٣٥– چريت
سوداگرزادو
ھڪڙو ھو سوداگر، جنھن کي ھڪڙو سڪيلڌو پٽ ھو. ھن پنھنجي پٽ کي
وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو، پر نينگر جڏھن چوڏھن ورھين
جو ٿيو، تڏھن قضا الاھي سوداگر پاڻ گذاري ويو.
سوداگر جي زال ۽ سندس پٽ روئي روئي ماندا ٿي پيا.
آخر قدرت جي ڪئي کي ڪير ٿو آڏو اچي! مائي پنھنجي
پٽ کي وڌيڪ پڙھائڻ ۽ سڌارڻ لڳي. پر پٽس جو حوصلو
ھو پورو پنو. سو جھڙو ھو اھڙو ئي رھيو. ھڪڙو لاڏلو
ٿي نپنو ھو، ٻيو ويچاري جو عقل پورو سورو، سو ڪم
ڪندو ھو چرين جھڙا. انھيءَ ڪري ھن کي سڏيندائي ھئا
”چريٽ سوداگرزادو“ ھڪڙي ڏينھن ھن ماءُ کي چيو تھ:
امان! ڇو نھ آئون بھ بابي وانگر وڃي واپار ڪريان؟
ماڻس چيس تھ: ابا! ڏاڍو چڱو..... تون جي سياڻو ٿي
ھلندين، تھ پنھنجو وقت پيو سکيو گذرندو. کاڌي کوھھ
بھ کٽيو وڃن، سو تنھنجي پيءُ جي پونجي بھ اچي ختم
ٿي آھي. ھينئر مون وٽ رڳو پنج مھرون وڃي بچيون
آھن، جي کڻي وڃي وڻج ڪري اچ.
سوداگرزادو اھي پنج مھرون کڻي ھليو وڻج تي. شھر ۾ آيو تھ ڪاساين
وٽ تمام سڻڀو ۽ سٺو گوشت ڏٺائين. بس امالڪ وڃي ٻن
مھرن جو گوشت خريد ڪري، چادر جي ھڪڙي پلاند ۾
ٻڌائين. وري خيال ٿيس، تھ ھھڙو گوشت وري نصيب ٿئي
الاجي نھ؛ سو ٻين ٻن مھرن جو بھ گوشت وٺي ٻئي
پلاند ۾ ٻڌي، چادر کڻي ڪلھي تي رکيائين، ۽ باقي
ھڪڙيءَ مھر مان ٿوم، مرچ، بصر ۽ ٻيا وکر وانا وٺي،
جھوليءَ ۾ وجھي، گھر ڏانھن روانو ٿيو. واٽ تي
ھڪڙي ڪتي – جنھن پنھنجي لڏي کان بتال ٿي پئي
ھيڏانھن ھوڏانھن نوسيو – تنھن گوشت جي بوءِ تي پڇ
لوڏي کڻي ھن جي پٺ ورتي. مطلب تھ گوشت لاءِ ڪتي کي
جيڪي گر ياد ھئا، ۽ جيڪي حيلا ھلائڻا ھئا، سي پورا
ڪري وڃي پار پيو. سوداگرزادي دل ۾ چيو تھ: ٻيلي!
ھي ويچارو ڪتو ڏاڍو بکيو آھي، تنھنڪري ھن کي گوشت
ڏيڻ گھرجي – باقي رقم، سا سڀاڻي کڻي ھن کان وصول
ڪندس. اھو خيال ڪري سمورو گوشت کڻي ڪتي کي ڏنائين
۽ پاڻ پلاند ڇنڊي، ٿوم، بصر ۽ ٻيو وکر کڻي اچي
ماءُ وٽ نڪتو. ماڻس سندس خبر ٻڌي ٻئي ھٿ کڻي گوڏن
تي ھنيا –چي: ابا چريٽ! کائڻ لاءِ ھئا ئي اھي
ڏوڪڙ، سي بھ وڃي ڪتي کي کارائي آئين. ويچارو چريٽ
سوداگرزادو، ماءُ جي جٺ جھلي، منھن ويڙھي سمھي
رھيو. صبح ٿيندي ئي سھي سنبري ڪتي کان رقم وصول
ڪرڻ لاءِ اٿي پنڌ پيو.
انھيءَ رات ڪي آڙاھھ چور بادشاھھ جو خزانو چوري ڪري پئي ويا، تھ
پھريدارن کي خبر پئجي ويئي، سي چور چور ڪندا انھن
جي پويان ڪاھي پيا. چور اھو مال کڻي جيئن ڊوڙڻ
لڳا، تيئن اوچتو ھڪڙي ڳوٿري کانئن گھٽيءَ جي ڪنڊ ۾
ڪري پيئي. اھو ڪتو بھ ڪو اتي انھيءَ مھل بيٺو ھو.
سو ڳوٿريءَ ۾ چڪ وجھي، پاسائون ٿي، ان کي پيٽ
ھيٺان ڪري ويھي رھيو. پھريدار بھ ھليا ويا، پر ڪتو
اتي ئي سمھي رھيو. ھي چريٽ سوداگرزادو بھ ڪتي کي
ڳوليندو ڳوليندو اچي ان جي مٿان بيٺو. ڪتو ھن کي
سڃاڻي اٿيو ۽ ھن جي اڳيان پڇ لوڏڻ ۽ لو لھٽ ڪرڻ
بيھي رھيو. ھن ھٿ وڌائي ڳوٿري کڻي ورتي، ۽ کڻي جو
کولي ڏسي تھ سڄي ڳوٿري ھيرن جواھرن سان ڀري پئي
آھي. پوءِ ھن اھا ڳوٿري آڻي ماءُ کي ڏني. ماڻس ھئي
سياڻي، تنھن سمجھيو تھ ھيءَ ڳوٿري ضرور شاھي خزاني
مان چوري ٿيل آھي؛ سو ڇا ڪيائين، جو پٽ کان
لڪچوريءَ ڳوٿريءَ مان ھڪ لعل ڪڍي ھڪڙي امير
ماڻھوءَ جي گھر کڻي ويئي، ۽ ان جا پئسا وٺي بازار
مان ڀري کن کارڪن جي ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سيڌو
سامان وٺي آئي. جڏھن چريٽ سوداگرزادو ماني ٽڪي
کائي رھيو، تڏھن ڇا ڪيائين جو ڇِتِ تي اھي کارڪون
ھاري، ٿوري وقت کان پوءِ پٽ کي اٿاري چيائين تھ:
پٽ! اڄ کارڪن جو مينھن وٺو آھي، تون مٿي وڃي اھي
ميڙي آءُ، تھ ھيٺان آءٌ ٿي ميڙيان! ھو ڇت تان سڀ
کارڪون ميڙي آيو، ۽ حيرانيءَ مان چوڻ لڳو تھ:
کارڪن جو مينھن اڄ ڏٺوسين!
سوداگرزادو صبح ٿيڻ تي جڏھن شھر گھمڻ لاءِ نڪتو، تڏھن ڏٺائين
تھ سپاھين جو وڏو ٽولو آھي، جي ھرھڪ گھر جو جھاڙو
پيو وٺي، ۽ ماڻھن ۾ مارا ڪٽي کڻي وڌي اٿس. ھي بھ
رڙھي وڃي وٽن بيٺو، ۽ احوال وٺڻ لڳو. ھڪڙي سپاھيءَ
ھن کي شاھي خزاني جي چوريءَ جي حقيقت ٻڌائي. تنھن
تي چريٽ سوداگرزادي ھن کي چيو تھ: يار! اھڙي ھڪ
ڳوٿري تھ ڪالھھ مون کي ھڪڙي ڪتي کان ھٿ آئي، جا
مون وڃي پنھنجيءَ ماءُ کي ڏني، جنھن مان ھن سيڌو
سامان بھ ورتو آھي! اھو ٻڌي سپاھين جو سمورو ڊنبلو
سندس پٺيان لڳو. ھو سپاھين کي وٺي سڌو پنھنجي گھر
اچي بيٺو، جن اچڻ سان مائيءَ کي چيو تھ: ڪالھوڪي
ڳوٿري کڻي بادشاھھ سلامت وٽ ھل! مائي اول تھ وائڙي
ٿي ويئي، پر پوءِ چيائين تھ: ابا! اوھين الاجي ڇا
ٿا چئو؟ وري ٻڌايو تھ آءٌ چڱي طرح سمجھان! سپاھين
دڙڪي سان وري کيس ساڳي ڳالھھ چئي. مائي اھو ٻڌي،
مشڪي چوڻ لڳي تھ: ابا! اوھين بھ ڪي ڳھلا آھيو، جو
ھن چريٽ جي چئي تھ لڳا آھيو.... ھيءُ منھنجو پٽ
چريو آھي. چڱو اوھين پڇوس تھ اھا ڳوٿري تو ڪڏھن
آندي ھئي؟ تنھن تي ٺھھ پھھ جواب ڏنائين تھ: جڏھن
کارڪن جو مينھن وٺو ھو. بس، پوءِ تھ سڀ سپاھي سندس
منھن تڪڻ لڳا. آخر پاڻ ۾ چيائون تھ: برابر ھيءُ اڌ
چريو آھي..... ڪڏھن کارڪن جو بھ مينھن وٺو! ائين
چئي ھي ھليا ويا ۽ مائي پٽ کي گھر وٺي آئي. پوءِ
ڪجھھ وقت تھ ٻنھي ماءُ پٽن مزي سان گذاريو.
ھڪڙي ڏينھن چريٽ، ماءُ کان پڇيو تھ: امان! عشق ڪيئن ڪمائبو آھي؟
ماءُ چيس تھ: ابا! بادشاھھ جي کوھھ تي ڪيتريون ئي
سھڻيون ڇوڪريون پاڻي ڀرڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون آھن.
انھن مان ڪا سرائتي ڏسي، پھريائين ان کي اک ڀڃجي،
پوءِ ڪو ڀتر کڻي ھڻجيس تھ پاڻھي ڳالھائيندي، ۽
محبت ڪندي. شام ٿي تھ چريٽ وڃي کوھھ تي ويٺو. قضا
سان سڀ ڇوڪريون اڳئي پاڻي ڀري ھليون ويون ھيون، پر
بادشاھھ جي خاص ٻانھي، باغ جي سير ڪرڻ لاءِ ان وقت
اتان لنگھي. ھن ڇا ڪيو جو پڪل سر جو اڌڙ کڻي ٺڪاءُ
ڪرايائينس ڪک ۾ ..... سروٽو لڳڻ سان ٻانھيءَ جو
ساھھ نھ تو ڏٺو، نھ مون. چريٽ سمجھيو تھ پيار کان
منھنجي لاءِ سمھي پيئي آھي. سو مٿان ويھي ڳالھڙيون
ڪرڻ لڳس. ماڻس خيال ڪيو تھ ڇوڪرو الاجي ڪيڏانھن
ويو، سو اچي ان کوھھ وٽان لانگھائو ٿي. ماڻس اھو
حال ڏسي، کيس چيو تھ: ھن کي غش اچي ويو آھي، تون
وڃي باغ مان ڪو گل پٽي اچ تھ سونگھائي جاڳايونس.
چريٽ جي وڃڻ کان پوءِ ماڻس اھو مڙھھ گم ڪري ڇڏيو،
۽ جھٽ پٽ ھڪڙو دنبو ڪھي، ان جي مٿان ڪپڙو وجھي
ڇڏيائين. چريٽ جي اچڻ تي ان کي ٻڌايائين تھ ڇوڪري
مري وئي آھي، ھاڻي وارو ڪر تھ کڻي کوھھ ۾ اڇلايونس
– نھ تھ بادشاھھ جي سپاھين ڏسي ورتو تھ پوءِ، پاڻ
کي ڦاھي چاڙھي ڇڏيندا. چريٽ جھٽ پٽ دنبي کي کوھھ ۾
اڇلائي ڇڏيو؛ پوءِ ٻئي ماءُ پٽ موٽي گھر آيا. ڪجھھ
ڏينھن تھ خير سلامتيءَ سان گذريا، پر آخر ھڪڙي
ڏينھن شھر ۾ ان ٻانھيءَ جي ڳولا لاءِ وٺ پڪڙ شروع
ٿي ويئي. سپاھي ھرھڪ ماڻھوءَ کان پڇا ڪندا، گھر
گھر جو جھاڙو وٺندا، اچي چريت سوداگرزادي جي گھر
پھتا. اتفاق سان ان مھل چريٽ اڪيلو گھر ۾ ويٺو ھو.
تنھن سپاھين کي ٻڌايو تھ: برابر ھڪڙي ڇوڪريءَ کي
مون سروٽو ھڻي ماريو ھو، ان جو لاش امان کڻي کوھھ
۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. سپاھين ورائي کڻي سوگھو ڪيس.
ايتري ۾ ماڻس بھ اچي نڪتي، جنھن سموري ڳالھھ ٻڌي،
سپاھين کي چيو تھ: ابا! ھي ويچارو آھي چريٽ، سو
اوھين ھن جي ڳالھھ تي اعتبار نھ ڪريو، ۽ وڃي ڪٿي
ٻئي ھنڌ ڳولا ڪريو. پر سپاھي ڪٿي ٿا اعتبار ڪن! تن
ھڻي موچڙا چريٽ کي ڪيو اڳيان ۽ چيائونس تھ ھلي اھو
کوھھ ڏيکار.
ان کوھھ ۾ ويچاري چريٽ کي لاٿائون تھ لاش ڪڍي ڏي. جڏھن کوھھ ۾
گھڙيو، تڏھن سندس ھٿ وڃي دنبي جي سڱن کي لڳا. تنھن
تي دانھن ڪري سپاھين کي چيائين تھ: يارو! مائيءَ
کي سڱ بھ ھئا ڇا؟ ھن سمجھيو تھ شايد سندس ڳتيل
چوٽين کي ھٿ لڳو اٿس، سو انھن جا اھڃاڻ ٿو ڏئي.
تڏھن چيائونس تھ: ھائو! سڱ بھ اٿس. پوءِ وري دنبي
جي ان کي ھٿ لڳس. وري رڙ ڪري ھنن کان پڇيائين تھ:
ٻيلي! ھن کي ان بھ آھي ڇا؟ ھنن ڄاتو تھ شايد ھن
سندس ڪنھن ڪپڙي کي ڇھيو آھي. تنھنڪري چيائونس تھ:
ھائو! ان بھ اٿس؛ جلدي لاش کي ٻاھر ڪڍ ۽ اسان جو
اجايو وقت نھ وڃاءِ. اھو ٻڌي ھن دنبي کي ڇڪي کڻي
ٻاھر ڪيو. سپاھين جڏھن دنبو ڏٺو، تڏھن چريٽ کي گھٽ
وڌ ڳالھائيندا ھليا ويا.
ماڻس خيال ڪيو تھ ھي ماريو ڪنھن نھ ڪنھن ڏينھن پاڻ کي بھ وجھندو
ڪاٺ ۾، مون کي بھ وجھندو جنجال ۾؛ تنھنڪري چڱو
ائين آھي، تھ لڏي ڪنھن ٻئي شھر ۾ ھلي رھجي. پوءِ
چريٽ پٽ کي ساڻ ڪري، سامان سڙو کڻي ڪنھن ٻيءَ
بادشاھيءَ ۾ وڃي نڪتي. جتي حياتيءَ جا باقي ڏينھن
مزي سان گذاريائين.
٣٦– گچمچ
راجا ۽ چِچمچ وزير
ھڪڙي وزير جي پٽ کي شڪار جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو. ھڪڙي دفعي شڪار
ڪندي، ڪنھن ٻيءَ ولايت جي حد ۾ لنگھي ويو. ھڪڙو
پنڌ اڻ ڏٺو، ٻيو ٿڪ، مٿان وري اڃ بھ اچي ڏاڍي
لڳيس، سو ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو تھ من ڪو اجھو
نظر اچي، تھ ڪا گھڙي آرام ڪريان. پري کان ھڪڙو باغ
نظر آيس. سٽ پائي وڃي اتي رسيو. ڏٺائين تھ ھڪڙو
عاليشان باغ آھي، جنھن جي وچ ۾ کوھھ آھي، کوھھ تي
نار پيو وھي، ۽ ان مان باغ کي پاڻي پيو اچي. ھيءُ
بھ سڌو اچي کوھھ تي پھتو، ۽ وھندڙ ڪسيءَ مان پاڻ
بھ پاڻي پيڻ لڳو ۽ گھوڙي کي بھ پاڻي پيارڻ لڳو.
اوچتو باغ جي مالھيءَ جي نظر وڃي گھوڙي سوار تي
پيئي، تنھن ڪوڏر کڻي وٺي ڏانھنس لوھھ ڪئي. ايندي
شرط وزيرزادي کي ھڪل ڪري چيائين تھ: اي گھوڙي
وارا! انڌو تھ ڪو نھ ٿيو آھين؟ توکي خبر ڪانھي تھ
ھي راجا جو باغ آھي، ۽ تون وري ھن ڪسيءَ مان گھوڙي
کي پاڻي پيو پيارين! ھاڻي گھوڙي جو ھيءُ اوبارو
پاڻي باغ ۾ وڃي پيو تھ باغ جا سڀ گل ڪومائجي ڇڻي
پوندا. وزيرزادي جواب ڏنس تھ: ميان آرائين! ڪڏھن
گھوڙن جي اوباري پاڻيءَ سان باغ جا گل ڇڻيا؟ اھو
ٻڌڻ سان مالھيءَ کي جا آئي ڪاوڙ، تنھن ڀر ڪري جو
ڪنڌ واري ڪوڏر ھنيس، تھ وزيرزادي جي سسي وڃي پري
پيئي. پوءِ اھا سسي کڏ کڻي پوري، باقي ڌڙ ڪچِري جي
ڍير تي کڻي اڇلايائين، ۽ گھوڙو ڪاھي وڃي پنھنجي
گھر ٻڌي ڇڏيائين.
ٻھ – چار ڏينھن گذري ويا، پر وزير زادو گھر نھ موٽيو، وزير کي
ڏاڍو انتظار ٿي پيو. اھي ڏينھن ھن سخت ڳڻتيءَ ۾
گذاريا. نيٺ پنھنجي راجا کان موڪل وٺي، پٽ کي ڳولڻ
لاءِ روانو ٿيو. ھن پاڻ سان ٻھ – چار پيري کنيا،
جي آھوڙ ڏيندا اچي انھيءَ ساڳيءَ ولايت ۾ نڪتا،
جتي سندس پٽ ماريو ھو. جڏھن ھو انھيءَ باغ جي
ٻاھران پھتا، تڏھن ڍير تي ھڪڙو لاش نظر آين. وزير
سڃاتو تھ اھو سندس پٽ جو لاش ھو. باغ جي مالھيءَ
کي سڏي پڇا ڪيائين تھ: منھنجي پٽ کي ڪنھن ڪٺو آھي!
مالھي ٻڌايس تھ: تنھنجو بيوقوف پٽ، پنھنجي گھوڙي
کي باغ جي اڏ تان اچي پاڻي پياريو ھو، گھوڙي جي
جوٺي پاڻي ملڻ ڪري، راجا جي باغ جا گل ڇڻي پون ھا،
تنھنڪري ڌڪ ھڻي ماري ڇڏيومانس.... توکي جيڪڏھن
فرياد ڪرڻو ھجي تھ راجا جي درٻار ۾ وڃي ڪر –
پاڻيھي اھو تنھنجو نياءُ ڪندو. وزير سڌو وڃي اتي
جي راجا جي درٻار ۾ فرياد ڪيو. راجا چيس تھ: چڱو،
سڀاڻي اچجئين تھ تنھنجو فيصلو ڪنداسين.
وزير شھر مان پڇيو تھ: راجا جو نالو ڇا آھي؟ ماڻھن ٻڌايس تھ
”گچمچ“. وري پڇيائين تھ: ڀلا، ھن جي وزير جو ڪھڙو
نالو آھي؟ ٻڌايائونس تھ: ”چِچِمچِ“. وزير ٻئي نالا
ٻڌي عبرت ۾ پئجي ويو، دل ۾ چيائين تھ”ھي وزير ڪھڙا
نالا آھن.“ قصو ڪوتاھھ – ٻئي ڏينھن وزير درٻار ۾
ويو. جتي گچمچ راجا ۽ چِچمچ وزير ٻئي ويٺل ھئا.
راجا، فريادي وزير کي چيو تھ: فرياد ٻڌاءِ! جنھن
تي ھن سڄي حقيقت بيان ڪري ٻڌائي. راجا حقيقت ٻڌي،
چيو تھ: ھي تمام ڏکيو فيصلو آھي، پر بيھھ تھ وزير
کان صلاح پڇان. گچمچ راجا پنھنجي چچمچ وزير کان
صلاح پڇي، جنھن چيو تھ: سائين! ڳالھھ تھ تمام سولي
آھي.... ھيءُ ماڻھو پنھنجي زال ھن مالھيءَ کي ڏيئي
وڃي. مالھي ان سان شادي ڪري..... پوءِ جڏھن انھن
کي پٽ ڄمي، تڏھن مالھي ان کي نپائي وڏو ڪري. جڏھن
اھو ڇوڪرو ھن ماڻھوءَ جي مئل پٽ جيڏو ٿئي، تڏھن
ھيءُ ماڻھو ڀلي پنھنجي زال ۽ پٽ وٺي وڃي. دانھين
وزير ھيءُ فيصلو ٻڌي، عجب ۾ پئجي ويو. شھر مان پڇڻ
تي معلوم ٿيس تھ ھن ولايت جو نالو ئي آھي ”بيدادي
نگري“، ۽ ھتي اھڙائي انصاف ٿيندا آھن. ماٺڙي ڪري
وزير پنھنجي پٽ جو لاش کڻائي ملڪ موٽي آيو. پٽ جي
ڪفن دفن کان پوءِ، ھو پنھنجي راجا وٽ ويو، ۽ کيس
سموري حقيقت ٻڌائي، موڪل گھريائين تھ: مون کي ڇڏيو
تھ پنھنجي پٽ جو وير وٺي اچان. راجا کيس اجازت
ڏني. ھن بھ ٻيون سڀ ڳالھيون ڇڏي، بيدادي نگريءَ ڏي
کڻي رخ رکيو.
ٿورن ئي ڏينھن کان پوءِ، وزير اچي بيدادي نگريءَ ۾ پھتو. شھر ۾
گھمي ڦري ھڪڙو گدام خريد ڪري، ان ۾ ان جا ڪجھھ
ٻورا کڻي لھرايائين. ان بعد ھن شھر ۾ پڙھو گھمايو
تھ: مان ان جو واپاري آھيان، ھن شھر جي اگھھ کان
اٺوڻا ٽويا ان جا ھڪ رپئي ۾ ڏيندس – جنھن کي ان
وٺڻو ھجي، سو پنھنجا پئسا اڳواٽ جمع ڪرائي وڃي.
شھر جي ماڻھن جو اھو پڙھو ٻڌو، سو پاڻ ۾ صلاح
ڪيائون، تھ ھيءَ تھ ڏاڍي موج ٿي. سو ٽپڙ ٽاڙي ڳھھ
ڳٺا وڪڻي، ھڙ موڙي کڻي، وٽس پئسا جمع ڪرائڻ لڳا.
جڏھن سڄي شھر جا پئسا ۽ زيور ھن وٽ اچي پھتا، تڏھن
پڙھو گھمايائين تھ: اڄ ان ھلندو، تنھنڪري سڀڪو
ماڻھو اچي پنھنجو ان وٺي وڃي. ماڻھن جا انبوھھ اچي
گڏ ٿيا. وزير ان جو ھڪڙو ٻورو کولي کڻي آڏو رکيو.
ماڻھو حيران ٿي ويا تھ آخر ھيترن سارن ماڻھن کي
ھيءُ ھڪ ٻورو ڪيئن پورو پوندو؟ آخر ھڪڙو واپاري
پنھنجا ٻورا کڻي – ان ڀرائڻ ويٺو. جڏھن ڌڙوائيءَ
ٽويو ان ۾ وڌو، تڏھن وزير اچي ٻانھن کان جھليس، ۽
چيائينس تھ: مون ڪا سڌن ٽوين ڀري ڏيڻ جي ٻول ڪئي
ھئي ڇا؟ واپاري حيران ٿي ويا. پڇيائو: تڏھن ڪيئن؟
وزير چين تھ: ٽويا ڀربا اونڌا – جي قبول پونو تھ
واھھ، جي نھ تھ ھليا وڃو ۽ وڃي راجا وٽ فرياد
ڪريو. سڄي خلقت حيران ٿي ويئي. پوءِ تھ ڀڳا راجا
وٽ چي: سائين! ھھڙو انڌير؟ گچمچ راجا چچمچ وزير
کان پڇيو تھ: ڪھڙي ماجرا آھي؟ وزير عرض ڪيو تھ:
سائين! ھڪڙو واپاري آھي، جنھن ٻول ڪئي آھي، تھ
جيترا ٽويا ان ھڪ رپئي جو شھر ۾ ٻيا واپاري ٿا
ڏين، تنھن کان آءٌ اٺوڻا ٽويا ڏيندس پر سنون ٽوين
ڀري ڏيڻ جي ٻول نھ آھي .... ٽويا ڀري ڏيندس اونڌا.
راجا ھيءَ ڳالھھ ٻڌي منجھي پيو، سو پنھنجي وزير
کان پڇيائين تھ: وزير! ھن ڳالھھ جو نيٺ ڪھڙو اپاءُ
آھي؟ وزير چيو تھ: سائين! فيصلو ھن ريت آھي، تھ نھ
ھنن جا سنوان، نھ ھن جا اونڌا – ماڳھين ٽويا
پاسيرا ڀريا وڃن. گچمچ راجا اھو فيصلو ٻڌي، ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ ھڪدم چچمچ وزير کي حڪم ڏنائين تھ: اھو
اعلان ڪيو وڃي. وزير سڄيءَ رعيت ۾ انھيءَ گھڙيءَ
اھو اعلان ڪري ڇڏيو.
ھوڏانھن وزير، جنھن جو پٽ ناحق ڪسجي ويو ھو، تنھن جو اعلان ٻڌو،
سو پيرن ھيٺان زمين نڪري ويس. ھن جي ليکي تھ راجا
کيس گھرائي پڇندو تھ: ميان! ھي اونڌن ٽوين جو ڪٿان
جو وھنوار ٿيو. تھ پاڻ بھ راجا کي چوندو تھ:
سائين! تڏھن ھيءُ وري ڪٿان جو وھنوار ٿيو، تھ پٽ
بھ ڪسجي منھنجو ۽ زال بھ پنھنجي آڻي مالھيءَ کي
ڏيان تھ ويھن سالن کان پوءِ پٽ ڄڻي تاتي نپائي وڏو
ڪري ڏئيم. پر ھتي ھن گچمچ راجا ۽ چچمچ وزير جي
ولايت ۾ تھ ھر ڪا ڳالھھ ابتي! سو ويچارو چپ ڪري
پاسيرو ٿي بيھي رھيو. پوءِ چچمچ وزير پاڻ پنھنجي
ھٿن سان ويھي ھن جي ھڪڙي ٻوري ان جي مان واپارين
۽ ماڻھن کي پاسيرا ٽويا ڀري ڏيڻ لڳو. ڀلا پاسيرن
ٽوين تي ٻھ چار داڻا ان جا مس چڙھن، سو سڄي شھر ۾
ماڳھين ھن جو اھو ھڪ ٻورو ان جو مس کتو ..... ۽
پوءِ پٽ جي خون تان ھٿ کڻي، بيداد نگريءَ جي ماڻھن
جي سڀ دولت ميڙي، خرزينون ڀرائي، اٿي ھليو. ڪن
ڏينھن کان پوءِ، خير سان موٽي اچي پنھنجي ملڪ
رسيو، ۽ شڪرانا ڪيائين، جو جان بچائي موٽيو ھو، نھ
تھ پٽ جي پويان مرڳو سندس بھ سر ويو ھو.
٣٧– دولت جو نشو
ڪنھن بادشاھھ جو ھڪڙو خاص حجام ھوندو ھو، جيڪو ھونئن تھ سنئون
سبتو ماڻھن جھڙو ماڻھو ھو، پر حجامت ڪندي ڪندي،
ڳالھين مٿان ڳالھين ۾ جو اچي پوندو ھو، تھ بس ئي
ڪين ڪندو ھو .... بادشاھھ کي بھ ايندو ھو مزو، سو
ويٺو ھن جون اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ٻڌندو ھو.
حجام جي ھڪڙي ڏاڍي عجيب عادت ھوندي ھئي، جنھن کان
بادشاھھ کي ڪاوڙ بھ ڏاڍي ايندي ھئي، پر ھن کي عادت
کان مجبور ۽ چريو سمجھي، کڻي ماٺ ڪندو ھو. حجام جي
عادت ھئي، تھ بادشاھھ جي سنوارت ٺاھيندي ٺاھيندي،
ڪٿان جون ڳالھيون ڪٿان پيو آڻيندو ھو، ۽ ائين
ڳالھائيندي ڳالھائيندي ڪونھ ڪو موقعو ڪڍي بادشاھھ
کي چوندو ھو تھ: سائين! منھنجو پٽ بھ اچي جوان ٿيو
آھي، ھزارن ۾ ھڪڙو آھي.... اوھان جي جئي بچي وڏي
شھزادي بھ اچي سامائي آھي، جي مھر جي نظر ڪري
شھزاديءَ جو سڱ کڻي منھنجي پٽ کي ڏيو، تھ جيڪر
منھنجو پٽ بھ اڏجي پوي، ۽ شھزادي بھ وڃي شينھن
ڪلھي چڙھي! حجام جي ھيءَ ڳالھھ ٻڌي، بادشاھھ کي
ڪاوڙ ھڪڙي پاسي ايندي ھئي، تھ کل ٻئي پاسي، ۽ ڪڏھن
ڪڏھن، جڏھن ھو چرچي ڀوڳ جي خيال ۾ ھوندو ھو، تڏھن
کلي حجام کي چوندو ھو تھ: چڱو، پر ھاڻي ڪجھھ مھلت
ڏي، تھ آءٌ راڻيءَ ۽ شھزاديءَ سان صلاح ڪري وٺان.
ڪجھھ ڏينھن تھ اِھو قصو ائين ھلندو رھيو. آخر ھڪڙي ڏينھن
بادشاھھ پنھنجي وزير سان صلاح ڪئي ۽ پڇيائينس تھ:
وزير، عقل جا وير! ھيءَ مام تھ پروڙي ڏي تھ ھن
حجام مون کي گھڻي وقت کان ايڏو تنگ ڪيو آھي، سو
آخر ڪھڙي ڳالھھ جي زور تي مون حاڪم کان سڱ جي گھر
ٿو ڪري. وزير، بادشاھھ کان ويچار ڪرڻ جي موڪل
ورتي.
ٻئي ڏينھن وزير، بادشاھھ کي ٻڌايو، تھ جيئندا قبلا! ھيءُ مئو تھ
دولت جو ئي ٿي سگھي ٿو، جو حجام بادشاھھ کان سڱ
گھري. مگر سوال آھي تھ ڪيئن خبر پوي تھ ھن وٽ
ڪيتري دولت آھي، ۽ ڪٿي آھي! آخر وزير، بادشاھھ سان
صلاح ڪري، حجام جي گھر کي ڌاڙو ھڻايو. ڌاڙيل حجام
جي گھر کي ٻھاري ڏيئي ويا. وزير ۽ بادشاھھ سمجھيو،
تھ حجام جو ٻچڙو ھاڻي ايتري جرئت ڪري نھ سگھندو.
پر ائين نھ ٿيو. ٻئي ڏينھن حجام سنوارت ڪرڻ وقت
جڏھن تريءَ تي پاڪي کي تکو ڪرڻ لڳو، تڏھن وري
بادشاھھ کان ساڳيءَ طرح سڱ جي گھر ڪرڻ لڳو. ان وقت
تھ بادشاھھ وري بھ کلي ھن کان مھلت گھري جند
ڇڏائي.
ٻيءَ رات وزير ڇا ڪيو جو جنھن فرش مٿان ويھي حجام سنوارت ڪندو
ھو، اھو رات وچ ۾ کوٽايائين. ڇا ڏسي تھ مار! فرش
ھيٺان خزاني جون ديڳيون پوريون پيون آھن. وزير
سمجھي ويو تھ محلات ۾ اھو پوريل خزانو بادشاھھ جي
وڏن جو رکيل ھو. ھاڻي جڏھن حجام سنوارت ٺاھڻ لاءِ
اچي انھيءَ ھنڌ ويھندو ھو، تڏھن قدرت سان مغز چرخ
ٿي ويندو ھئس ۽ بادشاھھ کان سندس ڌيءَ جو سڱ
گھرندو ھو. وري جڏھن انھيءَ ھنڌان اٿندو ھو، تڏھن
ماڻھن جھڙو ماڻھو. پوءِ تھ ھن اتان سڀ سون رپو
ڪڍائي، وري رات وچ ۾ ئي فرش ٻڌائي ڇڏيو.
ٻئي ڏينھن دستور موجب حجام سنوارت ٺاھڻ آيو، تڏھن بادشاھھ سان
ڪڇيو ئي ڪين. آخر بادشاھھ چيس تھ: تو منھنجي وڏھر
ڌيءَ جو سڱ گھريو ھو، ڀلا ھاڻي تياري ڪر! حجام کي
اچي ٿڙڪڻي لڳي، چپ خشڪ ٿي ويس، ڏڪندي ڏڪندي چيائين
تھ: بادشاھھ سلامت! ھي ڇا پيا چئو؟ آءٌ اوھان جي
ٻانھيءَ جو ٻار حجام، ڪٿي مان ڪٿي اوھين. بادشاھھ!
مون اِئين سائين جن کي ڪيئن چيو ھوندو! ائين اڌو
گابرو بھ ٻھ چار لفظ ڳالھائي، حجام ويچارو بيھوش
ٿي ڪري پيو. بادشاھھ مٿس گلاب ۽ عطر ڇِڻڪاري کيس
ھوش ۾ آندو.
ان ڏينھن کان پوءِ، وري ڪڏھن بھ حجام، بادشاھھ سان پنھنجي پٽ جي
اڏجڻ ۽ شھزاديءَ جي شينھن ڪلھي چڙھڻ جي ڳالھھ ڪا
نھ ڪئي. ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ وزير کان پڇيو تھ:
وزير! اھا آخر ڪھڙي ڳالھھ ھئي؟ وزير عرض ڪيو تھ
جيئندا قبلا! ھيءُ سڀ دولت جو نشو آھي.
|