
جاءِ نه ڪوئي مقام سنيان، سِرُ سمجهه تون پنهنجو
سارو
2-
حضرت عشق ارباب ۾ وَهُ، بيخوديءَ جي باب ۾ ڪَهُه
ڪپ دوئي جو دام سنيان، اناالحق جو ماري نعرو
3-
ٿي برخيز تون مرد ميانؤن، اڳي ٿيءَ لنگهي آسمانؤن
بيخودي جو پي جام سنيان، هن وجود جو ڪري وسارو
4-
ترڪ وجود ته واصل آهين، رهبر ربوبي ته ڪامل آهين
ابهوئي ته انجام سنيان، لامڪان ۾ آڏرنئي اوتارون
5-
مَحو ٿي تون ”ميرل“ سائين، جا ڏهون آئين وڃ اوڏانهين
ٻڌي ”موتوا“ وارو ڪلام سنيان، وطن وڃڻ ڪر تون وارو
[1061]
پنهنجي خيال ڪريم کي، مٿي عرش اُڏاريون اُڏار
1-
بنا عرش وڦڻ جي، ٻي وائي سڀ واريون وارِ
2-
سعيو ڪري سچ اُنهيءَ جو، هي ته وجود وساريون وسارِ
3- ”مُوتُوا“ واريءَ موج ۾، طالب طلب سان اريون تارِ
4-
بيخودي جي بحر ۾، پاڻ اوڀارو اوڀاريون اوڀارِ
5-
بره بقاءَ ازل جي کي مين، صوفي سنڀاريون سنڀاريون سنڀارِ
6-
طرف ميخاني جي ”ميرل“ سائين، نظر ڪري ته نهاريون نهارِ
[1062]
روپ آسا
هنئون هاج هجڻ جي ڇڏ وو
آئي لاحد ڏي عاشق لڏ وو
1-
دل ته پنهنجيءَ کي دلبر سائين
اڏيا اوڏنهن آڏِ وو
2-
سِر سڃاڻ ته ساڳو آهين
ناهين ڪنهن جي هڏ وو
3- ”فاذڪُروني اذڪرڪم“ ميان
يار سڄڻ کي سڏ وو
4-
ماڳ ميخاني جي ”ميرل سائين“
خيال پنهنجي کي گڏ وو
[1063]
وسري ويون ٻيون سڀ رايون
باتيون عجب عشق ٻڌايون
1-
عشق عقاب ميان خيال منهنجي کي الا
وڃي چنبن منجهه چايتُون
2-
درد گداز ميان سر منهنجي تي الا
سوز سٽي سرواهيون
3-
نانگا مليا ميان ناٿ پنهنجي کي الا
جوڳي ڇڏي پنهنجون جايون
4-
ماڳ ميخاني جي ميان ”ميرل سائين“ الا
ڪامل ٿي وڃ ڪاهيون
[1064]
ٿيو آ راضي مڱڻهار، قتل هو يا روبرو
1-
ٻيجل ويهي تند ٻُرائي، لاڳ لاحد جي مون سان لائي
طالب وڃائي تار، وصل هويا سُوبستُو
2-
طالب ويهي هنيو ترانو، برخيز منجؤن ٿيو پرت پيمان
نينهن ڪيائين نروار، قرب هو يا ڪُبڪنُو
3-
عاشق ويهي آغاز ڪيڙو، اَنالحق آغاز ٿيڙو
لاحد ڪيائين للڪار، هيڪل هويا هُبهنُو
4-
جام پريم جو ساقي پياريو، رب ارنيءَ جو ”ميرل“ درس
پڪاريو
درشن نور ٿيو انوار، طلب هوئي جُوبجُو.
[1065]
ڪنهن ڇُوهي ڇوهي
(1)
نياسين، ڪنهن تکڙي واء وياسين
ڪاهي پورب منجهه پياسين
1-
مهند اسان جي مرسل ٽيڙو، اسان لانگها سڀ لنگهياسين
2-
آيو اوٿرُ (2) اصل پيدا ٿيو، اسان مرڻ کان ته ڇٽياسين
3-
موج اسان کي بيخود ڪيڙو، اسان مُوتُوا مري جياسين
4-
کڻي کوهو خيال جو ميان، اسان هڙئون پڳهه پٽياسين
5-
ڏيئي ساندارو سڪ جو، اسان تختا تهبارون ڪياسين
6-
بحر اعظم آه ٻي بات نه ڪائي، تنهن ۾ ”ميرل“ نيئي ته
ملياسين
[1066]
لنؤ لنؤ ۾ لوري لائي ويا، جانب جوت جڳائي ويا،
1-
ونحن اقرب ويجهڙو، برهين بات بنائي ويا
2-
مُرليون سُرليون ناد نفيلون، ويراڳي ته وڄائي ويا
3-
فيض ڀرئي مرشد فيض رسايو، ناچو عشق نچائي ويا
4-
پاڻ بيهي ويا پورب ۾، لاحد خيال لڏائي ويا
5- ”ميرل“ منهنجي ماڙيچا، گُهورن سان دل گهائي ويا
[1067]
ايسا ڪوئي جوڳي آيا، پورب ويس والا
ويکڻ سيتي مئن حيران رهيان، جلوا عين جمالا
1-
موج سيتي ماهي مرلي وڄيندا، پاڪي ڪنين ڪڙولا
رستا مونڍ مُنڊاتا تنها، مست الهه والا
2-
رهبر مُجهسي رمزان لايا، ميڏا ڀاوا قيد ڪشالا
اُڏ اُڏ جاتي هون مين اُوپر، مين هون بيخود بيشڪ
بالا
3-
ڪيا ڪهون ري ڪيا ڪهون، جو حسن ماهي دا افضل اعليٰ
تاب اسي ڪا ويک ڪراهڻ هويا نرگس خجل خجالا
4-
فيض رساني هادي ڪيتي، نه ته ”ميرل“ هو يا نه اُبالا (1)
همدم هادي حاضر ناظر، ٻهون هو يا خوشحالا
[1065]
محب ماروئڙا وو، ماڙ ڪندا منهنجي
ماڙ ڪندا منهنجي، ايندم اباڻا
1-
لڏي ويا لاحد ڏي ڏاها ڏوٽيئڙا وو
ويهن ڀٽن تي اڏي ڀاڻا
2-
رت جن جي رڃ ۾ آديسيئڙن وو
مست ميثاقي اُهي وَتن وڪاڻا
3-
سدا رهن ٿا سڃ ۾ جانب جوڳيئڙا وو
مون کي تن جا اچي سور ساماڻا
4-
وصل آهن وس سان صوفي ساميئڙا وو
ننڌر کي نيندا رهبر راڻا
5-
دانهن ڪيان ٿي درد مؤن، جوش ڪيون هَن جاڙان وو
حال حلاجيءَ مؤن جذب جالاڻا
6-
عاشق آهن پنهنجي شؤق جا سالم سانگهيڙا وو
طالب الله جا ساه کي سيباڻا
7- ”ميرل“ ويا ميخاني تي خالص کٿيئڙا وو
ڪيون مهاڙ اوڏهين ڏيان ٿي اوراڻا
[1069]
روپ جوڳي*
عشق شوق شهادت، اهو حال مون تي آيو
1- ”اُقتلوا
في حب ذات الله“ قديمي ڪرامت
واحد وصال مون تي آيو
2-
سر ڏيڻ جي يار سڄڻ کي، سا ٿي منهنجي سخاوت
جن جو جلال مون تي آيو
3- ”موتوا
قبل انتموتوا“، ساري روشن ولايت
جو نُور جمال مون تي آيو
4-
اڳي ”ڪن فيڪون“ کؤن، منهنجي ٿي آهي امانت
قرب ڪمال مون تي آيو
5- ”سبحاني
ما اعظم شاني“ بره بقاء مدامت
خاص خيال مون تي آيو
6-
ماڳ مئخاني جي ”ميرل سائين“، صوفي صحيح سلامت
ڪيف ڪلال مون تي آيو
[1070]
روپ آسا گجري
مرجان باه بره جي ساڙي
مَرجان چوٽ عشق جي چاڙهي
1- ”موتوا
قبل انت موتوا“، قرب ڪيچيءَ جو ڪاڙهي
2- ”فاذڪروني اذڪرڪُم“، پرت پنهل تو پاڙي
3- ”انالحق“ وجود منهنجي کي، آتش ٿي سبق پاڙهي
4-
ماڳ مئخاني جي ”ميرل سائين“، وحدت ٿي وڃي واڙي
[1071]
ڏاڍي عشق آفات، وڃيندا ڪُلئي بات ميان
1- جنهن
سِر آوي موج جڳاوي
هڪدم سوريءَ تي سِر چڙهاوي
ڪُهندا هي ريءَ ڪات
پوندا هي جڏان جهات ميان
2- عشق
خون جگر دا کاوندا هي
اڱڻ جنهن دي ڦيرڙا پاوندا هي
ترڪ ڪري طاعات
ماضي ڪري مصلحات ميان
3- عشق
منصوري دا منصب وانداهي
من خدايم آپ فرماوندا هي
حق حق وائي وات
ٻي نه آليندا هي لات ميان
4- عشق
”ميرل“ موتنوا قبل مريندا
مٿي افـلاڪين قــدم ڌريندا
ترڪ ڪري چا صفات
ڏسيندا تڏاهين ذات ميان.
[1069]
روپ مانجهه جوڳ
ڪامل ڪاڻ الله، روز شب جلندا ويا
رمز انهيءَ رلندا ويا
1-
جوڳين پنهنجي جوءِ سڃاتي
جوشئون پائي ڏٺڙئون جهاتي
تيڙا ڪامل ڪيائون ڪاهه
سُڃ صفاتي سلندا ويا
2-
اناالحق جا ماري نعرا
اُلٽا ويڙا عشق اوڀارا
لا ڪري لا اِلله
همٿ سان هلندا ويا
3-
ترڪ ڪيائون هي جسماتي
ذات ٿيا وڃي عين ذاتي
اصل چئي اِلا الله
پرت انهيءَ سان پلندا ويا
4-
قتل سندي ڪار ڪيائون
سُريءَ اتي وڃي سِر
ڪري صدقو ساه پساه
خوشيءَ مؤن کلندا ويا
5-
توڪل جي تُڙهي چڙهيا
تابوتيءَ جا سبق پڙهيا
اهڙا سندن ويساه
”ميرل“
سان ملندا ويا
توڪل علي فقير
توڪل علي جو نالو گل محمد خان هو، ۽ پشاور ڏانهن
رهندڙ سمندر خان سيف زئي جو پٽ هو. سمندر خان
پنهنجن ٻن پٽن حميد خان (شربت علي) ۽ گل محمد خان
(توڪل علي) سميت سيوهڻ ۾ اچي فقيري اختيار ڪئي ۽
تيخ علي جي نالي سان سڏايائين. فير توڪل علي وري
هنباه واري درويش فيض محمد شاه عرف فيض درياء ميرل
جو طالب ٿيو، ۽ اتي ئي سندس خدمت ۾ رهڻ لڳو، وفات
به اتي ئي ڪيائين. فقير توڪل علي جي ڪلام جو
مجموعو نظر مان گذريو، جنهن ۾ 267 ڪافيون شامل آهن.
[1073]
سر ڪوهياري
سوريءَ سِر سَلهايون ٿا، گيت اناالحق ڳايون ٿا
1-
ٻارڻ ٻاري عشق جو، جوش ۾ جيءَ جلايون ٿا
2-
پاڻ سڃاڻي پاڻ کي، ڀول نه ٻيو ڪو ڀانيون ٿا
3-
جذب ريءَ جبار جي، ٺاهه نه ٻيو ڪو ٺاهيون ٿا
4- ”انا احمد بلا ميمي“، سارو سِر سمايون ٿا
5- ”الفقير فخري“ واري آيت عشق الايون ٿا
6-
بيخود بيحر عميق ۾ لاڳاپا سڀ لاهيون ٿا
7-
سر سڃاڻي ”توڪل سائين“ طرف ميخاني ڪاهيون ٿا
[1074]
سر گجري
چست چنبن ۾ عشق آ چايو
عرش عظيم کؤن اڳي اڏايون
1-
امر آدم کؤن اڳي آيس، فاذ ڪروني رمز ريجهايو
رهبر شاهه فياض ٿيو جنهن سارو سر سمجهايو
2-
ساقي وحدت جام پياريو، بيخود بره باب پڙهايو
محبت جي ميدان ۾ ميان ناچو نينهن نچايو
3-
انالحق جو ماري نعرو، سوري سِر چڙهايو
طبل وڄائي احديت جو ”من راني“ فرمايو
4-
لامڪان نازل ٿيو ميان، قادر قدم گهمايو
ماڳ مئخاني ”توڪل سائين“، دم مدام ملايو.
[1075]
سر ڀيروي
آهيان دي وچ ناهيان، ناهيان دي وچ آهيان
ڪيئن چوان مان ناهيان
1-
خطرا خوف حجابن جا ”لا“ ڪري سڀ لاهيان
2-
لکين ديواريون دُني واريون، ڊوڙ هِڪي سان ڊاهيان
3- ”موتوا“ واري موج ۾ شوق شهادت پايان
4-
اناالحق جو مارم نعرو، سوري سر چڙهايان
5-
بيرنگ بحر عميق ۾ پنهنجو خيال ملايان
6-
في فنا کان فارغ آهيان، بحر بقا ۾ آهيان
7-
پاڻ سڃاتم ”توڪل سائين“، سارو بحر سمايان
[1076]
سُر بروو
فوج نيڻن جي باري، حسن هزاري،
سيف سٽن ٿيون ڪيبر ڪاري
1-
ديدان دناليون نوڪ اڙائن، ترڪشن تير ڇٽڻ چوڌاري
مزگان بڙڇان بان هڻن ٿيون، ڇٽڪيا ڪان قهاري
2-
ابرو ڪمانان ڪشي چاڙهن، دام زلف ڳل ڳاري
منهن مهتاب محراب پيشاني، بيني الف ڏيکاري
3-
نيڻ شتاب شڪار ڪرن، مار ڪرن جيئن ماري
ملڪ دلين جا شهر ڦرن ٿا، هر دم سي هسواري
4-
الٽي عين نيڻن جي آهي، آهو عين خماري
”توڪل“
عاشق حسن ۾ ماهر نينهن لايو نرواري
[1077]
سر جوڳ
هير رانجهي دي آهي، لوڪان نون ڪل جا ناهي
1-
ماڻهيان ليکي چاڪ منجهيان دا، ماهي سِر الاهي
2-
اساڪون روز الست ڪنون ميان رانجهي دعاهي پڙهائي
3-
ظاهر باطن ماهي ڄاڻان، اور نه ڄاڻان ڪائي
4-
تخت هزاري دا صاحبزادا آوندا جهنگ بچائي
5-
ڪن وچ ڪنڍل مل وچ مرلي، در در ڪردا گدائي
6-
ڳل وچ ڪفني دست پهواڙا، آوندا روپ مٽائي
7-
الانسان سري اناسره، ڏيندا هي عشق اوگاهي
8-
انا احمد بلا ميمي، چوٽ نغاري لائي
9-
ترڪ سيالان دا ڪر ”توڪل سائين“، گهن تون بره بقائي
[1078]
سر پهاڙي ڀياس
واهه يار تيڏي هي ياري
تيڏي پرت لڳي اسانون پياري
1-
يار ياران دي ياري ٻاجهون هويا نحس ناري
2-
يار ياران دي حاضر ناظر ناظم، هوئي خوب خماري
3-
يار ياران تون اولي گهولي، بيحد هوئي بهاري
4-
يار ياران نون سبق پڙهاوي، اناالحق اقراري
5-
يار ياران دي مرد بهادر، نيزي سر هواري
6-
يار ياران دي اول آخر، هرگز هوئي اظهاري
7-
يار يارا دا ”توڪل سائين“، هوئي هردوجهان مختياري
[1079]
سر همير ڪلياڻ
پاڻ ۾ بيهي پاڻ سڃاڻج، عاشق عرش اڏام
1-
طالب الدنيا مخنث ڄاڻج، عقبيٰ کان اڳي خيال اماڻج
ڪپ قيد قفس جو دام
2-
ٻئي جهان فنا ڪري ڄاڻج، طالب طرف نه ٻئي ڪنهن تاڻج
وٺ عشق سندو اسلام
3-
ڪعبو قدسي قلب کي ڄاڻج، وحدت ويءَ ولايت ماڻج
خطرا کانئي خام
4-
اناالحق جو نعرو مارج، سوري سهجؤن سر سينگارج
پاڻ ڪري قتلام
5- ”توڪل“
نوبت نينهن وڄائج، بحر اعظم ۾ روح رلائج
آهي تنهنجو ماڳ مدام.
[1080]
سر مانجهه
درد ڪيا آهن ديرا ديرا
جانب جا سائين جيءَ اندر ۾
1-
تخت هزارؤن جوڳي آيس
ناتي نيڻن جي چاڪ سڏايس
هير رانجهي ۾ ميڙا ميڙا
2-
يوسف ٿي ڪنعانئون آيس
مصر بازار ۾ ملهه وڪايس
ذوق ڏياريم ڦيرا ڦيرا
3-
ليليٰ وانگر ناتو لايم
ٿي ڪر مجنون ڪرنگهه سُڪايم
پرت ڀرايا پيرا پيرا
4-
سور ٿيا ٿم ساه جا سونهان
سرس ڏين ٿا اندر ۾ لونهان
جوش جلايم جيرا جيرا
5-
جوش پنهنجي کؤن طور جلايم
آه منجهارؤن ڏونگر ڏاريم
سوز ڪيا آهن سيرا سيرا
6-
عشق اڏيو وڃي اوتارو
”توڪل
سائين“ هڻ نينهن جو نعرو
وره وسايا ويرا ويرا.
فقير الهرکيو
فقير الهرکيو ولد الهه آندو ذات دايو هو، ۽ ڳوٺ
حبيب ڪوٽ، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جو ويٺل
هو. 1845ع ۾ سندس ولادت ٿي، ۽ 1912ع ۾ وفات
ڪيائين. سنڌي ۽ ٿوري پارسي تعليم حاصل ڪري پوليس
۾ جعمدار ٿيو. انباه جي حضرت فيض دريا شاهه جو
طالب هو. آخر سڀ ڪجهه ڇڏي ڳوٺ جي ٻاهران آستانو
اَڏي ويهي رهيو.
[1081]
سر ڀيروي
مليو محبوب متوالو، ٿيا اڄ باغ بهاريون
1-
مري مشتاق هي ماندو، اڱڻ ڍولڻ الله آندو
ڪيائين رحم جو رايو
2-
ڏسڻ سان ڏيهه ٿيو ڏاني، فنا جي فڪر ڪيو فاني
محبت جي ماڳ ماريو
3-
ريهي جنهن رمز رلائي، ”رکيل“ سان لنوَ سڄڻ لائي
گوليءَ جي گهر گهري آيو
(ج)
محمود فقير کٽياڻ ۽ سندس صحبتي شاعر
محمود فقير کٽياڻ
محمود فقير ولد علي خان کٽياڻ، پاڙو هيبتاڻي، ڳوٺ
سليمان کٽياڻ تعلي هالا ۾ 1852ع ڌاري ڄائو ۽
1907ع/1325هه ڌاري وفات ڪيائين. اڻ پڙهيل هو.
ڪافيون ڪلام يڪتاري وغيره تي ڪين چوندو هو، پر
جذبي ۾ بنا سازن جي آلاپيندو هو. گهڻو وقت سير سفر
۾ گذاريائين. لُواري وارن بزرگن ۽ پير صاحبن
پاڳارن ڏانهن عقيدت هيس، پر ساڳئي وقت ٽنڊي الهيار
واري پير موج علي شاه جي مريديءَ ۾ آيو، تر جي
مشهور شاعرن سائين مصري شاه، نواب ولي محمد ۽ سيد
سلطان علي شاه ۽ ٻين سان سندس اڪثر رهاڻيون
ٿينديون هيون. سندس سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ 73 ڪلام ڇپيل
آهن.
[1082]
سر ڀيروي
اکين ته ڏسان شل اديون اباڻا
سور مارن جا سوين ڪي ساماڻا
1-
زر
بفت
زيور زريون هيرا ڇڏيان هاري
ساهه سانگين کي سدا منهنجو ساري
واڳ وطن تي والي شل واري
کوءِ پيا کاڄ عمر جا، پنوهارن پڄاڻا
2-
بَرڙيون برن ۾
چرن
ٿيون
ڀٽاريون
گوراڙيون گسن تي مچي ٿيون متاريون
کرڪيون ”کٽياڻ“ چئي، چڙن جون چونگاريون
اچن سي اجهور تي سڀئي سڃاڻا
3-
ڏٺي ته ڏوٿين کي ڪي ورهيه
لنگهي ويا
ورتيون وڇوڙي جون وجهي ته ونگي ويا
ڇاکئون ڇني ويا ڏکيءَ کي ڏنگي ويا
وهن نيڻ مئيءَ جا نسنگ ٿي نماڻا
4-
پون
پور پرين
جا پل پل ۾ پچان ٿي
اٿم اميد اهڙي اباڻن اچان
ٿي
ملڻ ”محمود“ پنهنجي وڳر کي وڃان ٿي
عيدون اندر ۾ ڪي وڄن وڌاڻا
[1083]
ديدن ڪيا
درسن ،
اڄ ڀيڄ ڀني
برسن
ماڙيچا منهنجا موهر ۾ شل پاڙيچا پرچن
1-
چوڙيون اڄ چاه منجهان ٿيون ڪاهه ڪيو ڪڙڪن
ڪونجن وانگي ڪر کنيو ٿيون تڙ مٿي ترسن
گهڙا جينهين جا گوهر گهگهريون مٿي تي مرڪن
سينهوڙيون اٿن سوکڙيون، جنهنورَ جيئن جهرڪن
2-
جام صراحيون جن سان پيتم تن وٽ حال هلان
ڳَري لڳي مون لڙڪ لهي پيا، ماڙيچن شال ملان
ساهه منهنجو پساهه پرينءَ سان پنهنجي روح رلان
چشمن سان چوغان چمان، ميدان هلي مرڪن
3-
نبي سر جون نام ڪٺيون ٿيون دام وجهن دواليون
جادوءَ ساڻ جمال جون ٿيون زور هڻن زاليون
رنگ ڀريون آهن ريتون تن جون، چست چڱيون چاليون
ٿر ٿوهر مَڪ مانڌاڻا، منهنجا ويڙهيچا ور ڪن
4-
ساجن جي سڪ سوز منجهان ٿي موج ڪيو ماري
ٻانهياري آءٌ ٻول ٻڌي اڄ قول ڏيان پاري
ماڳن تي ”محمود“ چوي، شل واڳ ڌڻي واري
سانگيئڙا ساڙيهه ۾، شل ڏوٽيئڙا ڏسجن.
[1083]
جن کي شوق شهادت جو
سي مرد ناهن ڪنهن جي موڙڻ جا
سي ته جوان آهن جنگ جوڙڻ جا
1-
سورهيه سنڀري آيا پڙتي
تڪڙ ڪيو تير هڻن ٿا تڙ تي
موذي ماريئون سڪر جي سڙ تي
ڪافر ڪهي ڪيئون ڪوس ڪلور
زخم آهن سر جهورڻ جا
2-
عشق اَٻهلا آهن اڙ ٻنگي
درس دلبر زوراور زنگي
ننگ ڀريا سي نرمل ننگي
سي پتنگ سڏائين پهلوان
غازي آهن سر گهورڻ جا
3-
اجهي آيا منهنجا سدا سوڀارا
وارث مئيءَ جا محب موچارا
وڄن
نوبت
نينهن نغارا
محب ملياسين چئي ”محمود“
حال ڀائي ڏک اورڻ جا.
[1085]
مجنون باغ بحال، آهي نرمل نور نهال
لاڳ لڳي جنهن کي ليليٰ جي، سو جادو جوت جمال
1-
لات سُئيسون ليليٰ جي ڪا تات آهي تاري
بلڪل گل تان گهور وڃي هڪ زور منجهان زاري
گهُنڊ گاهن جا جهُنڊ مٿي تي بار بڻيو اباري
ليليٰ سان لحاظ ٿيو، جنهن جو ههڙو تن جو حال
2-
هام انهيءَ ۾ عاشق اڳهين گوهر ٿي گذريا
ديگ زهر جي ويڳ ولهو ٽيئين مجني کي مجرا
جهنگ جبل ۾ جنت جايون، هنڌ اُتي حجرا
بر مٿي جن گهر آڏيا، ٿيو تن جو قرب ڪمال
3-
وڻ ولايت ساڻ صنوبر کليا کيٽ خرار
ٻوڪيا ٻُوهه کليا گل گوهر، عجب رنگي اسرار
ڪوڇي تي هن قول ڪيا سي نر ٿيا نروار
انگ عاشق کي ونگ وڌائون سهڻا رنگ رومال
4-
آڳ اندر ۾ باهه برهه جي، لهر چڙهي وئي لاٽ
دونهان دود دکن ٿا دل ۾، عشق ڪئي آوراٽ
کِيرولين جا ڦيڙ مٿي تي، سانوڻ جي پئي ساٽ
موج ڪيو ”محمود“ اُتي آيه بيٺو هت حمال.
[1086]
اِرم لڳا اڪثير، منهنجا سنڀريا وير وزير
سيفل بدعل ڪاڻ بيراڳي، ڦيريدار فقير
1-
درخت هڪ دالان ڏٺوسين چئني جو چوگان
پنجن تنن جو جهل تون پاسو، گاسو نه آڻ گمان
سرحد تي ڪيو سيفل سنبري محفل ۾ ميدان
جنهن جو حسن ڏسي حيران ٿيا، سي ديو پريون دلگير
2-
لڏو کنيو لاهوتين سو پهتو اٿئي پنهوار
حرف حسا جا مڙئي مون ڏي ماري سا ٿي ميار
سور تنهين جا گهور اندر ۾ سيلهه چُڀن سؤ وار
سي ياد ڪريان اُستاد، اهي مون کي تاز تن جا تير
3-
مرد ملنگي سفر سنڀايا ڪمر ٻڌئون ڪشتي
زاغ اڏاري باغ ڏٺئون وڃي بديعل جا بهشتي
عاشق چئي معشوق ”اِنگوبيا“ ناز ڀري ”نشتي“
”تانگون
روان“ محبوب ”مروشي دانَهه“ ڏي دل ڌير
4-
آب اندر غوراب گجن ٿا، سوداگر سامان
سعيد اتي فرياد ڪيا وري واچ لڳو طوفان
مَلڪان کان ”محمود“ پڇيا اُت بديعل جا به بيان
جنهن ڏس ڏنو ڏاڍي رس منجهان، ٻئي خوش ٿيا کنڊ کير.
سلطان علي شاهه
سلطان علي شاهه ولد گل محمد شاهه بخاري سيد، ڳوٺ
موسيٰ خان کٽياڻ تعلقي حيدرآباد جو رهاڪو هو ۽
سندس مقبرو به اتيئي آهي. اندازاً 1284هه/1867ع
ڌاري ڄائو ۽ 1337هه/1917ع ۾ وفات ڪيائين. مجازي
عشق جي مهميز سان معرفت ماڻيائين. پنهنجي پاڙِسري
۽ همعصر شاعرن
مان سائين مصري شاهه نصرپور وارو ۽ محمود فقير
کٽياڻ سان سندس روح رهاڻيون هيون. سندس 10 قافيون
نظر مان گذريون.*
[1087]
وحدهُ لااِلٰہ اِلالله هُو، پڙهه سبحان عجيبن واهه
وحدهُ لااِلٰہ
اِلاالله هُو
1-
ماڳ انهي وچ ڪيا ڪُجهه آندئي وي ميان
پڇندئي بي پرواهه
2- ”الف“
الله ”ميم“ محمد وي ميان
جانِ فدا في الله
3-
قالوابليٰ جي ڪُن پيا تنوارا وي ميان
تن سجدا ڪيا ارواح
4- ”شاهه
سلطان علي“ چئي هُئي جو هميشه وي ميان
تيڏي پشت پناه.
[1088]
اهڙيون ٿا رمزون رکن، ميان مُرڪي موهيو جن
1-
املهه ماڻڪ هيرا موتي سي ته جهرمر ڪيو جهَرڪن
رمزد زريان پهريان پوشاڪون، مٿن ويس وڻن
2-
ڪارا ڪيس قريبن جا، پُتا وار پرين
سَريون سهڻيون ڪُنڍڙيون، ڪاريون آهن ڪلهن
3-
اُهو عجيبن جا ٿا لحظي منجهه لڙن
آهن ڍال ترار جيئن ڍاريون ڍولڻن
4- ”شاهه سلطان علي“ چئي اهڙو حُسن حبيبن
حورون حيرت ۾ حيران، لڳو پُرس پرين.
[1089]
سڃاڻن سمجهڻ آيون، هِت نهوڙي ناز نِيون
1-
اهڙو عشق جنهين کي آهي
ڪري پڌرو پردو حجاب جو لاهي
نينهن آهن جي نايُون
سي وساري ڪين ويون
2-
سِر سبحاني
عاشق
آهن
ڏانهن وحدت جي هو ٿا ڪاهن
ڀال انهن جا ڀانيون
سي عشق اُجاري صاف ڪيون
3-
هڻن ”سلطان علي شاهه“ نعرا
ڀڳئون ڪوٽ ڪفر جا ڪارا
چشمن اوڏانهين چايُتون
ڏين سُرڪي پاڻ پِيون.
[1090]
بيوس ويچارا وس کؤن ويا
لايو نينهن سڄڻ ڪيا ٿي ناز نوان
1-
هيڪر اڱڻ آ يار منهنجي، قربان قدم تؤن لک وار
تنهنجي
جيڪي لڪيو پائين لِي، بيوس ويچارا وس کؤن ويا
2-
دم دم هَسن دم دل کسن، دم دم سنوارن زلف سياه
پِرين گهمن ٿا پُر کِيا، بيوس ويچارا وس کؤن ويا
3- ”شاه سلطان علي“ دم ٿيءَ نه پري، توکان سواءِ ساعت نه سري
تولي ڏِسيو جانب جِيا، بيوس ويچارا وس کؤن ويا.
[1091]
عشق امام بيهي مُصلي تي، باب بره جو سارو سمجهايو
1-
اول عاشق مالڪ موليٰ، پاڪ رسول معراج سڏايو
2-
حضرت يوسف نام ڌڻي جي، شهر مصر جي بازار وڪايو
3- ”شاهه سلطان علي“ شان سيد جو، ويران وير سوايو.
[1092]
درد ڪيس دلگير، ملڻ مارن جي
1-
ساريو ساريان سانگيڙن کي، نيڻين وهايان نِير
2-
وُٺڙا مينهن ملير تي، هينئڙي لڳيم هير
3-
ويهي سرتين وچ مجالس، کِلڙيو پين کير
4- ”شاهه سلطان علي“ ميل انهن کي، پنهوارن جا پير.
فتح علي خان
فتح علي خان ولد قبول خان کٽياڻ، ڳوٺ کٽيڻ تعلقي
حيدرآباد جو ويٺل هو. محمود فقير کٽياڻ جو ويجهو
عزيز هو، ۽ محمود فقير جو همعصر هو. چڱو شاعر هو ۽
مٿس محمود فقير جو اثر هو.
[1093]
روپ ڪلنگڙو
دلڙي دلبر يار لئي وصال وؤڙي
ڪرين مهر ماهي مکڙا يار موڙي
1-
عاشقان سندي
ذات ،
نه سمهي ساري رات
کولي ورق وجودي ووءِ ووءِ وائي وات
پره ڦٽي پربات، ڳاڙين ڳل ڳوڙهي
2-
ماهي يار نهين سار تيڏي تار لَڳي آن
ماڻهو ڏار لک هزار، ڏيندي بار بديان
سي ته سيبايم سِر تي، مليئي ڏاج ڏوڙي
3- ”فتح علي“ آڌار، مرسل مير مهندار
اوکي ويل اسان نون ساڻي ٿيسين سردار
داون لڳڙي نه ڏار، جيوبن ڇني ڇوڙي
[1094]
روپ ڀاڳيسري ڪانرو
عمر ادا اباڻن ري آهيان اداسي
ساريو سانگيئڙن کي پڇان ٿي پياسي
1-
وڇڙئي ورهه ٿيا اديون مون اباڻي
ويڙگهيچا نه وسرن ڪريان ڪيئن هاڻي
الله سيئي آڻي، ساڳيا سي سناسي
2-
ڪيو مُنهن ملير ڏي، تاڙو ٿو تنواري
مارن اُٺا مينهڙا، هنجهون روز هاري
سرتين اُت سالُور ڪيا، نوان رنگ ناسي
3- ”فتح علي“ پائي فالان هيڪر ٿيان هيڪاندي
ڪانگي اڄ قريبن جي ڪَل ڪانه آندي
پنهوارن جي پار جي خبر ڏي خلاصي
[1095]
ميڏي رانجهي ديان رمزان نراليان
لڳيان لونءَ لونءَ اندر اهڙيان
ڪنڍيان اکيان ڪاليان
1-
وچ ڪجل دي ڪار، ابرو بيحد بيشمار
تيري خوني نين خمار، رنگي گهريدار غزاليان
2-
سڪندي ٿيم سال، تيري خوبان سِر، خيال
قربئون ڪرين ساڏي نال، ڳل لا ڳجهيان ڳالهيان
3-
مِهر پوئي ڪامن، ساڏي ڳالهه لاوين ڪن
ايهو سچا ڪر سُخن، سهڻيان وايان وصل واليان
4-
لائي نوڪ نينهن نِروار، ڪيٽيان بره بيقرار
پاوي پلڪل پينار، تيريان ”فتح علي خان“ فاليان.
[1096]
نه ڄاڻان ڇڏيئون ڇو دل تان وساري
اڱڻ شال ايندا پرين قول پياري
1-
والي وصل جو ڪڏهن واءُ واري
وڇڙيل ورهين جي جندڙي جياري
لهندم سار سپرين ڪي نازئون نهاري
2-
اکڙيون انهن لئي آهن اُڃائيون
سڙن سوز تن جي ۾ اڃا نه اُجهايون
وسن ٿيون سدائين سي سانوڻ سياري
3- ”فتح
علي“ سِڪي ٿو سدا ساه سُهڻا
تون محبوب منهنجا ڪرين معاف مُهڻا
مون تي آهن ميارون ڪي حرف هزاري
(د)
1911ع ڌاري لکيل بياض ۽ 1915ع تائين ڇپيل قافين جي
ڪتابن ۾ آندل شاعر
فتح محمد
هڪ روايت موجب فتح محمد، پير رشد الله شاهه جو
اُستاد هو. سندس هيٺين ڪافي 20- صدي جي اوائل ۾
قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي، جيڪا
غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي
حاضري ۾ ڳائي ويئي، يعني ته فتح محمد ان وقت حال
حيات هو يا اڳ گذاري ويو.
[1097]
پاڙ سائي ٽيئي پانَڊَه، رهندن تي ٿيو رهبر راضي
1-
حق حدايت ڪندن حوالي، پرور سان شل پوندن پہ
2- ”قُل ڪُل“ جي قربت سان، شامت کي شل ايندي شَہ
3-
دين دنيا ۾ داوُر تن جي، جوڙيندو شل جاڳَہ
4-
پسگِرا سڀ پِير مُلڪَ جي، ڪؤنرن ڪئي قہ قہ
5-
مينهن محبت جا مَولي وسايا، وڻ ٽڻ ڪندو وه وه
6- ”فتح محمد“ فتح آئي، سُوال سُئو سب شاهنشہ.
ابراهيم
ابراهيم جون قافيون
20-
صدي عيسوي جي اوائل (1911ع ڌاري) ۾ قلمبند ٿيل قافين جي هڪ قلمي
بياض ۾ شامل آهن، جيڪي غالباً پير رشيد الدين
جهنڊي واري (وفات 1899ع جي حاضري ۾ ڳايون ويون، يعني ته ابراهيم ان وقت حال
حيات هو يا اڳ ٿي گذريو هو.
[1098]
بوندان بس نه ڪن، چؤسو چڱو مٿي پِريَن
1-
داخل ٿيين جي حق جي حصن ۾ ته گوندر سڀ وڃن
2- ”اِنڪَ رحمته الِلعالِمينَ“ عيدان عام ٿين
3-
هڪ ڀيري سان هِن هُن جڳ جي ڇِيَنِ کان ڇٽن
4-
دَار خُلدَ ۾ داخل ٿيندا، قرب مؤن جي ڪَهَنِ
5-
مينهن محبت جا ملڪ تي، ويرو تار وسن
6-
ڏڪر ڏرت سڀئي ڏيهن تؤن، ڪرم ساڻ ڪڍن
7- ”ابراهيم“ کي عشق پنهنجي ۾ شالا شاد رکن.
[1099]
پيش وڃي پئجي، يار عيبن ساڻ عجيبن جي
1-
عرض احوال عجيبن آڏو، چاڪر ٿي چئجي
2-
پائي بَديون پاند پنهنجي، نوڙت ساڻ نَئِجي
3-
نماڻو ٿي ساڻ نيازن، راه انهين ۾ رَئجي
4- ”ابراهيم“ عجز جي ٻاجئون، لاتِ نه ٻي لَئجي.
[1100]
دل جون ڳالهيون دلبر توسان، ناهن لوڪ سڻاوڻ جون
1-
من ڪو اوٺي واڳ ورائي، کينءَ جو خبرون آڻ سڻائي
اڄ ڪي عجيبن آوڻ جون
2-
وؤڙ وندر ۾ وڌم وڙولان، ٻارو چل سان هيڙم ٻولان
ساڻ پيارل پاڙڻ جون
3-
هِن سڙيءَ جو مِٽر نه ڪوئي، حال ته چونديس پرينءَ
کي روئي
موٽ مُندان آيون ملاوڻ جون
4-
ڇوري ڇڏڻ تو نه جڳائي، ”ابراهيم“ چوي تو ننگ آهي
ڪر ڪي نينہ نڀاوڻ جون
* [1041]
کان [1044] ”ڪافين جو وڏو ڪتاب“، ڇپايل
پوڪرداس، شڪارپور
* [1045]
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل
[1055]
کان
[1056]
خوشرام فقير سودائي جي 1880ع ۾ لکيل ڪافين جي
بياض تان ورتل
[1057]
کان
[1059] سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ قافين جي بياضن
تان ورتل.
[1060]
کان
[1068] تعلقي
روهڙي مان محمد حسن مشتاق کان مليل.
(1) تکو طوفان (2)
ليٽ، طوفان
[1069]
کان [1072] تعلقي واره
مان غلام رسول جتوئي کان مليل.
تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪلام محمود فقير کٽياڻ“، ماستر
محمد صالح سپيو، سنڌي ادبي بورڊ، 1989
[1087] *
کان
[1092] تعلقي
حيدرآباد مان ماستر محمد صالح سپيي کان مليون.
ڏسو
”ڪلام محمود فقير کٽياڻ“، ماستر محمد صالح سپيو،
سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع
[1095]
سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع
ڌاري لکيل قافين جي بياض تان ورتل.
[1096]
تعلقي حيدرآباد مان ماستر محمد صالح سپيي کان
مليل
[1097]
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ محفوظ 1911ع ڌاري
لکيل بياض تان ورتل.
|