سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :7

ڪيترن ڏينھن جي مسافريءَ بعد، ھن کي پري کان ھڪڙو قلعو نظر آيو، جو سڄو سفيد پٿر جو ٺھيل ھو، ۽ پري کان پئي چلڪيو. جڏھن قلعي جي ويجھو آيو، تڏھن ڏٺائين تھ ان قلعي کي فقط ھڪڙو دروازو ھو. پوءِ ھن گھڻئي در کڙڪايو ۽ سڏ ڪيائين، پر ڪو بني بشر ھن جي سڏن تي ٻاھر نھ نڪتو. لاچار ھيءُ آھستي آھستي ڪري دروازو کولي اندر قلعي ۾ گھڙي ويو. اندر ھن کي ھڪڙو تلاءُ ڏسڻ ۾ آيو، جنھن جي چئني پاسن کان ھڪ ھڪ سون جو ٺھيل ھاٿي بيٺل ھو، جن مان پاڻيءَ جا ڦوھارا نڪري رھيا ھئا. تلاءُ جي ڪپ تي ھڪ ڪوٺي ٺھيل ھئي، جنھن جو در ٻيڪڙيل ھو. ھي آھستي آھستي دروازو کولي اندر گھڙي ويو.  ڪوٺيءَ ۾ گھڙڻ سان سندس نظر پلنگ تي ويٺل ھڪ خوبصورت ڇوڪريءَ تي وڃي پيئي، ڇوڪريءَ جو ھن کي ڏٺو، سا يڪدم اٿي بيٺي ۽ ھن کي ٻانھن مان جھلي ادب سان اچي کٽ تي ويھاريائين. ميان ٽڪي، ان کان پڇيو تھ: تون ڪير آھين ۽ ھتي ڪيئن اچي ڦاٿي آھين؟ تڏھن ڇوڪريءَ ٻڌايس تھ: آءٌ ھتي پنھنجيءَ ماءُ سان گڏ رھندي آھيان – تو جھڙي شھزادي جوان کي ڏسي، مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آھي؛ پر ڇا ڪجي جو تون خود ھن طلسمي چڪر ۾ اچي ڦاٿو آھين. ھاڻي ھتان تنھنجو بچڻ مشڪل آھي. تڏھن ميان ٽڪي پڇيس: سو وري ڪيئن؟ ڇوڪريءَ ٻڌايس تھ: منھنجي ماءُ ڏائڻ آھي، جا توکي ماري ڇڏيندي. اِتي ھن کي شڪ پيو تھ متان اھا ساڳي ڏائڻ نھ ھجي، جنھن ان رات ڇوڪري جو ھيانءُ ڪڍيو ھو، جنھن جي گندي بھ مون وٽ آھي، سو ڇوڪريءَ کي چيائين تھ: تون گھٻراءِ نھ، آءٌ لڪي ٿو وڃان، پر تون رڳو ايترو ڪج، جو جڏھن تنھنجي ماءُ اچي، تڏھن تون ڳالھھ ڪندي، ان کان صرف ايترو پڇج تھ: تون ڪنھن کان ڊڄين بھ ٿي يا نھ؟ ڇوڪريءَ اھا ڳالھھ قبول ڪئي . پوءِ ھن کي دروازي جي اوٽ ۾ لڪائي ويھاريائين. ڪا مھل ٿي، تھ ڏائڻ بھ اچي اتي نڪتي. ميان ٽڪي ڏسڻ سان سڃاڻي ورتس تھ ھيءَ اھا ساڳي ڏائڻ آھي. ڏائڻ سڌو اچي پلنگ تي ويٺي ۽ ڌيءَ سان ڳالھيون ٻولھيون ڪرڻ لڳي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪريءَ ماءُ کان پڇيو تھ: امڙ تون ڪنھن کان ڊڄين بھ ٿي يا نھ؟ تڏھن ماڻس چيس تھ: ڌيءَ! عمر ۾ رڳو ميان ٽڪي کان مس مس جند ڇڏائي سگھي ھيس، جنھن ڏنڊي سان ھڻي منھنجي ٻانھن ئي ڀڃي وڌي ھئي؛ باقي ٻئي ڪنھن کان بھ ڪونھ ٿي ڊڄان. اھو ٻڌي ميان ٽڪو بھ ڏنڊو سنڀرائي، دروازي جي اوٽ مان ظاھر ٿيو ۽ ڏائڻ کي ھڪل ڪري چوڻ لڳو: ھاڻي جھل ٻي ٻانھن، اچئي ٿو ڏنڊو! اتي ڏائڻ جا حواس ئي خطا ٿي ويا ۽ دانھن ڪري چيائين: ميان ٽڪا! خدا جي واسطي مون کي جيئدان ڏي – آءٌ پنھنجي ڌيءَ جو سڱ توکي ٿي ڏيان ۽ ٻيو بھ جيئن چوندين تيئن ڪنديس. اھو ٻڌي ميان ٽڪو ڏاڍو خوش ٿيو. ٻئي ڏينھن ڏائڻ جي ڌيءَ سان شادي ڪري، اتي عيش آرام سان رھڻ لڳو.

ڪجھھ ڏينھن گذرڻ بعد، ٽڪي گندي ڪڍي پنھنجيءَ سس کي ڏيکاري، ۽ چيائينس تھ: درحقيقت آءٌ انھن گندين جي ڳولا ۾ نڪتو آھيان. تڏھن ڏائڻ چيس تھ: اھڙين گندين جي تھ مون وٽ ڪمي ڪانھي، سو جڏھن تون وڃين تڏھن جيتريون گنديون گھرجنئي اوتريون کڻي وڃج. ٿورن ڏينھن بعد ميان ٽڪي ڏائڻ کان موڪلايو، جنھن کيس خوشيءَ سان اجازت ڏني، ھڪڙي ڀري گندين جي ۽ ھڪڙي اڏام کٽولي بھ ڏنائينس ۽ چيائينس تھ: ھن اڏام کٽوليءَ کي جتي بھ چوندين اتي ھلي توھان کي لاھيندي. پوءِ ھيءُ پنھنجي زال ۽ گندين جي ڀريءَ سميت اڏام کٽوليءَ تي چڙھي ويٺو ۽ سڌو اچي ديو جي محلات تي لٿو. ديو جي ڌيءَ ھنن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ميان ٽڪي ٻھ ٽي ڏينھن اتي رھي، ديو کان واپس وطن ورڻ جي اجازت گھري. ديو کين خوشيءَ سان اجازت ڏني ۽ ھلندي مھل ھڪ جوڙي جادوئي ڏونڪا ڏيئي چيائينس تھ: جنھن وقت بھ ڪا اوکي پويئي تڏھن ھنن ڏونڪن کي وڄائجئين تھ اسين سڀ اچي تو وٽ پھچنداسين. ميان  ٽڪي اھي ڏونڪا وٺي پاڻ وٽ قابو ڪيا، پوءِ ٻنھي زالن سميت اڏام کٽوليءَ تي چڙھي وطن ڏانھن روانو ٿيو. واٽ تي ان بادشاھھ وٽان بھ ٿيندو آيو، جنھن جي پٽ کي جيئرو ڪيو ھئائين، ۽ اتان پنھنجي ٽيئن زال شھزاديءَ کي بھ پاڻ سان کنيائين. رستي ۾ ديو جي ڌيءَ چيس تھ: جنھن وقت پنھنجي وطن کان ھڪ ميل کن اورتي پھچين، تڏھن مون کي ٻڌائج. جڏھن ميان ٽڪو پنھنجي ملڪ کان ميل کن اورتي ھو، تڏھن ديو جي ڌيءَ کي ٻڌايائين تھ: ھاڻي پنھنجي ملڪ جي حد ۾ داخل ٿيا آھيون. ديو جي ڌيءَ کيس ھڪدم اتي لھڻ جي صلاح ڏني، جنھن ڪري ھو اتيئي لھي پيا. پوءِ ديو جي ڌيءُ، پڻس کان مليل ڏونڪا وٺي زور سان وڄايا تھ کن پل ۾ ديو ديو جي ذات اچي اتي مڙي. پوءِ ھن انھن کي حڪم ڏنو تھ: ھتي ھڪ عاليشان محل تيار ڪرايو. بس، حڪم جي دير ھئي، يڪدم محل تيار ٿي ويو ۽ ميان ٽڪو ٽنھي راڻين سميت ان ۾ رھڻ لڳو.  ٻئي ڏينھن ھن بادشاھھ کي نياپو موڪليو. جنھن گندين کڻڻ لاءِ پنھنجي وزير کي وٽس موڪليو. وزير گندين کڻڻ لاءِ ٽڪي جي محلات ۾ آيو ۽ اتي ٽنھي راڻين کي ڏسي حيران ٿي ويو. آخر ھو گنديون کڻي بادشاھھ وٽ حاضر ٿيو ۽ کيس آڻي ڏنائين. بادشاھھ گنديون ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پنھنجي وزير کان ويھي ميان ٽڪي جون خبرون چارون پڇڻ لڳو. وزير بادشاھھ کي چيو تھ: سائين! ميان ٽڪو تھ اھڙيون راڻيون پرڻجي آيو آھي، جو اوھان جون راڻيون انھن اڳيان ٻانھيون سونھن، اھي راڻيون ڪنھن پر ھٿ ڪرڻ گھرجن. انھيءَ لاءِ صلاح بھ سولي آھي، تھ اوھين سڀاڻي ھن جي پاڻ وٽ دعوت ڪريو، پوءِ ماني کائڻ بعد کيس وٺي وڃي پنھنجو باغ گھمايو. جڏھن پنھنجي باغ واري کوھھ تي پھچو، تڏھن ڪنھن اٽڪل سان ڇلو ان کوھھ ۾ ڪيرائي ڇڏيو ۽ پوءِ ميان ٽڪي کي چئجو تھ کوھھ مان اھو ڇلو ڪڍي ڏي، نھ تھ ڦاھيءَ تي چاڙھيو ويندين، پوءِ نڪو ميان ٽڪو ڇلو ڪڍي سگھي، نڪي بچي! بادشاھھ وزير جي ڳالھھ ٻڌي کڻي چپ ڪئي.

ٻئي ڏينھن وزير، بادشاھھ طرفان ميان ٽڪي کي دعوت ڏياري موڪلي. دعوت کائڻ کان پوءِ گھمندي گھمندي اچي باغ ۾ کوھھ وٽ پھتا. اتي وزير يڪدم دانھن ڪري چيو تھ: بادشاھھ سلامت! اوھان جيڪو ڇلو مون کي جھلڻ لاءِ ڏنو، سو کوھھ ۾ ڪري پيو. ھاڻي تھ ميان ٽڪو اھو ڇلو ڪڍي سگھندو، باقي ٻئي جي جاءِ نھ آھي. تڏھن بادشاھھ لاچار ميان ٽڪي کي ڇلي ڪڍڻ لاءِ چيو. ميان ٽڪو سمجھي ويو، تھ وزير اچي منھنجي پٺيان پيو  آھي، پر دل جي ڳالھھ دل ۾ رکيائين ۽ بادشاھھ کي چيائين تھ: حاضر سائين، سڀاڻي صبح جو اھو ڇلو مون کان وٺجو. وزير ڏٺو تھ نڪي ميان ٽڪو کوھھ مان ڇلو ڪڍي سگھي ۽ نھ وري بادشاھھ وٽ پنھنجو قول پاڙي سگھندو، سو خوشيءَ ۾ بغل ٺوڪيندو وڃي پنھنجي محل ۾ آرامي ٿيو.

شام جو ميان ٽڪي جادوئي ڏونڪا کڻي وٺي جو زور سان وڄايا، تھ ديو ديو جي ذات اچي حاضر ٿي. ھن انھن مان ٻن زور وارن ديون کي چونڊي، کين سڄي حقيقت ٻڌائي. ديو تھ حڪم جا بندا ھئا، سي انھيءَ مھل ئي وڃي کوھھ کي لڳا. ھڪڙي ديو بيٺي بيٺي پاڻي پي کوھھ سڪائي ڇڏيو، ۽ ٻئي پٽيندي چڪ کي، جيئن جو تيئن کڻي ٻاھر اڇلايو ۽ ڇلو ڪڍي وڃي ميان ٽڪي کي ڏنائون. ٻئي ڏينھن ميان ٽڪي اھو ڇلو کڻي، ڀريءَ درٻار ۾ آڻي بادشاھھ کي ڏنو. وزير تھ ڇلو ڏسي سڙي ويو، پر کڻي في الحال چپ ڪيائين، ڇو جو ڪري بھ ڪجھھ نٿي سگھيو. گھڙي کن کان پوءِ باغ جي مالھي، بادشاھھ کي اچي فرياد ڏنو تھ: سائين! رات وچ ۾ باغ واري کوھھ جو پاڻي تھ سڪي ويو، پر ڪنھن ان جو چڪ بھ ڪڍي ٻاھر اڇلائي ڇڏيو آھي. رات جو وري وزير، بادشاھھ کي چيو تھ: بادشاھھ سلامت! ميان ٽڪي کي چئو تھ تون اھڙو بھادر آھين، تھ اسان جي پلھوانن سان مقابلو ڪر. پوءِ ڪنھن کيڏ سان کيس ختم ڪرائي ميدان صاف ڪري ڇڏبو ۽ ٽيئي راڻيون پنھنجي قبضي ڪبيون. بادشاھھ بنا سوچ ويچار جي، ٽڪي کي گھرائي مقابلي لاءِ چيو. اتي ٽڪي کي پڪ ٿي، تھ ھيءَ حرڪت سڀ وزير جي آھي، سو بادشاھھ سان مقابلي جو ڏينھن مقرر ڪري گھر آيو ۽ راڻين سان ساري حقيقت ڪيائين.

مقابلي واري ڏينھن ميان ٽڪي، ديو جي ڏونڪن کي کڻي زور سان وڄايو تھ ديو ديو جي ذات اچي حاضر ٿي ۽ کانئس گھرائڻ جو سبب پڇيائون. ٽڪي ساري حقيقت ٻڌائي کين چيو تھ: تاڙي وڄائڻ تي، بادشاھھ جي پھلوانن کي ختم ڪري، پڇاڙيءَ ۾ وزير جي سسي بادشاھھ جي روبرو لاھي، پوءِ ڀلي ھليا وڃجو. آخر مقرر وقت تي ميان ٽڪو سھي سنڀري گھوڙي تي سوار ٿي ميدان ۾ آيو. ھن طرف بادشاھھ جا پھلوان بھ ھٿيارن سان اچي ميدان ۾ بيٺا. ايتري ۾ بادشاھھ جو حڪم ٿيو ۽ پھلوانن ميان ٽڪي تي جلھھ ڪئي. ھن فقط تاڙي وڄائي، تھ ديون جو ڪٽڪ اچي ميدان ۾ پيو، ۽ سڀني پھلوانن کي ختم ڪري ڇڏيائون، سڀ تماشائي وٺي ڀڳا. بادشاھھ ۽ وزير – جي پڻ ھاٿين تي سوار ٿي مقابلو ڏسي رھيا ھئا – سي بھ ديون جي دھشت جھلي نھ سگھيا ۽ ھاٿين کي پوئتي موٽائي ڀڄڻ لڳا. ايتري ۾ ھڪڙي ديو اچي وزير کي ڪنڌ کان جھليو ۽ بادشاھھ جي اڳيان سندس سسي مروٽي ھليو ويو.

ٻئي ڏينھن تي بادشاھھ، ميان  ٽڪي کي باعزت گھرائي پنھنجي وڏور ڌيءَ سان شادي ڪرائي، کيس پنھنجو وزير مقرر ڪيو. ان کان پوءِ ٽڪو وزير پنھنجي چئني راڻين سان، باقي حياتيءَ جا ڏينھن عيش ۽ آرام سان گذارڻ لڳو.


 

١٣– ڪاٺير بادشاھھ *

 

ھڪڙو غريب ڪاٺير ھو، جو ڪاٺيون ڪري پنھنجو ۽ ٻچن جو گذران ڪندو ھو. ھڪڙي ڏينھن جيئن ڪاٺيون شھر ۾ کپائڻ آيو، تيئن منھن ۾ بادشاھھ جو خاص بورچي مليس. ھن جون ڪاٺيون بھ ھيون موچاريون، سو بورچيءَ چيس تھ: اھي ڪاٺيون شاھي بورچيخاني تي ھلي لاھھ. ڪاٺير بورچيءَ سان گڏجي ويو ۽ وڃي ڪاٺيون بورچيخاني تي لاٿائين. بورچيءَ ھن کي قيمت بھ سٺي ڏني ۽ چيائينس تھ: روزانو ڪاٺيون ڏيندو ڪر. بورچيءَ وٽ انھيءَ وقت شاھي لقمي مان ڪجھھ بچيل ھو، اھو بھ ھن کي ڏنائين. ڪاٺير ويچاري جو بادشاھي کاڌو چکيو، سو حيرت ۾ پئجي ويو، ۽ بورچيءَ کي چيائين تھ: ھيءُ تھ واھھ جو طعام آھي، ھن تي خرچ بھ تھ ڏاڍو ٿيندو ھوندو؟ بورچيءَ چيس تھ: ھي کاڌو خاص بادشاھھ کائيندو آھي. جيڪڏھن توکي اھڙو کاڌو ڍءُ تي کائڻو آھي، تھ اوترا پئسا ڏي تھ طعام تيار ڪري ڏيانءِ. ڪاٺير چيو تھ: رڳو آءٌ کاوان ۽ منھنجا ٻچڙا نھ کائين، اھا ڳالھھ سٺي نھ آھي، تنھنڪري ليکو ڪري ٻڌاءِ تھ ڪيترا پئسا لڳندا، جو اسان سڀئي ھڪ ڀيرو ھيءُ طعام ڍؤ ڪري کائون، ٻيو تھ مون وٽ ڪي بھ ڪينھي، باقي روزانو ٻھ ڀريون ڪاٺين جون آڻيندس ..... ھڪ ڀريءَ جو ملھھ تو وٽ تيسين امانت رکي، باقي ھڪ ڀريءَ جو ملھھ وٺي، ٻچن جو پيٽ قوت ڪندو رھندس. پوءِ جڏھن اھي پئسا پورا ٿين، تڏھن تون اسان کي اھو کاڌو تيار ڪري ڏج، تھ ھڪ ڀيرو مان ۽ منھنجا ٻچا اھو کائي ڍؤ ڪريون. بورچيءَ ھن کي چيو تھ: چڱو، تون پورا ٻارھن مھينا روزانو ھڪڙي ڀري امانت رکندو وڃ، ٻارھن مھينن کان پوءِ تنھنجا ايترا پئسا مون وٽ ٿي ويندا، جو توکي ھڪڙو ديڳڙو انھيءَ طعام جو تيار ڪري ڏيندس.

ڪاٺير اھا ڳالھھ ٻڌي سڌو پنھنجي گھر آيو، ۽ گھر جي ڀاتين سان اچي ڳالھھ ڪيائين تھ: اڄ مون بادشاھي طعام جا ٻھ – ٽي گراھھ کاڌا آھن، پر انھن جي ڪھڙي خبر ڪريان! شاھي بورچيءَ سان صلاح ڪري آيو آھيان، تھ ھڪ دفعو اسين سڀئي اھو طعام ڍؤ ڪري کائون ...... پر ان لاءِ توھان سڀني کي ٻارھن مھينا مون سان گڏ ڪاٺيون ڪرڻيون پونديون. ڪاٺير جي ڀاتين بھ اھا ڳالھھ قبول ڪئي. پوءِ تھ روزانو گھر جا سڀئي ڀاتي ڏاڍي شوق سان ڪاٺيون ڪرڻ لڳا ۽ ڏينھن ڳڻڻ لڳا تھ خير جا ٻارھن مھينا گذرن تھ ڪو بادشاھي کاڌي جو مزو وٺون. چوندا آھن تھ ”جنھن ۾ ماڻ پيو، سا راھھ رھندي ڪيترو.“ آخر ھلندي ھلندي ٻارھن مھينا بھ ائين اچي پورا ٿيا ۽ بورچيءَ بھ بادشاھي طعام جو ديڳڙو تيار ڪري کڻي ڪاٺير کي ھٿ ۾ ڏنو. ھو ديڳڙو کڻي گھر ڏانھن راھي ٿيو. ھوڏانھن ڪاٺير جي گھر جا سڀئي ڀاتي بھ انتظار ۾ ويٺا ھئا، تھ اجھو ٿو بادشاھي طعام اچي، ۽ کائي ٿا ڍؤ ڪريون!

ڪاٺير گھر ڏانھن ايندي اڃان ٿورڙوئي پنڌ مس ڪيو، تھ واٽ تي ھڪڙو فقير گڏيس؛ جنھن چيس تھ: بک اٿم ....... خدا ڪارڻ ڍؤ ڪراءِ! ڪاٺير کي بھ الله ڏنو ايمان، سو دميل ديڳڙو ئي کڻي فقير جي اڳيان لاھي رکيائين. ھڪڙو فقير ھو بکايل، ٻيو طعام ھو بادشاھي، سو نھ بچيو ديڳڙي ۾ ڪو ڪڻو ۽ ڪاٺير جي ڏسندي ڏسندي سڄو ديڳڙو خالي ٿي ويو. ڪاٺير پوءِ خالي ديڳڙو کڻي ٿيو گھر راھي. سندس ڀاتي جن سڄا سارا ٻارھن مھينا ڪاٺيون ڍويون ھيون، سي سندس واٽ واجھائي رھيا ھئا ۽ ھن کي  پري کان ئي ديڳڙو مٿي تي ڏسي، گد گد ٿيڻ لڳا. ننڍڙا ٻار تھ ڊوڙي اچي ھن کي چنبڙيا. آخر ڪاٺير اچي گھر پھتو ۽ خالي ديڳڙو اچي گھر وارن جي اڳيان لاھي رکيائين. سڀئي ڀاتي حيرت ۾ پئجي ويا، تھ ھي وري ڇا ٿيو؟ ڪاٺير چين تھ: غم نھ ڪريو. ھي ديڳڙو ستن ڏينھن جي ھڪڙي بکئي فقير کي خيرات ڪري آيو آھيان. پاڻ وري ڪاٺيون ڪري ٻيو ديڳڙو تيار ڪرائي وٺنداسين.

 ٿورا گھڻا ڏينھن گذريا تھ ان ملڪ جو بادشاھھ گذاري ويو. بادشاھھ کي اولاد ھو ئي ڪونھ، سو مرڻ مھل وصيت  ڪري ويو تھ صبح جو سوير منھنجو جنازو کڻجو، ۽ جيڪو پھرين ماڻھو منھن چڙھيو، تنھن کي منھنجي جاءِ تي پنھنجو بادشاھھ ڪجو. ڪاٺير بھ ھميشه وانگر ڍڪيءَ جو اٿي ويو ھو ڪاٺيون ميڙڻ، سو جيئن صبح سنئون ڪاٺين جي ڀري مٿي تي رکي شھر جي دروازي وٽ پھتو، تيئن ماڻھن وٺي وھنجاري سھنجاري، شاھي ويس وڳا پھرائي، تخت تي ويھاريس. پوءِ سندس گھر جي ڀاتين کي بھ ماڻھو وٺي آيا، جي پھريائين تھ ڏاڍا ڊنا، پر پوءِ ڳالھھ ٻڌڻ تي خوش ٿي اچي شاھي محل ۾ داخل ٿيا. بادشاھي بيپرواھي! غريبن جا لحظي ۾ ئي غم لھي ويا.

ڪاٺير بادشاھھ ڏاڍي سھڻي نموني سان حڪومت ھلائڻ لڳو، پر سندس راڻيءَ اچي انگل ڪرڻ شروع ڪيا ۽ وچ درياءَ ۾ محلات ٺھرائي ويھي رھي. ھڪ ڀيري درياءَ کي ھجي چاڙھھ، سو ھن بھ محلات مان بيٺي درياءَ جو ديدار ڪيو. درياءَ ۾ ھڪڙو جھاز ڪٿي ڪو ڌڪجي پيو ھو، ان جو ھڪڙو ماڻھو لڙھندو تڙڳندو، لھرين جون لپيٽيون جھليندو، اچي راڻيءَ جي محلات وٽان چڙھيو. راڻيءَ ھن شخص کي ائين لڙھندي غوطا کائيندي ۽ ھٿ پير ھڻندي ڏٺو، سو کيس اھو ”تماشو“ ٿي آيو ۽ بادشاھھ کي چيائين تھ: روز ھڪڙو ماڻھو فلاڻي ھنڌان درياءَ ۾ ڦٽو ڪيو وڃي؛ جو ائين ترندو تڙڳندو ھت اچي پھچي تھ مان بيھي مزو ڏسان. ويچاري ڪاٺير بادشاھھ انھيءَ ڪم کان ڏاڍو نٽايو ۽ ھيٺاھيون .

مٿاھيون ورتائين تھ اھو ظلم جو ڪم آھي، من راڻي انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃي ...... پر راڻي پنھنجي ھٺ تان نھ لٿي. آخر بادشاھھ اھو حڪم جاري ڪيو. پوءِ روزانو ھڪڙو ماڻھو درياءَ ۾ اڇلايو ويندو ھو ..... ڪي تھ تري اچي راڻيءَ جي محلات کان چڙھندا ھئا، پر گھڻا ويچارا ائين ئي وچ درياءَ ۾ ٻڏي ويندا ھئا. ماڻھن جو ھيءُ حال ڏٺو، سو منجھن اچي ناراضگي پيدا ٿي ۽ چوطرف بادشاھھ لاءِ بددعائون شروع ٿي ويون.

ھڪ دفعي سڄي ملڪ جا ماڻھو گڏجي بادشاھھ وٽ لنگھي ويا، ۽ عرض ڪيائونس تھ: وڌيڪ ھيءُ ظلم ملڪ کان سٺو ڪو نھ ٿيندو، تنھن لاءِ ڪو تدارڪ ٿئي، نھ تھ ملڪ ۾ بغاوت ٿي پوندي! ٻئي ڏينھن ڪاٺير بادشاھھ پڙھو گھمايو تھ اڄ اسان جو وڏو شھزادو، درياءَ ۾ گھڙندو، ٻئي ڏينھن ٻيو شھزادو، ٽئين ڏينھن ٽيون- اھڙيءَ طرح جيستائين اسان جا شھزادا سلامت آھن، تيستائين اھي ئي راڻيءَ کي اھو تماشو ڏيکاريندا! راڻيءَ کي جڏھن بادشاھھ جي ھن حڪم جي خبر پيئي، تڏھن زار زار روئي اچي ھن جي پيرن تي ڪري ۽ عرض ڪيائين تھ: ھاڻي اھو حڪم رد ٿئي تھ اڳتي ڪو بھ ماڻھو درياءَ ۾ نھ اڇلايو وڃي، جيڪي ماڻھو درياءَ ۾ مئا آھن، انھن جو خون بھا منھنجن ھيرن جواھرن ۽ زر زيورن کي کپائي ادا ڪيو وڃي- آئندي مرڻ گھڙيءَ تائين ڪو بھ زر زيور نھ پائينديس! ڪاٺير بادشاھھ پوءِ راڻيءَ جو چوڻ وٺي، پنھنجو حڪم رد ڪيو، ۽ رعيت سان اھڙي عدل انصاف سان ھليو، جو سڄي عمر سڀڪو کيس دعائون ڪندو رھيو.


*  ھن ڳالھھ جون ٻھ روايتون اتر(تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ۽ (تعلقي روھڙي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان مليون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org