سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :9

١٥– شھزادو، وزيرزادو، لوھر ۽ کٽي *

 

ھڪڙو ھو بادشاھھ، جنھن کي ھڪڙو سڪيلڌو شھزادو ھوندو ھو. شھزادي جي وري وزير زادي، لوھر ۽ کٽي سان دوستي ھوندي ھئي. چئني دوستن جي پاڻ ۾ ايتريقدر پريت ھوندي ھئي، جو جيڪڏھن انھن مان ڪنھن بھ ھڪ تي ڪا مصيبت ايندي ھئي، تھ ھرھڪ دوست ڪوشش ڪندو ھو، تھ اھا مصيبت منھنجي ٻئي ڪنھن دوست تي نھ اچي، مگر مون تي اچي. ھڪڙي ڏينھن ھڪڙو ٻيو ماڻھو بھ انھن جي سنگت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيو. ھنن جي مرضي ڪا نھ ھئي تھ ڪو ڌاريو ماڻھو ھنن جي سنگت ۾ اچي، ڇاڪاڻ تھ ڪيتريون ئي ڳجھيون ڳالھيون ھو پاڻ ۾ ڪندا ھئا، ۽ ڪنھن کي بھ پنھنجي دل جو انت نھ ڏيندا ھئا. پر لاچار ھن پنجين ماڻھوءَ کي بھ شھزادي جي چوڻ تي کڻي پنھنجيءَ سنگت ۾ شامل ڪيائون.

ھڪڙي ڏينھن وزيرزادي، شھزادي کي چيو تھ: ھن ڌارئي ماڻھوءَ کي سنگت مان ڪڍڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ اسان جون پاڻ ۾ ڪيتريون ئي ڳجھيون ڳالھيون آھن. متان ڪنھن دشمن ھن کي اسان جي مٿان جاسوس ڪري مقرر ڪيو ھجي، ۽ اسان جو راز ڪٿان ظاھر نھ ڪري وجھي؛ تنھنڪري ھن اوڦٽو ماڻھوءَ کان پاڻ کي گوشو ڪرڻ کپي. تنھن تي شھزادي چيس تھ! ادا اھا اسان جي وڏي ڀل چئبي جو ھڪڙي غريب ۽ اشراف ماڻھوءَ کي پنھنجي مجلس مان ڪڍي ڇڏيون. ھيءُ غريب تھ اسان جو دوست ٿي رھڻ گھري ٿو ۽ تمام چڱو ماڻھو نظر ٿو اچي. مون کي اميد آھي تھ ھن ماڻھوءَ مان اسان کي ڪو ڏک ڪونھ پھچندو، ۽ ھو اسان سان وفادار ٿي رھندو، توکي اجايو شڪ پوڻ نھ گھرجي. ان ڏينھن کان وٺي ھي چئن جي بدران سچ پچ پنج دوست ٿي پيا. پوءِ ھنن پنجن ئي دوستن جون پاڻ ۾ راز جون ڳالھيون ھلڻ لڳيون، ۽ قرب محبت سان گذارڻ لڳا. بادشاھھ کي ھنن پنجني ڄڻن جي سنگت جي خبر ھئي. ھن شھزادي کي گھڻو ئي سمجھايو تھ اھي دولت جا بکيا دوست آھن، جي مصيبت جي مھل ڀڄي پاسو ڪندا، تنھنڪري انھن جي سنگت کي ڇڏ، پر شھزادي ڪنھن بھ طرح پنھنجن دوستن کي نھ ڇڏيو. اھو حال ڏسي، بادشاھھ وجھھ پيو ڳوليندو ھو تھ ڪنھن طرح انھن تي مصيبت اچي، تھ پوءِ دوستيءَ جي پاڻھي خبر پوندي.

ھڪڙي ڏينھن رستي تان ايندي، ان پنجين سنگتيءَ جو ڪنھن ماڻھوءَ سان تڪرار ٿي پيو. ھن ڪڍنديئي ترار ان شخص کي اڦٽ ماري وڌو. سپاھي، غريب دوست کي پڪڙي بادشاھھ وٽ وٺي آيا. بادشاھھ کانئس پڇيو تھ: خون تو ڪيو آھي؟ ھن جواب ڏنو تھ: ھائو جيئندا قبلا! اھو ڏوھھ مون کان ٿيو آھي. شھزادي جي دوستن مان ھڪڙي کي ڦاٿل ڏسي بادشاھھ خوش ٿيو ۽ خيال ڪيائين تھ ھاڻي ٻين دوستن جي خبر پوندي ..... سو يڪدم حڪم ڏنائين تھ: ھن شخص کي سڀاڻي صبح جو ڦاسيءَ چاڙھيو وڃي، اڄوڪي رات قيد ۾ رکيو وڃي.

بادشاھھ فيصلو ڪيو اڃان درٻار ۾ ئي ويٺو ھو، تھ شھزادي اچي سلام ڪيو، ۽ بادشاھھ کي ھٿ ٻڌي چيائين تھ: بابا سائين! اھو خون مون کان ٿيو آھي، توھان بيگناھھ ھن ويچاري کي کڻي قيد ۾ رکيو آھي ..... بادشاھھ اھو ٻڌي، پھرئين سنگتيءَ کي قيد مان ڪڍي شھزادي کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اڃان اتي ئي ھئا، تھ مٿان وزيرزادي اچي ٺڪاءُ ڪيو، ۽ بادشاھھ کي جھڪي سلام ڪري عرض ڪيائين تھ: بادشاھھ سلامت! توھان شھزادي کي بيگناھھ قيد ۾ رکيو آھي... اھو ڏوھھ مون کان ٿيو آھي، نھ شھزادي کان؛ تنھنڪري ھن کي آزاد ڪري، سزا مون کي ڏني وڃي. اتي بادشاھھ ڪجھھ حيران ٿيو، پر ھن کي تھ دوستن جي دوستي پرکڻي ھئي، تنھنڪري حڪم ڏنائين تھ: شھزادي جي بدران وزيرزادي کي قيد ۾ وجھو. اڃا انھن ئي ڳالھين  ۾ ھئا، تھ مٿان لوھر دوست بھ اچي درٻار ۾ پھتو، ۽ يڪدم بادشاھھ کي چيائين تھ: واھھ سائين واھھ! واھھ جو انصاف ٿا ڪريو! ڏوھھ ڪري ھڪڙو، سزا ڀوڳي ٻيو. اصل ۾ خون مون ڪيو آھي، وزيرزادي کي تھ اصل ڳالھھ جي خبر بھ ڪانھي، تنھنڪري سزا مون کي ڏيو. ھن لاچار ٿي وزير زادي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي، کڻي لوھر کي ٻڌايو. اڃان گھڙي بھ ڪا نھ گذري تھ پنجون سنگتي کٽي، ڪپڙو ڳچيءَ ۾ وجھي ڏڪندو ڏڪندو اچي درٻار ۾ ڪري پيو. بادشاھھ کانئس پڇا ڪئي، تڏھن ھٿ ٻڌي چيائين تھ جيئندا قبلا! اصل ڏوھاري آءٌ آھيان، پر ھنن دوستن منھنجي جان بچائڻ لاءِ پاڻ تي ڏوھھ آندو آھي. اھا شرم جھڙي ڳالھھ آھي، جو آءٌ ڏوھھ ڪري لڪي وڃان، وچان ٻيو ڪو بيگناھھ دوست ڦاسيءَ چڙھي. تنھنڪري آءٌ اچي حاضر ٿيو آھيان. ھاڻي ھنن چئني دوستن کي ڇڏي، مون کي سزا ڏيو.

بادشاھھ ھنن جي دوستيءَ جو اھو مثال ڏسي حڪم ڏنو تھ: ھي پنجئي ڄڻا ڏوھھ جا ڏوھاري آھن، تنھنڪري جيستائين اھا خبر پوي، تھ خون ڪنھن ڪيو آھي، تيستائين فيصلو نھ ٿي سگھندو. ھاڻي سڀاڻي انھيءَ بابت وڌيڪ جانچ ڪئي ويندي. اڄ ھرڪو پنھنجي پنھنجي گھر وڃي ٿانڪيو ٿئي. رات ٿي تھ بادشاھھ خيال ڪيو تھ ھي پنجئي دوست اڄ رات ضرور پاڻ ۾ ملندا ۽ خون بابت خبر چار ڪندا، تنھنڪري ڇو نھ لڪي لڪي سندس ڳالھيون ٻڌجن؛ جيئن ھڪڙي پاسي اھا خبر پوي تھ ھنن ۾ سچو ڏوھاري ڪير آھي، ٻيو تھ اھا بھ خبر پوندي تھ اڳتي لاءِ ڪھڙي صلاح ٿا بيھارين.

بادشاھھ چمڙا پوش ڪري، اڌ رات جو اچي انھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويٺو، جتي ھي دوست گڏبا ھئا ۽ رھاڻ ڪندا ھئا. ڇا ٿو ٻڌي تھ شھزادو پنھنجي دوستيءَ کي سچي ثابت ڪرڻ لاءِ دوستن کي پيو چئي تھ: جڏھن بادشاھھ اسان مان ڪنھن کي بھ ڦاسيءَ جو حڪم ڏيندو، تھ آءٌ کيس خنجر سان ماري وجھندس. ان کان پوءِ بادشاھي ضرور مون کي ملندي، پوءِ ڪنھن کي بھ طاقت نھ آھي، جو منھنجي دوستن جي وار جو نالو وٺي! وزيرزادو چوڻ لڳو تھ: جيڪڏھن اسان مان ڪنھن بھ ھڪڙي دوست کي مارائيندو تھ آءٌ وري ان ۾ زھر ملارائي ڇڏيندس. بادشاھھ کائڻ سان ختم ٿي ويندو. پوءِ شھزادا تون بادشاھھ تھ آءٌ وزير؛ ھنن دوستن مان ھڪڙو سپه سالار، ھڪڙو خزانچي ۽ ھڪڙو ڪوٽوال بنائينداسون. اتي لوھر بھ پنھنجي راءِ پيش ڪئي. چي: بادشاھھ جي ڪچھريءَ واري سڄي عمارت ھڪڙي لوھي ڪل تي بيٺل آھي. آءٌ ان کي ڌڪ ھڻي سڄي جاءِ ڪيرائي ميدان ڪري ڇڏيندس. پوءِ جيڪي بھ انھيءَ جاءِ ۾ ھوندا، سي سڀ بادشاھھ سميت ختم ٿي ويندا. ان بعد کٽي چوڻ لڳو تھ: بادشاھھ جڏھن درٻار ۾ ويندو، تڏھن ضرور ڪپڙا بدلائيندو. آءٌ انھن ڪپڙن کي اھڙي زھريلي دوا لائي ڇڏيندس، جو ھو ڪپڙو پائڻ سان مري ويندو.

بادشاھھ ھنن جي اھا سموري گفتگو ٻڌي، وڏي فڪر ۾ پئجي ويو. صبح ٿيو تھ دستور موجب کٽي ڪپڙا کڻي آيو، پر بادشاھھ چيس تھ: اڄ ساڳين ڪپڙن سان درٻار ۾ ويندس. وري ماني آئي تھ بادشاھھ پاڻ تھ اھا نھ کاڌي، پر ٻين کي بھ کائڻ کان منع ڪيائين. بادشاھھ نيرانو درٻار ۾ آيو، تھ شھزادي ۽ فرياديءَ کي درٻار ۾ حاضر ڏٺائين. اتي فرياديءَ کي چيائين تھ: تون جيڪڏھن منھنجي سر ۽ بادشاھيءَ جو خير گھرين، تھ پوءِ خون جو عيوض اسان کان وٺ. ان لاءِ تون ڪيترو بھ ناڻو چوندين، تھ اسين ڀري ڏينداسين. جيڪڏھن نھ، تھ آءٌ ۽ ھيءَ ساري حڪومت تباھھ ٿي ويندي.

آخرڪار بادشاھھ جي چوڻ تي فرياديءَ خون جي قصاص وٺڻ کان ھٽيو ۽ بادشاھھ کي چيائين تھ: جيئندا قبلا! اوھين ڪو فڪر نھ ڪريو، ھيءُ تھ ھڪڙو سر ھئو، پر ھزار سر ھجن، تھ بھ اوھان جي مٿان قربان ڪجن. مون خون بخش ڪيو. اھو ٻڌي بادشاھھ ھن کي مالا مال ڪري ڇڏيو. بادشاھھ پوءِ شھزادي کي ويجھو اچڻ جو اشارو ڪري، سپاھين کي حڪم ڏنائين، تھ ھن جي تلاشي وٺو. تلاشي وٺڻ تي ھن وٽان ھڪڙو خنجر نڪتو. وري درٻار کي حڪم ڪيائين تھ: ڪچھري واري فلاڻي جاءِ تي ڪو ماڻھو بيٺل ھجي، تھ ان کي جھلي اچ. دربان وڃي ڏسي تھ اتي ھڪڙو ماڻھو آھي، جو وڏاڻ رکيو ويٺو آھي ۽ ذري گھٽ ٿي ڪچھريءَ جو خاتمو ڪيائين، پر دربان اچي پڪڙي وڌس. وري کاڌو گھرائي ڏسن تھ سڄو سائو ٿيو پيو آھي. ڪتي کي گرھھ کڻي وڌائون تھ ڇڙھي بھ ڪانھ ھنيائين. وري ڪپڙا گھرائي ڏٺائون، تھ زھر لڳڻ سبب خاڪ ٿيا پيا آھن. پوءِ بادشاھھ چيو تھ: رات مون ھنن دوستن جي گفتگو ٻڌي ھئي. جيڪڏھن آءٌ جوابدار کي ڦاھيءَ جو حڪم ڏيان ھا تھ اسين سڀ مري وڃون ھا. پٽ مون کي خنجر سان ماري ھا، وزير زادي مانيءَ ۾ زھر ملايو ھو ۽ کٽي ڪپڙن جي رستي، لوھر ۽ اسان سڀني جي مٿان جاءِ ڪيرائي ناس ڪري ڇڏي ھا.

بادشاھھ پوءِ شھزادي ۽ ان جي چئن يارن کي وڏا وڏا انعام ڏيئي چيو تھ: دوستي بيشڪ توھان جي سچي چئبي. توھين بيشڪ ھڪٻئي سان وفادار آھيو.


 

١٦– لعل بھ لڀي، پريت بھ رھجي اچي *

 

ڪنھن ملڪ جي بادشاھھ کي ھڪڙو پٽ ھو، جنھن جي اھڙي عادت اچي ٿي، جو جڏھن شھر جون زالون کوھھ مان دلا ڀري کڻنديون ھيون، تڏھن ھو گليل سان ڀتر ھڻي، دلا ڀڃي ڇڏيندو ھون. ڪجھھ وقت تھ شھر جي ماڻھن اھا جٺ صبر سان پئي سٺِي، پر نيٺ اچي آتا ٿيا. ھڪڙي ڏينھن لاچار بادشاھھ کي وڃي دانھن ڏنائون تھ: بادشاھھ سلامت! شھزادي شھر ۾ ھڪڙو دلو بھ سلامت ڪونھ ڇڏيو آھي. جنھن بھ زال جي مٿي تي دلو ڏسي ٿو، تنھن کي گليل سان ڀڃيو ڇڏي. شھر جي ڪنڀرن جون آويون چٽ ٿي ويون آھن. ھاڻي تھ پاڻي ڦڙي لاءِ بھ آزار ۾ اچي ويا آھيون. بادشاھھ اھا ڳالھھ ٻڌي، کين چيو تھ: فڪر نھ ڪريو، اسين اوھان کي ٽامي جون گھاگھريون ٺھرائي ٿا ڏيون. اھو ٻڌي ماڻھو خوش ٿيندا موٽي ويا.

بادشاھھ پنھنجي قول موجب انھن کي  ٽامي جون گھاگھريون مفت ۾ ٺھرائي ڏنيون. شھر جون زالون ھاڻي مٽيءَ جي دلن جي بدران ٽامي جي گھاگھرين ۾ پاڻي ڀرڻ لڳيون. شھزادي جڏھن اھي گھاگھريون ڏٺيون، تڏھن وري رڪ جا روڙا ٺھرائي گليل سان گھاگھرين کي ٽنگ ڪرڻ شروع ڪيائين. آخر اھا ڳالھھ بھ وڃي بادشاھھ جي ڪن تائين پھتي. ھن شھزادي کي گھڻو ئي ڪي سمجھايو، پر شھزادي جي اھا ئي عادت، نيٺ بادشاھھ بيزار ٿي خيال ڪيو، تھ بادشاھي  بھ رعيت سان آھي ..... شھزادي جا ھينئر ئي اھڙا پار آھن، سو منھنجي مرڻ کان پوءِ رعيت سان ڪھڙي چڱائي ڪندو! اھو خيال ڪري ٻانھيءَ کي حڪم ڪيائين تھ: جڏھن شھزادو ماني کائڻ اچي، تڏھن ھن جي جتيءَ جا پادر اونڌا ڪري ڇڏجئين، ۽ کيس کائڻ لاءِ رڳو رکي ماني ڏجئين. شھزادو جڏھن ماني کائڻ آيو، تڏھن ٻانھيءَ حڪم موجب رکي ماني آڻي ڏنيس ۽ سندس جتيءَ جا ٻئي پادر اونڌا ڪري ڇڏيائين. شھزادو رکي ماني ڏسي، ڪجھھ ويچار ۾ پئجي ويو، ۽ وري جو پادر بھ اونڌا ٿيل ڏٺائين، تڏھن پڪ ٿيس تھ اھو سندس شھر نيڪاليءَ جو حڪم آھي.

شھزادو ماني اتي ئي ڇڏي، جتي پائي، ھٿين خالي اٿي محلات مان روانو ٿي. شھر جي دروازي تائين پھتو، تڏھن خيال آيس تھ اڳو پوءِ پنھنجي دوست وزيرزادي کان موڪلايو وڃان. سو سڌو وزيرزادي وٽ آيو ۽ چيائينس: ادا! مون کي تھ ملي آھي شھر نيڪالي، تنھنڪري توکان موڪلائڻ آيو آھيان. وزيرزادو اھا ڳالھھ ٻڌندي ئي ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ شھزادي کي چيائين تھ: دوست! توکان سواءِ ھتي رھي ڇا ڪبو! ترس تھ آءٌ بھ توسان گڏجي ٿو ھلان؛ پر ٻيلي قاضيءَ جو پٽ آھي منھنجو دوست، سو ھل تھ ان کان موڪلائي پوءِ ھليا ھلون. ٻئي گڏجي قاضيءَ جي پٽ کان موڪلائڻ آيا. سموري ڳالھھ ٻڌي ھن پڻ چيو تھ: ادا! آءٌ اوھان کان سواءِ ھتي ڪونھ رھندس .... باقي ڪوٽوال جي پٽ سان ياراني اٿم، تنھنڪري جي ھلو تھ انھيءَ کان موڪلائي پوءِ ھلون. ڪوٽوال جي پٽ کي بھ جڏھن اھا خبر پئي، تڏھن ھن بھ ھنن سان گڏجي ھلڻ جو خيال ڏيکاريو. پوءِ تھ چارئي ڄڻا شھر ڇڏي، ٻئي ملڪ ڏانھن روانا ٿيا.

ھلندي ھلندي ھڪڙي رڻ پٽ ۾ اچي رات پين. صلاح ڪيائون تھ ھھڙيءَ سڃ ۾ سڀني جو سمھي پوڻ چڱو نھ آھي، تنھنڪري ھرڪو واري سان پھرو بھ ڏئي ۽ ننڊ بھ ڪري. نيٺ صلاح بيٺي تھ پھرين پھر شھزادو، ٻئي پھر وزيرزادو، ٽئين پھر قاضيءَ جو پٽ ۽ چوٿين پھر ڪوٽوال جو پٽ پھرو ڏئي. انھيءَ رٿ موجب ٻيا ٽيئي ھمراھھ سمھي رھيا، باقي شھزادو پھرو ڏيڻ لڳو. اڃان ڪا ساعت مس گذري، تھ شھزادي کي پري کان چمڪاٽ ڏسڻ ۾ آيو. خيال ٿيس تھ ضرور ڪا آفت آھي؛ سو اڳتي وڌي ويو. ڇا ڏسي تھ ھڪڙو واسينگ نانگ چمڪندڙ لعل سان پيو راند ڪري. شھزادي ھڪدم ترار ڪڍي وار ڪيو، پر نانگ ڌڪ لڳڻ کان اڳ ۾ ئي لعل اتي ڇڏي، اک ڇنڀ ۾ غائب ٿي ويو. شھزادي جھٽ ڪري لعل کڻي پنھنجي پٽڪي جي ور ۾ لڪائي ڇڏي، ۽ موٽي اچي پھرو ڏيڻ لڳو. پھرئين پھر پوري ٿيڻ تي شھزادو، وزيرزادي کي پھري ڏيڻ لاءِ اٿاري پاڻ سمھي رھيو. وزيرزادي کي بھ پھرو ڏيندي اڃان ڪجھھ وقت مس گذريو، تھ ھن کي بھ پري کان چمڪاٽ ڏسڻ ۾ آيو. ويجھو وڃي ڏسي تھ ھڪڙو واسينگ نانگ لعل سان پيو کيڏي. وزير جي پٽ بھ ترار سان نانگ کي مارڻ چاھيو ٿي، پر نانگ ور ڏيئي لعل اتي ئي ڇڏي، زمين ۾ گھڙي ويو. وزيرزادي جھٽ ڪري لعل کڻي پنھنجي پٽڪي جي ور ۾ ھڻي ڇڏي، ۽ موٽي اچي پھري تي بيٺو. ٽئين پھر ۾ جڏھن قاضيءَ جي پٽ پئي پھرو ڏنو، تڏھن ھن کي بھ اھڙيءَ طرح لعل ھٿ آئي، جيڪا ھن بھ پٽڪي جي ور ۾ لڪائي ڇڏي. چوٿين پھر ڪوٽوال جي پٽ کي بھ ساڳيءَ طرح لعل ملي، پر ھن خيال ڪيو تھ ڏسان تھ ٻين کي بھ اھڙيون لعلون ھٿ آيون آھن يا رڳو مون کي آھي ملي! اھو ويچار ڪري ھن يارن جا پٽڪا ڦولھيا تھ انھن مان لعلون لڀي پيون. پوءِ اھي چارئي لعلون ڪپڙي ۾ ويڙھي، پنھنجيءَ چيلھھ ۾ ٻڌي ڇڏيائين. صبح جو جڏھن سڀئي اٿيا، تڏھن ھرڪو پنھنجي منھن پٽڪو جاچڻ لڳو تھ لعل سوگھي آھي يا نھ؟ پر لعل ھجي تھ کين ھٿ اچي! سمجھي ويا تھ لعلون آھن ڪنھن يار وٽ، پر ھاڻي ڪنھن کي ڏوھھ ڏجي. يارن مان جيڪو بھ چور ثابت ٿئي، ان سان ياري ڦٽائڻي پوندي. تنھنڪري دل جو سور دل ۾ سانڍي پنڌ پيا.

آخرڪار ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ اچي نڪتا، ۽ اتي رھڻ لڳا ھڪڙي ڀيري ڳالھيون ڪندي اھا ڳالھھ اچي نڪتي ..... ٽنھي دوستن سان گڏ ڪوٽوال جي پٽ بھ چيو تھ: لعل تھ مون کي بھ ھٿ آئي ھئي، پر صبح جو پٽڪي ۾ ھئي ڪانھ. نيٺ سڀئي صلاح ڪري اتي جي بادشاھھ وٽ ويا، ۽ کيس سمورو احوال ٻڌائي عرض ڪيائون تھ: اسان کي لعلون لڀي ڏي؛ پر اھڙيءَ طرح جو چئني دوستن جي پريت رھجي اچي. بادشاھھ اھا ڳالھھ ٻڌي ڏاڍو حيران ٿيو. آخر گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ جواب ڏنائين تھ: ھڪ ڳالھھ ٿيندي ..... يا لعلون لڀنديون يا پريت رھندي. انھيءَ تي شھزادي چيو تھ: جيڪڏھن اوھان کان ھھڙو خسيس فيصلو بھ ٿي نٿو سگھي، تھ پوءِ ھيڏي ساري بادشاھي ڪيئن ھلائيندا ھوندئو؟ بادشاھھ کي انھيءَ طعني ماري ڇڏيو. تنھنڪري چئني يارن کي پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيائين، ۽ وزير کي گھرائي، سڄي ڳالھھ ٻڌائي، حڪم ڪيائين تھ: يا لعلون لڀي ڏي يا موت قبول ڪر!

وزير ويچاري کي اچي ساھھ سان لڳي، سو بادشاھھ کان مھلت وٺي گھر آيو، ۽ اچي منجي اونڌي ڪري غم ۾ ويھي رھيو. گھر جا سڀئي ڀاتي ڏاڍا حيران پريشان ٿيا. آخر ھن کان خبر چار پڇيائون تھ، پر ھن ڪنھن کي بھ جواب نھ ڏنو. نيٺ وڏيءَ ڌيءَ زور رکيس، تڏھن لاچار ٿي سموري ڳالھھ ڪري ٻڌايائين. ڌيڻس اھا ڳالھھ ٻڌي چيس تھ: بابا! ڳالھھ بھ ايتري! ھاڻي تون دل نھ لاھھ. انھن چئني يارن کي وٺي اچي اوطاق ۾ رھاءِ، پوءِ آءٌ پاڻھي لعلون ھٿ ڪري ڏينديس. وزير اتي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چئني يارن کي آڻي، پنھنجي اوطاق ۾ مھمان ڪري رھايائين.

جڏھن رات جو سڀئي ماني ٽڪي کائي وڃي آرامي ٿيا، تڏھن وزير زاديءَ پھرين شھزادي کي پاڻ گھرايو. پر اھڙيءَ طرح جيئن ٻين ٽنھي کي خبر نھ پئي. شھزادو ماڙيءَ تي آيو. ٻانھي ھن کي پلنگ تي ويھاري پاڻ ھلي ويئي. انھيءَ وچ ۾ وزير زادي بھ ھار سينگار ڪري ڏاڍي ناز نخري سان ھلندي اچي پھتي. شھزادو ھن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ٻئي ڄڻا رھاڻ ڪرڻ ويٺا، پر اوچتو ڏيو وسامي ويو. وزيرزاديءَ ٻانھيءَ کي سڏي گھٽ وڌ ڳالھايو، ۽ چيائينس تھ: ٻيو تيل کڻي اچ. ٻانھيءَ چيو تھ: سائڻ! اڄ توشاخاني مان تيل آڻڻ وسري ويم، ھينئر اڌ رات اچي ٿي آھي، سو ڪٿان تيل آڻينديس! تڏھن وزيرزاديءَ چيس تھ: چڱو، ڪي لعلون کڻي اچ تھ انھن جي روشنائي ۾ ويھي ڪچھري ڪريون. ٻانھيءَ جواب ڏنو تھ: سانئڻ! اھي بھ رھيون توشاخاني ۾، ھينئر بيگاھ وقت ڪنھن کي جاڳائڻ سٺو ڪونھي. وزير زادي اھو ٻڌي چپ ٿي ويئي. شھزادو بھ ماٺ ڪيو ويٺو ھو. آخر ڪجھھ دير کان پوءِ، وزير زاديءَ ڪن سن ۾ ٻانھيءَ کي چيو تھ: ھن کي سندس ڪوٺيءَ ۾ ڇڏي، وزير زادي کي وٺي اچ. گھڙيءَ کن کان پوءِ وزير زادو آيو، ان سان بھ وزير زادي ساڳي طرح ناز نخري سان ملي. وري بھ ڏيو اجھامي ويو. ان تي ھنن ٻنھي ڄڻين ساڳي گفتگو ڪئي. آخر وزير زادي ماٺ ڪري ويھي ڏسڻ لڳي تھ من ھو ڪجھھ ڪڇي، پر ٻيو ٿيو خير ..... اصل ڀِت بنيو ويٺو رھيو. اھو حال ڏسي وري بھ ٻانھيءَ کي چيائين تھ: ھن کي بھ ڌڪا ڏيئي ھيٺ ڇڏي، قاضيءَ جي پٽ کي وٺي اچ! قاضيءَ جي پٽ سان بھ اھا ئي ڪار ٿي. پر اتان بھ کڙتيل ڪو نھ نڪتو. پڇاڙيءَ ۾ ڪوٽوال جو پٽ آيو. وزير زادي ۽ ٻانھيءَ وچ ۾ ساڳي گفتگو ٿي، جڏھن ٻانھيءَ جواب ڏنو تھ: سانئڻ! لعلون رھيون توشاخاني ۾؛ تڏھن ڪوٽوال جي پٽ کان رھيو ڪونھ ٿيو، ۽ جھٽ چئي ڏنائين تھ: وزير زادي! چار لعلون مون وٽ بھ آھن، اوھين چئو تھ پوءِ کڻي حال انھن جو ئي سوجھرو ڪريون؟ وزير زادي اھو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ چيائين تھ: ڀلي، لعلون ڪڍي ڪري ٻاھر تھ في الحال سوجھرو ٿئي. جيئن ئي ڪوٽوال جي پٽ پنھنجي چيلھھ مان لعلون ڇوڙي ٻاھر رکيون، تيئن وزير زاديءَ جھٽ ھڻي لعلون کڻي سوگھيون ڪيون ۽ ٻانھيءَ کي حڪم  ڪيائين تھ: ھن کي بھ ڌڪا ڏيئي ھيٺ ڇڏي اچ! پوءِ وزير زاديءَ چارئي لعلون وڃي پنھنجي پيءُ کي ڏنيون.

صبح جو وزير چارئي لعلون آڻي بادشاھھ کي ڏنيون، جنھن وري انھن چئني يارن کي ھڪ ھڪ ڪري ورھائي ڏنيون. چئني دوستن مان ڪنھن کي بھ سڌ ڪا نھ پيئي تھ اھي لعلون ڪھڙي يار وٽ لڪل ھيون. اھڙيءَ طرح ھنن چئن يارن جون ”لعلون بھ لڌيون ۽ پريت بھ رھجي آئي.“


*  ھيءَ ڳالھھ اتر(تعلقي قنبر) کان غلام نبي کان ملي.

*  ھيءَ ڳالھھ (تعلقو ٽنڊي باگي) مان مائي زيب النساء لوھار کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org