[1561]
دلبر دوست پنهل جي وو يار
عشقؤن پئي هان آڙي ڙي آڙي ڙي
1-
اڻ سونهين آهيان پنڌ پري جو
هِت ڪيئن جاليان، ڪين سري جو
پلڪ سهان نا پَري ڙي پَري ڙي
2-
قادر ميٽين ميان مان ڪشالا
اڳيون عجيب مون ايندم شالا
ڪيچي قرب ڪري ڙي ڪري ڙي
3-
روئيندي رڙندي هيڪل هاڙي ۾
پير پئون ٿيا لُکن ساڙي ۾
وک اڳي نا وري ڙي وري ڙي
4- ”احمد“
آس اميدان پنيون
سڄڻ وسايم جهڳيون جهُنيون
هردم هينئڙو زري ڙي ذري ڙي
[1562]
اصل ارادو اصل ارادو، روح به اُن جو، اُن جو مادو
وصل ارادو فعل ارادو، روح به اُن جو، اُن جو مادو
1-
ايهو ارادو هيو قديمي، رمز رباني ڏنس يتيمي
حادث ٿي ٿيو صحيح سقيمي، ويڙهه ٿي ٿو وتي وراڌو
2-
روح به عنصر مادا عنصر، هيئت جمعي ڇاهي فانظر
’هُو‘
لهين تون ناطق نادر، لهي انهيءَ کي قلم ڪشادو
3-
روح هيو بي صورت رايو، صورت جو سِر مادي پايو
صورت ۾ بي صورت آيو، پوءِ گهري ٿو پيتو کاڌو
4-
مڙس ڇڏي ڀوتار ڪيائين، ساري عمر انهي سان وڇايئين
آخر زوري زور ڇڏيائين، هلندي هلندي پاڻ مرادو
5-
گم ٿيو ان جو نام نشاني، فڪر انهيءَ جو ٿيو منجهه فاني
ياد ته اتي دل جو جاني، ڪنهن جو پٽ ته ڪنهن جو
دادو
6-
مادن جو بيو بوتو، سڀو تعلق ڳل ۾ پوتو
اندر آيو بي صورت طوطو، ”احمد“ نام سڌايو سادو
[1563]
احمد آهيون احمد آهيون، ظاهر باطن گهوري گهوري
شڪراً لِله حمداً الِله، ظاهر باطن گهوري گهوري
1-
فاذڪرونــي اَذڪــر ڪُم ميان
سائين سان مل سوري سوري
2-
وس وهب کي صحيح سڃاڻي
منجهه ترازي توري توري
3-
ڏيئــي ٽَٽُئون کي چـابـڪ چــالا
ڌُر پڄائج توري ٽوري
4-
ڪثرت کي ڪر وحــدت حــق هڪ
قلبئون ڪوڙي ڪوري ڪوري
5-
مستي واري بحر جــون موجان
وهن وڍر ۾ ڍوري ڍوري
6-
درست دڙي تي دوست ڏٺوسي
ڀڃي ڀولن کي ڀوري ڀوري
7- ”احـمـد“ مـٺـي مــام محبت
چنچل پاڻ ٿو چوري چوري
[1564]
صحيح سيکاريو گيان گرو جِي
واه گرو جِي واه گروجِي
*3
1-
واه گرو جي صورت سهڻي، دست بدستي پهرين پُهڻي
پيارو پير مغان گروجي
2-
جوشؤن جڻيو ڳل ۾ پايم، طلب جو سِر تي تلڪ لڳايم
انــدر ٻــاهر ڏيان گروجي
3-
هر هر گُن ۾ رام لڌوسي، ڪلمي جو انعام لڌوسي
ڪفر ڪٽيو ايمان گروجـي
4-
ڏاه ڏهن جي پنج ڪيا پورا، سمجهيم سِر جا سُر سمورا
ڀرڇونڊي ڀڳوان گروجي
5-
رڳ رڳ اندر انهد ٻولِي، انهد جو سُتر احمد کولي
آيـو عين عيان گروجي
[1565]
واهه مولي واه مولاي! ڄام پلايو مستي مستي
1-
سِر جو سودو سِر سان آهي
دوست ڪري ٿو دستي دستي
2-
وهمــي هستي سڀــا وڃائــي
حال هڪائي هستي هستي
3-
وِڍر وحــــدت واه وهـــايـــا
واه وسائين وَستي وَستي
4-
درست دڙي تــي دوست ڏنــوسـي
شڪل ميمي مستي مستي
5- ”احـمـد“ پيشِي پيـر مغانــان
جدا ڪري پيو پستي پستي
[1566]
واه موالي واه موالي، کاڄ کِايئي ڏوئي ڏوئي
1-
ساڻ حمد جي حجت ڪيهي
واه ريجهائين روئي روئي
2-
اچي سوالي وڃي نــه خالـي
نت لت نعمت نوئي نوئي
3-
ڪثرت کي منجهه وحدت آڻي
جفا ڇڏيوسي ڌوئي ڌوئي
4-
مام مـراد نــه سمجهڻ سهنجي
مس مس سمجهي ڪوئي ڪوئي
5- ”احمد“ آس اميد نــه لاهيون
هردم حافظ سوئي سوئي
[1567]
جوڙيم يار ڪُلهي سِر بازي
نا ڪوئي ساٿي سنگي ري
1-
ڪثـرت دِي ڪيــا بــازي بچــدي
وحدت دلڙي وَنگي ري
2-
نا ڪوئي دوست نا ڪوئي دلجُو
نا ڪوئي دشمن دنگي ري
3-
هِڪـو دوست تـــي هڪـو دشمــن
چنگ بجايا چنگي ري
4-
بيرنگي جو برحال ٿيو سي
حال ٿيم حر رنگي ري
5-
لــوڪـان عشق ايمـان جــو منگيا
هڪ رضا اسان منگي ري
6-
هر هر هُـو يا حال هُــوَ بّت
طالب لٿي ڳَئي تنگي ري
7- ”احـمـد“ مظـهــر پيـر پيـارا
سڀ سنڀالي ننگي ري
[1568]
آيو احمد آيو احمد، آهي ايهو آهي ايهو
جيهو ڪيهو جاٿون ڪاٿون، سون چون ڪين سِيهو
1-
آ مام سڃاڻڻ مشڪل بازي، بره چون نان نِيهو
درد پُڇي نا مسجد مندر، لَڄ رکي نان لِيهو
2-
ساڻ نبي صديق سونهائي، مومن صالح ويهو
ٻيل چڙهي و ٻاٻل ٻولي، هِيهُه ڇوي هو هِيهو
3-
پار سلوهه گسي ٿئي سونو، چم رڱي چاليهو
پير پٿر کي پارس جوڙي، پنج ڪري پنجٽيهو
4-
باز جتي اچي باؤلي ماري، چِيڪ ڪري ڇا چيهو
هُب اٿِي تان هل هيڪاندو، عقل ڪري اڻنيهو
5- ”احمد“ هر پَر هُو سڃاڻي، ٽپ سگهو هي ٽِيهو
آتش وارو اثر رکي ٿو، زهر نانگ جو گِيهو
[1569]
سَما ڏِيمَ سهاڳ، سون مياڻي ساري
1-
اِلا لله اثبات ڪرائين، لائين ’لا‘ کي لاڳ
2-
اندر ڀي تون ٻاهر ڀي تون، روح اٿم هي راڳ
3-
هج تون راضي هوت هميشان، محل پسان سڀ ماڳ
4-
سائين منهنجو سچ سمورو، آڳ رکي سڀ آڳ
5-
ٿڪيءَ اُتي ٿرن ۾ وهلو واريون واڳ
6- ”احمد“
ره تون يار سدائين، دور ٿيا دک داڳ
[1570]
اِلاهي ڇو گلستان ۾ گُلِ خندان نٿا ڏسجن
منوّر لعل لب مُہ رخ گُهَر دَندان نٿا ڏسجن
1-
هَٽِي ساڳي گَهٽِي ساڳي، درو ديوار ڀي ساڳي
چُلهو ساڳي تَوِي ساڳي، اڱڻ جانان نٿا ڏسجن
2-
جُاري جوش ڀي ساڳي، طلب تڪرار ڀي ساڳي
تُوي جي هيٺ آتش جا اڱر تابان نٿا ڏسجن
3-
لڳي آ چيٽ جي پهرين، آهي اميد ”احمد“ کي
کُلندو باغ وحدت جو، اِجهو جانان نٿا ڏسجن
[1571]
ري باه دانَہ بريان، ديدم نه ديد بودم
1-
آتش بجانِ عاشق، چَشمش بہ آب ٽم ٽم
آتش کان آب ريزان، ديدم نه ديد بودم
2-
آبِ حيات آهن سڄڻن جا ٻول مِٺڙا
ترباق زهر قتلان، ديدم نه ديد بودم
3-
ياقوت لب سڄڻ جا گوهر مثال دندان
گل هر فصل ۾ خندان، ديدم نه ديد بودم
4- ”احمد“ سڄڻ جي صورت سيني ۾ رک سنڀاري
دريا دلي ۾ پنهان، ديدم نه ديد بودم*
مولوي محمد اعظم سراجي
مولوي محمد اعظم سراجي، مولوي احمد خانڳڙهي جو
شاگرد ۽ مريد هو.
[1572]*
پائي پيچ پنهل پرديس ويو
مون کي جهاڳڻ آيو جهنگ جبل
1-
ڏس پيرن جو مون کي ڪونه پيو
ڪيڏو ڪوڙ دغا بازن ڊوه ڪيو
رات اَسُر ويل انبوه ٿيو
جاني ڪونه ڏٺم مٿي سيج سُتل
2-
ڏير هُيا ڪين چور هُيا
ماڻهو ڪين هُيا جيئن ڍور هُيا
پَر جا بگهيڙ بدو زور هُيا
نيائون يوسف وانگر مُحب مِٺل
3-
هوت بنان هِت ڪيئن ٽِڪان
ڪاڪيون ڪيچ ڪوهيار لئه ٿِي ڪُهان
ايهي سور سختيون سِرَ تي سهان
مَن محب مِلي، ٿئي وَرَ سان وصل
4- ”اعظم“
ادا اجهو يار ايندو
اچي محب مِٺو منهنجي ماڙ ڪندو
وَديُون ڪيچ ڪوهيارل نال نيندو
ٿيندو مئيءَ جون آسان مشڪل
[1573]*
مين ته ليندا ٺڳ وي، شہ رانجهو البيلا
1-
دمدم تينون پئي ياد ڪريندي
لون لون تي رڳ رڳ وي
2-
هان مين ازل دي نا اڄ ڪلهه دي
خاص تساڏي سڳ وي
3-
فــالان پــاوان روز پـڇــاوان
ڏس تيڏا دڳ وي
4-
چڻنگ چُاتي تئين جــو لاتـي
اندر هي جهڳ مڳ وي
5-
طعني تيڏي چــم ڪـر چاتــم
جگ مريندا جڳ وي
6- ”اعظم“ تــي ڪا نيڪ نظـر ڪر
هي ته تساڏڙي لڳ وي
[1574]
عجب تنهنجا هي انصاف
ڪاٿي ڪاٿي ٿو قرب وڌائين
1-
پنهل ڪاٿي سسئي ڪاٿي، ڪاٿي ڪشالا ڪاف
ڪاٿي طالب توڙ رسائين
2-
منصور ڪاٿي ڪاٿي مُلان، ڪاٿي سُري صاف
پڌرو انالحق آپ آلائين
3-
ڪاٿي ڏوهي ڪاٿي ثوابي، ڪاٿي مَندايون معاف
بيرنگ رنگي بيک بنائين
4-
ڪاٿي ”اعظم“ ڪاٿي اصغر، ڪاٿي لاکيڻي لاف
هر رنگ ۾ ٿو رمز رلائين
[1575]*
نانگا نينهن ڪيا نروار، طبلا تڏهن وڄائن ٿا
طبلا تڏهن وڃائن ٿا، ڇيرين کي ڇمڪائن ٿا
1-
رقص رباب رندن جو رهبر، درد در ڌم مچائن ڌمچر
گهل گهل ۾ ٿيا گار، پُرجهي پير نه پائين ٿا
2-
تاڙيءَ تي ڪري ٺهڪو تاڙي، انهن اڳي ڪا جاڳهه تاڙي
امر ڪَيُون اختيار، واڌو ڪنڌ وڌائن ٿا
3-
تار تيار ڪيا بي تارا، عاشق عرش اَڏن اوتارا
بـره اُٺايون بار، پــورب پنــڌ پڇائن ٿا
4-
ناز نفيلان تُو تُو تُو تُو، مام پروڙي مردن
مُوتُوا
”اعظم“
ٿيا اظهار، تڏهن لِڪُ نــه لِڪائن ٿا
[1576]
عشق ۽ آرام ڪاٿي پاڻ ۾ گڏجي وهن
اصل کؤن جهڳڙو جني جو، سي نه ڪنهن ٺاهي لهن
1-
اڄ گهڻا عاشق سڏائين، پر اُهي عاشق ٻيا
ڏک ڏسي سي ڏک نه ڀرجن، سور سختيون پيا سهن
2-
دم هڻن سٿرو آ ليڪن ناهي سُٿري عاشقي
سمنڊ اونهون آ سهين ڪنهن لعل لاهوتي لهن
3-
جي هئا غواص غازي، سي نه اڄ ”اعظم“ سُجهن
جي منجهن ڪو شڪ نه آ، ليڪن لِڪا لاشڪ رهن
[1577]
چاڙهه انهيءَ تؤن چڙهجانءِ سمجهي
ڏاڪڻ عشق جي ڏکيڙي آ
1-
ڏاڪڻ هن جا ابتا ڏاڪا، هڪ هڪ ڏاڪو سؤ سؤ جهاڪا
ٽِڪي ٽِڪي هِن سؤ ٽولاڪا، هيءَ نه سُٿري سيري آ
2-
ڏاڏائِي جِت نانہ ابائي، ڪم اُتي آ ڪئي ڪمائي
صوفي ٿي رک صاف صفائي، وچ تي ويٺو ويري آ
3-
جهل پل ناهي کٽي سو کائي، مرڪي ويندا مرد ڪڏائي
واري ويا لک وير وڇائي، وچ تي وچ جي ڍيري آ
4- ”اعظم“ عشق نه سُٿري بازي، مرد مڃايئين گوهر غازي
آزي مڃ ڪر آزي آزي، عاشق اُبتي ڦيري آ
[1578]
کَل جو اڇڙو، کوٽ اندر ۾، صوفي مرد سڏائين ٿو
1-
تڪڙي تڪڙي تار وڃائي، ڇيرن کي ڇمڪائين ٿو
2-
نچڻ ٽپڻ سان نينهن نه نِهي، ناحق لوءِ لڄائين ٿو
3-
اندر ڪانءُ ڪبوتر ٻاهر، هيئن ڪيئن رام ريجهائين ٿو
4- ”اعظم“ نانءُ ته تنهنجو ناهين، تون ڪيئن پاڻ پڏائين ٿو
[1579]*
عشق الستِي جن سر آيو، ظاهر ڪن نه ذري ڙي
ظاهر ڪن نه ذري ڙي، ويا محبت منجهه مري ڙي
1- ’هُو‘
جي وائي ’هُو‘ ٿي ڄاتائيون
سِرّي سِرهُ سِر سڃاتئون
ٻي تن خبر کري ڙي
2-
ذاتي طعام جو ذوق چکيائون
طعام نه ٻئي جي طلب رکيائون
کوليون درسن دري ڙي
3-
صوفي ڇوڙي سِڪ کان صغريٰ
مردن ماڻي ڪاهي ڪُبريٰ
سورهيه ڪن سري ڙي
4-
لحم هڏا خون خوش ٿيا کائي
ويا پڻ پنهنجو جلدي جائي
”اعظم“
چَم چَري ڙي
[1580]
سامهون آ، سڌو ٿِي رستو
ڪهڙيءَ ڀول ڀُلايو آن
1-
گُنگو انڌو ٿي پئو ٻوڙو
آءُ لنگهي نه لتاڙج لوڙهو
ڪهڙي آڙ اَٽڪايو آن
2-
هيڏي هوڏي تڪ نه تارا
ڇورين پڪڙيئي چارئي چارا
ڪهڙي ريجهه رهايو آ
3-
رنگا رنگي ٿيءَ هڪ رنگو
ڍنگي بڻج نه ٿيءُ اڍنگو
ڪهڙي مونجهه منجهايو آن
4-
ناحق ”اعظم“ نانءُ لڄايئي
مڪر ٺڳيءَ سان ملڪ منجهايئي
هُت ڪنهن ٻول ٻَجهايو آن
[1581]
جيڏيون جانب لئي ٿِي جلان جلان ڙي
ڪڍَ ڪوهيارل جي وينديس ڪاهي
1-
پيرين پيادي مان هوت ڏي هلنديس
سور سڄڻ کي سڀئي سلينديس
محبن کي نئين ملان ملان ڙي
ڏس ڏکيءَ کي ڏنو ڪنهن ڏاهي
2-
روز ڪيان ٿي روهن ۾ ريهان
ڪاڻ ڪوهياري ڪوهن ۾ ڪيهان
هوت پنهل ڏي هلان هلان ڙي
وڃي وارث کي اينديس وارائي
3-
پنهون پنهون ڪيو روز رڙان ٿي
سوز سڄڻ جي ۾روز سڙان ٿي
روهن ۾ ٿي رلان رلان ڙي
پير پنهل جو ويٺيس وڃائي
4-
آهي عجيبن لئي انتظاري
”اعظم“
گذري وئي عمر ساري
سور نه ٻئي کي سلان سلان ڙي
پيچ پنهل سان اصل کان آهي
[1582]
سهڻن ايڏي بيپرواهي، جانب تو نه جڳائي ٿي
جانب تو نه جڳائي ٿي، خون جگر جو کائي ٿي
1-
ساعت ساعت سال برابر، ڀورل تو لئي ڀانيان
خيال ته ڪر ڪو يار خدا لڳ، ٻانهين هيءَ ٻاڏائي ٿي
2-
پنهل پاڪن پاڪ تون پارس، مون ڏي حرف هزار
اڄ پنهل ڏس پاڻ ڏي پورهيت، پاند ڳچيءَ ڳل پائي ٿي
3-
معلوم حال مُٺيءَ جو سهڻا، توکي آه سڄوئي
رويون رويون راه نهاري، پانڌي روز پڇائي ٿي
4- ”اعظم“ شان اوهان جو اعليٰ، پورهيت هي پينام آ
لالڻ تنهنجون لکين ڀلايون، ڳائي لوڪ سڻائي ٿي
[1583]
مُنهن مهتاب منوّر ڀرسان چون چار ستارا يار
ابر اجازت ناهي اڃان ڪا، آهن سي آشڪارا يار
1-
درس دبير عطارد آهي، اڳيان عجيبن ڪري ڪمائي
لکپڙهه ليل نهارا يار
2-
واه وندر لئي زهرو آيو، راڳ رنگيني رس رهايو
ڇيرن ٿيا ڇمڪارا يار
3-
شاهي شمس شعاع ڏيکاريو، مشڪ گلاب عطر تنهن هاريو
هر هنڌ ٿيا هٻڪارا يار
4-
زحل مريخ مناسب ناهي، عيوض تنهن جي مشتري آهي
چئي ”اعظم“ ڪيو اظهار يار
مولانا تاج محمود امروٽي
مولانا سيد تاج محمود ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل
شاهه، پريالوءِ (ضلعي خيرپور) جي ڀرسان ديواني
نالي ڳوٺ ۾ 1276هه ۾ ڄائو. باڪمال بزرگ هو ۽ حافظ
محمد صديق ڀرچونڊي واري جو خليفو هو، سندس هٿ تي
هزارن غير مسلمانن توحيد جو ڪلمو پڙهي اسلام
قبوليو. وطن جي آزادي جو علمبردار هو ۽ جهاد سندس
نصب العين هو. سندس ئي جدوجهد جي ڪري سڄي ملڪ ۾
شرڪ ۽ بدعت خلاف هلچل شروع ٿي. مولانا عبيدالله
سنڌي کي امروٽ ۾ آڻي
ديني مدرسو کوليائين. 1348هه/1929ع ۾ وفات ڪيائين.
ڪلام ۾ پنهنجي پُٽ ”حَسن“ جو نالو تخلص طور ڪم
آندائين.
[1584]
ماروئڙن جي مياري، سانگيڙن جي جهڻڪاري
ٿي عمر ڄام مون کي ماري
1-
پِرت پنهوارن جي وڌم ڳل ڳچيءَ مون ڳارِي
وِٿ پوَندن شل ڪانڪا، مان هيڻي هان هاري
2-
پنوهارن جي پَرِ هارن جي پَرِ ۾ هيءَ وڏي عيبداري
جي وساري ورَ کي وجهن وِٿي ۽ گهاري
3-
پَٽُ پهرينديس ڪينڪي، وڻي لوئِي مون ڪاري
اباڻن جي راڄ ۾ آهي وِهڪ تي واري
4-
ڪنڌ کڻنديس ڪِهڙو، شال ڪَرنِ ستاري
”حَسن“
اڳتئون انهن جي اچي شرمساري
[1585]
بِره جي واٽ وارن کي سوين مِهڻا جُٺيون جادِيون
تَڪين سي ڪينڪي ڪاڏي، توڙي لکها ٿين تعديون
1-
ڪُوپا کيڏن ڪَلابازي، لاهي سانگو سِريءَ پنهنجو
وڃي پِڙ ۾ پِرت سيئي سِکيون جن سِڪ سنديون رانديون
2-
پِني هڪ پيچ محبت جو ويچارا ويڄ سڀ ويٺا
جُسو جِند جان سڀ پنهنجو پرينءَ جي پيش تن آنديُون
3-
جني هڪ درد دلبر جو، تني کي ڀؤ نه ڪو ڀولو
هميشہ ڌيان دلبر ڏي، دليون ٿَنِ غير کان وانديون
4- ”حَسن“ وٺ واٽ محبت جي، سڀا مايا اِها مُوڙي
آهي ٻي ڳالهه سڀ ڪُوڙي، مڏيون ۽ مال اولاديون
حبيب الله ”خادم“
حبيب الله شڪارپور جو ويٺل هو ۽ 20- صدي عيسوي جي
شروعات جو شاعر آهي. مولانا تاج محمود امروٽي جو
صحبتي ۽ سندس تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. مولود به
چيائين.
[1586]
جهوري جيءَ وڌوءِ، راڻل رسامن سان
جهوري جيءُ وڌوءِ، ڏاڍن ڌوراپن سان
1-
مون ڀانيو تان مون گڏ هوندين
ڪو جو پہ پيوءِ، ڇنئي سک ڇورن سان
2-
متان محب مري وڃان الا
مومل مُئي کؤن پوءِ ڪندين ماڻا ڪن سان
3-
سا ٿي چئج سڄڻ کي ساري
هيئن نه گهربو هوءِ، رسڻ ريٻارن سان
4- ”حبيب
الله“ چئي هردم حب مؤن
پُور پرين جو پوءِ، پرين پارانڀن سان
سيد صالح شاهه ۽ سندس سلسلي جا طالب
سيد صالح شاهه
سيد صالح شاهه، ضلعي خيرپور جي شهر راڻيپور جو
ويٺل هو. باڪمال بزرگ ۽ پنهنجي وقت جو نمايان شاعر
پڻ هو. سنه 1880ع ۾ ڄائو ۽ سنه 1943ع ۾ وفات
ڪيائين.
[1587]*
وهوا حُسن ازل آشڪار ٿيو
نڪري ڪثرت ۾ نروار ٿيو
1-
جنهن کي حملي حُسن جي حيران ڪيو
تنهن دين ڪفر يڪسان ڏٺو
ڪري ترڪ زهد صُنعان سَڀو
ڇڏي اضهل تسبيح زُنّار ٿيو
2-
جاني سؤ سؤ ويس مَٽائين ٿو
ٻيهروپي بنجي ڀُلائين ٿو
هي صورت ساڳي ڀائين ٿو
سو ته واقف ڪَمُ تيار ٿيو
3-
وه خبر يُحب الجمال عجب
وه سحن پرستي چال عجب
آهي قالوا هردم حال عجب
انهي سِر ۾ دل سرشار ٿيو
4-
آهيون شاغل عيش عشرت ڪڏنہ
دلريش گدا درويش ڪڏنہ
ڪِٿ پِر عقيدت ڪيش ڪڏنہ
سو ته قالوا بليٰ اقرار ٿيو
5-
خلق الانسان عليٰ صورتہ
آهي ڳالهه پڌر الانسان سِري
جنهن ڪاهي حسن ۾ ذات ڏٺي
سو ته محرم هِنَ اسرار ٿيو
6-
آهيون رند قلندر مست ڪٿي
بي - ر بي پا بي دست ڪٿي
آهن شاهي بندوبست ڪٿي
ڪٿي ڪرڻ گدائي ڪار ٿيو
7-
مَن عرف وارو مفهوم لهي
ڪيو سِرّ صالح شاهه معلوم صحي
وحدت ۾ ڪالمعدُوم رَهي
”لا
يُدرِ ڪُہُ الا بصار“ ٿيو
[1588]
ٿي ظاهر پاڻ لڪائڻ ڇا، انهيءَ رمز عشاق رهائڻ ڇا
1-
احد ۽ ميم جو برقعو پايُئه
نقطي هڪ جو فرق وڌايُئه
اچي احمد ڄام سڏايُئه
پوءِ اصبراً ذڪر هلائڻ ڇا
2-
طالب ۽ مطلوب به تون آن
راغب ۽ مرغوب به تون آن
غالب ۽ مغلوب به تون آن
پوءِ انهيءَ طلب ٻڌائڻ ڇا
3-
عين سدا ۽ نور به تون آن
ناظر ۽ منظور به تون آن
پاڻ ڪليم ۽ طور به تون آن
پوءِ به اَرني الاوڻ ڇا
4-
شاهد ۽ مشهود به تون آن
ساجد ۽ مسجود به تون آن
عابد ۽ معبود به تون آن
بوءِ آدم نام رکاوڻ ڇا
5-
وهواه عشق حُسين جو پايو
صبر ۽ رضا ۾ ڏس آه سمايو
اڪبر پنهنجي اڳيان ڪُهايو
پوءِ لايُضريہ چوائڻ ڇا
6- ”صالح
شاهه“ ڪثرت دور سدا
آهي وحدت ۾ مسرور سدا
آهي قدم قدم تي ظهور سدا
پسوءِ ناحق مغز کپائڻ ڇا
[1589]
اوچتو اڙجي ويون ديدون ديدن جي دام ۾
ريءَ سڄڻ پرچن نٿيون ٻئي ڪنهن اشاري عام ۾
1-
شوق ۾ شڪار جي ويون
وڃي بره جي بازار ٿيون
نيڻين وهائن نار ٿيون
ڪيئن سک سمهن آرام ۾
2-
ڪاريون لڳويون قهري ڪثر
سڏيون لڳيون سي منجهه جگر
جنکي لڳي تن کي خبر
ڪيئن سرچن سلام ۾
3-
قالوا بليٰ جي قول ۾
ٻڏل آهيون انهي ٻول ۾
سِرُ ”صالح شاهه“ گهول ۾
سي پوريون رهن انجام ۾
[1590]*
آءُ اڱڻ منهنجي پيهي، ڏکڙا ونڊيون جانب ويهي
1-
ڪرم ڪجانءِ عربي اچي، ٻولن ٻڌس تنهنجي سچي
بخشي منديون مون ڪچي، صدقي وڃان ڀيرا ڪيئي
2-
سکڙا ڏسي ڏکڙا گهليا، عيش عشرتون ويا هليا
تولئي عاشق ڪيئي رليا، ڪيان ڳالهه دردن جي ڪيهي
3- ”صالح شاهه“ سڪي تو لئي سدا، هڪ دم نه مان کؤن جدا
هر سر ڪريان تو تؤن فدا، لاڳاپا لاهي سڀيئي
[1591]*
ڏٺي يار دي صورت مِٺڙي هي
دل درد غمان ڪنون ڇُٽڙي هي
1-
حوران پَريان مور نه نڀاؤنديان
رخ مان منوّر ڏِٺڙي هي
2-
فاذڪروني اذڪر ڪم دي وچ
قرآن دي چِٺڙي هي
3-
فلڪ زمين تــي نــور نـبــي دا
بره دي بُند اُٺڙي هي
4- ”صالح شاهه“ اؤکا بار بره دا سِر
نوڪ نينان دي ڪُٺڙي هي
[1592]
صوفي صفا آهن سدا، هڪ ذات وحدت ۾ غرق
1-
نه حاجت فنا بقا جي، نه مذهب طريقت راه جي
نه فرض سنت صلواة جي، ٿن رندي مشرب ۾ درڪ
2-
نه ڄاڻن ڪوڙ ۽ سچ کي، ڇا ڪن فِسق فجور کي
سَٽِن رمل نجوم کي، آهي جيڪي حق ۾ سو حق
3-
نه ڪن گناهه ثواب ڪو، نه فائدو نه فساد ڪو
ڪونهي اُنهيءَ کان بعد ڪو، پڙهيو انهن دل ۾ سبق
4- ”صالح شاهه“ آهن صوفي پڪا، هڪ جام پيتائون بقا
سي ڪُلَ کان ڇُٽي مُڪا، ڪونهي تنهي ۾ ڪو فرق
[1593]
وَه رُتبا آدم فاني دا، جِنّ مَلڪ قربان ڏٺم
1- ”اسجدوني“
آپ اَلايس، راز کوليس رحماني دا
موسيٰ بِن عِمران ڏٺم
2- ”لن تراني“ دا حڪم سڻايس، مَحَوُ هويا حيراني دا
ماه عرب ايران ڏٺم
3-
جلوه حق دا هر مظهر وچ، حُسن صورت انساني دا
عشق دا عالي شان ڏٺم
4- ”ونحن اقرب“ هويا نيڙي، فيض هويا فرقاني دا
”صالح
شاهه“ عَيان ڏٺم
[1594]
عمر ادا مارن جــي ماري ٿــي جـدائــي
سَلان سور ڪِن سان، ڪونهي حال ڀائي
1-
سانگياڻي نه سُکن ۾، آ بندياڻي بُکن ۾
ڏهاڳڻ ڏکن ۾، ٻي سڀ خوش خدائي
2-
ڏسي ڪوٽ ڪارو، ڏڪي ڏيل سارو
نڪو چنڊ تارو، آهي سا اونداهي
3-
جيڏين ري نه جيئنديس، بنان ور نه وهنديس
کڻي ڪات ڪهنديس، ڄاڻ ته ڪين ڄائي
4- ”صالح شاهه“ چئي ايندا، وٺي نال نيندا
ڏکيءَ کي سي ڏيندا، وطن جي واڌائي
امام علي شاهه
سيد امام علي شاهه ولد ڏنل شاهه ڳوٺ لاڙڪ تعلقو
ڪنديارو، سنه 39-1938ع ڌاري گذاريائين. راڻيپور جي
پير صالح شاهه صاحب جو مريد هو.
”راڻيپور
۾ رهي رهبر مون صالح شاهه سوڀارو“
اسان سندن هڪ بياض* ڏٺو جنهن ۾ 196 بيت ۽ 535 قافيون قلمبند ٿيل هيون، جن مان ڪي
ٻين شاعرن جون، جئن ته محمد فقير کٽياڻ، امام علي
فقير (محمد فقير جو طالب)، محمد ڊکڻ وغيره. ڪن
ڪلامن پويان ڪي تاريخون لکيل هيون، جئن ته ”15
صفرالمظفر 1343هه“ ۽ ”2 ربيع الاول 1343هه“. ڪٿي
امام علي شاهه، ڪٿي سيد ۽ ڪٿي ’رازعلي‘ تخلص
ڪيائين. پوئين تخلص مان معلوم ٿئي ٿو ته محمد فقير
کٽياڻ جي ٻاري وارن جي نالن کان متاثر ٿي اهو تخلص
ڪيائين. سندس قافين ۾ فقير خير محمد هيسباڻي، پير
ڪمال صاحب نوشهرائي ۽ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلامن جو
نقل جا بجا نظر آيو. سندس قافين جو مضمون اڪثر
سادو ۽ رواجي سطح وارو، جن مان ڪي چونڊ قافيون
نموني طور ڏجن ٿيون.
[1595]
ٻيا سبئي سير ڇا ڪبا، هڪ سير هجي سبحاني
1-
محب ملي مانَ مهر سان، هنئڙي لهي حيراني
2-
سهڻي سڄڻ جو مٽ نه ڀانيان، طومان هجي توڙي توراني
3-
مون کي آهي هوت پنهل جي، ڳڻن ڀري ڳچيءَ ڳاني
4-
دوست بنان هن دني ا۾، دم دم رهان ديواني
5-
هن حال ۾ اچي هادي، مهرئون ڪندو مهرباني
6-
دارون ڪندو درد جو، ترت ٿينديس تواني
7- ”راز علي“ انهين راز ۾، ڪُسي ٿيو قرباني
[1596]
سمجهي سير ڪيوسي سارو، قائم قرب قرآني-آلاِ نساني
1-
وَنحن واري واٽ وصول جي
دم دم ديد ڌياني
-
حال حيراني
2-
فڪــر فــالــم، فيــض فنائي
’اناالحق‘
الحاني -
ظاهر زباني
3-
جوان جلالي، مست مــوالي
حاضر حال حقاني
-
ڪُل قرباني
4-
مام مـــولائي، خيال خــدائي
تازي طلب تواني- سِرُ سبحاني
5-
رمـــز رهـبــري ”راز عــلــي“
شاهي شرف شهاني-لک لاثاني
[1597]
ويا ويراڳي يار وطن مؤن
خاڪ لڱين سر لايون لايون
1-
باهه برهه آ بيشڪ ٻاري
محبت مچ مچايون مچايون
2-
دم دنيا کـؤن دور گــذاري
نياز نظر سر نايون نايون
3-
موٽي اچڻ کان ماٺ ڪيائون
پيچ پرت جو ويا پايون پايون
4- ”امام علي شاهه“ آهــي هتان هلڻــو
جُوءِ ڇڏي هي جايون جايون
عارف فقير جتوئي
عارف فقير پٽ دلاور خان جتوئي، ڳوٺ احمد خان جتوئي
ضلعي دادو جو ويٺل هو. قرآن شريف پڙهيل هو. ميان
علي مدد شاهه راڻيپوري جو مريد هو. فقير جان محمد
جتوئي سندس سؤٽ هو. جنهن پنهنجي مرتب ڪيل قافين جي
بياض ”جهان البحر“ ۾ سندس قافيون گڏ ڪيون ۽ سندس
صحبت ۾ پڻ رهيو. وڏيءَ ڄمار ۾ قافيون چيائين. عارف
فقير 70 ورهين جي ڄمار ۾ 1938ع ۾ وفات ڪئي.*
[1598]
روپ آسا
رمز عشاقن اوکي آهي، عاشقن پنڌ اڻانگو آ
1-
تار توحيدي تند وڄائن، لاڳاپا هو لوڪ جا لاهن
وحدت ورد ورق ورائن، ’لا‘ کون جن جو لانگهو آ
2-
جان پنهنجي سان جام جڙيائون، طرف طمع جا تال تڙيائون
سڪ صبر جا سبق پڙهيائون، سِر جو نا تن سانگو آ
3-
نينهه اصل کان آهي نيهي، ڳالهه ڪيان تن جي ڪيهي
جيهي سِر تي آيس تيهي، تار تهين کي تانگهو آ
4- ”عارف“ عشق جي الٽي چالي، صحي سامين سرت سنڀالي
نينهه وارن جي نِرت نراني، نينهن اصل کان نانگو آ
[1599]
روپ پوريا
آءٌ نه چوان تان ڪاٿي آهي، آهي آهي حق هر جاءِ
1-
ڪاٿي ساز وڄائي سرندا، ڪاٿي چوي ته ٿورا تُرندا
ڪاٿي دوزخ دڙڪا باهه
2-
ڪاٿي سامين ساڌ سڏائي، ڪاٿي نمازين پاڻ گڏائي
ڪاٿي رندن واري راهه
3- ”عارب“
اها سرت سهائي، قرب واري ڪين ڪمائي
قرب ڏي آهي ڪاهو ڪاهه
[1600]
روپ بسنت
تار لڳي ’هڪ-تاري‘ جي، واه سڄڻ آهي ساز وڄايو
1-
گهورن سان ويو گهاتو گهائي، پرت مون پياري جي
2-
درسن دلبر دوست ڪرايو، خواهش وئي ٻئي خساري جي
3-
صوفي صورت صاف سڃاتي، صحي سٽ سيپاري جي
4- ”عارب“ آ انصاف اهو ئي، ڏسو سوڀ سچاري جي
[1601]
روپ بسنت
عشق جو آچار ڏٺم، بره جي بازار ۾، وصل جي ويچار ۾
1-
ڪاٿي پائي سونَ ڪڙيون، ڪاٿي ڪري روڄ رڙيون
ڪاٿي لائي دردَ ڌڙيون، ڪاٿي سونهن سينگار ۾
2-
ڪاٿي ڪسب ڪوڙ ڪري، ڪاٿي سُتُر سِير ڌري
ڪاٿي ڏوهن ۾ پيو ڏري، ڪاٿي قتل ڪار ۾
3-
ڪاٿي پنا پرت پڙهي، ڪاٿي لَکن سان پيو لڙي
ڪاٿي سوريءَ سيج چڙهي، ڪاٿي دم ديدار ۾
4- ”عارب“ عشق عام ۾، نمي پيو نام ۾
آيو آهي دام ۾، هتي هي هونگار ۾
(ب)
ٻيا معروف شاعر
مرزا بنده علي بيگ
مرزا بنده علي بيگ ولد مرزا باقر گُرجي. مرزا باقر
ٻين مرزائن خسرو بيگ، فريدون بيگ ۽ قربان علي بيگ
سان 1805ع ۾ ايران مان سنڌ ۾ آيو. مير محمد نصير
خان سان توسّل پيدا ڪيائين. سندس وڏو پٽ مرزا بنده
علي بيگ فارسي جو اعليٰ شاعر هو. سندس تخلص ”علي“
هو. سنڌي ۽ اردو ۾ پڻ ڪلام چيائين. سندس وفات هڪ
هنڌ 1287هه (1870) ته ٻئي هنڌ ڊسمبر 1906ع
(1324هه) نظر آئي. سيد فاضل شاهه سنه 1883ع ۾
پنهنجي مرتب ڪيل قافين جي ڪتاب ۾ سندس هڪ قافي
شامل ڪندي لکيو آهي ته ”مرزا بنده علي مانجهند جو
ويٺل هو. مشهور ۽ قابل شخص هو.“يعني ته مرزا بنده
علي ان وقت گذاري ويل هو. انهي لحاظ سان مرزا بنده
علي جي وفات جو سال 1287هه ٿي سگهي ٿو. سندس 7
قافيون نظر مان گذريون.
[1602]
ڪيڏو ڪيڙم قرب ڪلام
جيڏيون ري آءُ ڪين جيان ٿي
1-
ڇا کؤن زلف ڦٽا ڪيئي ڇوڙي
دل ڦاسائڻ لئي قاندا جوڙي، درست دکايئي دام
2-
سور سنيهو سڄڻ جو آندو
جيءَ جهڄي ٿيم جنهن کان ماندو، عشق نِيمُ آرام
3-
سور سڄڻ تنهنجا ڪنهن کي سليان
جهولي پايو ٿي جانب جهليان، بره ڪيس بدنام
4- ”بنده علي“ چئي بره ڀُلايس
روز ازل کان امر اڙايس، قرب ڪيس قتلام
[1603]
عشق ڪيس افتادي، منهنجا جاني بره ڪيس بيدادي
سامهان سور ٿيا مون سڀيئي
1-
ڪرها قطاريل جي هوند ڄاتم
وارن جا ونگ ويڙها پاتم
هوت مليندم هادي، باهه ڀنڀور کي ڏير ويا ڏيئي
2-
ڪيچان ڪرهل آيم ڪاهي
سورن جو آيا ساٿ سنباهي
ترت ڪري ويم تعدي، ور ولهيءَ جو ناحق نيئي
3-
جوش جبل جي جلايم جيرا
پهڻن منجهه پٿون ٿيم پيرا
ڪنهن در ٿيان فريادي، جڏي ڪيس هئا سيڻ مون سيئي
4- ”بنده
علي“ چئي اميد مون آهي
مانَ مئيءَ کي محب ملائي
بادشاهه ڀلو بغدادي، پلئه جنهن جي آهيان پئي
ڀرچونڊي واري بزرگ جي ثناء ”گُرو“ جي خطاب سان
هي ٻه ۽ ٻيون قافيون ’اغِفرلي‘ سال يعني
1321هه جون چيل آهن
[1572] سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ قافين جي بياض
تان ورتل.
[1573] عجيب
نيون قافيون، ڀاڱو پهريون، نارائڻداس تاراچند،
سکر
[1575] کان
[1582] ”ديوان
اعظم“، ڇپائيندڙ ويڙهومل کٽڻ مل بڪ سيلر
لاڙڪاڻو، 1925ع تان ورتل. ديوان اعظم ۾ 116
قافيون ۽ غزل ۽ 50 بيت شامل آهن
[1579] ۽
[1580] تعلقي
پني عاقل مان محمد حسن مشتاق کان مليل.
[1587] کان
[1589]
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.
[1590] عجيب
نيون قافيون ڀاڱو 3، ميشرس مينگهراج اينڊ سنس
دفعو اول، جنوري 1918ع سکر.
[1591] کان
[1593] سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 30-1920ع ڌاري
لکيل قافين جي بياض تان ورتل
.
[1591] ڍوري
ناري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل.
مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه ۾ شاگردي واري زماني ۾
هيءَ بياض دوست مرحوم قادر بخش لاڙڪ (جو پوءِ
ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي رسيو) سندس ڳوٺان
کڻي آيو. ڪن قافين تي مون نشان ڪري ڏٺا جيڪي
مرحوم 26 ڊسمبر 1943ع تي نقل ڪري ڏنيون. پاڻ
به اتي پڙهندو هو
ڊاڪٽر نواز علي شوق کان مليل بياض ”جهان
البحر“ تان ورتل، جيڪو فقير جان محمد جتوئي
50-1953ع ڌاري قلمبند ڪيو
|