سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :3

 

 

٢- شھزادي ۽ جادوءَ جي منڊي *

 

ھڪڙو ھو بادشاھھ – جنھن کي اولاد ٿيندو ئي ڪونھ ھو. نيٺ ھڪڙي ڏينھن ويس بدلائي، ڪارا ڪپڙا پائي، شھر جي ٻاھران رستي تي اونڌي منجي وجھي سمھي رھيو. رستي تان ڪئين ماڻھو پئي آيا ويا ۽ ھن کان پئي حال احوال پڇيائون، پر ھن ڪنھن سان بھ پنھنجي دل جو حال نھ ڪيو. ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ، ھڪ ڀيري جڏھن رات ٿي ۽ لوڪ لقاءُ سمھي رھيو، تڏھن وٽس ھڪڙو ديو آيو؛ جنھن کانئس پڇيو تھ: اي آدم جا ٻچڙا! ھيترن ڏينھن کان ھنن حالن ۾ تون ھتي ڪيئن ويٺو آھين؟ بادشاھھ ھن سان سموري حقيقت بيان ڪئي. ديو چيس تھ: ھيءَ لٺ اٿئي، ۽ اٿي ھن ٻير جي وڻ ۾ ھڻ؛ پوءِ جيڪڏھن ٻير ڪريو تھ پٽ ملندئي، پر جي پن ڪريو تھ ڌيءَ ڄمندئي؛ پر ياد رک تھ جي ڌيءَ ڄائي تھ انھيءَ جو لکيو اٿئي گھوڙي سان؛ ۽ ھيءَ منڊي اٿئي، جا ڌيءَ کي چيچ ۾ پارائي ڇڏج، جو ھوءَ جتي بھ منڊيءَ کي چوندي تھ کيس اڏائي اتي وڃي ڇڏيندي. ديو ايترو چئي، بادشاھھ کي لٺ ۽ منڊي ڏيئي غائب ٿي ويو. بادشاھھ جيئن اھا لٺ وڻ ۾ ھنئي، تھ ڌڻيءَ جي قدرت سان فقط ھڪ پن ُ ڪريو. بادشاھھ اھو کڻي، ڌوئي وڃي راڻيءَ کي کارايو. ٿورن ئي ڏينھن ۾ راڻيءَ کي پيٽ ٿيو، ۽ مدت پوري ٿيڻ تي کيس ڌيءَ ڄائي. بادشاھھ ڏاڍا شادمانا ۽ شڪرانا ڪيا، ۽ شھزادي اڄ ننڍي سڀاڻ وڏي، نيٺ اچي جوان ٿي.

ھڪڙي ڏينھن، بادشاھھ پنھنجي وزير کي چيو تھ: تون سفر جو سامان ساڻ ڪري، ڪنھن نھ ڪنھن بادشاھيءَ ۾ وڃي، شھزاديءَ لاءِ شھزادو ڳولي، سڱ ڪري اچ. پر مون کي پٽ آھي ڪونھ سو شھزادو اھڙو ھجي، جو ھتي اسان وٽ رھي ۽ پس پيش ھي راڄ ڀاڳ سنڀالي. بادشاھھ جي حڪم تي وزير ولايتون وڙھندو، نيٺ وڃي ھڪڙي بادشاھيءَ ۾ پھتو. مڄاڻ اتي جي شھزادي جي ماءُ ھئي جادوگرڻ، جنھن کي شھزاديءَ جي پيدائش، گھوڙي سان لکئي، ۽ ديو واري منڊيءَ جي ڪا اڳيئي خبر ھئي – تنھن اھا منڊي ھٿ ڪرڻ لاءِ پٽ کي ڪو اھڙو جنتر سيکاري ڇڏيو، جو پڙھي ھو ھڪدم گھوڙي جي پوش ۾ اچي ويندو ھو. خير- وزير، شھزاديءَ جي ڳالھھ اتي پڪي ڪري موٽي آيو، ۽ اچي بادشاھھ سان سمورا احوال ڪيائين، ۽ ٻڌايائينس تھ: شھزادو، گھوڙي جي پوشاڪ بھ ڍڪيندو آھي. اھو ٻڌي بادشاھھ کي ديو واري ڳالھھ دل سان لڳي آئي. آخر شھزاديءَ کي پرڻائي، ٻنھي زال مڙسن کي پاڻ وٽ جدا جاءِ جوڙائي، ان ۾ رھائي ڇڏيائين؛ جتي ڏينھن رات ٻانھيون ھٿ ٻڌيو، ھنن جي خدمت ۾ بيٺيون ھونديون ھيون، ۽ سڀ کاڌا پيتا ۽ ساز سامان ويٺي ويٺي کين اتي پيا ملندا ھئا.

شاديءَ کان پوءِ بھ شھزادي جو اھو ئي دستور رھيو، تھ جڏھن دل ٿيندي ھيس، تڏھن گھوڙي جو پوش ڍڪي بيھي رھندو ھو. شھزاديءَ جي ماءُ کي انھيءَ ڳالھھ جو ڏاڍو ارمان رھندو ھو، ۽ ڌيءَ جي قسمت تي پيئي دل ئي دل ۾ ڪڙھندي ھئي. نيٺ سھي سھي ھڪڙي ڏينھن ٻانھيءَ کي چيائين تھ: جڏھن شھزادو رات جو پنھنجي پوشاڪ لاھي رکي، تڏھن تون وجھھ وٺي، چپ چاپ اھا کڻي ڪيڏانھن گم ڪري ڇڏ. ھڪڙيءَ رات جڏھن شھزادو ۽ شھزادي ستا پيا ھئا، تڏھن ٻانھيءَ وجھھ ڏسي، شھزادي جي اھا پوشاڪ چورائي ڪٿي وڃي ساڙي ڇڏي. شھزادي کي جڏھن خبر پيئي، تڏھن ڏاڍو ڏک ٿيس، ۽ اچي ڊپ ورتس، تھ ھاڻي ماڻس الائي ڇا ڪري ڇڏيندي! آخر لاچار ٿي ڪم ڪار لاءِ ھو اندر ٻاھر نڪرڻ لڳو. ھوڏانھن ماڻس کي جڏھن اھو اطلاع پھتو، تڏھن دل ۾ چيائين تھ، ھاڻ منھنجي پٽ جو خير ڪونھي، جو منھنجي سڳي ڌاڳي کان نڪري ويو آھي. سو واڪڙ واڪڙ ڪندي ھڪڙي ڏينھن اچي پٽ وٽ ٺڪاءُ ڪيائين. ننھن جي ڪرامتي منڊي ھٿ ڪرڻ جي تھ اڳيئي لوڙھھ لڳل ھيس، سو اچڻ سان ننھن تي اھڙو وٺي لبيس وارو ھٿ ڦيرايائين، جو شھزادي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ ھن کي بنھھ پنھنجي ماءُ سمجھي کڻي اکين ۾ جايون ڏنائين. ھڪڙي ڏينھن شھزادي وھنجندي، ديو واري اھا منڊي غسلخاني ۾ وساري آئي. سسڻس کي جو لڳو وجھھ، سو منڊي کڻي ڪيائين سوگھي، ۽ وجھندي پٽ کي ٻانھن ۾ ھٿ، وٺي اڏاڻي ۽ گھڙيءَ ۾ اچي پنھنجي بادشاھيءَ ۾ لٿي. شھزاديءَ کي جڏھن اھا خبر پيئي، تڏھن ڏاڍو پڇتايائين، ۽ روئي روئي ساڻي ٿي پيئي. آخر پيءُ کان اجازت وٺي، ھڪ ٻانھي ۽ ٻھ گھوڙا تيار ڪرائي. مرداڻو ويس ڪري، اٿي مڙس جي پٺيان پنڌ پيئي.

ھلندي ھلندي ٿوري گھڻي ڏينھن، شھزادي ٻانھي سميت اچي مڙس جي ملڪ ۾ پھتي. شھر جي ٻاھران جھنگ ۾ رات پئجي وين. ھڪڙيون ويچاريون اڪيليون زالون، ٻيو پرديس ۽ جھنگ، سو رات ھئڻ سبب گھوڙن کي ھڪ پاسي ڪري، مٿي وڻ تي چڙھي ويھي رھيون. اڌ رات گذارڻ کان پوءِ، ڌڻيءَ جي قدرت سان شھزاديءَ جو مڙس ھڪ پريءَ سان گڏ انھيءَ وڻ جي ھيٺان اچي چوپڙ راند ڪرڻ ويٺو. شھزاديءَ جڏھن ھيءَ حالت ڏٺي، تڏھن سندس اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا، جي اتفاق سان وڃي سندس مڙس جي مٿان ڪريا. تنھن تي شھزادي مٿي نھاريو ۽ کيس سڃاڻي اشاري سان چيائين تھ: بس ڪر، متان پري توکي ماري نھ ڇڏي. اشاري ملڻ تي شھزاديءَ کڻي ماٺ ڪئي. آخر صبح ٿيڻ تي پري، شھزادي کان موڪلائي اڏامي ويئي. پوءِ شھزادي ھن کي ھيٺ لھي اچڻ لاءِ چيو. ھوءَ وڻ تان ھيٺ لٿي. پوءِ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ملي حالي احوالي ٿيا، ۽ ڏک سور اوريائون. شھزادي چيس تھ: منھنجي ماءُ آھي جادوگرڻ، سو توکي اتي پاڻ وٽ ڪيئن رھايان؟ پر ھڪڙي صلاح آھي تھ تون وٽس ٻانھي ٿي ھلي بيھھ. انھيءَ بھاني سان گڏ رھي سگھنداسين. تڏھن  شھزاديءَ چيس تھ: توکان سواءِ منھنجي زندگي زھر آھي، تون ڪھڙي بھ نموني مون کي پاڻ کان جدا نھ ڪر، جيئن تون چوندينءَ، تيئن ڪرڻ لاءِ تيار آھيان.

نيٺ شھزادي ھن کي وٺي اچي ماءُ سان ملايو، ۽ ايلاز منٿون ڪري، کيس ٻانھيءَ جي بھاني پاڻ وٽ رھايائين. ماڻس ھئي ظالم روح، سان ھن ويچاريءَ کان سخت ڪم وٺڻ لڳي. ھڪ ڏينھن سرنھن ۽ واريءَ جون ٻھ ڳوڻيون پاڻ ۾ گڏائي، شھزاديءَ کي چيائين تھ: ھن ڍير مان سرنھن جدا ڪري ڳوڻ ڀري رک، نھ تھ تنھنجو خير ڪونھي. اھو حڪم ٻڌي شھزادي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويئي. جڏھن سندس مڙس آيو، تڏھن ھن سان اھا حقيقت ڪيائين. شھزادو ھو جادوگرڻ ماءُ جو پٽ، سو ھن کي بھ ڪي گر ايندا ھئا، تنھن ڇا ڪيو جو ھڪدم ديون کي حڪم ڪيائين تھ: اھو ڪم ھڪڙي پل ۾ ڪري ڏيو. حڪم جي دير ھئي، اک ڇنڀ ۾ ڪم ٿي ويو. ماڻس جڏھن ھيءُ حال ڏٺو، تڏھن سمجھي ويئي، تھ اھو ڪم منھنجي پٽ جو آھي. ٻئي ڏينھن وري وڏيءَ گپ ۾ گھڻا ڪنڊا ۽ ڪاٺيون ملائي چيائين تھ: انھيءَ مان گارو ٺاھي ڀت جوڙي، ان جي مٿان گاري جو ليپو ڏيئي ڇڏ. شھزاديءَ اھا ڳالھھ بھ وڃي مڙس سان ڪئي، جنھن وري بھ ديون کي حڪم ڪيو، جن گھڙيءَ ۾ ڀت جوڙي، لنبي ٺاھي تيار ڪري ڇڏي. جادوگرياڻيءَ جڏھن اھو لقاءَ ڏٺو، تڏھن پڪ ٿيس تھ منھنجو پٽ ھن ٻانھيءَ تي عاشق آھي، ۽ وري بھ ڪيڏانھن ھليو نھ وڃي. وري جادوءَ جي زور تي کڻي ڏسي، تھ ھيءَ ٻانھي اھا ساڳي شھزادي آھي، جنھن سان منھنجي پٽ جي شادي ٿيل آھي. ھيڪاري ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويئي، تھ ھاڻي منھنجي پٽ جو خير ڪونھي، اھا شھزادي ڪڏھن نھ ڪڏھن منھنجي پٽ کي ضرور وٺي ويندي، تنھنڪري کيس ڇو نھ اٽڪل سان مارائي ڇڏجي. آخر خيال ڪري ھڪڙي ڏينھن چٺي لکي ڏنائينس ۽ چيائينس تھ: منھنجيءَ ڀيڻ وٽ کڻي وڃ، شھزادي اھا چٺي کڻي ھلي تھ واٽ تي سندس مڙس مليس، جنھن سان اھو احوال ڪيائين. شھزادو جان کڻي چٺي پڙھي تھ لکيو پيو ھو تھ: ھيءَ منھنجي پٽ جي دشمن آھي، تو وٽ پھچي تھ کيس ماري کپائي ختم ڪري ڇڏج. ھن اھا چٺي ڦاڙي، ٻي لکي ڏنيس تھ: ھيءَ منھنجي ننھن سدوري ۽ سلڇڻي آھي، تون ھن کي پيار ۽ محبت سان پاڻ وٽ رھائج.

شھزادي جي ماسي ڪن کان ڪري، اک کان ڪاڻي، ھٿ کان ٽنڊي ۽ ٽنگ کان منڊي ھئي. شھزاديءَ کي ھلڻ وقت سندس مڙس اھا ڳالھھ ٻڌائي چيو تھ: تون جڏھن دھل جو آواز ٻڌين، تڏھن ڪنھن بھاني سان ٻاھران اچي بيھجانءِ، تھ پوءِ گڏجي ھي ملڪ ڇڏي ڪنھن پاسي ھليا ھلنداسين. ماسي توکي گھڻو ئي روڪيندي، پر ھوءَ اڃان اٿي ئي نھ، تھ وٺي زور سان ڌڪو ڏجئينس، جيئن وڃي ڪنھن آڙاھھ ۾ ڪري. شھزاديءَ جي وڃڻ کان پوءِ، جادوگرياڻي کي پڪ ٿي تھ ھوءَ ھاڻي مري کپي ويئي ھوندي، سو ڇا ڪيائين جو ڀيڻ جي ڳوٺ مان پٽ کي پرڻائڻ لاءِ ڄڃ وٺي اٿي نڪتي. واٽ تي شھزادو ضد ڪري ويھي رھيو، چي: اھا ڪرامتي منڊي ڏي تھ اڳتي ھلان، نھ تھ ڪو نھ ھلندس. آخر گھڻي ڇڪتاڻ کان پوءِ، ماڻس کيس منڊي ڏني، جا شھزادي وٺي کڻي سوگھي ڪئي. ڄڃ بھ ھلندي ھلندي نيٺ اچي انھيءَ ڳوٺ ۾ شھزاديءَ جي رھڻ واري جاءِ جي ٻاھران بيٺي. اتي شھزاديءَ جي ڪن تي جو دھل جو آواز پيو، تڏھن سھي ڪيائين تھ شھزادو اچي ويو... سو منڊي ٽنڊي ماسيءَ کي ماٺ ماٺ ڪري وٺي جو ٿيلھو ڏنائين، تھ وڃي اونڌي منھن ڪري، ۽ پاڻ ڀڙڪو کائي، ھڪدم اچي پنھنجي مڙس سان ملي ۽ پوءِ ٻئي گڏجي وٺي اڏاڻا ۽ اک ڇنڀ ۾ اچي پنھنجيءَ بادشاھيءَ ۾ پھتا. شھزاديءَ جي پيءُ ۽ ماءُ جڏھن ھنن کي ڏٺو ، تڏھن ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خير خيراتون ڪري خوشيون ڪيائون. پٺيان شھزادي جي جادوگرڻ ماءُ جڏھن ڏٺو تھ پٽ جو وڃڻو ھو سو ھٿان ويو، تڏھن روئي روئي منھن مٿو پِٽي ڄڃ سميت واپس ھلي ويئي. ھوڏانھن شھزادو ۽ شھزادي پاڻ ۾ ھميشھ لاءِ گڏ گذارڻ لڳا ۽ سڄي عمر ڏاڍي مزي ۾ گذاريائون.

جھڙو ميلو انھن جو ٿيو، تھڙو شل جڳ جھان جو ٿئي.


 

٣- ڪوڙھيو بادشاھھ ۽ وفادار طوطو*

 

ھڪڙو ھو بادشاھھ، جنھن کي ڪوڙھھ جي بيماريءَ اھڙو اچي ورايو، جو سڄو بدن وٺجي ويس؛ اھا جاءِ نھ ھيس، جنھن تي آڱر رکي سگھجي. سڄو بت ڦٽن ڦرڙين سان لنبجي ويس، جنھن مان بدبوءِ پئي ايندي ھئي؛ جنھنڪري ڪو بھ ماڻھو ھن جي ويجھو ڪونھ ويندو ھو. ويچارا نوڪر چاڪر بھ لاچار منھن تي ڪپڙو رکي ٽھل ٽڪور لاءِ وٽس ويندا ھئا، پر گھڙي ٻھ گھڙيون ترسي، بيٺي ئي وٽانئس موٽي ايندا ھئا.

بادشاھھ ويچاري علاج ڪرائڻ کان ڪين گھٽايو. لک لٽائي ڇڏيائين. پر قدرت اھڙي، جو ڪک جيترو بھ فائدو ڪو نھ ٿيس........ ۽ ٿيندي ٿيندي مٿان وار بھ اچي اڇا ٿيس. آخرڪار سڀني پاسن کان نااميد ٿي، ملڪ راڄ جا معاملا وزير جي حوالي ڪري، ڪارا ڪپڙا پائي، شاھي محلات جي اڳيان چؤواٽي تي اونڌي منجي ڪري وڃي ويھي رھيو. انھيءَ چؤواٽي تان ھر روز ڪيترائي ديس پرديس جا فقير ۽ درويش پيا لنگھندا ھئا، ۽ بادشاھھ بھ سڀني کان علاج لاءِ ڏس پتا پيو پڇندو ھو؛ پر ڪنھن بھ ھن کي ڪو اھڙو ڏس ڪونھ ٻڌايو، جنھن مان ھو چڱو ڀلو ٿئي. ھڪڙي ڏينھن ڪنھن ڏورانھين ولايت جو ھڪڙو جھور پوڙھو سيلاني فقير اچي لنگھيو – جنھن جي ڪنن جون پاپڙيون بھ پئي ڌڏيون – تنھن بادشاھھ کي ڏس ڏنو تھ: پورا چاليھھ ڏينھن لاڳيتا طوطي جي رت سان تڙ ُ ڪريو، اميد تھ ڪوڙھھ جو چٽِو بھ نھ رھندو ۽ گلاب جي گل جھڙا ٿي پوندؤ.

سيلاني فقير تھ بادشاھھ کي اھو ڏس ڏيئي، پنھنجي واٽ وٺي ويندو رھيو، پر بادشاھھ کي اچي فڪر ورايو تھ ايترا طوطا اچن ڪٿان، جو روز انھن جي رت سان تڙ ڪري سگھجي! نيٺ بادشاھھ چؤواٽي تان اٿي پنھنجي محلات ۾ آيو، ۽ اچڻ سان نوڪرن کي حڪم ڏنائين تھ: ھڪدم شھر ۾ پڙھو گھمايو تھ: اڄ کان وٺي چاليھن ڏينھن تائين؛ جيڪو بھ ماڻھو جيترا بھ طوطا بادشاھھ وٽ آڻيندو، تنھن کي اوترو انعام ملندو. سڄي شھر ۾ پڙھو گھمي ويو. جنھن بھ اِھا ڳالھھ ٿي ٻڌي، سو عجب ۾ پئجي ٿي ويو؛ پوءِ انعام جي لالچ ۾ ھرڪو ماڻھو، طوطن ھٿ ڪرڻ لاءِ تير ڪمان ھٿ ۾ کڻي جھنگ ۾ ڪاھي پيو. خدا جي قدرت اھڙي ٿي، جو اڃان ماڻھو طوطن ڳولڻ لاءِ شھر مان نڪري، جھنگ ۾ گھڙيائي مس، تھ سخت طوفان سان گڏ مينھن اچي وٺو ۽ سڀ ماڻھو انھيءَ ڏينھن جيئن خالي ھٿين ويا ھئا، تيئن پوئين پيرين موٽي آيا.

انھيءَ شھر ۾ ھڪڙو غريب ڪاٺير رھندو ھو، جنھن ويچاري وٽ گھر ۾ سڄو ٺڪر بھ ڪونھ ھوندو ھو، ۽ ڏيھاڙي جڏھن جھنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو ھو، تڏھن اھي وڪڻي، اٽي لپ وٺي وڃي پنھنجي ٻچن جو گذران ڪندو ھو. ان ڏينھن جو مينھن وٺو ۽ طوفان لڳو، تنھنڪري ھيءُ ويچارو منجھي پيو، تھ ھاڻي ڇا ڪجي! خيال ڪيائين تھ اڄ پسيل ڪاٺيون مون غريب کان ڪير وٺندو؟ پر وري بھ پنھنجن ٻچن جو ويچار ڪري، ڪھاڙو ڪلھي تي رکي، انھيءَ ئي مينھن واءُ ۾ اٿي جھنگ ڏانھن روانو ٿيو. جھنگ ۾ گھمندي گھمندي ھڪڙي وڏي بڙ جي وڻ تي وڃي نظر پيس، جنھن جي ٿڙ جو ھڪڙو پاسو سڪو ٺوٺ ٿيو بيٺو ھو، ۽ مينھن جي ڪڻي بھ مٿس ڪا نھ پئي ھئي. ڪاٺير ڏاڍو خوش ٿيو ۽ لاھيندي ڪلھي تان ڪھاڙو، اچي ٿڙ کي ورتائين. اڃان ٻھ چار ڌڪ مس ھنيائين، تھ ٿڙ مان ھڪڙو طوطو نڪري آيو، جنھن ھن کي چيو تھ ادا ڪاٺير! خدا جي واسطي ھن ٿڙ کي ٻيو ڌڪ نھ ھڻجان، جو منھنجا ٻچا مينھن ۾ پسي مري ويندا! ڪاٺير جواب ڏنس تھ: آءٌ غريب ماڻھو آھيان، منھنجو ۽ منھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ھنن ڪاٺين تي آھي. ھن مينھن واءَ ۾ ھيڏي رولڙي کان پوءِ، مس مس ھيءُ سڪل ٿڙ ھٿ آيو اٿم، سو ھيءُ نھ وڍيان تھ ڪاٺيون ڪٿان ڪندس ۽ رات پنھنجن ٻچن جي تؤڻ ڪيئن پوري ڪندس؟ طوطو ڏاڍو ششدر ٿيو ۽ ٻي ڪا واھھ نھ ڏسي، ڪاٺير کي چيائين تھ: مون کي کڻي ھلي بازار ۾ وڪڻ، توکي چڱا پئسا ملندا؛ پر مھرباني ڪري ھن ٿڙ کي نھ وڍ! ڪاٺير، طوطي جي اھا ڳالھھ قبول ڪئي ۽ طوطو کڻي شھر ڏانھن روانو ٿيو.

ڪاٺير جڏھن شھر ۾ آيو، تڏھن بادشاھھ جا نوڪر ھن جي ھٿ ۾ طوطو ڏسي، ھن ڏانھن ڊوڙي آيا ۽ کيس بادشاھھ وٽ وٺي ويا. بادشاھھ طوطي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪاٺير کي چيائين تھ: اي شخص! توکي جس ھجي، جو ھھڙي مينھن ۽ طوفان ۾ منھنجي لاءِ طوطو کڻي آيو آھين؛ ھاڻي جيڪي گھرڻو ھجيئي، سو گھر! ڪاٺير چيو: جيئندا قبلا! آءٌ ھڪ غريب ڪاٺير آھيان، مون کي ڇا مجال جو اوھان کان ڪجھھ گھران! ڏيندا تھ بھ اوھان جو احسان، نھ ڏيندا تھ بھ اوھان جو احسان.... سائينجن کي دعائون ڪندو ھليو ويندس. اتي طوطي، بادشاھھ کي چيو تھ: جيئندا قبلا! ھن غريب کي چاليھھ مھرون انعام ڏيو، تھ اوھان کي دعائون ڪندو وڃي! بادشاھھ طوطي کي ڳالھائيندو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو، ۽ ھڪدم ان جي چوڻ تي ڪاٺير کي چاليھھ مھرون انعام ڏنائين. ڪاٺير مھرون وٺي، دعائون ڪندو، وڃي پنھنجي ٻارن ٻچن سان خوش ٿيو.

بادشاھھ، پوءِ نوڪرن کي حڪم ڏنو تھ: ڇري کڻي اچو تھ طوطو ڪھي، ان جي رت سان تڙ ڪريان، تھ ھن موذي مرض مان ڪو ڇوٽڪارو مليم. بادشاھھ جو اھو حڪم ٻڌي، طوطو ڏڪي ويو ۽ ڏاڍي آزيءَ نيازيءَ سان بادشاھھ کي عرض ڪيائين تھ: جيئندا قبلا! مون ھڪڙي طوطي جي رت مان اوھين ھڪڙو تڙ بھ ڪري ڪين سگھندا، اوھان کي ھن موذي مرض کان ڇٽڻ لاءِ گھڻئي طوطا گھرجن؛ تنھنڪري ٻين طوطن جي جان بخشي ڪري، رڳو مون ھڪڙي جي کنڀن کي پٽي، انھن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙھي، ان سان فقط ھڪڙو ڀيرو تڙ ڪريو، تھ خدا جي حڪم سان اوھان جي بدن تي ڪوڙھھ جو ھڪ ٽِڪو بھ ڪو نھ رھندو. بادشاھھ کي طوطي جي ڳالھھ تي ويساھھ اچي ويو، پوءِ ان جي چوڻ موجب طوطي جا سڀئي کنڀ پٽائي، پاڻيءَ ۾ ٽھڪائڻ جو حڪم ڏنائين. نوڪرن ھن جا سڀئي کنڀ پٽي، پاڻيءَ ۾ ٽھڪائي، بادشاھھ کي اچي اطلاع ڏنو، ۽ طوطي کي گھوڙن جي ڪڙھھ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيائون.

بادشاھھ حمام خاني ۾ وڃي ڪپڙا لاٿا، ۽ پنھنجي بدن تي پاڻي اوتڻ لڳو ...... جيئن جيئن مٿان پاڻي وجھندو ويو، تيئن تيئن ڪوڙھھ جا ڦٽ ويا لھندا، ۽ جڏھن سڀ پاڻي ختم ٿي ويو، تڏھن سڄي بدن جي چمڙي گلاب جي گل جھڙي نرم ٿي پيس. بادشاھھ اھو حال ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ الله تعاليٰ جو شڪر ڪيائين. انھيءَ خوشيءَ ۾ ڪيترا ڏينھن خير خيراتون ڪيائين، ۽ آئي وئي غريب غربي کي بي حساب کارايائين پھرايائين. ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ بادشاھھ خوش چڱو ڀلو ٿي موٽي اچي تخت تي ويٺو، ۽ وزير کان ملڪ جو ڪاروبار وٺي پنھنجي ھٿ ڪري، سڄو ڪم ڪار پاڻ سنڀالڻ لڳو.

انھيءَ وچ ۾ طوطي بھ گھوڙن جي ڪڙھھ ۾ ڌڪا کائي نيٺ نوان پر ڪڍيا، ۽ اچي اڏامڻ جھڙو ٿيو. اتي طوطي خيال ڪيو تھ بادشاھھ کي وڃي سندس چڱ ڀلائيءَ جون مبارڪون بھ ڏيان ۽ عرض بھ ڪريانس، تھ ھاڻي مون کي موڪل ڏي تھ وڃي ٻچن ڀيڙو ٿيان. اھو خيال ڪري طوطو اڏامي بادشاھھ وٽ ويو ۽ سندس سامھون پٽ تي ويھي کيس مبارڪون ڏنائين. انھيءَ تي بادشاھھ طوطي کي کڻي پنھنجي جھوليءَ ۾ ويھاريو، ۽ اکين مان ڳوڙھا ڪري پيس. تنھن تي طوطي بادشاھھ کي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! اوھان کي باقي ڪھڙو غم آھي، جو ايترو غمگين پيا ڏسجو؟ تڏھن بادشاھھ چيو تھ: ڏک اٿم تھ پنھنجيءَ پيريءَ جو ....... سڄي جواني ڪوڙھھ ۾ ڪٽجي ويئي، مٿان اچي پيريءَ ورايو آھي..... ڪوڙھھ مان ڇٽس تھ بھ ڪھڙو ڇٽس! اتي طوطي چيو تھ: بادشاھھ سلامت! جي موڪل ملي تھ اوھان جي پيريءَ جو بھ علاج ڪريان. بادشاھھ مرڪي جواب ڏنس تھ: ميان مٺو! منھنجي پيريءَ جو ڀلا ڪھڙو علاج ڪندين؟ طوطي عرض ڪيو تھ: سائين! مون کي ھڪڙيءَ ولايت جي خبر آھي، جتي ھڪ اھڙو ميوو آھي، جنھن کي جيڪڏھن ڪو پوڙھو کائي، تھ جوان ٿي پوي. بادشاھھ کي ڏاڍو عجب لڳو، سو طوطي کي چيائين تھ: آءٌ توکي موڪل تھ کڻي ڏيان، پر تون الائجي موٽي اچين يا نھ؟ طوطي چيو تھ: سائين! آءٌ اوھان جو خريد ڪيل ٻانھون آھيان، ۽ جيستائين اوھان موڪل نھ ڏيندا، تيستائين آءٌ ڪيڏانھن بھ ڪونھ ويندس. بادشاھھ کي طوطي جي ڳالھھ تي وري بھ ويساھھ آيو ۽ ھن کي انھيءَ ميوي آڻڻ لاءِ موڪل ڏنائين.

طوطو، بادشاھھ کان موڪلائي روانو ٿيو. اڏامندي اڏامندي منزلون ڪندي، ساھيون پٽيندي، ٿوري گھڻي ڏينھن، نيٺ اچي انھيءَ ملڪ ۾ پھتو، جتي اھو ميوو ھو. اتي جي پکين ھن ٻئي ملڪ جي طوطي کي ڏسي، اچي ھن سان جھيڙو ڪيو، پر سندس ذات جي طوطن ھن جو پاسو ورتو، ۽ ھن کي ڇڏائي، پاڻ وٽ وٺي آيا، ۽ ڏاڍي ٽھل ٽڪور ڪيائونس. انھن طوطن ھن کان اتي اچڻ جو سبب پڇيو. جنھن تي ھن سڄو حال ڪري ٻڌاين ۽ چيائين تھ: مون ھيتري تڪليف رڳو انھيءَ ميوي کي ھٿ ڪرڻ لاءِ سٺي آھي، تنھنڪري مھرباني ڪري مون کي اھو ميوو آڻي ڏيو، تھ موٽي وڃان. انھيءَ تي ٻھ – ٽي طوطا اتان وٺي اڏاڻا ۽ ٿوري وقت ۾ اھو ميوو آڻي ھن کي ڏنائون.

طوطو، ميوو وٺي ھنن کان موڪلائي روانو ٿيو، ۽ اڏامندي اڏامندي، ڪن ڏينھن کان پوءِ وري بھ اچي بادشاھھ وٽ حاضر ٿيو. بادشاھھ ميوو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪدم کڻي ٿي کاڌائين، پر وزير اٿي ادب سان عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! اھو ھڪڙو ميوو آھي، جيڪو رڳو اوھان کي جوان ڪندو؛ تنھنڪري ڇو نھ انھيءَ کي پوکايون، جيئن رعيت جو ھر گھرجائو شخص ان کي کائي جوان ٿئي! بادشاھھ کي وزير جي صلاح ڏاڍي وڻي، سو پنھنجي مالھيءَ کي گھرائي، ميوو ڏيئي چيائينس تھ: ھن ميوي کي چڱيءَ طرح پوک ۽ ان جي اھڙي خبرداري رک جو سال اندر ميوي جو وڻ تيار ٿي پوي. مالھي ميوو وٺي اچي باغ ۾ پوکيو. ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ انھيءَ ميوي جو سلو ظاھر ٿيو، جيڪو آھستي آھستي وڌي وڻ ٿيو، ۽ سال ئي ڪين گذريو، تھ ڦر جھليائين. ھڪڙيءَ رات ڏاڍي زور سان ھوا لڳي. ھوا جي جھوٽي تي ھڪڙو ميوو وڻ مان ڇڄي اچي پٽ تي ڪريو. اتفاق سان ھڪڙو ڪاريھر نانگ اچي اتان لنگھيو، جو ميوي تي زھر ھاري ھليو ويو. صبح جو مالھي اچي ڏسي تھ وڻ ھيٺ ميوو ڪريو پيو آھي. ھن اھو ميوو کڻي اچي بادشاھھ کي ڏنو. بادشاھھ ميوو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان کي کائڻ تي ھو تھ وزير وري بھ اٿي بيھي ادب سان عرض ڪيو تھ: سائين! ملڪن ۾ ڊوھھ بھ ٿيندا آھن؛ تنھنڪري منھنجي صلاح اھا آھي، تھ پھرين ان ميوي جو ھڪ ٽڪر ڪنھن ڪراڙي ڪتي کي کارائي ڏسو تھ ھيءُ ڪتو بھ جوان ٿئي ٿو يا نھ! بادشاھھ ھن جي صلاح تي ميوي جو ٽڪر کڻي ڪتي ڏانھن اڇلايو. ڪتي اڃان ميوو کاڌو ئي مس تھ اچي ڦٿڪڻ لڳو ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ اتي جو اتي ڇڙيون ھڻي ھڻي مري ويو.

بادشاھھ اھو حال ڏسي ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙھو ٿي ويو، ۽ طوطي کي پڃري مان ڪڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين. پوءِ مالھيءَ کي حڪم ڪيائين تھ: انھيءَ زھريلي وڻ جي چوڌاري ڍنگرن جو وڏو لوڙھو ڏيئي ڇڏ، تھ جيئن ڪو بھ ماڻھو اھو ميوو نھ کائي سگھي. مالھي حڪم ملڻ سان ئي باغ ۾ آيو ۽ وڻ جي چوڌاريءَ وڏو لوڙھو ڏيئي ڇڏيائين.

انھيءَ شھر ۾ ٻھ ڪراڙا زال مڙس رھندا ھئا، جيڪي روزانو پاڻ ۾ پيا جھيڙو جھٽو ڪندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن ڪراڙي زال اھڙو تھ اچي ڪڪ ٿي، جو پاڻ کي مارڻ لاءِ گھران نڪتي، ۽ سڌي بادشاھھ جي باغ ۾ اچي، زھريلي وڻ مان ميوو پٽي کائڻ لڳي ...... پر ھن جو مرڻ تھ پري رھيو، اٽلندو ھوءَ گھڙي ۾ جوان ٿي پيئي. ڪراڙيءَ پنھنجو اھو حال ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ وڻ مان ٻھ ٽي ميوا پٽي، پاڻ سان کڻي آئي ۽ اچي مڙس کي چيائين تھ: اڙي ڪراڙا! خوش تھ آھين؟ انھيءَ تي ڪراڙي جواب ڏنس تھ: مائي! مڙيوئي حياتيءَ جا ڏينھن پورا ڪرڻا آھن. ڪراڙيءَ چيس تھ: ماريا، آءٌ تنھنجي زال آھيان. پاڻ مارڻ لاءِ مون وڃي زھريلي وڻ جو ميوو کاڌو تھ جوان ٿي پيئي آھيان..... اجھو ھيءُ ڏس، تنھنجي لاءِ بھ ميوو کڻي آئي آھيان. تون بھ کاءُ تھ جوان ٿين! ڪراڙي ميوو وٺي کاڌو، تھ اھو بھ جوان ٿي پيو. ٻئي زال مڙس ھڪٻئي کي جوان ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، ۽ انھيءَ خوشيءَ ۾ سڌا بادشاھھ وٽ ويا، ۽ عرض ڪيائون تھ: بادشاھھ سلامت! اسين اوھان جي رعيت آھيون. اسين ٻئي زال مڙس ڪراڙا ھئاسون. حياتيءَ مان ڪڪ ٿي اوھان جي باغ جو زھريلو ميوو کاڌوسين تھ جوان ٿي پيا آھيون!

بادشاھھ ھنن جي اھا ڳالھھ ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو، ۽ ھڪدم مالھيءَ کي ان ميوي آڻڻ لاءِ حڪم ڪيائين. جڏھن ميوو آيو، تڏھن بادشاھھ ھڪڙو ميوو پنھنجي پوڙھي گھوڙي کي کارايو، جيڪو کائڻ شرط جوان ٿي پيو، ۽ دڙھا ھڻڻ لڳو. اتي بادشاھھ کي بھ اعتبار آيو ۽ اھو ميوو پاڻ بھ کاڌائين، جنھن ڪري ھو پوڙھي مان جوان ٿي پيو. پوءِ بادشاھھ کي طوطو ياد آيو ۽ پڇتائڻ لڳو تھ ناحق وفادار طوطي کي ماريم. پر ڏڌو کير وري ٿڻن ۾ ڪونھ پوندو! تنھنڪري بادشاھھ پنھنجي جوانيءَ کي ڏسي، خدا تعاليٰ جو شڪرانو بجا آندو ۽ ڏاڍيون خير خيراتون ڪيائين.


*  ھيءَ ڳالھھ اتر(تعلقي ميرپورماٿيلي) مان محمد عالم ”شور“ خانپوري کان ملي.

*  ھيءَ ڳالھھ اتر(تعلقي لاڙڪاڻي) مان غلام نبي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org