سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :1

لوڪ ڪهاڻيون-2

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

 

مھاڳ

 

سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سھيڙڻ لاءِ ھڪ تفصيلي تجويز، سنھ ١٩٥٥ع ۾، ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامھون رکي وئي، جا ١٩٥٦ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق، جنوري ١٩٥٧ع کان لوڪ ادب سھيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو؛ انھيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، تھ ڏنل ھدايتن موجب، ٻھراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، تھ مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاھران آيل مواد کي ھدايتن موجب ورڇي ورھائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.

پھريان ٻھ سال، ١٩٥٧ع ۽ ١٩٥٨ع، لوڪ ادب جي مواد، سھيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انھيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گھربل ڳالھيون ھٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو؛ ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي ھر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگھڙن سان ڪچھريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي ھر پھلوءَ کي سمجھڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انھيءَ سعيي ۽ ھمت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رھيو آھي، جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي ھر ڀاڱي بابت، نموني طور ھڪ ڪتاب مرتب ڪري سگھجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال ١٩٥٩ع کان شروع ڪيو ويو آھي.

ھت ٻھ ڳالھيون واضح ڪرڻ ضروري آھن:

پھريون تھ ھن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اھي جملي جنسون، جيڪي ھن وقت تائين ٻھراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آھن، تن کي ”لوڪ ادب“ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آھي. انھيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آھن، مثلا: مداحون، مولود، ٽيھھ اکريون، ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن تھ اھي ھن وقت تائين ٻھراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشھور آھن، انھيءَ ڪري انھن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آھي. انھيءَ لحاظ سان، ھن تجويز ھيٺ گڏ ڪيل ”لوڪ ادب“ کي بعينه، ”فوڪ لور“ (Folklore) جي مغربي مفھوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نھ ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شھري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نھ ڪئي آھي، جو اھا خواص جي زندگيءَ ۽ تمدن جو، يا ”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃان تائين ڳوٺ آھي، ۽ انھيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اھو ئي آھي، جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آھي. انھيءَ ڪري ھن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ”لوڪ ادب“ ۽ ”معياري ادب“ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگھجي.

ٻيو تھ ھن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ نھ ٿي سگھيو آھي، ان جي سھيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آھي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاھھ سمنڊ سوجھي، مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آھي. البتھ جو ڪجھھ گڏ ٿي سگھيو آھي، سو لوڪ ادب جي ھر جنس بابت مثالي مواد آھي. انھيءَ لحاظ سان ھن تجويز ھيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد تھ آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

”لوڪ ادب تجويز“ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي عملي سربراھي توڙي تڪميل ۾ گھڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آھن. اول تھ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن ھن تجويز کي سنھ ١٩٥٦ع ۾ منظور ڪيو؛ ان بعد گھربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانھن ٻيلي ٿيا آھن. ھن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باھمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن، توڙي انھن مڙني دوستن جو حصو آھي، جن بنده لاءِ سگھڙن کي ڳولي ھٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچھري ڪرڻ ۾ پنھنجي ھڙان وڙان مدد ڪئي.

”لوڪ ادب تجويز“ ھيٺ ”لوڪ ڪھاڻين“ جا ھيٺيان ست ڪتاب مرتب ڪري شايع ڪرائڻا آھن: (١) بادشاھن ۽ راڻين، شھزادن ۽ شھزادين جون ڳالھيون، (٢) باشاھن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڳالھيون، (٣) پرين، ديون، جادوگرن ۽ ڏائڻين جون ڳالھيون، (٤) بادشاھن، شاھوڪارن، ڏاھن، ٺڳن ۽ ٻين جون ڳالھيون، (٥) ٻاراڻيون آکاڻيون، (٦) جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون ۽ (٧) ڳاھن سان ڳالھيون. جيئن تھ ھن سلسلي جي پھرئين ڪتاب جي مقدمه ۾ لوڪ ڪھاڻين جي عملي اھميت ۽ ابتدا، اھم ڪردارن جي نوعيت، تاريخي پس منظر ۽ اندروني سٽاء وغيره جي مکيھ پھلوئن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آھي، تنھنڪري ھتي فقط ھن ڪتاب ۾ شامل آکاڻين جي اندروني سٽاءَ تي بحث ڪيو ويو آھي.

مجموعي طور ھي ڪتاب ”لوڪ ادب“ سلسلي جو ٻاويھون ڪتاب آھي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ ١٩٥٨ع تائين گڏ ٿيو؛ سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، ڊسمبر ١٩٥٩ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو؛ ۽ مارچ ١٩٦٢ع ۾ مسوده جي آخرين صحيح ڪري، پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا ھن ڪتاب جي مواد کي اتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم شيخ محمد اسماعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي، ۽ مسوده تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آھي.

مئنيجر ڪو آپريٽو پرنٽنگ پريس، ۽ سندس ساٿين ڪتاب کي جلد ۽ سھڻي نموني سان ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي. ولي محمد طاھرزادي ان جا پروف پڙھيا.

سنڌي يونيورسٽي،

حيدرآباد سنڌ

٣ – فيبروري ١٩٦٣ع

خادم العلم

نبي بخش

ام للانسان ماتمنيٰ٠ فلله الاخرة والاوليٰ

 

مقدمه

 

”سنڌي لوڪ ڪھاڻين“ جي سلسلي جو ھيءُ ٻيو ڪتاب آھي. عام لوڪ ڪھاڻين جي علمي اھميت ۽ ابتداء، انھن جي اوسر ۽ ارتقاء، مخصوصي ڪردارن ۽ سٽاء، توڙي خاص سنڌي لوڪ ڪھاڻين جي خصوص اجزاء، روايت ۽ صحت تي، ھن سلسلي جي پھرئين ڪتاب جي مقدمي ۾ تفصيل سان روشني وڌي وئي آھي.

ھن مجموعي ۾ شامل ڪھاڻين کي مرڪزي خيال جي لحاظ سان ھيٺين طور تي ورڇي سگھجي ٿو:

* ھمتون ۽ ڪشالا: ڪھاڻي نمبر ١، ٢، ١٢، ١٤، ٢٧، ٣٠، ٣١.

* تڪڙ ڪم شيطان جو: ڪھاڻي نمبر ٤،٣.

* وعدي خلافيءَ جي سزا: ڪھاڻي نمبر ٥.

* ڏند ڪٿا: ڪھاڻي نمبر ٦.

* نصيحت: ڪھاڻي نمبر ٧، ١١، ٢٦، ٣٤، ٣٨.

* مرد جو عقل: ڪھاڻي نمبر: ١٠، ١٧، ١٩، ٢٠، ٢٢، ٢٨، ٣٣، ٣٧ .

* عورت جو عقل: ڪھاڻي نمبر ٨، ١٨، ٢٥، ٣٢.

* ڀاڳ ۽ نڀاڳ: ڪھاڻي نمبر ٩، ٢٩.

* خيرات جي برڪت: ڪھاڻي نمبر ١٣.

* دوستيءَ جو ننگ: ڪھاڻي نمبر ١٥، ١٦، ٢١.

* عشق ۽ محبت: ڪھاڻي نمبر ٢٣، ٢٤ .

* بيوقوفي: ڪھاڻي نمبر ٣٥، ٣٦.

انھن ڪھاڻين جي سٽاء، مجموعي طور ھن سلسلي جي پھرئين جلد ۾ شامل ڪھاڻين جھڙي آھي. انساني ڪردارن ۾ بادشاھھ، شھزادا، شھزاديون، امير، وزير، سوداگر ۽ عام ماڻھو شامل آھن؛ غيبي ڪردارن ۾ ديو، جّن، ۽ پريون اچي وڃن ٿا. ازانسواءِ جادوگرياڻيون ۽ راڪاس پڻ ڪن ڪھاڻين جا ڪردار آھن. جتي غيبي ڪردار پنھنجن ڪمن ۾ مصروف آھن، اتي سندن مقابلي ۾ انساني طاقتون پڻ پنھنجي پوري قوت سان نظر اچن ٿيون. ٻنھي مان فتح انھن جي ٿئي ٿي، جيڪي حق تي آھن. نيڪي ۽ بَديءَ جي اھا جنگ تڏھن کان ھلندڙ آھي، جڏھن کان انسان ۾ غور ۽ ويچار جو مادو پيدا ٿيو.

ڪھاڻين جا ڪردار:

ھن جلد جي ڪھاڻين ۾ غيبي ڪردارن جون خوبيون ۽ خاميون لڳ ڀڳ ساڳيون آھن، جيڪي ھن کان اڳ پھرئين جلد جي ڪھاڻين ۾ نروار ٿيل آھن.

ديو: ديو، انسان تي مھربان آھي؛ ھو شھزادي گل منير جي نئين جوانيءَ تي رحم کائي، سندس مدد ڪري ٿو(1). ساڳئي وقت ديو انسان جو دشمن بھ آھي؛ ھو شھزادي جي روح تي قبضو ڪري ٿو، جنھن ڪري شھزادو روز مري ۽ جيئي ٿو؛ کيس جيڪي ماڻھو ڪانڌي ٿي قبرستان کڻي وڃن ٿا، تن کي ديو کائي کپائي ڇڏي ٿو.(2) ديو، صورتون پڻ بدلائين ٿا. مثلا: ديو، سوداگر، جي زال تي عاشق ٿئي ٿو، ۽ پوءِ فقير جو ويس ڌاري، خيرات وٺڻ جي بھاني سان سوداگر جي زال کڻي اڏامي وڃي ٿو(3). ديو پڻ ڪرشمو ڪري ٿو، يعني تھ سوداگر ۽ سندس ڀاءَ کي شوڪارو ھڻي پنڊ پھڻ ڪري ٿو(4). پڻ ديو جي سسيءَ مان ڪرندڙ رت جا ڦڙا جڏھن ھيٺ ڪرن ٿا، تڏھن ھيرن موتين ۾ بدلجي وڃن ٿا(5).

پريون: پري، جادوگرياڻيءَ جي پٽ سان گڏ اڌ رات جو چوپڙ راند کيڏڻ لاءِ اچي ٿي. ھوءَ ايڏي طاقتور آھي، جو انسان کي ماري بھ سگھي ٿي(5). پرين جي ملڪ جو بادشاھھ پکي جھلڻ تي اچي ٿو ۽ وري پکي جھلڻ تي موٽي وڃي ٿو. اھڙا ڪردار، پنھنجي سونھن ۾ ڪو ثاني نٿا رکن. انسان، انھن غيبي ڪردارن جو اھو رخ ڏسي مٿن عاشق ٿين ٿا(5).

جّن: جنن وٽ انسان کي ستائڻ جا جدا طريقا آھن. ھو چنڊ جي چوڏھين رات انسان ۾ واسو ڪن ٿا. ٻيءَ ڪنھن طاقت کان نٿا ڊڄن، پر راڳ تي مست ٿي وڃن ٿا، ۽ مستيءَ ۾ اچي نچن ٿا. ھو ويران ۽ سڃين جاين يا وڻن ۾ رھن ٿا. ماڻھن سان مقابلو ڪن ٿا، ۽ جنھن ماڻھوءَ ۾ واسو ڪن ٿا، ان جي ڪيترين خدمتن چاڪرين کان پوءِ، بھ پنھنجي مرضيءَ سان جند ڇڏين ٿا(6).

راڪاس: راڪاس جو ڪردار ئي ڪڌو آھي. جّن ۽ ديو مان اڃان بھ ڪا مدد پڄي سگھي ٿي، پر راڪاس ھميشه طمع خاطر ڪيس ڪن ٿا. مثلا: راڪاس مھيني ۾ ھڪڙو دفعو شھر ۾ اچي ٿو، ھڪڙي گاڏي ان جي ۽ ھڪڙو ماڻھو کائي ٿو؛ ان کي بھ پوءِ ماڻھو ماري ٿو(7).

انساني معاشري جا ڪي ڪردار، جادوگرن جي حيثيت ۾ غيبي ڪردارن جھڙا ڪم ڪن ٿا، ٽيھين ڪھاڻيءَ ۾ سامي فقيرن جا ڪردار ملن ٿا، جي قدري ”ديو“ جي ڪردار سان مشابھھ آھن، اھي سامي فقير ڇھھ مھينا سمھن ٿا ۽ ڇھھ مھينا جاڳن ٿا. پنھنجا گھر گھاٽ سرسبز باغن ۾ ٺاھين ٿا، جيڪي پوءِ سندن سمھڻ ڪري ويران ٿي وڃن ٿا. سندن عمريون تمام وڏيون آھن، ۽ اھي اڪثر جھور پوڙھا آھن. جيئن تھ ھو انسان آھن، انھيءَ ڪري رحمدل ۽ انسانن جا دوست آھن، جيڪو انسان سندن خدمت ڪري ٿو، ان جي مدد ڪن ٿا(8).

انساني گروھھ ۾ ڪي اھڙا جبرا ۽ طاقتور بادشاھھ آھن، جن جو انسانن کان سواءِ جنن، ڀوتن، پکي پکڻ تي حڪم ھلي ٿو(9). سوداگرزادو روزانو ھڪڙو موتي اوڳاري ٿو(10). ڪھاڻي نمبر پھرين ۾ گل منير جي ٻانھي حقيقت ۾ جادوگرياڻي آھي، جنھن وٽ اھا طاقت آھي، جو ھو ڪا صورت وٺي سگھي ٿي. ھو پھرين گل منير کي سڳو ٻڌي طوطو ڪري ٿي، ۽ پوءِ ان جي پٺيان باز بنجي اڏامي ٿي(11). جادوگرياڻيءَ کي ھر ڳالھھ جو علم آھي. ڪھاڻي نمبر ٻيءَ ۾ جادوگرياڻي کي خبر آھي، تھ شھزاديءَ جو لکيو گھوڙي سان آھي، ۽ شھزادي وٽ ڪرامتي منڊي آھي، انھيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھوءَ پنھنجي پٽ کي گھوڙي جي صورت ۾ آڻي ٿي ۽ منڊي حاصل ڪرڻ بعد پٽ کي اڏائي کڻي وڃي ٿي. جادوگرياڻيءَ جي پٽ جي ھٿن ۾ ديو آھن، جيڪي سندس حڪم مڃن ٿا(12). ٻارھين ڪھاڻيءَ ۾ ڏائڻ جو ڪردار شامل آھي، ڏائڻ ماڻھن جو ھانءُ کائي ٿي ۽ کيس وڏي طاقت حاصل آھي(13).

لوڪ ڪھاڻيءَ جي ابتدا، اڪثر ڪنھن اھڙي واقعي سان ٿئي ٿي، جنھن جو اڳتي ھلي، ڪھاڻيءَ جي مرڪزي ڳالھھ سان ڪو خاص تعلق نٿو رھي. ھن مجموعي ۾ ٻي (ص ٢٣)، پنجين (ص ٤٢)، ستاويھين (ص ١٩٢) ۽ اٺاويھين ص ٢٠١) ڪھاڻيءَ جي منڍ واري ڳالھھ، اولاد جي سڪ سان شروع ٿئي ٿي. ستين (ص ٥٠) ۽ اٺين (ص ٥٣) ڪھاڻيءَ جي شروعات شڪار تي وڃڻ ۽ راھھ وڃائڻ سان ٿئي ٿي. چوڏھين (ص ٩٣) ڪھاڻيءَ جي شروعات، پيءُ جي اجائي خوشامد ڪرڻ سان ٿئي ٿي.

عام طرح ڪھاڻيءَ جو مانجھي يا سورمو شروعاتي مذڪور کان پوءِ، جدا طور نروار ٿئي ٿو. ڪھاڻين جي مانجھين کي پنھنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪن ٻين چڱين طاقتن کان ڪي اھڙيون شيون ملن ٿيون، جيڪي سندن ھر تڪليف ۾ مددگار ٿين ٿيون. ديو، بادشاھھ کي لٺ ۽ منڊي ڏئي ٿو(14)؛ ڏائڻ، ٽڪي وزير کي اڏام کٽولي ڏئي ٿي، ۽ ديو کيس ٻھ جادوئي ڏؤنڪا ڏئي ٿو، جن جي وڄائڻ سان ديو اچن ٿا(15)؛ ڇٽيھھ لکڻي ڇوڪري کي منڊي ملي ٿي، جنھن جي وسيلي ھن کي ستن بادشاھن جو خزانو ملي ٿو(16)؛ سوداگرزادي کي ھڪڙي تختي ملي ٿي(17)؛ ھنس پکي سوداگر کي کڻي گھر رسائي ٿو(18).

جيئن تھ ھن مجموعي ۾ بادشاھن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڪھاڻيون شامل آھن، تنھنڪري بنيادي طور ھتي اھو مواد شامل ڪيو ويو آھي، جن جو واسطو سنئون سڌو انساني معاشري سان آھي. عشق ۽ محبت انسان جي زندگيءَ جو ھڪ لازمي جز آھي. قديم زماني کان وٺي عشقيه قصا ۽ داستان رائج آھن، جي پڻ لوڪ ڪھاڻين تي اثر انداز ٿيا. ھن مجموعي ۾ پڻ اھڙيون ڪھاڻيون شامل آھن، جن جو مرڪزي نقطو يا خيال محض ”عشق ۽ محبت“ آھي. سچو عشق، پنھنجي پرينءَ تي حرف نھ آڻڻ، وفاداري ۽ سچائي، عشقيه ڪھاڻين جا خاص نقطا آھن. ڪھاڻي نمبر ٽيويھين سنڌ ۾ ھلندڙ مشھور عشقيه داستان ”خدا دوست“ تان ورتل آھي، جيڪو مشھور بادشاھھ محمود غزنويءَ جي عھد حڪومت سان منسوب آھي(19). ڪھاڻي نمبر چوويھين بھ ساڳئي ئي مقصد تي ٻڌل آھي. عاشق کي فقط محبوب جو ديدار ڪرڻو آھي؛ ھن جو واسطو محبوب سان آھي، محبوب جي ڌن دولت سان نھ آھي. سچ چيو اٿن تھ ”سڪ کي پنڌ آھي ئي ڪونھ“(20).

سترھين ڪھاڻيءَ جا ڪردار نھايت سچار، عقلمند ۽ ساڳئي وقت سادا آھن. ھر ڪو پنھنجي جاءِ تي گفتار جو غازي آھي؛ ھر لفظ چٻي چِٿي ڪڍن ٿا، متان ڪو اولو گفتو نڪري وڃي ۽ پوءِ پڇتائڻو پوي. بادشاھھ جو صحيح تصور ھن ڪھاڻيءَ ۾ ملي ٿو، تھ ھو رعيت جي لڄ ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ وارو آھي، ھن کي بدراھھ اختيار ڪرڻي ناھي، چڱي ۽ مدي جي سڃاڻ رکي ٿو، ۽ مھل تي ڳالھھ صاف ڪري، وزير جي دل جو دليل دور ڪرڻ ۾ پنھنجي گھٽتائي نٿو سمجھي. ڪھاڻيءَ ۾ موقعي جي مناسبت سان ڳاھون بھ آيل آھن، جن ۾ مام رکيل آھي(21).

ھن مجموعي ۾ شامل ٣٧ ڪھاڻيون، سواءِ نوابشاھھ جي ٻين اٺن ضلعن مان ھيٺين طور مليون آھن. تفصيل مان معلوم ٿيندو، تھ ڪي ساڳيون ڪھاڻيون اتر، وچولي، توڙي لاڙ ۾ ساڳئي نموني ۾ رائج آھن. مثلا: ٽيويھين ڪھاڻي ”سوداگر ۽ وزير زادي“ جون ٽي روايتون لاڙڪاڻي، شھدادپور ۽ ٺٽي مان مليون.

ضلعو سکر

اوٻاوڙو: ٢١، ٣٦

ميرپوماٿيلو: ٢

روھڙي: ١٣ ، ٢٩، ٣١

ضلعو خيرپور

فيض گنج:٣٥

ضلعو لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو:٣، ٣٣

قنبر: ١٥

وارھھ: ٢٢

ضلعو دادو

ڪڪڙ: ١٣، ١٨، ٣٢

ضلعو سانگھڙ

 شھدادپور:٧، ١٠

١١، ٢٠، ٢٣، ٢٤

٢٥، ٢٦، ٢٨.

سنجھورو:٥، ٦

ضلعو ٺٽو

ٺٽو: ٤، ٩،٢٣، ٢٦، ٣٠.

ضلعو حيدرآباد

حيدرآباد:١، ٨، ١٢، ١٤، ١٩، ٣٥.

ٽنڊوالھيار: ٨، ٢٧، ٣٣.

ٽنڊوباگو: ١٦، ٣٢، ٢٤.

بدين:٨

ھالا: ٨، ١٢، ١٧.

ضلعو ٿرپارڪر

ڇاڇرو: ٨

 

ھن سلسلي جي پھرئين جلد ۾ اوڻيتاليھھ (٣٩) ڪھاڻيون شامل آھن ۽ ھن ٻئي جلد سميت جملي ڇاھتر (٧٦) ڪھاڻيون تصحيح ۽ ترتيب سان، پڙھندڙ جي آڏو اچي وينديون.

ن. ب


(1) ڪھاڻي نمبر١، ص ٣.

(2)  ڪھاڻي نمبر ١٢، ص ٧٥.

(3)  ڪھاڻي نمبر ٣،  ص ١٩٢.

(4)  ايضاً، ص ١٩٣.

(5)  ڪھاڻي نمبر ١٢، ٦٩.

(5)   ڪھاڻي نمبر ٢، ص ٢٢.

(5)  ڪھاڻي نمبر ١٤، ص ٨١ – ٨٩.

(6)  ڪھاڻي نمبر ٣٤، ص ٢١١ – ٢٢٤.

(7)  ڪھاڻي نمبر ٢٦، ص ١٧١ – ١٧٣.

(8) ڪھاڻي نمبر ١٨، ص ص ١١٨ – ١٢١.

(9)  ڪھاڻي نمبر ٦، ص ص ٣٩ -٤٢.

(10)  ڪھاڻي نمبر ٣١، ص ص٢٠٠.

(11)  ڪھاڻي نمبر ١، ص ١٤.

(12)  ڪھاڻي نمبر٢ ، ص ص ٢٠ – ٢٤.

(13)  ڪھاڻي نمبر ١٢، ص ص ٢٥.

(14)  ڪھاڻي نمبر ٢، ص ٢٠.

(15) ڪھاڻي نمبر ١٢، ص ٧٣.

(16)    ڪھاڻي نمبر ٢٥، ص ١٦٢.

(17)  ڪھاڻي نمبر ٢٦، ص ١٦٩.

(18) ڪھاڻي نمبر ٣١، ١٩٩.

(19) ص ص ١٤٨ – ١٥٤. ۽ پڻ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو اوڻٽيھون ڪتاب، مشھور سنڌي قصا – ١ ”ٻاھريان قصا ۽ عشقيھ داستان“، ص ص: ٥٠ – ٥٠٨.

(20)  ص ص ١٥٥ – ١٥٩.

(21)  ص ص ١١٦ – ١٣٢ ۽ پاڻ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ستاويھون ڪتاب ”ڳاھن سان ڳالھيون“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org