سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :16

٢٨– پڳ ڪنھن جي؟ *

 

ھڪڙو ھو بادشاھھ، جنھن کي اولاد ٿيندو ئي ڪونھ ھو. اولاد جي ڪري، ھن ھڪٻئي پٺيان چار شاديون ڪيون، پر ڪنھن مان بھ اولاد ڪونھ ٿيس. ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ کي خبر پئي تھ ڪو ڪامل درويش آيو آھي، جو خدا کان گھري، ھر ڪنھن جي دل جون مرادون پيو پوريون ڪري. سو ٻئي ڏينھن ھيءُ بھ اڪيلو ئي اڪيلو، پيرين اگھاڙو اچي ان درويش وٽ حاضر ٿيو. درويش ھن جو ايترو عقيدو ڏسي دعا ڪيس. اتي بادشاھھ جي دل کي ڪجھھ ڏڍ آيو، ھو فقير کان موڪلائي، واپس پنھنجي محلات ڏي روانو ٿيو.

قدرت خدا جي، جو سال کن کان پوءِ، بادشاھھ کي چئني راڻين مان، ساڳئي وقت چار سھڻا شھزادا ڄاوا. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انھيءَ خوشيءَ ۾ سڄي ملڪ ۾ ڏاڍيون خير خيراتون ڪيائين ۽ خوب جشن ملھايائين. خير خيراتون ۽ خوشيون پورا چاليھھ ڏينھن پئي ھليون. خير، شھزادا بھ اڄ ننڍا سڀاڻ وڏا، نيٺ اچي جوان ٿيا. چارئي شھزادا پنھنجيءَ پر ۾ پڙھي لائق ۽ قابل ٿيا، ۽ ھر فن ۾ ڪامل ٿيا. آخر ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ جي عمر جا ڏينھن بھ اچي پورا ٿيا ۽ ھن فاني دنيا مان چالاڻو ڪيائين. جڏھن بادشاھھ کي دفن ڪري واپس آيا، تڏھن چئني شھزادن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي تھ: ھاڻي پاڻ مان تخت تي ڪنھن کي ويھارجي؟ ڇو تھ پاڻ چارئي ڀائر ھڪ جيڏا آھيون ۽ ڪنھن کي بھ اھا خبر ڪانھي، تھ پاڻ مان ڪير وڏو آھي! آخرڪار صلاح بيھاريائون تھ فلاڻي ملڪ ۾ بابي جو ھڪڙو گھاٽو دوست قاضي آھي، ڇو نھ ھلي ان کان صلاح وٺجي! اھو ارادو ڪري، ھي چار ئي شھزادا سھي سنڀري اٿي ان ملڪ ڏانھن روانا ٿيا. منزلون ڪندا، پڇائيندا، اچي قاضيءَ جي گھر پھتا. ھو کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. کانئن حال احوال ورتائين. جڏھن شھزادن کيس سربستو احوال ٻڌايو، تڏھن ھنن کي چيائين تھ: پٽ! اوھين دلجاءِ ڪريو – آءٌ سڀاڻي اوھان کي فيصلو ٻڌائيندس، ڀلي، اڄ آرام ڪريو ۽ مسافريءَ جو ٿڪ ڀڃو.

قاضي، شھزادن کي اوطاق تي وٺي ويو؛ پنھنجن نوڪرن  چاڪرن کي ھنن جي خدمت چاڪريءَ جون ھدايتون ڪري، پنھنجي گھر موٽي ويو. جڏھن سانجھيءَ جي مھل ٿي، تڏھن وري شھزادن وٽ آيو، ۽ ھرھڪ شھزادي کان پڇڻ لڳو تھ: کاڌي پيتي يا ڪنھن ٻيءَ شيءِ جي ڪا خاص ضرورت ھجي، تھ بي حجاب ٻڌايو، تھ اھا پوري ڪئي وڃي؟ تڏھن ھڪڙي شھزادي چيو تھ: منھنجي رات جي کاڌي لاءِ جيڪڏھن سڳداسي چانور ھجن تھ بھتر. ٻئي شھزادي چيو تھ: منھنجي لاءِ  مينھن جو نج کير جو جيڪڏھن بندوبست ٿي سگھي، تھ ڏاڍو سٺو. وري ٽئين شھزادي کان پڇيائين، جنھن چيو تھ: مون کي رات جو شراب جو ڍڪ ملي وڃي تھ چڱو. چوٿين شھزادي چيو تھ: رات جو منھنجي اڳيان ڪا خوبصورت عورت صرف ويٺل ھجي، ۽ آءٌ رڳو پري کان ويٺو ان جو ديدار ڪريان!

رات جو قاضي صاحب ھرھڪ جي پسند موافق سڳداسي چانور، مينھن جو نج کير ۽ شراب حاضر ڪري ڏنو، پر چوٿين شھزادي جي خواھش تي منجھي پيو، تھ اھڙي حسين عورت ڪٿان اچي! نيٺ خيال ڪيائين تھ منھنجي ڌيءَ ويٺل آھي، ڇو نھ اھا وٺي وڃي وٽس ويھاريان...... نياڻيءَ جي لڄ پت الله رکندو، ۽ ھو بھ تھ اشراف شھزادا آھن – تنھن کان سواءِ ھن جي رڳو سامھون ويھڻو آھي. پوءِ رات جو پنھنجي ڌيءَ کي وٺي اچي شھزادي جي سامھون ويھاري ويو. اھڙيءَ طرح ھر ڪنھن شھزادي کي پنھنجي پسند جي چيز ملي ويئي، ۽ ھو وڃي آرامي ٿيا.

جڏھن خير سان صبح ٿيو، تڏھن قاضي، شھزادن کان حال احوال وٺڻ آيو. پھريائين، پھرين شھزادي کان حال احوال پڇيائين، جنھن چيو تھ: سائين منھنجا! منھنجي رات ڏاڍي تڪليف سان گذري – ڇو جو سڳداسي چانور تھ ڪونھ ھئا، رڳو بصرن جي ڪڙھي ھئي! اھو ٻڌي قاضيءَ کي ڏاڍو عجب لڳو. خيال ڪيائين تھ مون سڳداسي چانور تيار ڪرايا ھئا، سا وري بصرن جي ڪڙھي ڪيئن ٿي پئي! خير، ھي اھو سوچيندو وري ٻئي شھزادي وٽ آيو. ٻئي شھزادي چيس تھ: سائين، حال وري ڪھڙو ٿا پڇو! مينھن جو کير مليو ئي ڪونھ، باقي گڏھھ جي کير جي ڌپ سا گھڻئي ھيس! اھا ڳالھھ ٻڌي، قاضي ھيڪاري حيرت ۾ پئجي ويو. وري جو ٽئين شھزادي وٽ آيو ۽ حال احوال پڇيائين، تھ ان وري ڳالھھ ئي نئين ٻڌايس – چي: شراب تھ ڪونھ مليو، باقي مساڻن جي مٽيءَ ۾ مليل شراب برابر ھو! قاضيءَ جو اھو ٻڌو، سو ماٺ ميٺ ۾ وري چوٿين شھزادي وٽ آيو، ۽ اچي پڇيائينس تھ: ابا! ڏي خبر – رات تھ خير سان گذري يا نھ؟ تڏھن ان تھ وري اھڙي ڳالھھ ٻڌايس جو پيرن ھيٺان زمين ئي نڪري ويس. ھن چيس تھ: سائين! رات ڪھڙي حبشڻ مون ڏي موڪلي ھيو؟ ننڊ تھ ننڊ جي ماڳ، مرڳو ئي سڄي رات طبيعت بيقرار رھي.

قاضي اھي ڳالھيون ٻڌي، سڌو پنھنجي گھر آيو ۽ پھريائين چانورن واري موديءَ کي گھرايائين ۽ ان کي چانورن واري حقيقت ڪري ٻڌايائين. مودي وري جنھن زميندار کان چانور ورتا ھئا، ان کي وٺي آيو، جڏھن قاضيءَ ان زميندار کي اھا چانورن واري حقيقت ٻڌائي، تڏھن ھن چيو تھ: سائين! چانورن ۾ ٻيو تھ ڪو بھ کوٽ ڪو نھ ھو، باقي ائين سو آھي تھ مون مھڙ واري زمين ۾ - جيڪا اڏ جي منھن ۾ آھي – بصر پوکيو ھو، ۽ ان جي پاسي واري زمين ۾ چانور .... پاڻي جڏھن ٻنيءَ کي ايندو ھو تھ پھريائين بصر مان ٿي، پوءِ سارين ۾ ايندو ھو. بس،حقيقت اھا اٿو! قاضيءَ زميندار جي اھا ڳالھھ ٻڌي، ھن کي اجازت ڏني ۽ موديءَ کي بھ رخصت ڪيائين.

قاضيءَ پوءِ وري ميھار کي گھرايو ۽ چيائين تھ: ميان! مون توکي مينھن جي نبار کير لاءِ چيو ھو، پر تو تھ ھڻي منھنجي پت ئي ڌوئي ڇڏي! تڏھن ميھار عرض ڪيو تھ: سائين! کير تھ بلڪل نبار، ٿڻن مان ڏڌو ھو. قاضيءَ چيس تھ: مينھن جو کير  جي نبار ھو، تھ پوءِ منجھانئس گڏھھ جي کير جي ڌپ وري ڪيئن ٿي آئي؟ تنھن تي ميھار ورندي ڏني تھ: سائين! ٻيو تھ ڪو سبب ڪونھ ٿو سجھيم، باقي ايترو سو ياد اٿم تھ اھا مينھن، جنھن جو کير رات مون اوھان کي ڏنو ھو، سا جڏھن اڃان وڇ ھئي، تڏھن وٿاڻ ۾ ٻڌل ھوندي ھئي، اتي ھڪڙي گڏھھ بھ ٻڌل ھوندي ھئي – سا ڪنھن وقت ماڻس جي ٿڻن ۾، تھ ڪنھن وقت وري گڏھھ جي ٿڻن ۾ منھن وجھندي ھئي! باقي توھين مون کان قسم وٺو، جي ڪو ٻيو کوٽ کير ۾ ھجي! پوءِ قاضيءَ، ميھار جي اھا ڳالھھ ٻڌي، ھن کي بھ اجازت ڏني.

قاضيءَ پوءِ وري شراب واري موديءَ کي گھرايو، ۽ چيائينس تھ: آبدار! رات وري تو ڪھڙو شراب موڪليو ھو، جو پيئڻ سان منجھانئس مساڻ جي مٽيءَ جي ڌپ پئي آئي؟ اول تھ مودي اھا ڳالھھ ٻڌي ھڪو ٻڪو ٿي ويو، پر پوءِ دل جھلي چيائين: سائين! ٻيو تھ ڪوبھ دغا دولاب ڪونھ ھو، باقي سچي حقيقت تھ ھيءَ آھي، تھ جڏھن شراب جي بٺيءَ ھيٺان باھھ پئي ٻري ۽ شراب پئي چِڪيو، تڏھن اوچتو ڏٺم تھ بٺيءَ جون ڪاٺيون ختم ٿي ويون ھيون. اھو حال ڏسي آءٌ ڪاٺين لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن سٽون ڏيڻ لڳس، تھ جيئن بٺي ٺري نھ وڃي. اوچتو خيال آيم تھ ڀر واري مساڻ ۾ ڪاٺيون پيل آھن، سو ڇو نھ في الحال اتان مھل ڪري وٺان! سٽ ڏيئي مساڻ مان ڪاٺيون کڻي آيس، ۽ اچي پنھنجو ڪم پورو ڪيم. حقيقت تھ اھا اٿو، وڌيڪ جيڪا اوھان جي مرضي! پوءِ قاضيءَ انھيءَ کي بھ واپس وڃڻ جي اجازت ڏني. ھاڻي قاضيءَ کي باقي پنھنجي ڌيءَ جي ڳالھھ جي اڇائي ڪرڻي ھئي، ڇو تھ شھزادي ھن لاءِ چيو ھو تھ ”ڪھڙي حبشڻ وٺي آڻي ويھاري ھيو“ سو سڌو آيو گھر ۽ زال کي چيائين تھ: خبر ٻڌ، اڄ مون کي ھيءَ حقيقت ملي آھي، سو ھاڻي تون سچي ڪر، نھ تھ پوءِ ھيءَ ترار ڏٺي اٿئي، ڌڪ ئي ھڪڙو ھڻندو سانءِ. اھو ٻڌي زال يڪدم قاضيءَ جي پيرن تي ڪري پئي ۽ روئي چيائينس تھ: سائين منھنجا! سڄي عمر گذري ويئي، پر توھان ڪجھھ بھ نھ ڏٺو... باقي اڄ ايتريءَ تي شڪ ڪيو اٿو – انھيءَ کان تھ اڳو پوءِ ماري ڇڏيوم ھا تھ سٺو ھو! ھاڻي ٻڌو، منھنجي پڙناني، سا برابر نج حبشڻ ھئي – سو ان جي ڪا لڇ ھن ندوريءَ ۾ اچي ويئي ھجي، تھ الله کي خبر! اھا ڳالھھ ٻڌي قاضيءَ کي ڏندين آڱريون اچي ويون.

قاضيءَ دل ۾ خيال ڪيو تھ شھزادا آھن برابر چارئي عقلمند، پر انھن مان جيڪو وڌيڪ عقل وارو ھجي، تخت جو لائق اھو آھي – سو ويھي اِھا ڳالھھ سوچڻ لڳو. نيٺ اِھا ڳالھھ عقل ۾ آيس تھ پھرين ٽن شھزادن مان ھرھڪ، شيءِ جو ذائقو وٺي، پوءِ ان جي اوڻائي ظاھر ڪئي، پر سچ پچ ڪمائي، تھ ان چوٿين شھزادي جي آھي، جو رڳو پري کان ڏسڻ سان ايڏي حقيقت پروڙي ويو! سو واقعي ھن ۾ ڪا وڏي مڻيا آھي، ۽ پڳ جو حقدار بھ اھو ئي آھي. دل ۾ اھو فيصلو ڪري، ٻئي ڏينھن چئني شھزادن کي اچي ٻڌايائين. اھا ڳالھھ ٻين ٽن ڀائرن بھ قبول ڪئي.

پوءِ چارئي شھزادا، قاضيءَ کان موڪلائي، پنھنجي ملڪ موٽي آيا، ۽ پڳ وارو شھزادو تخت تي ويٺو. باقي ٽن ڀائرن مان ھڪڙو ھن جو وڏو وزير، ٻيو خزاني جو ڪنجيدار، ۽ ٽيون لشڪر جو سپه سالار ٿي ويٺو – اھڙيءَ طرح چارئي ڀائر پنھنجو راڄ ڀاڳ سنڀالي ويھي رھيا. ڪالھھ ڏٺاسون تھ چارئي ڀائر گڏيا، گھوڙن تي چڙھيو شڪار ڪرڻ پئي ويا.


 

٢٩– سؤ گھوڙن وارو سوداگر *

 

ھڪڙو ھو بادشاھھ، جنھن کي اچي شوق ٿيو، تھ ھڪ رنگا گھوڙا گڏ ڪجن. سو پنھنجي وزير کي حڪم ڪيائين تھ: ھڪ رنگ جا ھڪ سؤ گھوڙا وٺي اچ، ۽ جيڪو بھ خرچ ٿئي، تنھن جي توکي اجازت آھي. وزير، گھوڙن جي ڳولا ۾ گھمندي گھمندي اچي ھڪڙي سوداگر سان ملاقاتي ٿيو، جنھن وٽ ھڪ سؤ سرخا گھوڙا بيٺل ھئا. وزير ھن کي ٻڌايو تھ: بادشاھھ سلامت کي ساڳي رنگ روپ جا گھوڙا گھرجن.... تو وٽ اھڙا گھوڙا بيٺل آھن، اھي ڏي تھ ڪاھي وڃان – انھن جي عيوض جيڪا بھ قيمت وٺندين، سا ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. سوداگر چيو تھ: اي وزير! ھي گھوڙا ائين ئي بيڪار بيٺا منھنجو خرچ کائين، تنھنڪري اھي سڀ بادشاھھ کي سوکڙيءَ طور ڏيڻ ٿو چاھيان – انھن جي قيمت اصل نھ وٺندس. وزير اھي سڀ گھوڙا ڪاھي، اچي بادشاھھ جي خدمت ۾ پيش ڪيا؛ جن کي ڏسي ھو ڏاڍو خوش ٿيو.

ڪجھھ ڏينھن گذرڻ کان پوءِ، تقدير الاھي سان اھو سوداگر کٽي پيو. اھڙو ڪنگال ٿي ويو جو کائڻ لاءِ بھ نھ رھيس. ان وقت اھا ڳالھھ ياد آيس تھ، فلاڻي بادشاھھ کي سؤ گھوڙا بنا پئسن جي سوکڙيءَ طور ڏنا ھئم -  ان وٽ وڃان، من ڪا مدد ڪري! اھو خيال ڪري اچي وزير سان مليو ۽ کيس سمورو احوال ٻڌايائين. وزير کيس مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ وجھھ وٺي ھن کي بادشاھھ سان ملايو. وزير، بادشاھھ کي ٻڌايو تھ: ھي اھو سوداگر آھي، جنھن سائين جن لاءِ ھڪ رنگا گھوڙا تحفي طور ڏنا ھئا..... ھن وقت سندس حالت تمام تنگ آھي، ۽ مدد جي اميد رکي آيو آھي! بادشاھھ پھرين تھ سوداگر ڏانھن ڪو بھ توجھھ نھ ڏنو، پر پوءِ حڪم ڪيائين تھ: سوداگر کي سرڪاري خزاني مان روز ھڪ رپيو ڏنو وڃي، جنھن مان مڃ وٺي. ان مان واڻ وٽي، روز شام جو بازار ۾ نيڪال ڪري اچي. ان مان جيڪا بھ پيدائش ٿئي، سا سرڪاري خزاني ۾ آڻي جمع ڪرائي. ان بعد شاھي مھمانخاني ۾ سندس رھڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

سوداگر، بادشاھھ جي انھيءَ حڪم تي دل ۾ ڏاڍو رنج ٿيو. چيائين تھ بادشاھھ منھنجو چڱو قدر سڃاتو آھي! پر مجبوري تمام بڇڙي شيءِ آھي، جنھن ھن کان واڻ وٽڻ جھڙو خسيس ڪم ڪرايو. ٻئي ڏينھن حڪم موجب ھو خزانچيءَ کان روپيو وٺي، بازار مان مڃ خريد ڪري، ان مان واڻ وٽڻ لڳو. ھن اڳ ڪڏھن بھ واڻ نھ وٽيو ھو. سو سمورو زيان ڪري ويھي رھيو ۽ جيڪو واڻ وٽيائين، تنھن جي بازار مان پنج ٽڪا قيمت مس مليس، جا ھن سرڪاري خزاني ۾ آڻي جمع ڪرائي. ٻھ – ٽي ڏينھن سوداگر جو ساڳيو حال رھيو، پر پوءِ انھيءَ ڪم تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيائين. آھستي آھستي آزمودو ٿيندو ويس..... تان جو سندس روزاني پيدائش پنجن ٽڪن مان وڌي اچي پنجاھھ ٽڪن تائين پھتي.

ڪجھھ وقت کان پوءِ، سوداگر واڻ وٽڻ جو سٺو ڪاريگر ٿي ويو، سندس واڻ سھڻو ۽ سٺو ٿيڻ لڳو. تنھن ڪري پيدائش بھ وڌندي وڌندي ٻن رپين تائين وڃي پھتي. بادشاھھ خزانچي جي معرفت ھن جي سموري حساب ڪتاب جي خبر لھندو ھو. سوداگر، ماني بادشاھھ سان گڏ کائيندو ھو، رھڻ لاءِ جدا محلات، پر پورھيو واڻ وٽڻ جو ڪرڻو پوندو ھئس. ھو دل ئي دل ۾ پيو وٽ کائيندو ھو تھ: بادشاھھ واھھ جي دوستي نباھي آھي. مون کي کٽي ڪھڙيءَ کنيو ھو جو ھن وٽ مدد لاءِ آيس. بادشاھھ کي خزاني جي ڪھڙي بک؟ جيڪڏھن لک سوا مھرن جو کڻي ڏئيم ھا، تھ ڇا ٿي پويس ھا؟ ويچارو سوداگر اِھي پور پچائيندو، روزانو واڻ وٽي بازار ۾ وڪڻندو رھيو. تان جو اچي ڇھھ مھينا گذريا. آخر ھڪڙي ڏينھن جڏھن بادشاھھ کي اطلاع مليو تھ سوداگر جي ڪمائي ھاڻي ٻيڻي ٿي آھي. تڏھن ھن کي گھرائي چيائين تھ: دوست سوداگر! ھاڻي گھر جيڪي گھرڻو اٿئي! ھينئر آءٌ ھر طرح تنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيان. سوداگر کي ھيڪاري حيراني وٺي ويئي، ۽ ڏاڍو ڏک مان بادشاھھ کي چيائين تھ: بادشاھھ سلامت! مون تنھنجي پر پٺ ياري مڃي ھئي. دوستي انھيءَ لاءِ رکبي آھي، تھ ڪا نھ مھل ڪنھن جھڙي – ھڪ سج ٻھ پاڇا، وانگر جيڪڏھن ڪو دوست ڪري پوي، تھ ان جي مدد ڪري سگھجي. سو آءٌ بھ تو ۾ اميد ڄاڻي مدد لاءِ آيو ھئس، پر ارمان آھي جو تو مدد تھ مدد جي ماڳ، اٽلو مون کي اھڙي خسيس ڪم تي کڻي ڇڏيو، جنھن کان ٻڏي مرڻ بھتر ھو. پر ھڪڙو پرديس، ٻيو پاڻ ڏاڍي سان دوستي، ٽيون مسڪيني حالت، تنھنڪري سور پي، توھان جي حڪم جي تعميل ڪندو رھيس. توھين چاھيو ھا تھ منھنجي ان وقت ئي مدد ڪري سگھو ھا، پر ڇھھ مھينا بيڪار ويھاري، پوءِ مدد ڏيڻ، ان جو سبب خبر ناھي تھ ڪھڙو؟ تڏھن بادشاھھ، کلي جواب ڏنس تھ: دوست! مون بھ تنھنجي پر پٺ ياري مڃي ھئي. جڏھن تون ڏتڙيل حالت ۾ مون وٽ پھتين، تڏھن سمجھيم تھ ڀاڳ تو وٽان موڪلائي ويو آھي. انھيءَ وقت آءٌ توکي کڻي سڄي بادشاھي ڏيان ھا، تھ بھ تنھنجا اھي ئي ساڳيا حال وڃي ٿين ھا. تنھنڪري خيال ڪيم تھ جيستائين تنھنجو ڀاڳ وري، تيستائين توکي ھٿ ۾ خزانو نھ ڏيان تھ چڱو. ھاڻي تنھنجي بخت جي خبر ڪيئن پويم تھ ڪڏھن ٿو وارو وريئي – تنھنڪري اھا اٽڪل ڪڍيم تھ تون مڃ وٺي، واڻ ٺاھي وڪڻين. جيستائين توتي نڀاڳ جو اثر ھو، تيستائين پئي نقصان پيو، جڏھن ڏٺم تھ ھاڻي تنھنجو ڀاڳ سڻائو ٿيو آھي، ۽ جنھن ڪم ۾ ھٿ وجھندين، تنھن مان فائدو ئي فائدو ٿيندو، تڏھن توکي چوان ٿو تھ جيڪي گھرڻو اٿئي سو گھر! اھا سموري حقيقت ٻڌي، سوداگر، بادشاھھ جو تمام گھڻو شڪرگذار ٿيو ۽ چيائين تھ: بادشاھھ سلامت! جيڪڏھن ھاڻي منھنجو ڀاڳ وريو آھي، تھ الله تعاليٰ اڳتي پنھنجي مان ئي گنج ڪري ڏيندو. آءٌ اوھان جي ھاڻي مدد وٺڻ نٿو گھران. ايتري ۾ سوداگر ڏانھن قاصد آيو تھ: اوھان جو سامان سميت جيڪو جھاز توائي ٿي ويو ھو، سو لڌو آھي. ٿوريءَ دير بعد وري ٻيو قاصد آيس تھ: فلاڻي حساب ۾ ليکي جي چڪ ھئي، جا لڌي آھي؛ ان مان تنھنجا ھيترا پئسا وريا آھن. مطلب تھ سوداگر لاءِ رنگ لڳي ويا. پوءِ بادشاھھ ۽ وزير کان موڪلائي، پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽيو، ۽ وري پنھنجي ڪاروبار کي لڳي ويو.


 

٣٠– سامون سوداگر *

 

سامون نالي ھڪڙو سوداگر ڪنھن ولايت ۾ رھندو ھو، جنھن کي ٻھ جوان پٽ ھئا. ٻنھي جي شادي ڪيل ھئي، پر ننڍي جي زال تمام سھڻي ھئي، جنھن جي ھاڪ ملڪان ملڪ پکڙيل ھئي. ھي ٻئي زال مڙس بھ ھڪٻئي تي اڪن ڇڪن ھوندا ھئا، ۽ وسئون ھڪٻئي کان جدا نھ ٿيندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن سامون سوداگر، پنھنجي ٻنھي پٽن کي سڏائي چيو تھ: بابا! الله جي فضل ڪرم سان پنھنجي گھر ۾ مال ملڪيت سڀ ڪجھھ آھي، ايتري قدر جو اوھان جي سڄي ڄمار لاءِ ڪافي آھي؛ پر تڏھن بھ کاڌي کوھھ کٽيو وڃن، تنھنڪري منھنجي صلاح آھي، تھ ڪا اھڙي ڪرت ڪريو، جنھن مان ڪجھھ اپراسو بھ ٿئي. اھا ڳالھھ ٻڌي ننڍي پٽ دل ۾ خيال ڪيو تھ بابو سچ ٿو چوي، سو ھڪدم ٻارھن غوراب کٿوريءَ سان ڀرائي، ڏورانھن ملڪن ڏانھن واپار لاءِ روانو ٿي ويو.

ڪجھھ ڏينھن جي سفر کان پوءِ، ھن جي غورابن وڃي ڪنھن ملڪ جي ڪناري سان لنگر ھنيو. انھيءَ ملڪ جي بادشاھھ کي جو خبر پيئي، تھ ڪي جھاز کٿوريءَ سان ڀرجي آيا آھن، سو پنھنجي وزير کي موڪليائين تھ سودو ڪري اچي. جڏھن ٻئي ڌريون واپار ۾ ٺھي آيون، تڏھن سوداگرزادو اھي سڀ جھاز کٿوريءَ جا بادشاھھ کي وڪرو ڪري، پنھنجي ملڪ موٽيو. جيئن تھ ھن واپار مان تمام گھڻو نفعو ٿيو ھوس، تنھنڪري ڏاڍو خوش ھو.

ھوڏانھن ھڪڙو ديو ھو، جنھن ننڍي سوداگرزادي جي زال ڪنھن طرح سان ڏسي ورتي ھئي ۽ ان تي اڪن ڇڪن ٿي پيو ھو. تنھن جو ڏٺو تھ ھينئر سوداگرزادو ڪونھي، سو ھڪڙي ڏينھن وجھھ وٺي، فقيرن جو ويس ڪري، سڌو اچي سامون سوداگر جي در تي صدا ھنيئين. ننڍي سوداگرزادي جي زال فقير جي صدا ٻڌي، جيئن خيرات ڏيڻ لاءِ ٻاھر نڪتي، تيئن ديو وجھھ وٺي، ھن کي کڻي اڏامي ويو. جڏھن سوداگرزادو ڏيسارو کان پنھنجي گھر موٽي آيو، تڏھن خبر پيس تھ سندس زال تھ ڪو ديو کڻي ويو آھي. اھا ڳالھھ ٻولھھ ٻڌي ڏاڍي وسواس ۾ پئجي ويو. نيٺ نوڪرن چاڪرن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين تھ: ڪنھن ديو کي ڏٺو تھ ھو ڪھڙي پاسي ويو؟ پوءِ ھن جوان بھ گھوڙي تي چڙھي وٺي کڻي اوڏانھن رخ ڪيو.

ڪجھھ ڏينھن جي پنڌ کان پوءِ، ھيءُ ھڪڙي باغ ۾ اچي پھتو. ڏسي تھ باغ سڄو سڪو پيو آھي، ۽ ھڪڙو سامي فقير آھي، جو الوٽ ننڊ ۾ ستو پيو آھي. ھن ڇا ڪيو جو گھوڙي تان لھي ٿڪ ڀڳائين، ۽ پوءِ انھيءَ باغ ۾ رھي پيو. مڄاڻ فقير  ڪو ڇھھ مھينا سمھندو ھو ۽ ڇھھ مھينا جاڳندو ھو. سوداگرزادي بھ ڏٺو تھ خدا جي پاران جيڪڏھن سولي ھوندي، تھ فقير جي ھٿان مڙيئي ڪا مدد ٿيندي. سو ويھي ھن جي جاڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ھو ڏينھن جو باغ ۾ محنت ڪندو ھو، ۽ رات جو اتي ئي آرام ڪندو ھو. ٿوري گھڻي ڏينھن باغ سڄو سائو ٿي ويو، پر سامي فقير اڃان ننڊ مان نھ جاڳيو. جڏھن پورا پنج مھينا گذريا، تڏھن ھڪڙي ڏينھن سامي فقير نند مان سجاڳ ٿيو. ڏسي تھ مار! سڄو باغ سائو ٿيو پيو آھي ۽ ڏاڍا گل ڦل ميوا وغيره بيٺا آھن. ايتري ۾ سوداگرزادو بھ اچي پيرن تي ڪريس. سامي فقير دعا ڪري چيس تھ: ٻچا! تون ڪو ڏاڍو سعادتمند ٿو ڏسجين، ھاڻي ٻڌاءِ تھ تون ھتي ڪھڙي ڪم سان آيو آھين؟ اتي سوداگرزادي سڄو حال ڪري ٻڌايس. سامي فقير سڄو حال ٻڌي چيس تھ: ٻچا! دلجاءِ ڪر. خدا گھريو آھي تھ سڀ سڻائي ٿيندي. ھاڻي اڳتي منھنجو وڏو ڀاءُ ويٺو آھي، توکي ان ڏانھن نشاني ڏيان ٿو، اھو تنھنجي مدد ڪندو. سوداگرزادو اھا نشاني وٺي پنڌ پيو.

سوداگرزادو ٿوري گھڻي ڏينھن ھڪليندو، اچي ھڪڙي باغ ۾ پھتو. ڏسي تھ اھو باغ سڄو سڪو پيو آھي. ھڪڙي جھوپڙي آھي، جنھن ۾ سامي فقير ستو پيو آھي. ھن کي پڪ ٿي تھ اھو ئي ھن سامي فقير جو ڀاءُ آھي، سو ساڳيءَ طرح وري بھ بيھي باغ کي پاڻي ڏيڻ لڳو. ٿوري گھڻي ڏينھن اھو باغ بھ سائو ٿي ويو؛ ۽ سامي فقير جي سجاڳ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. آخر ھڪڙي ڏينھن اھو فقير سجاڳ ٿيو، ۽ باغ کي سائو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. اتي سوداگرزادو بھ وڃي سامي فقير کي ڏاڍي ادب سان گڏيو. فقير چيس تھ: ٻچا! آءٌ تنھنجي محنت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آھيان. ھاڻي ٻڌاءِ تھ تون ڪھڙي ڪم سان آيو آھين؟ سوداگرزادي ھن کي سامي فقير واري نشاني ڏيئي، سموري احوال کان واقف ڪيو. سامي فقير اھو احوال ٻڌي چيس تھ: مون کي برابر انھيءَ ديو جي خبر آھي – پر اھو تمام خراب ديو آھي، ۽ ان سان ھٿ اٽڪائڻ سٺو نھ آھي. پر تون منھنجي ڀاءُ جي نشاني کڻي آيو آھين، تنھن کان سواءِ منھنجي بھ خدمت ڪئي اٿئي، تنھنڪري ھاڻي ھيئن ڪر، جو مون وٽ ٻارھن مھينا رھي پئو، جو توکي ڪجھھ سيکارڻو اٿم. تنھن کان پوءِ، توکي اوڏانھن روانو ڪندس! سوداگرزادو اھو ٻڌي اتي ويھي رھيو.

سامي فقير ھن کي روز ڪجھھ نھ ڪجھھ سيکاريندو رھيو. جڏھن ٻارھن مھينا پورا ٿيا، تڏھن ھڪڙي ڏينھن سامي فقير ھن کي گھرائي چيو تھ: پٽ! ھيئن ڪر، جو تون ھي سڌو رستو وٺيو ھليو وڃ- اڳتي ويندين تھ اتر طرف ھڪڙي گھٽي نظر ايندئي، اتي ھڪڙو لوھار ويٺو آھي، جو توکي ٽي ڪلا ٺاھي ڏيندو. پوءِ اھي ڪلا وٺي، تون اڀرندي طرف ھليو وڃج..... ڪجھھ پنڌ کان پوءِ اڳيان ھڪڙو سونو محلات نظر ايندئي. اتي پھچي ٻھ ڪلا ھيٺ ھڻج ۽ ٽيون ڪلو دروازي تي ھڻج، تھ دروازو کلي پوندو. اندر ويندين تھ اتي توکي ھڪڙي زال ستل نظر ايندي، پوءِ جيڪا حقيقت ڪرڻي ھجئي سان ان سان ڪج! ھو اھي ڏسي پتا ياد ڪري، سامي فقير کان موڪلائي اوڏانھن روانو ٿيو. ٿوري گھڻي ڏينھن ھيءُ لوھار وٽ اچي پھتو، جنھن کان ٽي ڪلا ٺھرائي، اچي ان محلات وٽ پھتو. جڏھن ھيءُ محلات وٽ پھتو، تڏھن ديو کي خبر پئجي ويئي، تنھن يڪدم ڪو منتر پڙھي کڻي مٿس شوڪاريو، تھ ھو ويچارو اتي جو اتي پنڊ پھڻ ٿي پيو.

ھوڏانھن جڏھن وڏي ڀاءُ ڏٺو تھ ننڍو ڀاءُ اڃان ڪو نھ وريو، تڏھن سھي سنڀري ڀاءُ جي ڳولا ۾ روانو ٿيو. ھو بھ اھڙيءَ طرح سامي فقير واري باغ وٽان ٿيندو، لوھار کان ڪلا گھڙائي اچي محلات وٽ پھتو. پر ديو کي وري بھ خبر پئجي ويئي، تنھن ھن کي بھ ڀاڻس وانگر پنڊ پھڻ ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن ٿوري گھڻي ڏينھن وڏي سوداگرزادي کي پٽ ڄائو، جنھن جو نالو بانڪو بھادر رکيائون. بانڪو بھادر اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو، نيٺ اچي جوان ٿيو. جڏھن ھن کي پيءُ ۽ چاچي جي خبر پيئي، تڏھن ھي سھي سنڀري انھن جي پويان روانو ٿيو. پھريائين ھن کي بھ سامي گڏيو، جنھن ھن کي نشاني ڏيئي، پنھنجي وڏي ڀاءُ ڏي موڪليو، ۽ انھيءَ وري ساڳيءَ طرح لوھار جو ڏس ڏيئي ڇڏيس. ھيءُ جوان بھ اتان سڌو آيو لوھار وٽ، ۽ ان کان ٽي ڪلا وٺي، سڌو اچي ديو جي محلات وٽ پھتو. جڏھن محلات کان اڃان پري ھو، تڏھن اتي ئي لڪي ويھي رھيو، تھ ڀلي ديو محلات کان ٻاھر نڪري. جڏھن گھڻيءَ دير کان پوءِ، ديو کي ٻاھر ويندو ڏٺائين، تڏھن ھيءُ ماٺ ماٺ ڪري سڌو آيو محلات جي در تي، ۽ سامي فقير جي چوڻ موجب، ٻھ ڪلا ھيٺ ھنيائين ۽ ٽيون در تي – تھ ھڪدم دروازو کلي پيو. ھن ڏٺو تھ برابر اندر ھڪڙي مائي ويٺي آھي. اھا حقيقت ۾ ننڍي سوداگرزادي جي زال ھئي، جا ديو کڻي آيو ھو. بانڪي بھادر وڌي وڃي ھن کي پيرين پيو، ۽ سموري حقيقت ٻڌايائينس. سوداگرزادي جي زال بانڪي بھادر کي ڀاڪر پائي اچي روئڻ ۾ پيئي ۽ چوڻ لڳس تھ: تون ڇو ھتي موت جي منھن ۾ آيو آھين؟ چڱو ائين آھي تھ تون ديو جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي موٽي وڃ. پر بانڪي بھادر دلجاءِ ڏنيس تھ: چاچي! تون ڪو بھ الڪو نھ ڪر، آءٌ خدا جي فضل سان ھن موذيءَ کي ماري توکي آزاد ڪرائيندس؛ پر ھڪڙي ڳالھھ آھي، جو تون ديو کان ڪنھن اٽڪل سان پڇ تھ سندس ساھھ ڪٿي رکيل آھي. پوءِ آءٌ پاڻھي ٿو پھچانس. ائين چئي ھيءُ وري وڃي ساڳئي ھنڌ لڪو. جڏھن رات جو ديو موٽي محلات ۾ آيو. تڏھن ڏسي تھ سوداگرزادي جي زال ويٺي روئي، سو ڏاڍي ويچار ۾ پئجي ويو. نيٺ پڇيائينس تھ: خير تھ آھي جو تون ويٺي روئين؟ تڏھن  سوداگرزادي جي زال چيس تھ: مون اڄ خواب ۾ ڏٺو آھي تھ توکي ڪنھن آدمزاد ماري ڇڏيو آھي، تنھنڪري روئان ٿي تھ خدا خير ڪري، نھ تھ توکان پوءِ منھنجو ڪھڙو حشر ٿيندو! ديو اھا ڳالھھ ٻڌي، کلي جواب ڏنس تھ: تون چري آھين جو ايترو فڪر ٿي ڪرين، منھنجو ساھھ ھڪڙي طوطي ۾ آھي، جو ھڪڙي پڃري ۾ بند ٿيو ٻاھر ٽنگيو پيو آھي. انھيءَ ڳالھھ جي ڪنھن بني بشر کي خبر ڪانھي، تنھنڪري تون ڪنھن بھ قسم جو الڪو نھ ڪر. سوداگرزادي جي زال اھو ٻڌي، ماٺ ڪري سمھي رھي. جڏھن صبح ٿيو ۽ ديو شڪار جي لاءِ روانو ٿي ويو، تڏھن بانڪو بھادر بھ اتان نڪري سڌو محلات ۾ آيو ۽ اچي ھن کان حال احوال پڇيائين؛ جنھن سمورو احوال ٻڌايس. ھن جوان بھ نڪا ڪئي ھم نڪا تم، سڌو وڃي طوطي جو پڃرو لاٿائين، ۽ ان مان طوطو ڪڍي کڻي ھٿ ۾ ڪيائين.

ھوڏانھن طوطو مٺ ۾ بند ٿيو، ۽ ھيڏانھن ديو جو ساھھ منجھڻ لڳو. يڪدم مينھن واءُ ڪري اچي محلات وٽ پھتو. ڏٺائين تھ پڃرو خالي آھي، سو سمجھي ويو تھ موت اچي سر تي ڪڙڪيو؛ تڏھن سوداگرزادي کي منٿون آزيون ڪرڻ لڳو – چئي: مڄاڻ تون بانڪو بھادر آھين! بانڪي بھادر چيس تھ: صحيح سڃاتو اٿئي، پر جيترا ماڻھو پنڊ پھڻ ڪيا اٿئي، انھن سڀني کي اصل حالت ۾ ڪر، تھ پوءِ جيئدان مليئي! ديو يڪدم منتر پڙھي شوڪاريو تھ سڀئي ماڻھو اصلوڪي حالت ۾ ٿي ويا. پوءِ بانڪي بھادر وٺي جو طوطي کي نپوڙيو، تھ اھو اتي جو اتي مري ويو، جنھن سان گڏ ديو بھ مري ويو. پوءِ بانڪو بھادر پنھنجي پيءُ ۽ چاچي سان مليو، ۽ پنھنجي چاچيءَ کي بند مان ڪڍي، چاچي جي حوالي ڪيائين، ۽ سڀ خوش خورم پنھنجي ملڪ روانا ٿيا.


*  ھيءَ ڳالھھ وچولي (تعلقي شھدادپور) مان مير حسن ”سڪايل“کان ملي.

*  ھيءَ ڳالھھ اتر (تعلقي روھڙي) مان عبدالرزاق کان ملي.

*  ھيءَ ڳالھھ لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org