سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :12

 

٢٠– وزيرزادو ۽ سوداگرياڻي *

 

ھڪڙو بادشاھھ ھو، سو ھڪڙي ڏينھن اچي پنھنجي وزير سان ھوڏيو. بادشاھھ چئي تھ، علم وڏو، وزير چئي تھ، عقل وڏو. وزير بادشاھھ کي ڪيترائي مثال ٻڌايا، پر بادشاھھ پنھنجيءَ تان لھي ئي نھ. چئي: جنھن وٽ علم آھي، تنھن کي عقل جي ڪھڙي گھرج؟ وزير چيو تھ: جيئندا قبلا! برابر علم بھ سٺو آھي، پر جي ان علم واري شخص وٽ عقل نھ ھوندو، تھ ان جو علم ئي اجايو آھي. تنھن تي بادشاھھ چيو تھ: چڱو انھيءَ ڳالھھ جو آزمودو ڪنداسين ...... جي تنھنجي ڳالھھ ڪوڙي نڪتي تھ، وزيريءَ تان ھٽايو ويندين. وزير اھا ڳالھھ مڃي. بادشاھھ چيو تھ: تون پاڻ کي عقلمند ٿو سمجھين تھ تنھنجو اولاد بھ ضرور عقل وارو ٿيندو. ھاڻي تنھنجي گھر اميدواري آھي. جي توکي پٽ ڄائو تھ پوءِ ان کي اھڙي ھنڌ نپائبو، جتي نھ پڙھي سگھندو، ۽ نھ وري پڙھيل ماڻھن سان ڪچھري ڪري سگھندو. پوءِ ڏسنداسين، تھ ڪيئن ٿو عقلمند ٿئي! وزير اھا ڳالھھ قبول ڪئي.

خدا جي قدرت سان، ٿوري گھڻي ڏينھن وزير کي ھڪڙو سدا ملوڪ پٽ ڄائو. بادشاھھ حڪم ڪيو تھ: وزيرزادي کي محلات ۾ اڻ پڙھيل داين جي حوالي ڪيو وڃي! حڪم جي تعميل ڪئي ويئي. ڏينھن پٺيان ڏينھن گذرندا ويا. وزير زادو اڄ ننڍو سڀان وڏو، نيٺ اچي سمجھھ ڀريو ٿيو. کيس نھ پڙھايو ويو، ۽ نھ وري پڙھيلن جي صحبت ۾ رکيو ويو. قصو ڪوتاھھ – جڏھن جوان ٿيو، تڏھن دل ۾ خيال پيدا ٿيس تھ، آخر مون ڪھڙو ڏوھھ ڪيو آھي، جو ھن بند ۾ سزا ڀوڳيان؟ اھو ويچار ڪندي ڪندي، ڀڄڻ جون اٽڪلون ڳولڻ لڳو. نيٺ ھڪڙيءَ رات وجھھ ڏسي اتان کسڪي ھليو ويو.

انھيءَ شھر ۾ ھڪڙو وڏو سوداگر رھندو ھو، جو واپار سانگي پيو ولايتون وؤڙيندو ھو. ھن پنھنجيءَ زال کي چئي ڇڏيو ھو تھ: حياتيءَ تي ڀروسو ڪونھي، قضا پڇي ڪانھ ايندي آھي، آءٌ جي ٻن سالن اندر نھ اچي سگھان تھ پوءِ توتي فرض آھي تھ منھنجي حق ۾ سال ويھي، پوءِ ڀلي ٻيو حق ڪجانءِ. اھا ڳالھھ چئي جيئن سوداگر ويو، تيئن ٻھ سال گذري ويا ھئا. سندس زال بھ ائين ڪيو جيئن ھن چيو ھوس – سال عدت ۾ ويٺي، ۽ جنھن رات وزير زادو جند ڇڏائي ڀڳو ھو، تنھن رات سندس عدت جو مدو پورو ٿيو ھو. سو پنھنجي ھڪ ٻانھيءَ کي چيائين تھ: بھاني سان ڪنھن ماڻھوءَ کي ھتي وٺي اچ. مڄاڻ ڪو بادشاھھ بھ ڪو چمڙا پوش ڪيو پريان پئي آيو. ٻانھي يڪدم ھن کي سڏي چيو تھ: ادا! آءٌ رن زال آھيان، منھنجي ڍڳي سنڌوڙي بيٺي آھي، ڀلائي ڪري ھلي ڏھي ڏي! بادشاھھ کي ان تي قياس اچي ويو، سو ھن سان گڏجي گھر ويو. ٻانھيءَ ھن کي وٺي وڃي گھر ۾ ويھاريو ۽ سوداگرياڻيءَ کي ڄاڻ ڪيائين. ان وري سندس عقل پرکڻ لاءِ، ٻھ چار ڳجھارتون ٺاھي رکيون ھيون. سو پھريائين ٻانھيءَ ھٿان ھڪ ٿالھھ ۾ ٻھ گدرا – ھڪ ڪچو ھڪ پڪو – وجھي بادشاھھ ڏانھن موڪليائين. بادشاھھ يڪدم ڳاڙھو پڪل گدرو کڻي کائي ڇڏيو، ۽ ڪچو گدرو ڇڏي ڏنو. ٻانھيءَ وڃي سوداگرياڻيءَ کي ڳالھھ ٻڌائي، جنھن چيو تھ: ڀلو ڪم ٿيو. ھاڻي ٿڌو ۽ ڪوسو پاڻي جدا جدا ٿانون ۾ وجھي، وڃي اڳيان رکينس. ٻانھيءَ حڪم جي تعميل ڪئي. بادشاھھ ٿڌو پاڻي پيتو ۽ ڪوسي پاڻيءَ سان ھٿ منھن ڌوئي ٿانو خالي ڪري واپس ڪيا. ٻانھيءَ وري بھ وڃي سوداگرياڻيءَ کي حقيقت ٻڌائي. تنھن وري ٿوري مشڪ ڏنيس تھ بادشاھھ کي ڏيئي اچي، ٻانھيءَ مشڪ کڻي وڃي بادشاھھ کي ڏني، جو ڪپڙن ۽ بدن کي مکي بالم ٿي ويھي رھيو. ٻانھيءَ اھا خبر بھ سوداگرياڻيءَ کي وڃي ٻڌائي. تڏھن ٻانھيءَ کي چيائين تھ: ھن ڀوڪ کي ٻاھر اماڻي، ڪو ٻيو ماڻھو وٺي اچ. ٻانھيءَ در کولي، بادشاھھ کي ڌڪا ڏيئي ٻاھر ڪري ڇڏيو.

ٻانھي وري بھ اچي ٻاھر بيٺي. ايتري ۾ پريان وزيرزادو سھڪندو سھڪندو پئي آيو. ٻانھيءَ ان کي سڏي ساڳيءَ طرح چيو تھ: ابا! آءٌ رن زال آھيان، ڍڳي سنڌوڙي بيٺي اٿم، سا ھلي ڏھي ڏي. وزير زادي بيھي، خيال ڪري جواب ڏنس تھ: امڙ! ڍڳي ڏھڻ مون کي بھ ڪا نھ اچي، پر ھل .... ڪوشش ڪنداسين. ٻانھي ھن کي وٺي اندر ويئي. بادشاھھ بھ اڃان اتي ئي ڀر پاسي ۾ بيٺو ھو، تنھن خيال ڪيو تھ: ھي ڇا آھي؟ ڍڳي ڏھڻ جو بھانو ڪري، سڀني کي اندر پيئي وٺي وڃي! سو ڇا ڪيائين جو لڪي لڪي، اندر گھر ۾ گھڙي ويو ۽ ڪنڊ پاسو وٺي ويھي رھيو.

ٻانھيءَ وزير زادي کي بھ ساڳيءَ طرح ٻھ گدرا آڻي ڏنا. وزير زادي ڇا ڪيو جو ڪچي ۽ ڳاڙھي گدري جون ڏگريون ٺاھي، ڳاڙھي جي ڏگري ڪچي ۾، ڪچي جي ڳاڙھي ۾ ھڻي، ٿالھھ واپس کڻي ٻانھيءَ کي ڏنو، جو ھن وڃي سوداگرياڻيءَ کي ڏنو. وري ڪوسو ٿڌو پاڻي آيو. وزير زادي ڇا ڪيو جو ٻئي پاڻي گڏي، واپس ڏياري موڪليائين. وري مشڪ آئي، وزير زادي وري بھ ڇا ڪيو جو سموري مشڪ، کٽ جي پائي ھيٺان کڏ کوٽي پوري ڇڏي. ٻانھيءَ موٽي وڃي سوداگرياڻيءَ سان ڳالھھ ڪئي. جنھن تي ھن چيس تھ: چڱو ٿيو. ھاڻي ھن کي وڃي چئو تھ: تون ھينئر وڃ، اسين پاڻھي توکي ڳولي لھنداسين! وزير زادو يڪدم ٻاھر نڪري ھليو ويو.

بادشاھھ بيٺي اھو لقاءُ ڏٺو، تنھن کي اچي چورا کورا ٿي، تھ انھيءَ ۾ مڙئي ڪو راز لڪل آھي، سو ڪا اٽڪل ڪري معلوم ڪرڻ گھرجي. نيٺ وک کڻي وڃي وزير زادي کي جھليائين ۽ پڇيائينس تھ: ڇوڪرا! ڪير آھين، ۽ ھن بيگاھ وقت ۾ ڇو پيو رلين؟ وزير زادي دل جھلي چيس تھ: آءٌ غريب مسڪين آھيان، ڪنھن ڪم ڪار سانگي نڪري پيو آھيان. بادشاھھ کي تھ ڪنھن بھ صورت ۾ ھن کي جھلڻو ھو، سو ھڪدم کڻي ھٿڪڙيون ھنيائينس- چئي: تون چور آھين. پوءِ سڌو وڃي قيد ۾ ھنيائينس ۽ چوڪيدارن کي حڪم ڪيائين تھ: سڀاڻي صبح جو درٻار ۾ حاضر ڪجوس. صبح جو وزيرزادو درٻار ۾ پيش ٿيو. وزير پنھنجو پٽ ڏسي کامي ويو، پر ڪري ڪجھھ بھ نٿي سگھيو. ايتري ۾ بادشاھھ ھڪل ڪيس تھ: ڇوڪرا! ڪر خبر، رات ڍڳي ڪيئن ڏڌي! وزير زادي ٺھھ پھھ جواب ڏنس تھ: جيئن توھان ڏڌي! بادشاھھ چيو تھ سو وري ڪيئن؟ سچ ٻڌاءِ نھ تھ ڦاسيءَ تي چاڙھبئي. وزير زادي چيو تھ: بادشاھھ سلامت! ڦاسيءَ چاڙھين تھ ڀلي چاڙھھ، پر ڍڳي جيئن تو ڏڌي، تيئن مون بھ ڏڌي! بادشاھھ حڪم ڪيو تھ: يڪدم ڦاھيءَ تي ٽنگيوس! سپاھي ھن کي ڦاسي واري ھنڌ تي وٺي ويا. بادشاھھ دل ۾ خيال ڪيو تھ پاڻھي موت جي ڀؤ کان سچي ڪندو، پر ھو اھڙو ڪڇي جھڙي ڀت.

ھوڏانھن وري سوداگرياڻيءَ کي ٻانھيءَ وڃي ٻڌايو تھ: ڇوڪرو ٿو ڦاھي چڙھي، ويل ھيءَ اٿيئي، نھ تھ مڙس ٿو وڃي! تڏھن ھن پنھنجي نوڪرن کي ھڪڙو ٿالھھ سونين مھرن جو ڏيئي، ڦاسيءَ واري جاءِ ڏي موڪليو، ۽ چيائين تھ: وڃي چئو تھ انھيءَ ڇوڪري کان اسين مھرون پرکائينداسين، تھ سچيون آھن يا ڪوڙيون! نوڪر ڊوڙندا ڊوڙندا ڦاسي گھاٽ تي پھتا، ۽ آزيون نيزاريون ڪري ڦاسي روڪايائون. وزير زادي کي جڏھن مھرون ڏيکاريون ويون، تڏھن ھن چيو تھ: ميان! ھي مھرون آھن تھ سچيون، پر ھن بادشاھيءَ ۾ نھ ھلنديون! نوڪرن اھو جواب اچي سوداگرياڻيءَ کي ٻڌايو، جنھن وري مڱن جي لپ ۽ کير جو وٽو نوڪرن کي ڏيئي چيو تھ: ڇوڪري جي ھڪڙي پاسي مڱ ۽ ٻئي پاسي کير وڃي ھاريو. ھنن وڃي ائين ڪيو؛ تنھن تي وزير زادي چيو تھ: آءٌ سچي ٿو ڪريان، مون کي بادشاھھ وٽ وٺي ھلو.

چوڪيدار ھن کي وٺي بادشاھھ وٽ آيا. بادشاھھ بھ ھن کي ڏسي خوش ٿيو ۽ چيائين تھ: ڇوڪرا! خسيس ڳالھھ لاءِ ھروڀرو ٿي پنھنجي جواني وڃايئي. ھاڻي سچي ڪر تھ ڍڳي ڪيئن ڏڌي؟ وزيرزادي چيو تھ: بادشاھھ سلامت! جڏھن ڪچو پڪو گدرو مليم، تڏھن ان جون ڏگريون ڪري، ڪچي کي پڪي سان، ۽ پڪي کي ڪچي سان گڏي واپس موڪليم، انھيءَ جو اھو مطلب ٿيو، تھ ڪچِي پڪي گڏ کائينداسون. ھن وري ڪوسو ۽ ٿڌو پاڻي موڪليو، اھو بھ مون ملائي موٽائي ڏنو – انھيءَ جي معنيٰ اھا تھ ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ بھ گڏ گذارينداسين. وري مشڪ ڏياري موڪليائين، جا مون کڏ کوٽي پوري ڇڏي. انھيءَ جو مطلب ٿيو تھ اھا ڳالھھ ڳجھھ ۾ رھندي ۽ ڪنھن کي بھ سڌ نھ پوندي. پوءِ ھنن چيو تھ تون وڃ، توکي پاڻھي ڳولھي لھنداسين. ٻاھر نڪتس تھ توھين  منھن ۾ مليا. صبح جو مون کان سوال ڪيو، جنھن مان پڪ ٿي تھ اھا ڳجھارت توھان کي بھ مليل آھي. توھان جڏھن مون کان سوال ڪيو، تڏھن سوداگرياڻي سان ڪيل وعدي موجب نھ ٻڌايم، ۽ ڦاسيءَ چڙھڻ لاءِ راضي ٿيس. وري جڏھن اوھان ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو، تڏھن واٽ تي ھن جي ٻانھيءَ مون کي ڏٺو، جنھن وڃي سموري ڳالھھ کيس ٻڌائي. تنھن تي مھرن جو ٿالھھ پنھنجن نوڪرن ھٿان ڏياري موڪليائين، تھ ھي پرکي ڏي. مون جواب ڏياري موڪليو تھ، ھي مھرون آھن تھ سچيون، پر ھن ڏيھھ ۾ نھ ملنديون. انھيءَ ڳالھھ جو مطلب ھيءُ ٿيو تھ ھن چيو تھ سپاھين کي مھرون ڏيئي جند ڇڏاءِ. مون جواب ڏياري موڪليومانس تھ، ھي مھرن مان راضي نھ ٿيندا، ڇاڪاڻ تھ بادشاھھ کان ڊڄن ٿا. تنھن تي ھن مڱ ۽ کير موڪليو، جو سندس نوڪر آڻي ٻنھي پاسن کان ھاريو. ان جو مطلب اھو ٿيو تھ: ھن چوائي موڪليو تھ وات ۾ مڱ ڇو پيا اٿئي، کير وانگر اڇي ڳالھھ ڪري ڏي! پوءِ مون سپاھين کي چيو تھ، بادشاھھ وٽ وٺي ھلوم. ڇو جو ڳالھھ کولي ٻڌائڻ جي اجازت ملي ويئي اٿم. سو بادشاھھ سلامت! انھيءَ نموني ۾ ڍڳي ڏڌي.

ايتري ۾ وزيرزادي جي ٻانھي بھ سھڪندي سھڪندي اچي درٻار ۾ پھتي، ۽ بادشاھھ کي چيائين تھ: بادشاھھ سلامت! وزيرزادو رات الاجي ڪيڏانھن گم ٿي ويو آھي. تنھن تي وزير يڪدم چيس تھ: انڌي! ڏسين نٿي ھو وزيرزادو بيٺو آھي! ٻانھيءَ رڙ ڪري چيو تھ: ھائو ھائو، ھيءُ وزيرزادو آھي! اِتي بادشاھھ جا ٺپ ٺري ويا. تنھن تي وزير ياد ڏياريس تھ: بادشاھھ سلامت! ڪيئن ٿا ڀانيو، علم وڌيڪ يا عقل؟ بادشاھھ پنھنجي ھار مڃي، وزير کي کڻي ڀاڪر پاتو. پوءِ وزيرزادي جي شادي، سوداگرياڻيءَ سان نھايت ڌام ڌوم سان ڪرائي، کين دولت سان ڍئي ڇڏيائين.


 

٢١– دوستي زال جي مرد جي؟ *

 

ھڪڙي بادشاھھ جي ڪنھن عورت سان ڏاڍي دل ھوندي ھئي. ھوءَ پنھنجي مڪر ۽ فريب سان بادشاھھ کي سچي دوستيءَ جو اعتبار ڏيندي ھئي، ۽ چوندي ھيس تھ: منھنجو ساھھ بھ توتان قربان آھي. ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ پنھنجي وزير کي چيو تھ: وزير! دوستيءَ ۾ زال ذات ڏاڍي پختي ٿيندي آھي. وزير عرض ڪيو: سائين! دوستي مرد جي ....... عورت کي دوستيءَ جي ڪھڙي خبر تھ دوستي ڇا ٿيندي آھي! بادشاھھ ھڪ تي، وزير ٻيءَ تي، آخر ٻنھي پاڻ ۾ شرط ٻڌي، انجام ڪيو تھ ٻنھي مان جيڪو شرط ھارائيندو، سو پورا ڇھھ مھينا پلنگ تي نھ سمھندو.

پھريائين بادشاھھ چيو تھ: زال جي دوستي آزمائجي. سو وزير کي ساڻ ڪري آيو عورت جي مڪان تي، ۽ ڇوٽ ۾ اچي چيائينس: ڀلو ٿيئي! سڄي بادشاھي مون مان ناراض ٿي پيئي آھي، ۽ ارادو ڪيو اٿن تھ راتو رات مون کي ماري، وزير کي کڻي تخت تي ويھارين، سو ھاڻي بادشاھي تھ وڃي کڏ ۾ پوي، پر سر ٿو وڃي..... ھاڻي ڀلائي ڪري رات مون کي پنھنجي گھر ۾ لڪڻ ڏي، صبح جو پنھنجو بلو پاڻيھي ڪندس. عورت جا حواس ئي گم ٿي ويا – چئي: بادشاھھ سلامت! واھھ تنھنجي دوستي! پاڻ تھ مرين ٿو، پر مون کي بھ ٿو مارائين؟ سڄي جھان کي خبر آھي، تھ تنھنجي مون سان دوستي آھي، تنھنڪري ھو مارڻ وارا توکي ھتي بھ ضرور ڳولڻ ايندا، سو سائين منھنجا! ھتان کسڪ.

وزير ٻاھر لڪو بيٺو ھو، تنھن ھنن جي سڄي گفتگو بيٺي ٻڌي.جڏھن بادشاھھ نا اميد ٿي موٽي آيو، تڏھن وزير چيس تھ: بادشاھھ سلامت! ياري ھميشھ مرد جي ھوندي آھي، زال جي ڪھڙي ياري؟ ھاڻي مون سان گڏجي ھلي ڏسو تھ مرد ڪيئن ٿا ياري نباھين! منھنجا ٽي دوست آھن: ھڪ حجم، ٻيو چور ۽ ٽيون فقير. ھلي ٿا انھن کي آزمايون. بادشاھھ اھا ڳالھھ قبول ڪري، ھن سان گڏ روانو ٿيو.

بادشاھھ ۽ وزير جڏھن حجم جي گھر وٽ پھتا، تڏھن بادشاھھ ٻاھران لڪي بيٺو، ۽ وزير حجم کي سڏ ڪيو. حجم نڪري آيو ۽ وزير کي ڀاڪر پائي اچي مليو. پوءِ خبرون پڇيائينس تھ: ادا! ھن وقت ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟ وزير ٻڌايس تھ: بادشاھھ سلامت ڪنھن ڳاھھ تان مون تي ناراض ٿيو آھي، سو سڀاڻي مون کي ڦاسيءَ تي چاڙھيندو. دل ۾ خيال ڪيم تھ سڀاڻي متان موقعو نھ ملي – تنھنڪري راتوڌو يارن کان موڪلائي اچان. حجم اھا ڳالھھ ٻڌي، وزير کي چيو تھ: سائين! پرواھھ نھ ڪر، مان روزانو صبح جو بادشاھھ جي حجامت بنائڻ ويندو آھي. سانجھيءَ پاڪي اھڙي ٿو لائي رکان، جو سڀاڻي رڳو بادشاھھ جي گردن تي رکڻ جي دير ٿيندي، نھ بادشاھھ ھوندو، نھ توکي ڦاسي ڏيندو. ھاڻي تون ڀلي وڃي مزي سان ننڊ ڪر! بادشاھھ اھا ڳالھھ ٻڌي عبرت ۾ پئجي ويو. جڏھن وزير گھڙي کن ڪچھري ڪري، حجم کان موڪلائي بادشاھھ وٽ آيو، تڏھن چيائينس تھ: سائين! سڀاڻي ھوشيار رھجو، متان حجامت ڪرائڻ وقت گردن ئي نھ لڀي. پوءِ تھ وري ڳالھيون ڪندا، چور جي گھر ڏانھن روانا ٿيا.

چور جي در تي پھچي، بادشاھھ وري بھ ھڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي ويھي رھيو، ۽ وزير اچي چور کي سڏ ڪيو. سڏ تي ھن اندران ئي سڏ جو جواب ڏنو، پر ٻاھر ڪو نھ نڪتو. ڪجھھ وقت کان پوءِ وزير وري سڏ ڪيو، مگر چور وري بھ اندران جواب ڏنو، باقي ٻاھر ڪونھ نڪتو. آخر جڏھن ٽيون سڏ ڪيائين، تڏھن ھو ٻاھر نڪتو. وزير پڇيس تھ: يار! اڳي تھ  ھڪدم ٻاھر نڪري ايندو ھئين، اڄ ڇو ايتري دير ڪيئي؟ تڏھن چور ٻڌايس تھ: يار! اڄ تون اويلو آيو آھين، خيال ڪيم تھ متان پٺيان ڪو دشمن نھ ھجيس، تھ پوءِ ھٿين خالي ڇا ڪندس. تنھنڪري ترار ڪلھوٽي مان ڪڍيم، وري ان تان ويڙھيل اڳڙيون ٿڳڙيون لاٿم، تيسين دير ٿي ويم، ھاڻي حڪم تنھنجو! سر بھ حاضر آھي ۽ ھٿيار بھ ھٿ ۾ آھي. وزير چيس تھ: ادا! اڄ خير ڪونھي، بادشاھھ سلامت مون تي ڏاڍو ناراض ٿي پيو آھي، سو سڀاڻي مون کي ڦاھيءَ چاڙھيندو، ان ڪري چيم تھ رات ئي رات ۾ يارن دوستارن کان موڪلائي وٺان! تنھن تي چور چيس تھ: ادا! ڳالھھ بھ اھا ؟ مون کي رڳو ايترو ٻڌاءِ، تھ رات جو بادشاھھ ڪٿي سمھندو آھي؟ رات ئي رات ۾ ٿو سر لاھي اچانس – پوءِ سڀاڻي نڪو ھوندو، نڪي توکي مارائيندو. ھاڻي وڃي بي کٽڪو ٿي سمھي رھھ! وزير، چور کان موڪلائي جڏھن بادشاھھ سان مليو، تڏھن چيائينس تھ: بادشاھھ سلامت! رات جو خيال ڪري سمھجو! چور آھي منھنجو دوست، مڙندو بنھھ ڪونھ.

اتان ٿي ٻئي ڄڻا، باقي ٽئين دوست کي آزمائڻ لاءِ رروانا ٿيا. جڏھن فقير جي اوتاري وٽ پھتا، تڏھن بادشاھھ وري بھ ھڪڙي ڪنڊ جھلي بيھي رھيو. وزير وڃي فقير کي سڏ ڪيو. ھو سڏ تي قلندري ڏندو ڪڇ ۾ ڪري، ٻاھر نڪري آيو. وزير کي در تي ڏسي پڇيائينس تھ: وزير! خير تھ آھي، ھن وقت اڄ ڪيئن نڪري پيو آھين؟ فقير کي ادب سان چيائين تھ: فقير سائين! بادشاھھ سلامت جي ڪاوڙ کي سڃاڻين ٿو، ھروڀرو اچي ناراض ٿيو آھي، ۽ حڪم ڪيو اٿس تھ سڀاڻي مون کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو وڃي. تڏھن خيال آيم، تھ ڇو نھ يارن کان موڪلائي اچان. فقير چيس تھ: بس بابا! ڳالھھ بھ ايتري؟ جي بادشاھھ توکي ڦاھيءَ چاڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، تھ سندس تخت بھ وري اونڌو ڏسندين. تون ماٺ ڪري وڃي سکيو ٿي سمھھ، صبح جو مان پاڻيھي اچي ڦاسيءَ واري جاءِ تي حاضر ٿيندس.... جي بادشاھھ نھ مڙيو تھ شھر ئي اونڌو ھوندس. فقير کان موڪلائي وزير اچي بادشاھھ سان مليو ۽ چيائينس تھ: سائين! يار آھن ٽيئي سچار – خيال ڪجو، متان جھڳو ئي نھ سڃ ٿي وڃي.

بادشاھھ دل ۾ خيال ڪيو تھ سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان رات جو ڪو بندوبست ڪجي، سو ڇا ڪيائين تھ گھوڙن جي سئيس کي اٿاري پنھنجي جاءِ تي سمھاريائين ان کي تاڪيد ڪيائين تھ: ننڊ ھرگز نھ ڪج – نھ تھ سر سلامت نھ رھندئي؟ سئيس گھڻيئي ڪن ٽار ڪئي تھ: سائين! مان اوھان جي ھنڌ تي ڪيئن سمھان؟ پر بادشاھھ چيس تھ توکي حڪم مڃڻو آھي. پوءِ تھ ھڪ سئو سپاھي پنھنجي ھنڌ تي پھريدار بيھاري، پاڻ وڃي سئيس جي ھنڌ تي سمھي رھيو.

چور بھ ھئو مئو ٽاري، اچي بادشاھھ جي محلات ۾ پھتو، پر سخت پھرو ڏسي منجھي پيو. سڄي رات انھيءَ تاڙ ۾ رھيو تھ ڪنھن طرح پھري وارا ڪجھھ غافل ٿين، تھ پوءِ بادشاھھ جو سر لاھيان. آخر جڏھن اسر ٿيو، تڏھن پھري وارن کي ننڊ جا گھيرٽ اچڻ لڳا. ھيءُ مڙس بھ وجھھ وٺي، پھري وارن سان رلجي ويو، ۽ آخر وڃي بادشاھھ جي پلنگ تي پھتو، ۽ يڪدم ڪڍندي ترار ٺڪاءُ جو کڻي ڪري، تھ سئيس جو سر ڌڙ کان جدا ٿي وڃي پلنگ کان ھيٺ ڪريو. پوءِ لڪي لڪي محلات کان ٻاھر ھليو ويو.

صبح جو بادشاھھ اچي ڏسي، تھ سئيس جو سر ڌڙ کان ڌار آھي. ڌڻيءَ جو شڪر ڪيائين جو پاڻ بچي ويو ھو. دل ۾ خيال ڪيائين تھ، وزير جو ھڪ دوست تھ سچو نڪتو، باقي ٻيا ڏسجن. اڃان انھيءَ خيال ۾ بيٺو ھو، تھ حجم بھ سامان سميت اچي حاضر ٿيو. بادشاھھ کي رات واري ڳالھھ ياد  بيٺي ھئي، سو حجم کي چيائين تھ: مان اڄ حجامت ڪونھ ڪرائيندس، تون سڀاڻي اچج. حجم عرض ڪرڻ لڳو تھ: جيئندا قبلا! ھي عاليشان پاڪي، مان ڏاڍيءَ محنت سان تيار ڪري آيو آھيان، اوھان حجامت ڪرائي تھ ڏسو! پر بادشاھھ صاف انڪار ڪيو. تڏھن وري حجام چيس تھ: سائين! سڀاڻي مان ٻاھر ويندس، تنھنڪري توھين اڄ ضرور حجامت ڪرايو. بادشاھھ کي اچي پنھنجي خوف ورتو، ھوڏانھن حجم کي اھو خيال تھ ”متان قولئون نھ ڪوڙو ٿيان ..... سو پاڪي ٻاھر ڪڍي حجامت ٺھرائڻ لاءِ بادشاھھ کي مجبور ڪرڻ لڳو. بادشاھھ کي پڪ ٿي، تھ ھاڻي خير ڪونھي – تنھن پھري وارن سپاھين کي حڪم ڏنو تھ حجم کي يڪدم ھتان لوڌي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو.

نيٺ اھو وقت آيو جو بادشاھھ، وزير کي گھرائي ڦاسيءَ جو دڙڪو ڏيڻ لڳو. فقير بھ ھڪڙي ڪنڊ جھلي اچي ويٺو ھو، تنھن بادشاھھ کي عرض ڪيو تھ: جيڪڏھن وزير کي ڦاسيءَ تي لٽڪائيندين تھ تخت بخت سڀ اونڌو ٿي ويندءِ! ايتري چوڻ سان يڪدم تخت کي ھڪ معمولي لوڏو آيو، ۽ بادشاھھ، تخت سميت ٿاٻڙجي وڃي پري ڪريو. تڏھن بادشاھھ کي يقين آيو، تھ واقعي ھي فقير بھ ڪو پھتل شخص آھي، سو يڪدم وڃي فقير جي پيرن تي ڪريو ۽ ان کان معافي ورتائين. پوءِ وزير کي گھرائي چيائين تھ: بيشڪ تنھنجا دوست سچا آھن، ۽ دوستي بھ واقعي مرد جي.... زال جي ياري بي اعتبار آھي.

پوءِ وزير جي دوستن کي گھرائي، ڏاڍا انعام اڪرام ڏيئي خوش ڪيائين، ۽ پاڻ بھ انھن سان دوستي ڳنڍيائين. تنھن کان پوءِ ان عورت کي گھرائي، تمام بيعزتو ڪري شھر نيڪالي ڏيئي ڪڍي ڇڏيائين. اھڙيءَ طرح وزير شرط کٽي، جنھن ڪري انجام موجب بادشاھھ پورا ڇھھ مھينا پلنگ تي نھ ستو.


*  ھيءَ ڳالھھ وچولي (تعلقي شھدادپور) مان ظفر بلوچ کان ملي.

*  ھيءَ ڳالھھ اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org