آخوند محمد عمر
آخوند محمد عمر مرحوم آخوند براديه ٺٽي شهرجو ويٺل هو. ويهين صدي جي پهرئين
اڌ ۾ ٿي گذريو. سندس
هيٺين قافي 1925ع ۾ ڇپيل قافين جي ڪتابڙي تان ورتل آهي.
[1266] *
پسڻ حاضر پرين تنهنجي، نهاريان رند راهون ٿي
1-
ملڻ محبن سندو مشڪل، هنيو حيران ٿيو بالڪل
اداسي دل مثل بلبل، ڪري شب روز آهون ٿي
2-
رکي وئين يار تون ياري، ڪيئي پوءِ ڪانه غمخواري
کسي دل دوست هيڪاري، وڃي ويٺين پرانهون ٿي
3-
پڇايان ٿي پنهل پانڌي، نه ڪنهن قاصد خبر آندي
وتان تو لئي مٺا ماندي، وجهان آءٌ واجهه واهون ٿي
4- ”عمر“ جي سڻ صدا جاني، پسي هيءُ حال حيراني
لاهي لعلڻ پريشاني، ڪري دل درد دانهون ٿي
محمد هاشم ”مخلص“
محمد هاشم ولد حافظ حاجي ”حامد“، 1278هه/1860ع ۾ ڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس
استاد حافظ محمد يوسف هو، جنهن وٽ سنڌي، فارسي ۽
قرآن شريف جي تعليم ورتائين. بهترين شاعر ۽ نثر
نگار ٿي گذريو آهي. مشهور اخبارون ”الحق“ ۽
”مسلمان“ جاري ڪيائين. تاريخ 2- فيبروري 1934ع تي
ميرپورخاص ۾ وفات ڪيائين. کيس ٽکڙ جي سندس اباڻي
قبرستان ”شاهه ميران“ ۾ دفنايو ويو. قافين ۾
پهريائين ”هاشم“ ۽ ”ناصر“ تخلص ڪيائين.
[1267] *
ٻيڙا ڀريا ڀر پور، قادر ڪجانءِ منهنجا ڪنڌيءَ ڪناري
1-
روز راڻل لاءِ ڪريان ويٺي ريهون
دوست دلاسو دل کــي ڏيهــون
ماريو انهي مذڪور، مام انهيءَ ۾ ويا ٽم ماري
2-
عمر آنـدي زوري چاڙهـي
قيد ڪنگالڻ هٿ وڌئي چاڙهي
پون سانگين جا سور، ميار مارن جي وڌي آهيان ماري
3-
ور سسئي کان سنجهي ئي ويڙو
ڏوهـه ڏيرن جـو ڪهڙو ٿيڙو
پون جنين جا پور، پورهيت پنهونءَ لاءِ اُڀيو اوساري
4-
ٻيجل جي جڏهن تندن تواريو
راءُ تڏهن ٿي سِرڙو سينگاريو
مڃي نه سورٺ جو سوال، ماڻڪ موتي ڇڏيئين سڀ وساري
5-
سُرڪيءَ خاطر سهڻي ڪاهيو
موليٰ تنهن کي محب ملايو
مڃج سائل جو سوال، تار منجهؤن اچي ”هاشم“ کي تاري
[1268] *
سگهو موٽ مسافر يار مري
تنهن کان پاڻ پڇو ٻه ٽي پير ڀري
1-
هڪ سسئي کي سِڪ سامان هئا
ٻيا ڏيــرن جــا بــه ارمــان هئا
ٽيو ملڪ پنهنجي ۾ نه مانَ هئا
چوٿون جَت ويا تنهن سان ڏاڍ ڪري
2-
هڪ سهڻي کي چِڪ چُور ڪيو
ٻيو پار وڃڻ بــه ضرور پيو
ٽيو ميهر جو جنهن کي پور پيو
چوٿون تِک وهي ته به تار تري
3-
هڪ عشق جـو آزار ٿيو
ٻيو بـت سڄو بيمار ٿيو
ٽيو نيڻين جاري نار ٿيو
چوٿون درد جو دارون ڪير ڪري
4-
هڪ هــال ”هاشم“ جــو هيڻو ٿيــو
ٻيو سُور سڄڻ تنهنجــو ٻيڻــو ٿيــو
ٽيو درد مون کــي آهــي ٽيڻو ٿيــو
چوٿون سڄڻ ملي تان دلڙي ٺري
[1269] *
جيڪي آهي سو منجهه آهي
نانهه ۾ ڪِين ڪجهه ناهي
1-
ترڪ تسبيح ڪر جيئيو ٽوڙج
مُنهن مالها کان پاهــون مــوڙج
گنگا جمنا جايون جوڙج، نانهه منجهان تون ٺاهي
2-
آڌوتي ٿــي ڇــڏ تــون آرس
هل تون مٺڙا ڏسج بنارس
جي پروڙين ته سڀئي پارس، وڃ ڪاشِي ڏي تون ڪاهي
3-
پِــرت منجهان تــون پاڻ پچائج
پــر ۾ پنهنجــي رام ريجهائـج
لاهوتين کي ڪين لڄائج، سِينو هلج نه ساهي
4- ”ناصر“ نينهن رکي ٿيءَ نانگو
لڄ شرم لنگهجانءِ لانگهو
ڪوه ڪندوسون تار ۽ تانکهون، خوف انديشو ناهي
رشيد احمد ”رشيد“
رشيد احمد، ميرپور ساڪري لڳ هڪ ڳوٺڙي ۾ ڄائو هو. سنه 1367هه/1948ع ۾ وفات
ڪيائين.
* [1270]
چتونءَ جي چوڻ تي وطن مون وساريو
رُلائي رنــدن ۾ مِٺوءَ مــون کــي مـاريــو
1-
پکي پيار ڏيئي، کسي دل کڻي ويو
لائي جيءَ ۾ جادو، هٿن ۾ هڻي ويو
دلاسو ڏيئي دلبر، دغا سان ڌتاريو
2-
چتون چهنب چوريو، مٺو ٻول ٻولي
وطن کان وڇوڙيو، ٽڪر منجهه ٽولي
ڪيل قول پنهنجو پکيءَ ڪونه پاريو
3-
مٺوءَ ڪيون ٿي منٿون، پکيءَ پنهنجي پر ۾
سڙان ٿي اي سانول! اجايو اندر ۾
روئي رات ساري پکيءَ ٿي پُڪاريو
4-
رويو ”رشيد احمد“ ٿو طوطل تنواري
اُٿيو رات آڌي چتون ٿو چينگاري
متان ڪي مسافر وطن واڳ واريو
[1271]
چوي ريل گاڏي مان رَوان ٿي روان مان
اچي چڙهه مسافر وڃان ٿي وڃان مان
1-
ڏئي باهه ڀڙڪا بره جا ڙي بابو
ڪَلُون جي ڪيئي ڪُلئي قابو
سگهو ڏي تون چاٻي، چلان ٿي مان
2-
هزارين مسافر مان چاڙهيو وڃان ٿي
وطــن کان پــري پنڌ تي جـي نيان ٿي
لکين جوان گوندر ۾ گڏيان ٿي گڏيان مان
3-
چوي ”رشيد احمد“ چڙهي ڪر سواري
اوڏاهين هلڻ جـي تــرت ڪر تياري
اِنهين ڦُڙتي سڀ ڪنهن سڏيان ٿي سڏيان مان
پير شاهه ”ڪوثر“
حاجي پير شاهه ولد مهر شاهه، رضوي شاهپوٽو، ميين شاهه عنات جي اولاد مان هو.
پهريائين ميرپورخاص کان 4 ميلن پنڌ تي سنهڙي لڳ
مڃري واهه تي ويٺل هو، پر پوءِ لڏي وڃي تعلقي
عمرڪوٽ ۾ ديهه هيدي ۾ هاڪڙي ڍوري جي ڪپ تي پنهنجي
زمين ۾ ويٺو. سنه 1958ع ڌاري 85
سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي ڪلام ۾ تخلص ”ڪوثر“ پڻ آندائين. سندس چيل
مداحن، مولودن ۽ قافين جو هڪ مجموعو سنه
1334هه/1916ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 21 قافيون شامل
آهن.
[1272]
ساهه سڄڻ سِڪي توري توري
آءُ عجـيـب تــــون اوري اوري
1-
اچ اڱڻ تون عجيبا منهنجي
ماه مٿو ڏيان ڪوري ڪوري
2-
پرين نٿو هڪ ساعت سهان
عشق اچو انهجو چوري چوري
3-
دانهن درد جي دم دم دلبر
ڏيهه تو لئي بيٺس ڏوري ڏوري
4- ”پير
شاهه“ پينار اوهان جو
هڏ لحم ڪري گهوري گهوري
[1273]
بادل بلڪل ٿي ابسيار، رُت موسم مُند مست ملار
1-
گوڙن جا ٿيا گاج گرهرا
چنگ اپنگ سڀ ساز سنهرا
ڇم ڇم ڇيرن جا ڇمڪار
2-
سرمنڊل ڪئين سارنگيون سر ٿيون
خوب خوشيون سي هر گهر ٿيون
ناچ نسورا ٿيا نروار
3-
کِوَڻ کِوائي بلڪل خاصي
خلق خدا جي ڏاڍي اداسي
واڌو وٺا سي ولهار
4-
هر هنڌ سهڻي سبزي ٿي جا
”پير شاهه“ قادر بيشڪ ڪِي جا
چؤطرف ڇنن ۾ ڇنڪار
[1274]
جيڪي سِر جو سانگو لاهينديون
اهــــي پانهــون پيــر نــه پائينديــون
1-
سسئي وانگر گهوريون ٿينديون
گهورپ ۾ نه گهٽائينديون
2-
ليليٰ وانگر لياقت رهنديون
بر ۾ ڇونه بيهارينديون
3-
سهڻيءَ وانگر گهيڙ نه ڏسنديون
ڪُن کان ڪين ڪيٻائينديون
4-
مارئي وانگر محل نه وسنديون
لوئــي ڪين لڄائينديون
5-
ليلان وانگــر لوڀ نــه لڇنديون
هار تي ور نه مٽائينديون
6-
هير وانگي سي سُهما سهنديون
طعني ڏي نه وِسهنديون
7-
مومل وانگر ”پير شاهه“ ڪنديون
جيءَ کي جوت جلائينديون
[1275]
عشق ديان ڪِٿان رَتيان رَتيان
مئن ڪَنين هِن پَتيان پَتيان
1-
بره پڙهايا سبق اسان ڪُون
ياد ڪِيتي مئـن وَتيان وَتيان
2-
نينهن رکيندا نازڪ چالــي
اور حڪــم دي گَتيان وَتيــان
3-
ٻِئي نه ٻُڌاوڻ ديان هــن باتيان
سِيل صبــر وچ سَتيان سَتيان
4-
الُون عقل ڪون عشق جو ڪيتا
ياد ”پير شاهه“ جي مَتيان مَتيان
محسن
محسن، مصري شاهه کان پوءِ واري دؤر جو شاعر ٿي گذريو آهي.
[1276]
نزاڪت ناز قدرت جو نظارو نين ۾ آهي
سراسر سِر سبحاني عيان عينين ۾ آهي
1-
تنهنجي رخسار روشن جو جهليندا تاب ڇا تارا
نه تو جيئن مان ڪامل ڪو قمر ڪونين ۾ آهي
2-
جناب حسن جانان کي ڏٺو جي مون کڻي جانچي
هنيين ۾ سو ٿيو حاصل جيڪو حرمين ۾ آهي
3- ’فاَحسن صُوَرڪم‘ سمجهي ڪيو صورت کي مون سجدو
منهنجي هن قلب جو ڪعبو ڪمان قوسين ۾ آهي
4- ... ... ... ...
... ... ...
مريض عشق ”محسن“ جي شفا شفتين ۾ آهي
باب ٽيون
اتر طرف مولانا عبدالغفور همايوني ”مفتون“، مير علي نواز علي، مولوي قادر
بخش گولي ۽ وريل فقير ابڙي وارو دور
(الف) مولانا عبدالغفور همايوني، مير علي نواز علوي ۽ سندس همعصر
مولانا عبدالغفور ”مفتون“
مولانا عبدالغفور ولد ميان محمد يعقوب، ابڙن جي ’پيچوها‘ پاڙي مان هو. ڳوٺ
همايون ۾ سن 1261هه/1845ع ۾ ڄائو. ميان محمد يعقوب
ڳوٺ همايون ۾ مدرسو جاري ڪيو هو، جيڪو ديني تعليم
لاءِ پري پري تائين مشهور هو. پيءُ جي وفات کان
پوءِ مولانا عبدالعفور سندس مسند تي ويٺو، ۽ درس
تدريس سان گڏ مريديءَ جو سلسلو پڻ جاري ڪيو. سندس
مدرسي جا شاگرد پنهنجي وقت جا وڏا عالم ٿيا.
مولانا عبدالغفور ديني تصنيفات سان گڏ سنڌي، هندي،
سرائڪي ۽ فارسي ۾ پڻ شاعري ڪئي. تاريخ 11- رمضان
1336هه/1918ع ۾ وفات ڪيائين. ”ديوان مفتون“ ۾ سندس
116 سنڌي ۽ سرائڪي قافيون ڇپيل آهن، پر 1907ع ڌاري
هريسنگ جي ڇپايل قافين جي ڪتابڙي ۾ 10 وڌيڪ اهڙيون
قافيون آيل آهن جيڪي ديوان مفتون ۾ شامل ناهن.
(1)
[1277] *
رخ رنگي روشن رعنا، ڳل سُرخ سمن سلطانا
شمس و قمر آ سونهن سڄڻ جي، حوران ٿيون حيرانا
1-
نيڻ سڄڻ جا نازڪ نرگس، هٿ ڪيائيون ميخانا
پِيتيون وتن پُر پيالا، مست گهمن ٿا مستانا
2-
مزگان سڄڻ جون شوخ شڪاري، نِت ڀڃن نيشانا
خوني خنجر ڪُهن ڪٽاريون، بڙڇون هڻن ٿيون بانا
3-
ڏند آهن دلبند سڄڻ جا، صاف چٽا دُر دانا
هيرا لعل جواهر موتي، دَر سندا هِن ٻانها
4-
زلف مِٺل جا نانگ نسورا، درس وتن ديوانا
ڏنگ هڻن ٿا ونگ ورائي، موت مارِن مردانا
5-
لب لُڏڻ جا آهن لالا، يا ڪر ياقوت يگانا
بُت بهاريون وتي سينگاريون، سروَ سهي سبحانا
6- ”مفتون“ آکي خاطر تنهنجي، دوست مٺا دل جانا
سِر مٿئون مان ساجن سَٺا، لوڪ سڀن جا طعنا
[1278]
لاتي عشق اوهان جي لوري
لُٽي دوست نِيوَ دل زوري
1-
سونهن سڄڻ جي نُور نوراني
ڀِروان ڀنڀيون پاڪ پيشانــي
ڏند صاف سڄڻ جا بلوري
2-
زلفان تنهنجون آهن عنبر
چشمان تنهنجون ساڳي خنجر
ڪي چاڪ وجهــن ٿيون چــوري
3-
آءُ تــه گڏجــي ڏينهن گذاريــون
ڳالهيون ڳرَهي دلــڙي ٺاريــون
اها رات وڇوڙي جي گهوري
4-
سِڪ اوهان جي ڪين لهي ٿي
سهڻــن سائين روز رهـــي ٿـــي
جيءَ جان جُثي منجهه جهوري
5- ”مفتون“
آکــي ڪر احساني
آءٌ تــه اصـل کــؤن دلبــر جــان
آهيان ٻَڌڙي اوهان جــي ڏوري
[1279]
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا
زندان هزارين، مان نه رڳو
تنهنجي شاهــي دسترخــوان مٿـي
مهمان هزارين، مان نه رڳو
1-
ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا
ڪيئي نازم مزيد مريد ڪيا
ريءَ ناڻــي ديـد خريــد ڪيا
نگران هزارين، مان نه رڳو
2-
ڪيئي ابــرو تيخ شهيـد ڪيا
ڪيئي نـاز مــزيد مـريــد ڪيا
ريءَ نــاڻــي ديـــد خــريــد ڪيا
قربان هزارين، مان نه رڳو
3-
تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري
ڪــيا مُــل مطيع وسيـع وري
ڇــا جنّ ملائڪ حــور و پــري
حيران هزارين، مان نه رڳو
4-
ڪيئي نوڪر چاڪر جمع اڪبر
ڪيئي خادم آهــن خانان نوڪــر
سوين در تنهنجي تــي دارا سڪندر
دربان هزارين، مان نه رڳو
5-
مـــاه
لــقــا
مـحــبــوب مــٺــا
تنهنجي ناز ادا تان جان فدا
ٿــيــا
دامنگـيــر
امـيــر
گـــدا
سلطان هزارين، مان نه رڳو
6-
دلبــر پيارا ڪــر نُــور نظــر
تون ته سرور عالم جسّ و بشر
توتان قــربان تارا شمس و قمــر
”مفتون“ هزارين، مان نه رڳو
[1280]
تنهنجي صورت گل گلاب چوان
يا مُلڪ سندو مهتاب چوان
1-
تنهنجي مُنهن مِٺي کي ماه چوان
يا حسن سندو بادشاهه چوان
يا مظهر نــورِ الاه چــوان
يا مسجد جو محراب چوان
2-
تنهنجي لعل لبن کي لال چوان
يا عقيق يمن جي مثال چوان
يا کنڊ چوان، يا مَند چـوان
يا سرخ سونهارا عناب چوان
3-
تنهنجي قــد سڌي کــي ڪان چـوان
يا بيشڪ الف ايران چوان
يا سروَ سهي جـو نشان چـوان
يا طوطي وَن جي حساب چوان
4-
دل ”مفتون“ جــي مست چوان
يا مست سو روز الست چوان
يا باز بِــره جــي دست چوان
يا شوق تنهنجي ۾ ڪباب چوان
[1281]
ماڻن تنهنجن موهيس سڄڻ، پيڙس پرين تنهنجي پُکي
1-
مٺڙيون ڪري ڪي ڳالهڙيــون
دل کي وڌءِ ته دوالڙيون
ڪنهن کؤن سِکئين اهي چالڙيون
ڇڏ تون مٺا وايون رهسڻ، اچي پرچ تون مون سان تِکي
2-
هار ڪيئي، سينگار ڪيئي
ڇوڙي زلـــف اظهار ڪيئي
ڪي ڌڙ سِسيءِ کؤن ڌار ڪيئي
تنهنجي ڪندس جهوري جهڄڻ، دونهون اندر ۾ ٿو دُکي
3-
راتيون لنگهن مون وره جون
ويٺين وساري دوست مــون
لــهه سار منهنجي يــار تــون
ماندي آهيان خاطر ملڻ، پيهي اچج منهنجي پَکي
4-
فاني فراقن مـون ڪيو
ڪو ترس توکي نا پيو
ڪر تون منهنجو هڪڙو چيو
دل کي دلاسو ڏي سڄڻ، ٻانهيءَ مٿي ٿورو رکي
5-
ماڻهو ڏٺــا مــون سڀ ڪٿي
تــوکــي ڪيم اکڙين مٿــي
هِتــڙي هجــان تـــوڙي هُتـي
اڻتڻ سدا تنهنجي پَسڻ، جند جان ۾ جاني جُنکي
6- ”مفتون“ چئي ٻانهون آهيان
تنهنجــي درد ديــوانــو آهيان
مـجـنــونُ مستانــو آهيان
ڪر ڪي پهرين وايون ورڻ، راتيون لنگهن تارا تڪي
[1282]
پرين منهنجي جا پار وو يار، ڀِروان ڀنڀيون، نيڻ خماري
1-
اچي وڃي ٽهڪندو ميان لا، باغؤن باغ بهار
ڪُل گهٽيون ٿيون گلزار
2-
صدقي صدقي ڪيان ٿي ميان لا، قدم قدم تؤن ڌار
جان جُثو هيءَ جند ساري
3-
مَٽ پرينءَ جي ڪونهي ميان لا، حوران پائن هار
توڙي پريون ڪن دلداري
4-
مُرڪڻ مٺڙي محبوبن جي ميان لا، لاتي تند تنوار
پاڻي اکين جو ٿيو جال جاري
5- ”مفتون“ ڏي مهر منجهارؤن ميان لا، نيڻ کڻي ته نهار
زور نَٿِي، اَٿِي منهنجي زاري
[1283]
جلوو ڪري جولان، لوڏ لالڻ جي رنگ لاڀو
1-
جهالـر تنهنجي جهِرمـر لائي
جهومڪ تنهنجي جنگ مچائي
ٻانهِين هڻي ٿي ٻاڻ
2-
بولو بار رکي ٿو باري
نٿ ڪري ٿي ناز ڏهاڙي
سڳيون نِين نه ساڻ
3-
تَن تعويذن قيد ڪرايو
لُڪڙِي اسان جو عقل لٽايو
ڪَنڍي هڻي ٿي ڪاڻَ
4-
مُنڊيون ڪن ٿيون مرڪي مارا
ويڙهه ڪري ٿو نانگ جان وارا
هَسِي ڪيو حيران
5-
ڇَلا ڇوهه ڪَــرن ٿــا قهري
چُـوڙا چال چَلــن ٿــا چَهري
مُنگلين ڪيو مستان
6-
ٻانهن رکين ڪيو مان تي مارو
ڪنگڻن ڪيــڙو ڪينـڪي ٽــارو
بُندڙن ڪيو بيران
7-
چوٽي ڦُل سائين فڪر ڦٽايـو
رکڙين ڪونه رکيو ڪجهه رايـو
دستين ڪيو ديوان
8-
ڪَڙين سندا قــوس ڪشائين
گَڏَ گُليلا کـولي هنيائين
”مفتون“ ٿيو نيشان
[1284]
دوست وڌءِ دام دام، دل منهنجيءَ کي ڌ تاري
1-
ساقي سياڻي وو سِڪ جــو ڏنڙو ميان
جود منجهنون جام جام
2-
صبح اسان جي ني وو ساجن ڪيڙو ميان
شوق تنهنجي شام شام
3-
لنؤ اوهان جــي نــي وو روح کؤن لاٿا ميان
خيال خلل خام خان
4-
هول هجر کؤن نــي وو آڻي لِڪو هان ميان
آءٌ ته تنهنجي سام سام
5-
مچ محبت ۾ نــي وو آءٌ گهِريو هان ميان
گهور ڪري گام گام
6-
ڏک ڏکيل ني وو سر جو آيا ميان
هونگ هڻي هام هام
7- ”مفتون“ آکــي نــي وو منهنجــي مٿاهــون ميان
لنؤ ٻڌي لام لام
[1285]
ڪيچين مئيءَ جو ڪانڌڙي، ڀلو ميان!
نِيَڙو زور زبر سان
1-
آءُ ٻاروچل ٻاجهه مؤن لا، موک باندياڻي جي باند ڙي
2-
اوچتو منهنجو اڙيو وڃي لا، ساڻ پنهل جي پاند ڙي
3-
وؤڙوندرريءَ ناهي مون لا، وار کنهڻ جي واند ڙي
4-
اديون! اُڄهيم ڪينڪي لا، ريءَ رانول جي راند ڙي
5- ”مفتون“ کي آهي محب ريءَ لا، سورن جي به سهاند ڙي
[1286]
ويٺي نهاريان واٽ، وو مسڪين سانگين ڏي
1-
ڪڪر ڪارا پارون اَتر جي
ساڻ حڪم پاڪ پـرور جــي
آيا ڪري ڪڙڪاٽ
2-
وڏ ڦڙي ڪيا ڏاڍا وسڪا
ڦــڙيءَ ڦــڙيءَ تــي ڦهڪون ڦهڪا
ڇوهون ڇُٽي پئي ڇاٽ
3-
مٿي ميڪائيل جــو امـر جــو ٿيڙو
جنهن جهُڙن کــي ڪَٺو جـو ڪيڙو
لسي لئي ڪِري لاٽ
4-
کنڀيون خوب کليون ٿــي پٽن تــي
نڪتيون سبزيــون صاف ڀٽن تــي
گاهن ڪيڙا گهاٽ
5-
مَهريون تنهنجون موت ٿي ڄاڻان
مِينڍا پنهنجا مور نه کوليان
ڀلا ڀانيان ٻاٽ
6-
پٽ پٽيهر ڪين پهـرينديس
تيل ڦليل لکين نه لائينديس
وڃي ملينديس ماٽ
7-
دلــڙي منهنجـي ويٺي ساري
مٺڙا مارو روز پڪاري
ڀريون ڳوڙهن ڳاٽ
8- ”مفتون“ جــن لئـي ڦاران وجهايـم
پير ڀري هت پاڻهي آيم
سرها ٿيڙم ساٽ
[1287]
مِل سهيليان ويکڻ آئيان
پار ندي دي رانجهو ديان جايان
1-
ماهي ميڏا منجهيان چاري
گهمندا ڦِــردا نــدي ڪناري
اڳيان پڇليان کــڙا تنـواري
ڪَٺيان ڪريندا هِڪي جايان
2-
سِر ماهــي دي پـــٽ دا دشالا
هٿ وچ ڪنگـڻ ڪن وچ والا
مُنهن ماهي دا جِين گل لالا
چشما کڙيان پيتي صُراحيان
3-
رات اندران مــوج بحــر دي
رانجهن ڪيتي تار مئن تردي
بنا ماهــي دي ساعت نــه سردي
ماهي جڏان کڙو ونجليان وڄايان
4-
رانجهڻ ڇوڙيا تخت هزارا
آڻ مــاريس وچ جهنگ دي نعــرا
قيد ڪيتس هـي ساهه ويچارا
چشمان ماهي جڏان چايان
5-
هــو ڪي مسافــر چاڪــر سڏايس
ويس فقيري ڳــل وچ پايس
دلڙي ميڏي ڪون مار مَنايس
رمزان چاڪي رانجهو رلائيان
6- ”مفتون“ آکــي ماهــي ميڏا
ساهــه ميـڏا هــي بــردا تيـڏا
ڪر نه وڇوڙا يار تـون ايڏا
پاند ڳچي ڳل ٻيئي پاوان
[1288] *
بِرهان بهاريون جڙيون جنساريو
اُٺا باغ بستان ٿيون گلزاريون
1-
کليو گل گلابي رابيل رنگي، گل اشرفي جاءِ گل جام
جنگي
آيو گل چنبيلي چمن کي چالاريون
2-
کليو زعفران گل تڪمو تکيرو، ڪيو ناز نسرين دائود
ديرو
سمن ڀي سڻايون ڪي صنعتان سواريون
3-
کليو صاف سوسن سمن سنبل سُري، گل لالا ريحان گلنار
نوري
عباس سنديون عشق وايون وساريون
4-
کليو گل نرگس نازو نويرو، بنفشو بسنتي سورج گل
سويرو
کليو گل رنبق چمن جي چوڌاريون
5-
کليو ارغوان گل مخمل معنبر، ڪيو هار سينگار سهڻو
صنوبر
پُاڙي سندي ڦل جندڙيون جياريون
6-
کليا انب انار انجير اُجرا، ڦٽا ڦاروان توت انگور
اڳرا
پڪا صوف سڦرا، کجيون ڀي ڦلهاريون
7-
ڪري چاهه چَتُن جهڳڙو مچايو، ڀري جام ڀريون پرين
پلايو
محب لئي ته ”مفتون“ هنجهون ٿي هاريون
[1289]
ڏسي ديــدار دلبر جــو، ڇڏي سڄي ملڪ جــي چالــي
پيالو پي ڪري ٿيا سي خوديءَ جي خيال کؤن خالي
1-
ڪڏهن منجهه جهنگ جي آهيون
ڪڏهن منجهه رنــگ جــي آهيون
ڪڏهن منجهه جنــگ جــي آهيون
ڪڏهن هُون صلح جا سوالي
2-
ڪڏهن منجهه عقــل آگاهــي
ڪڏهن هُــون مست سودائي
ڪڏهن هُـون صـاف سياهــي
ڪڏهن هُون ملڪ جا والي
3-
ڪڏهن مخــدوم ڪــڏ خــادم
ڪڏهن هُون حڪم جا حاڪم
ڪڏهن هُــون علــم جا عــالــم
ڪڏهن هُون مست موالي
4-
تڏهــن ”مفتون“ خــوش ٿينـدو
محمّــد ميــر جــڏ ايـنــدو
اچــي مــون کــي دليـؤن ڏيندو
فنا جو فيض في الحالي
مير علي نواز ”علوي“
مير علي نواز ولد مير فخرالدين علوي، شڪارپور ۾ 1270هه/1854ع ۾ ڄائو. مشهور
درويش فقير الله علوي جو پڙپوٽو هو. سنڌي، عربي،
فارسي ۽ سرائڪي زبانن تي عبور حاصل هئس. سندس
تصنيفات مان ”البشارة لاهل الاشارة“ (عربي) ۽
”ڪليات علوي“ مشهور آهن. 22- جمادي الاول
1338هه/2- فبروري 1920ع ۾ وفات ڪيائين. ”ڪليات
علوي“ ۾ سندس سنڌي ۽ سرائڪي 33 قافيون شامل آهن.*
[1290]
*
ڪهڙو ڏيان مان حال هجر جو
لئون پرين مون سان لايُون هليو ويو
1-
درسن دوست پسائي پنهنجو
چاهه ڏيئي دل چايُون هليو ويو
2-
درد مندن جــي دل تــي دلبــر
ڪوپ غمن ڪڙڪايُون هليو ويو
3-
باهــه برهــه جــي ٻهڳڻ ٻــاري
ناءُ ڏيئي دل تايُون هليو ويو
4-
سِڪندي سال ٿيا جنهن پِر لئي
پير اکڻ منهنجي پايُون هليو ويو
5-
دوست بنان مـون دم نه اُجهي
سيني اندر ۾ سمايُون هليو ويو
6- ”علوي“ جهڙا سوين ٻيا سرتيون
گهوري يار گهُمايون هليو ويو
[1291]
بِره اسان جي ڀاڱي آيو، دردن جي ڌڌڪار لڳي
1-
درد دلبر جي ڌم مچايو
مرض محبت جي مَن منجهايو
سورن جي سٽڪار لڳي
2-
پرت منجهؤن ڏاڍا پور پرايم
لوڪ لاڳاپا وره وڃايـم
سڄڻن جي ڪا سنڀار لڳي
3-
ڏک اچي منهنجي ساهه سيباڻا
سُک ڇڏي مون سفر سِڌاڻا
ورهه سندي وسڪار لڳي
4-
فوج فراق جي آهيان ماري
روئندي عمر گذاريم ساري
پرين جي ڪا پچار لڳي
5- ”علوي“ عشق اڱڻ منهنجي آيو
بسم الله ڪري مــون ڳــل لايو
توڙئون تن ۾ تار لڳي
[1292]
آهي آرياڻي موليٰ منهنجو
عشق انهي سان آهي آهي
1-
لئون سڄڻ سان لاتم جاڪون
طلب تنهين جي لڳڙم تاڪون
ور نه وسريم گاهي گاهي
2-
روز ازل کؤن جن جي هيڙس
پيش اچــي آءٌ تــن جــي پيـڙس
لوڪ لاڳاپا لاهي لاهي
3-
ذات عرب جي آهيان ٻانهي
جــن ۾ آهــي منهنجو جاني
وينديس تن ڏي ڪاهي ڪاهي
4- ”علوي“ يار اسان هڪ ٿياسي
ٻَئي پُکي هڪٻئي جي پياسي
ٻئي ڪنهين جو ڇاهي ڇاهي
[1293]
آڏاڻا نَئِي آڏي ڙي آڏي ڙي
وهنديس ويڙهي تنهن ور جي
1-
منزل دور پــرينءَ جــي پسڻ جـي
سخت سُجهي ڏاڍي راه رسڻ جي
ڪول ڪندو مون سڏي ڙي سڏي ڙي
2-
جانب جنهن سان مون لئون لائي
اڱڻ اسان جــي اهــو اينــدو جائِــي
گولي نندو گڏي ڙي گڏي ڙي
3-
بار بَدِين جا هِــن مــون سِر باري
ڏمر ڏکيءَ تي شل ڪندو نه آري
جنهن جي پَئِي ها تڏي ڙي تڏي ڙي
4-
محب ڏسي مون مداين سان شامل
مُنهن مقابل ڪمينيءَ کي ڪامل
شال ميارون مَ ڏي ڙي مَ ڏي ڙي
5- ”علوي“ آهيان مان پورهيت پِر جي
ٻانهي اصلئون تنهن دوست در جي
وينديس ڪين ڇڏي ڙي ڇڏي ڙي
[1294]
رحمت جا درياء وسِي پيا، بر بحر ۾ بهار لڳي
1-
بـرهه سندي بــرسات وسي ٿي
بجلي بادل هوش کسي ٿي
رعد سندي گجڪار لڳي
2-
مينهن وڏا مانـڊاڻ مچايـا
ڪڪر ڪرم جـا واحــد وسايا
وڏ ڦڙي جي وسڪار لڳي
3-
وڻن ٽڻن لائي گلڪاري
گاهـن جـي وڻـي ساول ساري
گل ڦل جي گلار لڳي
4-
مکڙا موتيا سوسن سنبل
ٽانگر ٽؤنرا جنگي جرڦل
هر هڪ جي هٻڪار لڳي
5-
ساوا سُرها ٿيا سڀ سنتر
صندل عود کٿوري عنبر
عطرن جي چٽڪار لڳي
6- ”علوي“ واء وصل جي گُهلي ٿي
پِر جــي اچڻ جــي خبر هُلي ٿي
خوب خوشيءَ خنڪار لڳي
[1295]
قدم قدم تؤن وڃان قربان
سِڪ سمائڻ سان، نفس نوائڻ سان
1-
ناهه نهايت حسن تنهنجي جي، ڪهڙو ڪريان مان بيان
ڳالهه ڳالهائڻ سان، ٻول ٻڌائڻ سان
2-
شان تنهنجي ۾ قادر ڪيڙو، نازل سڀ قرآن
حڪم هلائڻ سان، ملڪ منائڻ سان
3-
جاني آهي جبريل اوهان جو، در سندو دربان
صفت سڻائڻ سان، ڳڻن ڳائڻ سان
4-
وحدت وارو سِر سمجهايو، گم ڪيو ڪفران
بابت بتائڻ سان، سچ سمجهائڻ سان
5-
هادي حسن پسائي پنهنجو، هوت ڪيو حيران
چشمن چائڻ سان، رمز رلائڻ سان
6-
حڪم اوهان جو حق سمجهيائون، ڌڻي ڏنو جن ڌيان
لنؤڙي لائڻ سان، نينهن نڀائڻ سان
7-
لائق لطف ڪيا توڪُل سان، جوئِي جنهن جو شان
چرخو چورڻ سان، ڪتڻ ڪمائڻ سان
8-
اوري اچي تون اور ”علوي“ سان، آري ڪري احسان
وک وڌائڻ سان، پاڻ پسائڻ سان
[1296]
وحدت دا وڻجار بڻيجي، حس وس يار پيارل ريجهي
1-
اول آخر ظاهر باطن، صفت سڄڻ دي سُڻيجي
2-
ظاهر ذات الاهي والا، دل وچ ڌيان ڌريجي
3-
جيندا رهيجي نال برهه دي، محبت وچ مريجي
4-
تُرهي نال توڪل سچ دي، بِرهه دا بحر تريجي
5- ”علوي“ نينهن نبي دي ٻاجهون، ڪم نه ڪوئي ڪريجي
[1266] عجيب
نيون قافيون ڀاڱون 3، ڄيٺمل، حيدرآباد 1925ع.
[1267] سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع ڌاري
لکيل قافين جي بياض تان ورتل.
[1268] ”تذڪره
شعراءِ ٽکڙ“، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.
[1269] ڍوري
ناري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل
[1270] کان
[12778] لاڙ
جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڊاڪٽر غلام علي
الانا، 1977ع.
(1) تفصيل
لاءِ ڏسو ”ديوان مفتون“، نياز حسين قائم الدين
همايوني، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع.
[1277] کان
[1279] ”ديوان
مفتون“ تان ورتل
[1288] کان
[1289] هريسنگ
جي 1907ع ۾ ڇپايل قافين جي ڪتاب تان ورتل
*
تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪليات علوي“ ڊاڪٽر نواز علي
شوق قافي پبليڪيشن ڪراچي، 1982ع.
[1290]
کان
[1296] ”ڪليات
علوي“ تان ورتل.
|