سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد ٻيو)

 باب:

صفحو :5

  

مير فتح محمد خان ٽالپر

مير فتح محمد خان ٽالپور، ٽنڊي محمد خان وارن ميرن مان هو. شعر و شاعريءَ جو قدردان ۽ وڏو ڄاڻو شخص هو. سنه 15-1914ع ۾ سنڌ جي مشهور شاعرن جو ڪلام گڏ ڪيائين. انهيءَ بياض ۾ سندس به چيل ڪي غزل ۽ ڪافيون شامل آهن. پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو جنهن ڪري مختلف بياضن ۾ پڻ سندس ڪلام نظر اچي ٿو، جنهن کي مغالطي وچان مشهور شاعر فتح فقير ڪلهوڙي ڏانهن منسوب ڪيو ويندو هو. اندازاً 1920ع ڌاري يا ان کان اڳ گذاريائين.

[1230]

محبوب مون کي ماريئي، دامن تي دام پائي

1-      اکيون عجيب واريون، آهن ڪجل ري ڪاريون
        خوني وتن خماريون، تن سان اندر اُڪاريئي
                        تن من ۾ تير ٺاهي

2-     واهه واهه لُڏن جي لهري، زلف سياهه زهري
        ڪاڪل وتن جي قهري، ويندل دليون به ورايئي
                        ڦندي اندر ڦَسائي

3-     دلدار دل پيارا، سهڻا سڄڻ سچارا
        مڃ منهنجا عرض آرا، ورنه مون کي وساريئي
                        سهڻا ڇنڻ ۾ ڇاهي

4-     فائق ”فتح“ جون دانهون، سڻ عرض منهنجو آهون
        ڪيون قرب تنهنجي ڪاهون، پِرتئون ڪا پِڪ پياريئي
                        ساقي مون کي سنڀائي

 

[1231] *

جوڙي جملي جهان، ساري دنيا جو دور هلايم

1-      آدم کي هت پاڻ اڻايم، ’ڪُن فِڪون‘ چئي جڳ کي ٺاهيم
        ’عين الحق‘ ميان نت نت چايم، ’رب ارني‘ چئي فرمايم
                        باب برهه جا پاڻ پڙهايم

2-     يونس محبت ۾ ماهي کاڌو، پل نه ورهه کان خليل هو واندو
        يوسف کي مون کيوهه ۾ آندو، زڪريا کي ڪري قربان
                        ڪنڌ مٿي تنهن ڪرٽ وهايم

3-     طور مٿي بيهوش بنايم، موسيٰ جي ميان متَڙي منجهايم
        نور پنهنجي جو ظهور ڪرايم، حيرت ۾ ڪري حيران
                        ڪربلا ۾ ڪيس ڪرايم

4-     مجنون وامق وِرهه ۾ واري، عاشق نيا مون عشق اوتاري
        باهه برهه جي تن تي ٻاري، عشق رکي ٿي انسان
                        ”فتح“ فڪر ۾ سانگ سڏايل

[1232] *

برهه ڪيس بيران، محبت ماري متيون منجهايم

1-      پير پنهون جا پٻ ۾ ووڙي، هوت ٿيس حيران
                        سڏي نه سرتين سمجهايم

2-     پِرت پنهون جي روهه رُلايس، جاني ڳوليان منجهه جهان
                        ويسر جاني جنبي وڃايم

3-     ناز وارن سان نيهن اڙائي، ڪل پيم ڪا ڪان
                        پير پرت ۾ پروڙي نه پايم

4-     ”فتح“ فڪر جو تنهنجي ڪارڻ، ڀورل ڪهڙو بيان
                        بار برهه جو برسم آيم

[1233] *

ڪري سينگار سو سهڻو صورت انسان ۾ آيو

اصل هو ذات ۾ ذاتي، چَلِي چوگان ۾ آيو

1-      اجهو آيو هلي دلبر، جنهين جي دست ۾ خنجر
        لکين مشتاق ٿو ماري مَلهي ميدان ۾ آيو
2-     نشو ٿيو نينہ جو مان کي، ڌيان ڪل ڪين ڪنہ ٻئي کي
        پياري جام ٿو جاني، اجهو ميخاني ۾ آيو
3-     حسن پنهنجو ڏيکاري ٿو، چمن ۾ چهچٽو چهرو
        هزارين مست ٿيون بلڪل، بلند بستان ۾ آيو
4-     امر انسان مڃي آپي، رضا تي رند ٿيا راضي
        نمايو نيهن جي ناتي، ”فتح“ فرمان ۾ آيو

 

[1234]

جنهن مت موٽي جت ڙي اديون، سامت مون کي نه آئي الا

1-      ويهي آتڻ وچ ۾ ميان الا، ڳالهه ڪهڙي ڳَت
2-     چرخو چوري عاج جو ميان الا، ڀيريان ڪهڙي ڀَت
3-     پنهل سان پرت جي ميان الاءِ، پوري ٿئي مون پَت
4-     ”فتح محمد“ چوي فراق ۾ ميان الا، رُئان ويئي رت

 

[1235] *

ور ٻاروچا ور،  تولئه ڏکي ڏوريون ٿر

نينهن نماڻي کي ماريم

1-      اڃا کڻنديس ڪينڪي، تنهنجو ڄام پٿر
2-     ڪنديس ڪوهياري لئه، هاڙي منجهه حشر
3-     آيو ٻاروچل عيد ٿي، داد ڪندو دلبر
4-     ”فتح“ چوي فراق ۾، جوش وهايم جر

 

ڀاون علي شاهه ”ساقي

 پير ڀاون علي شاهه ولد محمد شاهه 15 فيبروري 1887ع تي بدين ۾ ڄائو ۽ 14- محرم 1337هه/29- آڪٽوبر 1918ع ۾ وفات ڪيائين. راڳ جو ڄاڻو هو، گهڻو ڪري پنهنجا ڪلام پنهنجن خاص ڳائڻن جهڙوڪ هوشو شيدي وغيره کان ڳارائيندو هو. وقت جي مشهور شاعرن سان سندس رهاڻيون هيون. جن ۾ تاج محمد مشتاق، ڪرم علي شاهه ”ڪرم“ ۽ مير عبدالحسين خان ”سانگي“ قابل ذڪر هئا. سير سفر ۽ مطالعو سندس خاص شغل هئا. سندس 3 قافيون هيٺ ڏجن ٿيون. (1)

[1236]

وهن ناز مان نيڻ نازڪ نماڻا

جڏهن ٿا پون ياد مون کي اباڻا

1-      عمر ڪيم تون مون کي مهڻن سان مار

اٿم ياد سيني ۾ سهنا سنگهار

ڏسان شال پنهنجا پکا پڊ پراڻا
2-     سڀر سومرا تــو ڪيو هـــي ڪلور

مون کي قيد ڪاريئي ڏيهاين کان ڏور

ڪنديس آءٌ ڪن سان مارن ريءَ ماڻا
3-     وسي مينهن ڪيا ٿر مٿي ريج ريلا

پنهوارن جــي پاسي بُــڏا ٻُه ٻيلا

قلاريا وري ڦوڳ مکڻيون مانڌاڻا
4-     منهنجا مارن کي سا ڏيج ”ساقي

نياپا نـڌر نيڻ وهــائي فــراقي

ڪنديس آءٌ ڪرڙن ۾ ٿر ٿاڪ ٿاڻا


 [1237]

مل تون محرم يار، ورهه ۾ وقت وڃن ٿا

دوست مٺا دلدار، پلپل پور پون ٿا

1-      محبت تنهنجي آهيان ماري، ڳڻتين دلڙي آهي ڳاري
                برهه ڪيس بيمار، دل ۾ درد دکن ٿا

2-     آهي نڪي آرام اکين کي، راحت ناهي دردمندن کي
                عشق سندو آزار، من ۾ مچ مچن ٿا

3-     عاجز جنهن کان جِن مَلڪ ٿيا، سي مون ٿي منظور ڪيا
                برهه سندا سي بار، اسان تي روز اچن

4-     محب مٺا ڪو خوف خدا ڪر، جانب جئري ڪيم جدا ڪر
                ٺپ اچي سي ٺار، جيڪي چهڪ چڪن ٿا

5-      ”ساقي“ سڪ ۾ ڪيم سڪائي، آهه العطش هردم آهي
                ساجن لهج سنڀار، جيڪي تنهنجي توهه تڳن ٿا

[1238]

اڄ ته عجيبن جي اچڻ جا، عهد چوان انجام چوان

1-      قامتِ زيبا سروَ صنوبر، لب مرجان، دندان مثل دُر
        وار واسينگن وانگي وسيهر، زلف چوان يا دام چوان
2-     چاه ذقن يا چاهه ڪنعاني، عارض آهي سوسن ثاني
        آبرو مصفّا عيد نشاني، چشم چوان يا جام چوان
3-     رخ مبوبي مان منور، زلف عنبر بُوسياه سراسر
        ڪيئن ٿي آهن هي ٻه برابر، صبح چوان يا شام چوان
4-     نظر نهوڙيو آهي عجيبن، طاقت ناهي ڪابه طبيبن
        هام هنيين ۾ هنئي حبيبن، ”ساقي“ چوان صمصام چوان

 

حاجي محمد حافظ شاهه

ٽکڙ (ضلعي حيدرآباد) جي مشهور شخصيت علامه اسدالله شاهه جو ڀاءُ هو. 20 شوال 1287ع تي ٽکڙ ۾ڄائو. سنڌي، فارسي ۽ عربي ۾ چڱي تعليم حاصل ڪيائين. خواجه عبدالرحمان سرهندي جو مريد ٿيو. مجاز جو چوٽ کيس ڪلام چوڻ تي آماده  ڪيو. قافيون چيائين، جيڪي اول پاڻ ڳائيندو هو، پوءِ ٻيا ڳائڻا سندس ڪلام کيس ڳائي ٻڌائيندا هئا. تاريخ 5- صفر 1337هه/1918ع تي وفات ڪيائين. (1)

[1239]

سگهو ڏي سير ۾ ساهڙ، ميهر! مون کي مدد گاري

1-      نه ٻُوڙو ٻيٽُ ڪو ٻانڌي، تُنبو تُرهو نه تڙ تانگهو
        ڇني ڇولين ڇڏيس ڇولهي، لڙهيس لهرن ۾ لهواري
2-     دلو درياهه جي دهڪن، ڀڄي پيلو ڪيو ڀورا
        ڇڏيو ستُ ساهه ٻَرُ ٻانهن، هجيس هيبت ۾ هيڪاري
3-     سوين سينسار ٿيا سامهون، ڪڏيو ڪن ڪاه مڇ مانگر
        وڌايو وات ڪن واڳو، چيهٽ چرڙاٽ چوڌاري
4-     گهيرو ڪُن گهورَ ڪن گهيرا، هڻي هٿڙا ٿَڙي ٿڪيس
        ميهر مل تار ۾ ترتئون، پرين ڪريوم پوئواري

 

[1240]

آءُ مِل پيارا وي، بِره بيمار ڪيس آءُ بلڪل

1-      زلف زوراور، وا وسيهر، ڳاٽ کنيو ڏين ڳارا وي
        وَر ورن ۾ ڳُوڙها ڳُتيل، ڪَرَ ڪاريهر ڪارا وي
                اٽڪن لَٽڪن، ڪُنڊڙا ڪاڪُلَ

2-     مزگان جا ڪن تِير تيزيءَ سان، مشتاقن تي مارا وي
        اَچن اوراٽيو سورهيه سامهون، سينا ڏين سچارا وي
                تِل نه ترسن، ڪن نه تحمل

3-     آبروءَ جي اِن سيف سين سهسين، وڌئي واڍوڙي ويچارا وي
        چور ٿيو سي چهڪ چُڪائين، ويا چُڪين جا چارا وي
                دردن ان جو دارون نه درمل

4-     کنيو نقاب کليو جي نهارين، کڙيا کٽڻهارا وي
        کليا گل گلابي گلشن، گَهريا گل هزارا وي
                سروَ، صنوبر، سوسن، سنبل

5-      هر جا هر هنڌ هر دوجهان ۾، جلوي ڪيا جهلڪارا وي
        ڪيا جهڪا سڀ جوڀن تنهنجي، سج، ڪتيون، چنڊ، تارا وي
                حسن تنهنجي جو هرجا هُل هُل

6-     ”حافظ شاهه“ کي آهي هردم، پِريَم تنهنجي پچارا وي
        آ ويهه جوڙي جيءَ ۾ جايون، جانب جيءَ جيارا وي
                نازن ڀريا نوري نرمل

[1241]

آءُ عجيبا اوراهون وي، ڏينهن ڏکيا هيءَ گهايل گهاري

1-      سڻج سٻاجها دل سان دلبر، درد ونديءَ جون دانهون وي
        آءُ عجيب اڱڻ اسان جي پريم وڃ مَ پراهون وي
                سور سڻايئين ساجن ساري

2-     بنان پيارل پارس تنهنجي، ويون چُڪي سڀ واهون وي
        ڪرم ڪٺل تي ڪامل ڪر ڪو، سائين سڻج صدائون وي
                سدا سڪايل سهڻا ساري

3-     رت رئان ٿي رانجهن تو لئي، روز پڇايان راهون وي
        عرض ڪريان ٿي اُڀيو ادب سان، ٻڌي ٻانهين جئن ٻانهون وي
                ور ولهيءَ تي واڳون واري

4-     حال ڏسي هي ”حافظ شاهه“ جو، باري بخش خطائوپن وي
        سهڻن جا سرتاج سڳورا، عاجز جون سڻ آهون وي
                پيس پيارا آنهنجي پناري

 

[1242]

وِلهيءَ جا وَر پرين پرچو، پلَوَ پِيرن جا ٿي پايان

1-      نه هيئن ڀانيم ته ڪو هي هار، هَئي هيڏو ڪندو هاڃو
        مُٺي مڻئي کي آءٌ مورئون نه هرگز هوند هٿ لايا
2-     ڀُلي بي بخت آءٌ بيشڪ، ڏکيءَ کان ڏوهه ٿيو ڏاڍو
        هٿان پييم، هڻيو هٿڙا، تڏهن لالڻ ٿي ليلايان
3-     هلي منهنجي نه حجت ڪا، ڪچائي مون ڪئي ڪيڏي
        ٿيس آءٌ ڪانڌ ڪانياري، تڏهن ٻهڳڻ ٿي ٻاڏاين
4-     سهاڳڻ آءٌ هيس سرتيون، چنيسر سان ڪيم ٿي چاڳ
        ڀڳم ڀر هاڻ اي ڀينر، رٺو ڪيئن راءُ ريجهايان
5-      نه ”حافظ شاهه“ ٻيو حيلو، وسيلو وَرَ سوا تنهنجي
        آءٌ ٻاجهارا سندئي ٻانهي، ازل تا انتها آهيان

 

[1243]

دل دلربا ڌ تاريئي، نازن سين ناز وارا

1-      مشڪي سي مسلسل، ڪن پيچ پيچ پلپل
        قابو ڪمند ڪاڪُلَ، بانڪا بڇي بهاريئي
                                        ونگيو وٺن ويچارا
2-     سُرمي سوا سهائين، لک گهور ساڻ گهائِن
        ڪيو ڪِيس ڪئين ڪهاڻين، هيڪر جتي نهاريئي
                                        کڻي نين ٻئي خمارا
3-     يا قوت لعل مرجان، لالي لبن تان قربان
        حورون حسن تي حيران، شرمند شمس ڪاريئي
                                        ڪتيون، قمر، ستارا
4-     ”حافظ شاهه“ جون نيازيون، سڃ التجائون آزيون
        ڪر دوست دلنوازيون، ڇو مفت مُئيءَ کي ماريئي
                                        ڏس پاڻ ڏي پيارا

 

[1244]

اڄ ليئو پائي لڪائي لوڪ کان دلبر ڏٺم

سڀ طرح سيگاريل زر زيب سان ظاهر ڏٺم

1-      زلف جو زنجير ظالم قيد لئي ڪِيَڙئي تيار
        ور ڏيو ٿي واريئي واسينگ وانگر پيچدار
        منهنجي مارڻ ڪاڻ قهري، وِهَ ڀريو وسيهر ڏٺم
2-     لال دب دندان گوهر، زيبداري زرنگار
        طوق طائوسي، ڪبڪ رفتار ۽ طوطي تنوار
        صاف سهڻن جو سپہ سالار، سو سرور ڏٺم
3-     گلبدن، گل پيرهن ۽ رخ گلابي، گلعذار
        سروقد، شمشاد قامت، نيڻ نرگس نوڪدار
        سونهن ڀريو سرتاج سهڻو، ماهرو منور ڏٺم
4-     چست چشمن سان چٽيائين تير مزگان منجهه اندر
        هوش ”حافظ شاهه“ جو جهٽ پٽ نيائين سان نظر
        ساڻ اهڙيءَ پر پري پيڪر، سو زوراور ڏٺم

 

[1245]

منهنجي ساجن ريءَ نه سري، گهڙي گهارڻ ٿي مشڪل

1-      جال جنجال ٿي يار جدائي، عشق اندر ۾ آڳ اُٺائي
                                گهاء انهيءَ هيءَ گهايل گهائي
        چهڪن ڪِيَڙِي چري، آيو عاشق سِر آجل
2-     مُورؤن ساعت مون نه سري ٿي، محب مٺا مشتاق مري ٿي
                                پل نه پيارا مون کان پري ٿي
        نه ته وينديس مفت مري، پوندءِ خون ڳچيءَ ۾ خلل
3-     ڪنہ پر پيچ پرينءِ سان پايم، ”حافظ شاهه“ سڀ هوش وڃايم
                                سور نه ٻئي کي سوز سلايم
        ڳاري انهيءَ ۾ ڳري، منهنجو عشق منجهايو عقل

 

مرزا قليچ بيگ ”قليچ

مرزا قليچ بيگ جو پيءَ مرزا فريدون بيگ اصل جارجيا (ايران) جو رهاڪو هو، جو لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ حيدرآباد  شهر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتي 1270هه/1853ع ۾ مرزا قليچ بيگ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي علم ادب ۽ شعر و شاعري ڏانهن لاڙو هئس. نون سالن جي عمر ۾ سنڌي ۽ فارسي شعر چوڻ لڳو. مرزا قليچ بيگ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بعد روينيو کاتي ۾ سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو، جتان ڊپٽي ڪليڪٽري جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. مرزا صاحب پنهنجي سڄي عمر ادبي خدمت ۾ گذاري. اٽڪل 350 ڪتاب تصنيف ڪيائين، جن ۾ دنيا جي بهترين ڪتابن جا ترجما پڻ آهن. بهترين نثر نويس ۽ شاعر هو. سندس ڪلام جو مجموعو ”چندن هار“ شايع ٿيل آهي. علمي خدمت ڪري کيس شمس العلماء جو لقب مليو. تاريخ 3- جولاءِ 1929ع ۾ وفات ڪيائين.

[1246] *

جلوه جڳ وچ رب دا هي

ڪوئي واقف رمز عجب دا هي

1-      ڪڏهان شمس قمر وچ تاب ڪري

ڪڏهان خاڪ دي اندر خواب ڪري
        ڪــڏهـــان وچ هــــوا دي آب ڪري

اهو خالق مالڪ سڀ دا هي
2-     ڪڏهان هوش ڇوڙ آوندا مستي وچ

ڪڏهان نيست ويکاوندا هستي وچ
        ڪڏهان عالم شرع پرستي وچ

ڪڏهان عاشق طالب لب دا هي
3-     سهي صوفي تنهن ڪُون صاف ڪيتا

ڪٿان ڪام دي وچ شگاف ڪيتا
        ڪيها ’الف‘ وچون انصاف ڪيتا

ويکيا ’ميم‘ عجيب مطلب دا هي
4-     ڪيها رنگ بــرنگـي شاهــن ويکو

ڪيها خاڪ دي وچ خاقان ويکو
        ڪيها بحر ”قليچ“ بيان ويکو

ڪيتا ترڪ طريق ادب دا هي

 

[1247]

1-      زلف ڇڏين سهڻا ڇوڙي ڇو، مشتاقن کي مارين ٿو
2-     چين گهميس ساچين گهميس آءٌ، مٽ تنهنجو ڪونهي ڪو
3-     حور پري ٿيا تو تؤن قربان، شمس قمر ڀي صدقي ٿيو
4-     جوت جمال ڏسي سڀ تنهنجو، جِنّ مَلڪ جو جيءَ جليو
5-      درد رکيو جنهن تنهنجو دل ۾، رت هنجهون مر هاري سو
6-     ڪا جا لنو ”قليچ“ سان لايئي، مست وتي محبت ۾ مئو

 

[1248]

سڀ سمر پنهنجو سنڀار، اُٿ مسافر ڪر تياري

1-      ڏک ۽ سک هن دار فاني جو چيو ٿن ڏينهن چار
        سالڪن سمجهيو سهي دنيا آهي نا پائدار
                        ٿي وڃي سورن ۾ ساري

2-     جيءُ جسو قسمت وڌو هن بند ۾ بي اختيار
        ڏينهن پيا پرڏيهه ۾ واهه وطن تي واڳ وار
                        اکين اندر انتظاري

3-     جي گهرين آرام جڳ ۾ وهم دل جا سڀ وسار
        دوست دشمن ڄاڻ هڪ حرص و هوا کان من کي مار
                        تان رکي صاحب ستاري

4-     پيچ هر ڪنهن سان نه پاءِ دانَہ تون دل اهڙي نه ڌار
        دام جت ويندءِ وڪوڙي ڦٿڪندي ان بي قرار
                        ڪانه ٿيندءِ رستگاري

5-      هو گذر جڏ گام ۽ تن ۾ طلب هئي سڀ جي تار
        هاڻ پرتو سڀ خدا کي لطف جنهن جا بيشمار
                        اسين هليسين هيڪواري

6-     قرب وارن سان ”قليچا“ ڪا گهڙي ويهي گذار
        اڄ سڀان هلندين هتان رئنديون اکيون جت زار زار
                        ڪيئن ڪندين اڳتي تياري

 

[1249] *

بنا دلدار دلبر جي گذارڻ ڌار مشڪل آ

1-      سهڻا سک سور ٿي ڀانيان، نڪي پوشاڪ پٽ پايان
        لباسن کي لاهيو لاهيان، ڪرڻ سينگار مشڪل آ
2-     ڇني مون ڳهه ڳٺا ڇڏيا، وڃي سي خار خس گڏيا
        سوين سر بار غم گڏيا، پائڻ ڳل هار مشڪل آ
3-     کلي جڳ لوڪ مر سارو، مِٽن جو مون مٿان مارو
        ”قليچ“ الله سان رک آرو، موڙڻ منهن يار مشڪل آ

 

[1250]

درد تنهنجي دلدار، ساڙي ساهه سڪيو

1-      ناز ڀريا تنهنجي ناز نهوڙيس

چشمن جي چمڪار، جانب جيءُ جلايو
2-     اڱڻ جڏهن تون اندين اسان جي

صورت جا سردار، ٿيندم بخت سوايو

3-     ويٺي سدا تنهنجون واٽون ناهريان

هوت هنئين جا هار، ڪوڙين ڪانگ اڏايو
4-     وقت لنگهي ويو ويئين وساري

ڪيڙءِ قول قرار، دلبر دل ساڻ لايو
5-      تون تؤن ”قليچ“ ٿيو قربان

محب مٺا منٺار، تنهن سان نينهن نڀايو

 

[1251] *

تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي تڪبير چوان

1-      منهن مصحف، تنهنجون عين اشارو

ساري سڀ تحرير ڏسي تفسير چوان
2-     زلف سياه سراسر خم خم

خوني خنجر تير ڏسي شمشير چوان
3-     حسن تنهنجي ڪيا هار حيرانا

ملڪ ملڪ جا مير پيغمبر پير چوان
4-     سور ”قليچ“ سڀئي سهه سر تي

جيڪا لکي تقدير اڳئون ڇا تدبير چوان

 

[1252]

ماري مسافر يار وڌءِ يار وڌءِ دلدار وڌءِ

1-      گهور ڏئي دل چُر ڪري وئين، غم اندر غمخوار وڌءِ
2-     صورت صاف سڄڻ سينگاري، هردي منجهه هزار وڌءِ
3-     زلف دراز ڪڍي ڪاڪل مان، سُري نيس دار وڌءِ
4-     دوست ”قليچ“ جي گهايل دل تي، باري برهه جا بار وڌءِ

 

[1253] سر آسا*

ڪوه ڪُٺيءَ کي قيد ڪري، ڪيئي مارن کان ڌار ڙي

عمر! ڏنئي آزار ڙي، ڏاڍي ٿيس لاچار ڙي

1-      سانگين سان هيس ڪالهه هيڪاندي

غم وهم کان هيڙس واندي

امر ارادي هـن ڪوٽ ۾ آنـدي

مفت مُٺي پئي موت مري، اکيون اباڻي پار ڙي
2-     وُٺا مينهن ٿيون گلزاريــون

پييون نڪري پٽ پهنواريون

اچن ڪنڊا ڪريــڙ ٻهاريـون

پڪا پيرُون پاند ڀري، ٻاٻاڻن جا ٻارڙي
3-     زهــر لڳن ٿا تنهنجا کـاڻـا

ساوا ساڳ سدا سيــبــاڻـــا

پـــاڪ پــنــيــر لُـــلـــر لاڻـــا

ڏُکي ساريو ڏُٿ ڏري، ڏنا ڏؤنرن ڏار ڙي
4-     عمـر حـال وڃايــم روئي

لال لڱن تان لاٿيم لوئي

ڍڪينديس آءٌ تنهن کي ڌوئي

پٽ پٽيهر ڪري پري، واسيان آءٌ نه وار ڙي
5-      نِت ”قليچ“ ڪريان ٿي آهون

روز نهاريان ويٺي راهون

مانَ ٻُڌن سي دلبر دانهون

ماروئڙا شل پير ڀري، سگهو لهن ڪا سار ڙي

 

[1254] سر پِيلو

ماڻا ڪري نه مار سڄڻ تون ذري ذري

پاڻان نه ڪر تون مون کي پيارا پري پري

1-      هيڪر نهار نيڻ کڻي ناز مان پرين
                وئي عمر انتظار ۾ آزيون ڪري ڪري
        2-     هردم هنجهون وهائي ڪري ياد توکي دل
                ڳالهيون ڪري هزار ڳُڻن جون ڳري ڳري
        3-     مون ڪِيو ڪسڻ قبول مگر تون ڪو قياس ڪر
                خنجر وهاءِ حلق تي قاتل هري هري
        4-     دلبر اچي ڪو ڏيج دلاسو ”قليچ“ کي
                محبت ۾ تنهنجي محب مٺا پيو مري مري

 

[1255] سر جوڳ

ويا وطن وري وڻجارا، محبوب مٺا موچارا

1-      هِت آيا قسمت سانگي، سي بربحر اورانگهي
        رهيا وير ويراڳين وانگي، آديسي اڏي اوتارا
2-     هٿ مُرلي، مُونڍي مڻيا، ڳل ڳانا جانِ تي جڻيا
        ڳھڻ تن جا ڪهڙا ڳڻيان، لايا نانگن نينهن نظارا
3-     آيا عطر عنبير اُٺائي، ڏنئون جڳ کي واه ويراهي
        ويٺا وِره جو وکر وِهائي، سوداگر سخن سچارا
4-     ڪريان ڳالهه انهن جي ڪيهي، دل رمز سان تن ريهي
        پائي پيچ اندر ويا پيهي، پرديسي پرين پيارا
5-      ڪئي سامين سنبت سگهوئي، مَلي خاڪ ۽ ڌاڳا ڌوئي
        رميا راه مٿي سي روئي، ڇِنا سڱ سناسين سارا
6-     ويا لا ٻڌي لانگوٽي، لاهوت چڙهيا وڃي چوٽي
        ايندا نه مسافر موٽي، پروس ٿيا ويچارا
7-     جڏهن ياد پون ٿا جاني، دل درد کان ٿئي ديواني
        سِڪ سوز کان سرگرداني، پل پل ۾ جگر ٿئي پارا
8-     ويون ڪُل ”قليچ“ جون واهون، پيو عرش رسائي آهون
        ڪري درد وندن جان دانهون، نِت نيڻ وهائي نارا

 

[1256] سر سارنگ

سڪندي ٿيڙم سال، سانگيڙن کي ويٺي آءٌ ساريان

1-      مور نه وسرن عمر اباڻا، سُر جنهين جا ساهه سيباڻا
                        لهندا سي نيٺ سنڀال

2-     ٻَن هي تنهجون زريون زيور، هيرا موتي پٽ پٽيهر
                        لوئي وڻي ٿي لال

3-     مينهن وُٺا ڦر ڦوڳ ڦُلاريا، ويڙهيچن تان ويڙهه، والاريا
                        مارن ڇوڙيا مال

4-     محبت تن جي مون کي ٿي ماري، جيڏين سرين کي نِت ساري
                        جر وهايان جال

5-      عمر الله لڳ ڏينم نيڪالي، تو در آهي ”قليچ“ سوالي
                        هيڻيءَ جا ڏس حال

 

 

 

محمد صديق مسافر

محمد صديق ولد گلاب خان، ويٺل ٽنڊو باگو سنه 1879ع ڌاري ڄائو. سنڌي فائنل امتحان پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. ان بعد فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪندو رهيو. حيدرآباد ۾ سيد فاضل شاهه جي صحبت کان گهڻو متاثر هو ۽ شاعري جي شروعات به اُتان ئي ڪيائين. 1930ع ۾ مير غلام محمد خان سرڪاري نوڪري ڇڏائي کيس ٽنڊي باگي ۾ انگريزي اسڪول جو نگران مقرر ڪيو ۽ ان بعد زندگي جي آخر تائين اتي ئي رهيو. سنه 1962ع ۾ وفات ڪيائين. سندس لکيل نظم ۽ گيت درسي ڪتابن ۾ شامل رهيا. سندس لکڻ موجب قافيون پڻ چيائين، جن جو مسودو گم ٿي ويو. سندس فقط هڪ قافي دستياب ٿي جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.*

[1257] سر پِيلو*

يار اچي هن ويلي، هيڻيءَ سان ٿي حامي

1-      پر ۾ توکي ساريان، هئي هئي هنجهڙيون هاريان
        پلپل پيئي پڪاريان، سانول ٿي هم ڪلامي
2-     مون نه وسيلو هٿ ڪو، جانب تو ڌاران ٿيو
        ڪير اچي هتڙي ٻيو ٿيندو ڪو شاد ڪامي
3-     ڏکيو ڏورڻ ڏونگر، پير پٿون ڪن ٿا پٿر
        ”اضعف“ کي ڪر دلبر، معاف سڀئي ڀُل خامي

 

گلڻ

گلڻ جي هيٺين قافي 1914ع ۾ لکيل بياض ۾ شامل آهي. * يعني ته گلڻ اُن وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريو.

[1258] *

فيض فهميدا فقير، ويا وڄائي پنهنجا وارا

1-      نانگن کي جو نينهن لڳو، جن ساڙيا پنهنجا سرير
        باهيون برهه جون جن تي ٻريون، تن ۾ تکا ڏاڍا جي تير
2-     جوڳي هن جهان ۾ سُک ٿي سمهيا ڪڏهين جو ڪين
        هئا هميشه حمام ۾ تن جا ڪريان ڪهڙا نظير
3-     ”گلڻ“ ڳالهيون تيسين ڳائي، جيسين جيئرو منجهه جهان
        سچا عاشق الله جا درويش ڏيندا دل کي ڌير

 

 

زمان شاهه ”ساقي

 

زمان شاهه ساقي، ٺٽي شهر جي رضوي ساداتن مان هو. سنه 1890ع ۾ ڄائو ۽ جوانيءَ ۾ ئي 1345هه/1926ع ۾ وفات ڪيائين. گهڻو ئي ڪلام چيائين، جيڪو گم ٿي ويو، البت سندس ڪي قافيون ۽ غزل عام محفل ۾ هلندڙ آهن، جن مان 6 قافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

 

[1259]

جنهن سان دلڙي اڙي تنهن کان ڌار ٿيڻ

جيڏيون جاڙ جيئڻ، تنهن کان زهر پئڻ

اهو مرڻ ناهي اديون ٻيو ڇاهي اديون

1-      جنهن کي نينهن نيو، تنهن کانس ڀ ويو

ڏونگر ڏس ڏيو، جيڏيون شال جيئو

اؤکو پيچ پيو، ويهڻ وه ٿيو

اهو ڦاسڻ ناهي ٻيو ڇاهي اديون
2-     ملي ماه لقا، جنهن لاءِ آهيان فدا

ڪيو قهر قضا، ٿي ويو يار جدا

سڪي ساهه سدا، تنهن کي آڻي خدا

اهو سڪڻ ناهي ٻيو ڇا اديون
3-     دل تي دود دکن، لکين پور پون

سوين سور سجهن، واتان ڪين ڪڇن

ڏسي آڳ اچــن، اچيو پــاڻ پچن

اهو پچڻ ناهي ٻيو ڇا هي اديون
4-     ماندي روز مران، پکا پيئي پڇان

زمان شاهه“ ملان، اٿم آس آهان

ويئي پايان فالون، ايندو يار ڪٿان

اهو جهڄڻ ناهي ٻيو ڇاهي اديون

 

[1260] *

اباڻا الاهي ويٺا ڇو وساري

پهنوارن کي پلپل سندم ساهه ساري

1-      ڀِٽن ساڻ بنگلا برابر نه ڀانيان

ٿيم لـوئي ليڙون لڱن تان نــه لاهيان

وري واڳ والي وطن منهنجي واري
2-     عمر ڏي اجازت آءٌ آهيان اُداسي

وڃــان ملڪ مــوٽـي پلــر جــي پياسي

وڇوڙو ويڙهيچن ميان مون کي ماري
3-     وڳــر کان وڇوڙي ڇني ڪيم ڇوري

کڻي آئين کوه تان ڪري ظلم زوري

سنگهارن سواهت گهڙي دل نه گهاري
4-     ڌڻي بخش مون کي تون من جون مرادو

زمان شاهه“ آءٌ ڪريان اباڻن سان عيدون

وري ڏيهه ڏاتر ڏکيءَ کي ڏيکاري

 

[1261]

مُنهن نه مَٽ محبوب تون، معشوق مون کي مل وري

ڇڏڻ رسڻ جي ريت راڻا، کڻ اکيون ٻئي کِل وري

1-      ڪين ٿي پل پهر پاسي، مون پياسيءَ کان پري
        جا دل ڏنيم تو يار کي، سا وٺان مان ڪيئن وري
2-     اکين کي آرام ناهي انتظاريءَ ۾ عجيب!
        ڀل نه گل سان گڏ گذاري باغ ۾ بلڪل وري
3-     وه وهڻ سک سور ٿيو، ٻَنِ پيو جدائيءَ جو جيئڻ
        ڇو پيا دلبر ڌتاريو، عاشقن جي دل وري
4-     اي ”زمان شاهه“ ٻاجهه وارا، ٻاجهه ٻانهيءَ تي ڪندا
        من لڳي منهنجي اکڻ تي يار جي محفل وري

 

[1262]

آئي مند ملاري وي، جُهڙ ڦڙ وسن جهالرا جهم جهم

1-      موتيو مکري گونٽ گلابي، سنبل حسن هزاري وي
        سروَ صنوبر سوسن سهڻو، لالا لال لياري وي
                        بلڪل ٻولي قُمري قُم قُم

2-     ڄام ڄمون نيو نم نم نارل، وڻن وري وڻڪاري وي
        انب انجير انگور اناري، نرگس خوب خماري وي
                        شب روز وسي شاخن تي شبنم

3-     ديد دُناليون بڻڇيون ڀالا، تيز ڀرون تلواري وي
        ڳاڙها چپ ڏند موتين جهڙا، زلف قيامت ڪاري وي
                        دام وجهن ٿا دل کي دم دم

4-     ايندو دلبر عيد ڪنداسون، تان اِها ٿم تاري وي
        محب ”زمان شاهه“ موٽي ملندو، پرين ڪندو پوئواري وي
                        ناز وارن جي اڳيان نم نم

 

[1263]

سانُون يار عجب لنؤن لائي وي

پُور پريان دي پوندي پلپل

1-      رات آڌي دي لوڪان ڇپ ڪيتي لڙائي وي
        مار مشتاقان نون دل خوش هويا چوري ڪيتي چڙهائي وي
                حملا حبيب دا ويکون ول ول

2-     مار اکيان دي نال اشاري، آهي دل اڙائي وي
        پهرين ڏئي منهن مٺڙا ڪِجي ول نه ڪڙائي وي
                        ڪانه پيو سي ڪائي ڪل ڪل

3-     ڪهڙي سُور سڻاوان سهڻا جانب جوش جدائي وي
        غازي ڪنول ڪيوين بازي کٽيان، ساجن راند سوائي وي
                        سمجهه سان سار سنڀاري هل چل

4-     زلف دي پيچ ”زمان“ ڪون پائي، پوءِ ڪيتئي پڪائي وي
        لحظي وچ سڀ لالن لاهيا، ساجن ٿيم سڻائي وي
                        بره مچائي بلڪل ڀل ڀل

[1264]

عمر آهيان اُڪنڊي وطن جي وڃڻ لا

مري مَن ٿو ماندو پهنوارن پسڻ لا

1-      تنهنجي محل ماڙين وڌم من منجهائي
        سِڪي ساهه منهنجو پلر جي پيئڻ لا
2-     نه ڪئي پوئواري ڪا منهنجي پهنوارن
        ملي ڪونه ماڻهو نياپي ڏيڻ لا
3-     ڏسان راهه رويو ٿي ساريان سنگهاريون
        ويٺي پِير پوڄان وطن جي وڃڻ لا
4-     ”زمان شاهه“ ڏوٿين ڏٺي ڏينهن ٿيڙا
        ٿيو ڪونه پيدا ڪو مون کي ملڻ لا

 

 

سيد مراد شاهه ٺٽوي

سيد مراد شاهه شيرازي، ٺٽي جو ويٺل هو. ويهين صدي جي پهرئين اڌ ۾ ٿي گذريو. سندس هيٺين قافي 1925ع ۾ ڇپيل قافين جي ڪتابڙي تان ورتل آهي.

 

[1265] *

باندي بيڪس ڪئي ڇو اَمير

ور کان ولهي هٿ آهيان آهيان

1-      ماروئڙن ري هٿ مان اڪيلي

ساڻ نه مون سان آهــي سهيلي

ڇنيو اباڻن کان تقدير، ڏوهه نه ڪنهن جو ڀانيان ڀانيان
2-     ڪيچي ڪانگا خبــر آڻــي ڏي

مـــارو ڪهـــڙي هنــڌ ويٺا ٿــي

مَنهَن پيا ڪي منجهه ملير، هوند ڇَنا اُت ڇايان ڇايان
3-     پهنـــوارن کــي چئج ڪانگــل

ڪـين وسـاريــو زوري آنــدل

مون کي ماريو آهي اڪير، وس ۾ پنهنجي ناهيان ناهيان
4-     لوئي لاهي پٽ ڪينڪي پائينديس

ويس وڳا ۽ کاڌو نه کائينديس

وطن ورڻ جي موڪل مير، آزي ڪري ٿي چايان چايان
5-      مــانَ وري ”مــراد عـلـي شاهـه

ويڙهيچن سان ميلين مـولــيٰ

 

 


 


* [1231]  بياض ۾ ڪتابت جي تاريخ 12-9-1915ع

* [1231]  بياض ۾ ڪتابت جي تاريخ 10-9-1915ع

* [1233]  کان  [1235]  خوشيرام فقير سودائي جي 1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل

* [1235]  بياض ۾ عنوان ”مولود“ لکيل آهي

(1) (1) پير ڀاون علي شاهه ”ساقي“ جو ڪلام (قلمي نسخو)، مرتب شيخ محمد سومار، 1964ع تان ورتل.

(1) (1)   تفصيل لاءِ ڏسو ”تذڪره شعراءَ ٽکڙ“. اسدالله شاهه ”اسد“ ٽکڙائي، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع

* [1246]  کان  [1248]  عجيب نيون قافيون ڀاڱو 3، ميشرس مينگهراج ائنڊ سنس (دفعه اول، سکر، جنوري 1918ع)

* [1249]  کان  [1250]  ”عجيب نيون قافيون“ (ڀاڱو ٻيو)، هيمنداس ائنڊ سنس سکر، ٻيو ڀيرو. 5- ڊسمبر 1919ع.

* [1251]  ۽  [1252]  سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 30-1920ع ڌاري لکيل قافين جي يباض تان ورتل

* [1253]  کان  [1256]  ”گلدسته قليچ“، 1963ع تان ورتل

* * هيءَ قافي شير محمد محمد صالح چغدي شڪارپور جي نوٽبڪ تي خود محمد صديق مسافر پنهنجي هٿ اکرين لکي، جنهن تي تاريخ 7- سيپٽمبر 1899ع بروز خميس لکيل آهي. ان وقت محمد صديق جو تخلص ”اضعف“ هو.

* [1258] * مير فتح خان (فتح محمد خان) ٽنڊي محمد خان واري جي 1914ع ۾ لکيل بياض تان ورتل. ڪتابت جي تاريخ 16-8-1914ع.

* [1260] کان  [1264] ڍوري ناري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل

* [1265] ڪلام شيرازي ٺٽه، ”عجيب نيون قافيون“، ڀاڱو 3، ڇپائيندڙ ڄيٺمل، حيدرآباد 1925ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org