سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :13

٢٢– سچ ڇوڪرو *

 

ھڪڙو ھو ڇوڪرو – ان جو نالو تھ الاجي ڪھڙو ھو، پر ھو ھميشه سچ ڳالھائيندو ھو، تنھنڪري ھن کي سڏيندائي”سچ ڇوڪرو“ ھئا. ان ڇوڪري جا ماءُ پيءُ مري ويا ھئا، فقط پوڙھي ناني ھيس، جا بھ اک کان ڪاڻي ھئي. ڇوڪرو روزانو ڪاٺيون ڪري آڻي نانيءَ کي ڏيندو ھو، جا اھي ڪاٺيون وڪڻي ان مان پنھنجو ۽ ڏھٽي جو گذران ڪندي ھئي. ٿورا گھڻا ڏينھن خدا جا گذريا، تھ ھڪڙي ڏينھن ٻڍڙيءَ ڇا ڪيو، جو ھار سينگار ڪري، ڪپڙا لٽا پھري ويھي رھي. ان وقت سچ ڇوڪرو بھ ڪاٺيون ڪري گھر آيو. نانيءَ جو ھار سينگار ڏسي، کانئس ان جو سبب پڇيائين. نانيءَ چيس تھ اڳ ۾ ٻڌاءِ تھ مون کي سرمون ٺھي ٿو يا نھ؟ سچ ڇوڪري چيس تھ: سڄيءَ اک ۾ سرمون ٺھي ٿو، پر ڪاڻي اک ۾ نٿو ٺھئي! بس، پوڙھي ڪاوڙ ۾ باھھ ٿي ويئي. يڪدم ھن کي چيائين تھ: نڪر ماريا گھر مؤن! ڇوڪري بھ ڇا ڪيو، جو بوڇڻ ڪلھي تي رکي ٿيو راھي، ۽ وڃي ھڪڙيءَ بادشاھيءَ ۾ نڪتو. ويچاري گھڻئي حيلا ڪيا تھ ڪو روزگار ملي، پر پرديسي ھجڻ سبب ڪنھن بھ ماڻھوءَ ھن تي اعتبار نھ ڪيو. سڄو ڏينھن رلي رلي ٿڪجي پيو ھو، سو شھر کان ٻاھر اچي، ھڪڙي ھنڌ ويھي رھيو ۽ اتي کڏڙي کوٽڻ لڳو. اوچتو اتان بادشاھھ جو وزير اچي لنگھيو. جنھن ڇوڪري کان پڇيو تھ: ڇا ٿو ڪرين؟ ڇوڪري وراڻيو تھ: جيڪو کڏ کڻي، سو پاڻ پوي. وزير کي ھن جو گفتو وڻيو ۽ پڇيائينس تھ: توکي ڇا کپي؟ ڇوڪري چيو تھ: آءٌ بکيو آھيان، مون کي ماني کاراءِ. وزير کيس گھر وٺي وڃي ماني کارائي. آخر جڏھن ڇوڪري سمورا احوال ڪري ٻڌايس، تڏھن ھن کي پٽيلو ڪري، پاڻ وٽ ويھاري ڇڏيائين. ھيءُ روزانو وزير جي پٽ سان گڏ مڪتب ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن جيئن ھي ٻئي ڄڻا مڪتب مان پڙھي گھر موٽيا، تھ ڏٺائون تھ وزير اونڌي منجي ڪري سمھيو پيو آھي. وزير زادو پيءُ کي ھن حال ۾ ڏسي، بنان پڇڻ جي ھليو ويو، سچ ڇوڪرو اچي مٿان بيٺس، ۽ پڇيائينس تھ: ھيءُ حال ڇو ڪيو اٿو؟ وزير کيس ٻڌايو تھ: بادشاھھ جي گھوڙيءَ کي اٺين اٺين ڏينھن پيٽ ۾ سور پوندو آھي. ھو علاج ڪري ڪري ڪڪ ٿي پيو آھي، اڄ مون کي گھرائي چيائين تھ، جيڪڏھن گھوڙيءَ جي پيٽ جو سور لاھي نھ ڏيندين، تھ جيئري گڏھھ جي پيٽ ۾ سبائي ڇڏبئي، انھيءَ مونجھاري ۾ ھي حال ڪيو اٿم. ڇوڪري کيس دلجاءِ ڏني، ۽ چيائينس تھ: توھين بادشاھھ کي وڃي ٻڌايو تھ اٺين ڏينھن انھيءَ جو جواب ڏيندس. وزير وڃي بادشاھھ سان اھا ڳالھھ ڪئي، جنھن ھن کي اٺن ڏينھن جي مھلت ڏني.

اٺين ڏينھن گھوڙيءَ کي پيٽ ۾ سور پوڻو ھو، ان ڏينھن وزير، سچ ڇوڪري کي گھوڙي تي چاڙھي بادشاھھ وٽ وٺي ويو. اڃان ويٺا ئي مس تھ گھوڙيءَ کي پيٽ ۾ اھڙو سور پيو، جو زمين تي ڦھڪو ڪيائين، ۽ اتي ئي ڦٿڪڻ لڳي. تنھن تي بادشاھھ چيو تھ: ھون! ھون! وزير چيو تھ : جئين قبلا تون! ھيءُ ڇوڪرو جواب ڏيندو. سچ ڇوڪرو اٿي بيھي بادشاھھ کي چوڻ لڳو تھ: بادشاھھ سلامت! گھوڙيءَ جي پيٽ ۾ ٻھ ڦر آھن ..... ھڪ سامونڊي ۽ ٻيو سينڌو. اھي ٻئي پاڻ ۾ وڙھن ٿا، جنھن ڪري گھوڙيءَ کي پيٽ ۾ سور پوي ٿو. جيڪڏھن منھنجيءَ ڳالھھ تي ويساھھ نھ ڪريو، تھ ھن جو پيٽ چيرائي ڏسو. تنھن تي بادشاھھ سڀني اميرن ۽ وزيرن جي آڏو گھوڙيءَ جو پيٽ چيرايو، تھ برابر ھن جي پيٽ مان ھڪڙو سامونڊي ۽ ٻيو سينڌو ڦر نڪتا. بادشاھھ ڇوڪري جي عقل تي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ھن کي ڏاڍو انعام ڏنائين.

قصو ڪوتاھھ – ڇوڪرو، وزير سان گڏجي روزانو بادشاھھ جي درٻار ۾ ايندو ھو. بادشاھھ بھ ھن جون عقل واريون ڳالھيون ٻڌي، ھن تي ڏينھون ڏينھن راضي ٿيندو ويو. آخر وزير کي اچي ڊپ لڳو تھ متان بادشاھھ مون کان وزيري کسي، ھن ڇوڪري کي ڏئي؛ تنھنڪري ھن کي مارائڻ جا گھاٽ گھڙڻ لڳو. آخر ھڪڙي ڏينھن پنھنجي رازدار ڪاسائي کي چيائين تھ: سڀاڻي ڇوڪرو گوشت وٺڻ ايندو، ان کي لڪائي ڪھي ھلائي ڇڏجانءِ. ٻئي ڏينھن وزير، سچ ڇوڪري کي گوشت وٺڻ لاءِ روانو ڪيو. ھو اڃان ٻاھر نڪتو، ڏسي تھ پريان وزير جو پٽ روئندو پيو اچي. سچ ڇوڪري پڇيس تھ: ڇو ٿو روئين؟ ھن چيو تھ: ٻارن منھنجون ڪوڏيون کسيون آھن. تنھن تي سچ ڇوڪري چيس تھ چڱو، تون گوشت وٺي اچ، تھ مان ٿو تنھنجون ڪوڏيون ٻارن کان وٺي اچان. ھو جڏھن ٻارن کان ڪوڏيون وٺي گھر جي دروازي وٽ آيو، تڏھن وزير مليس. جنھن ھن کي جيئرو جاڳندو ڏسي، حيرت مان پڇيو تھ: گوشت آندءِ؟ سچ ڇوڪري چيس تھ: ادي کي موڪليو اٿم. اتي وزير ٻئي ھٿ کڻي سٿرن تي ھنيا. ڇوڪرو سمجھي ويو، تنھن کڻي پنڌ ڇڪيو، ۽ وڃي ڪنھن ٻي بادشاھيءَ ۾ نڪتو.

ان ڏينھن شھزادو سير ڪرڻ لاءِ ويو. جڏھن درياءَ تي پھتو، تڏھن اتي بيٺل غوراب ۾ ھڪڙي عورت ڏسجڻ ۾ آيس، جنھن شھزادي کي ڏسي کڻي ڏندن تي ھٿ رکيا، پوءِ اکين تي، ان کان پوءِ ٻانھن تي ۽ دن تي ھٿ رکي غائب ٿي ويئي. شھزادو ھن جي حسن جو تاب نھ سھي، اتي ئي ڏندڻجي ڪري پيو. اتفاق سان بادشاھھ جا سپاھي اتان اچي لنگھيا، جن شھزادي کي کڻي گھر آندو، ڪيترائي ڏس پنڌ ۽ علاج ڪيائون، پر شھزادو انھيءَ حالت ۾ رھيو. اتي بادشاھھ، وزير کي چيو تھ: اڳ بھ گھوڙيءَ جو سور تو لڌو ھو، ھاڻي شھزادي جو علاج بھ تون ئي ڪر.

وزير، بادشاھھ کان گھوڙو ناڻي جو وٺي راھي ٿيو. ھڪليندو ھڪليندو وڃي انھيءَ بادشاھيءَ ۾ نڪتو، جنھن ۾ سچ ڇوڪرو رھيل ھو. وزير شھر ۾ پئي گھميو تھ ڇوڪري جي مٿس نگاھھ وڃي پيئي. دل ۾ چيائين تھ وزير مون سان ڪھڙي چڱائي ڪئي ھئي جو وڃانس؟ پر پوءِ خيال ڪيائين تھ ھن جو ڪجھھ وقت نمڪ کاڌو اٿم؛ تنھنڪري ھلي وڃي ھن کان حال احوال ورتائين. وزير کيس ٻڌايو تھ:  شھزادو بيمار ٿي پيو آھي. ڪڇي پڇي ڪونھ ٿو؛ رڳو اکين تي ھٿ رکي، پوءِ ڏندن تي، وري ٻانھن ۽ دن تي ٿو ھٿ رکي. اھا ڳالھھ ڪنھن کي بھ سمجھھ ۾ نٿي اچي. بادشاھھ جي حڪم سان انھيءَ بيماريءَ سمجھڻ لاءِ نڪري پيو آھيان، جي ڪٿان بھ شھزادي جو علاج نھ ٿيو تھ مري ويندس. سچ ڇوڪري خيال ڪيو تھ ڳالھھ سولي آھي، وزير مون سان چڱائي تھ ڪانھ ڪئي آھي، پر آءٌ ساڻس ڀلائي ڪريان. پوءِ وزير سان گڏجي موٽ کاڌائين. سڌو شھزادي وٽ آيا، جو پلنگ تي پيو ھو. ڇوڪري اشاري سان خبر چار پڇيس. شھزادي پھريائين تھ ڏندن تي ھٿ رکيا، پوءِ اکين تي ھٿ رکيا، وري ٻانھن تي ھٿ رکيائين ۽ پوءِ دن تي. تنھن تي سچ ڇوڪري بادشاھھ کي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! شھزادي کي ڪنھن عورت ڏيکائي ڏني آھي ۽ شھزادي کي پنھنجا پار پتا ڏيئي وئي آھي. جڏھن ھن عورت ڏندن تي ھٿ رکيا، تڏھن مام ڏنائين تھ آءٌ ڏاندار شھر جي رھاڪو آھيان. وري جڏھن اکين تي ھٿ رکيائين، تڏھن چيائين تھ منھنجو نالو نيڻان ٻائي آھي. وري جڏھن ٻانھن تي ھٿ رکيائين، تڏھن چيائين تھ مان چوڙيگر جي ڌيءَ آھيان، پوءِ وري جڏھن دن تي ھٿ رکيائين، تڏھن چيائين تھ آءٌ وچ شھر ۾ ويٺي آھيان. سچ ڇوڪري اڃان ڳالھھ پوري ڪانھ ڪئي، تھ بادشاھھ جو پٽ اٿي کڙو ٿيو. ۽ پيءُ کي چيائين تھ:بابا! آءٌ شادي ڪندس تھ انھيءَ سان! بادشاھھ پڙھو گھمايو تھ جيڪو ماڻھو اھا عورت منھنجي پٽ کي ملائيندو، ان کي اڌ راڄ ۽ اڌ ڀاڳ جو ۽ وڏور ڌيءَ جو سڱ ڏيندس. ٻئي ڪنھن بھ اھا ھام نھ ھنئي، تنھن تي سچ ڇوڪرو شھزادي کي تيار ڪري، خرزين ناڻي جي ڀرائي گھوڙي تي چڙھي ڏاندار شھر ڏانھن روانا ٿيا.

ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ اچي ڏاندار شھر ۾ نڪتا، ۽ ھڪ آرائڻ وٽ وڃي ٽڪيا. آرائڻ کي ھڪ مٺِ مھرن جي ڏنائون، جنھن ھنن کي رات ٽڪايو. صبح جو آرائڻ گل کڻي نڪتي. تنھن تي سچ ڇوڪري پڇيس تھ: مائي! ڪيڏانھن ٿي وڃين؟ آرائڻ چيو تھ: وڃان ٿي چوڙيگر جي ڌيءَ کي گل ڏيڻ. تنھن تي سچ ڇوڪري چيس تھ: اسان جو نياپڙو بھ ڏيندينءَ؟ آرائڻ ”ھائو“ ڪئي. ھن چيس تھ: جڏھن گل ڏيئي موٽين، تڏھن چوڙيگر جي ڌيءَ کي رڳو ايترو چئجين تھ: جِيئي ساريئي، سيئي آيئي. جڏھن آرائڻ گل ڏيئي موٽي، تڏھن نيڻان ٻائي کي چيائين تھ: مائي! جيئي ساريئي سيئي آيئي. نيڻان ٻائي کي جا آئي ڪاوڙ، تنھن ھن کان جھلائي، ھن جي منھن، ھٿن ۽ پيرن کي ڇيڻو ملي ڇڏي ڏنو. آرائڻ اچڻ سان ئي سچ ڇوڪري ۽ شھزادي کي آڻي سڱن تي کنيو. آخر جڏھن ڪاوڙ ڍري ٿيس، تڏھن ھنن کي سربستي ڳالھھ ڪري ٻڌايائين. سچ ڇوڪري سونين مھرن جو ٿالھھ آرائڻ کي ڏنو، جا خوش ٿي ويھي رھي. جڏھن شھزادي، سچ ڇوڪري کان پڇيو تھ: ادا!، ڇا چيائين؟ ھن چيو تھ: ادا، چيو اٿس تھ ترسو، مسافريءَ جو ٿڪ ڀڃو. ٻئي صبح تي وري بھ آرائڻ گل کڻي ھلي، تھ سچ ڇوڪري ساڳيو نياپو ڏياري موڪليس. جڏھن آرائڻ گل ڏيئي موٽي، تڏھن نيڻان ٻائي کي چيائين تھ: مائي! جيئي ساريئي، سيئي آيئي. ھن وري بھ آرائڻ کي پڪڙي، تئو گھمائي، منھن ڪارو ڪري روانو ڪيس. آرائڻ بھ گھر ۾ گھڙڻ سان ئي اچي مھمانن کي گارين جا دس چاڙھيا. سچ ڇوڪري ھن کي وھنجاري سھنجاري، وري بھ ٿالھھ مھرن جو ڀري ڏنو، جنھنڪري ھوءَ خوش ٿي ويھي رھي. شھزادي سچ ڇوڪري کان پڇيو تھ: ادا!ڪھڙو حال آھي؟ ھن جواب ڏنس تھ: جواب مليو آھي تھ في الحال ماني کائي تازا توانا ٿيو، تھ پوءِ ملنداسين. ٽئين ڏينھن وري بھ آرائڻ گل کڻي ھلي. سچ ڇوڪري کيس وري بھ ساڳيو نياپو ڏنو. آرائڻ مھرن جي لالچ تي ڪا نھ ڪڇي. جڏھن گل ڏيئي موٽي، تڏھن ساڳيو نياپو ڏنائين. نيڻان ٻائيءَ وري بھ ھن کي پڪڙي ڏاڍي مار ڪڍي. پوءِ ٿالھھ ۾ اٽي جا ٽي چاڻا رکي، انھن مان ھڪڙي جي چوٽي ڊاھي، ٿالھھ کڻي آرائڻ کي ڏنو. آرائڻ اھو ٿالھھ آڻي، سچ ڇوڪري کي ڏنو. شھزادي پڇيو تھ: اڄ ڇا چيائين؟ ھن جواب ڏنو تھ: چيو اٿس تھ مقام ۾ ٽي قبا آھن، انھن مان جيڪو ٻِٽو قبو آھي، اڄ رات ان ۾ ملنداسين. ٽپھريءَ جو سچ ڇوڪرو، شھزادي کي فقيراڻو ويس ڪرائي، وڃي ٻِٽي قبي ۾ سمھاري آيو. ان ڏينھن ڏاندار شھر جي ٻانڀڻ، پوٿي پٽي ڏٺو تھ اڄ رات جو چوڙيگر جي ڌيءَ جو لکيو، ھڪڙي مسلمان سان ٻِٽي قبي ۾ ٿيندو. ان وقت ئي چوڙيگر ڏي ماڻھو آيو، جنھن کي ٻانڀڻ واري سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايائين. ٻانڀڻ وري پنج ماڻھو چؤنڪيءَ تي بيھاريا، چار ٻِٽي قبي جي چئني طرفن کان، ۽ ھڪڙي قبي واري واٽ تي.

جڏھن رات ٿي، تڏھن نيڻان ٻائي شراب سان چوريءَ جو ٿالھھ تيار ڪيو. پوءِ پڙو پائي، پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي، قبي ڏانھن ھلي. جڏھن قبي وٽ آئي، تڏھن چوڪيدارن کيس ھڪل ڪئي تھ: ڪير آھين؟ چي! ابا! مان سوناري جي ماءُ آھيان. منھنجو پٽ جھلجي ويو ھو، سو ھاڻي ڇٽي آيو آھي، ھن جي سکان باسي ھيم تھ جڏھن ڇٽِي ايندو، تڏھن رات جو ٻِٽي قبي تي سکا ڏينديس. ھاڻي ھيءُ ٿالھھ چوريءَ جو آندو اٿم. توھين کڻي کائو تھ آءٌ ھلي وڃان. چوڪيدارن اھو ٿالھھ وٺي کائڻ شروع ڪيو. کائيندا ويا ۽ نشي ۾ چور ٿي ڊھندا ويا. تڏھن نيڻان ٻائي قبي ۾ وڃي شھزادي سان ملي، ۽ آڌي رات جو واپس ھلي آئي.

جڏھن صبح ٿيو، تڏھن ٻانڀڻ پوٿي پٽي ڏٺي تھ رات، شھزادي جو نيڻان ٻائيءَ سان لکيو پڙھجي ويو. اھا خبر وڃي بادشاھھ سان ڪيائين، جنھن حڪم ڪيو تھ: نيڻان ٻائيءَ کي يڪدم ڏاگھھ تي چاڙھيو وڃي. اھا حالت ڏسي شھزادي، سچ ڇوڪري کان پڇيو: ھاڻي ڇا ڪجي؟ سچ ڇوڪري چيس تھ: لنگ ڪڍي، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي، ماڻھن جي انبوھھ ۾ وڃي ڏاگھھ وٽ بيھھ. جڏھن نيڻان ٻائي ڏاگھھ وٽ اچي، تڏھن کيس چئو تھ: نيڻان ٻائي! چري ٿي آھين ڇا جو ڏاگھھ تي ٿي چڙھين؟ ائين ٽي دفعا چئج. پوءِ ھوءَ ڏاگھھ تان پاڻھي ٽپي پوندي. جڏھن نيڻان ٻائي ڏاگھھ وٽ پھتي، تڏھن شھزادي ڀڀوت ٿي اچي ٻانھن کان ورتس، ۽ چيائينس تھ: نيڻان ٻائي! چري ٿي آھين ڇا جو ڏاگھھ تي ٿي چڙھين؟ اتي ٻانڀڻ چيو تھ: ھيءَ ھاڻي جوٺي ٿي آھي. ڌارئي مذھب واري ھٿ لاتو اٿس، تنھنڪري ھاڻي اھا ان کي ڏيئي ڇڏيو، تھ وٺي وڃيس. شھزادو، نيڻان ٻائيءَ کي وٺي ھلڻ لڳو. پٺيان سچ ڇوڪرو بھ گھوڙا ڪاھي اچي پھتن ..... پوءِ ٽيئي ڄڻا گھوڙن تي چڙھي اچي پنھنجي بادشاھي ۾ نڪتا. ڀير تي ڏونڪو لڳي ويو. واھواھھ ٿي ويئي. شھر ۾ پڙھو گھمي ويو تھ: بادشاھھ سڀاڻي اڌ راڄ اڌ ڀاڳ جو، ۽ وڏور ڌيءَ جو سڱ سچ ڇوڪري کي ڏيندو. ٻئي ڏينھن بادشاھھ پنھنجي ۽ سچ ڇوڪري جي وھانءَ جو جوڙجڪ ڪيو. پر وھانءَ بھ ڪھڙو! ڏسو تھ ڪڃريون پيون ڪسن، ٻڪريون پيون نچن. ڊاڳ ڊڳڙيءَ جو ٺڪاءُ پيو پوي، ٻوڙ پلاءَ جا ڪڙيا پيا وھن، رک چپ تي تھ چڀ پيٽ ۾. ڪاڄ خير سان پورو ٿيو. ڪالھھ ڏٺاسين، تھ ڏاڍا خوش ويٺا ھئا.

 

٢٣– سوداگر ۽ وزيرزادي*

 

ڪنھن ملڪ جو ھڪڙو بادشاھھ ھو، جو سخاوت ۽ انصاف ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. رعيت جو ايترو تھ خيال ھوندو ھوس، جو روز رات جو چمڙا پوش ڍڪي، ملڪ جو واءُ سئاءُ لھندو ھو. ھڪڙيءَ رات ھميشھ وانگر ھو چمڙا پوش ڪري، جيئن محلات کان ٿورو اڳتي ھليو، تھ ڏسي تھ ڪو نوجوان شخص، وزير جي محلات ھيٺان بيٺو آھي. بادشاھھ بھ لڪي بيھي ڏسڻ لڳو، تھ ھي ڇا ٿو ڪري؟

حقيقت ۾ اھو نوجوان ھڪڙو سوداگر ھو، جو وزير جي ڌيءَ تي عاشق ھو، روزانو رات جو ھن  سان ملڻ لاءِ وزير جي محلات ۾ ايندو ھو. اڄ بھ ھميشھ وانگر پھرين ھن محلات تي ڪمند اڇلايو، پوءِ ڀت تي چڙھڻ لڳو. پر انھيءَ کان اڳ – جو ھو ڀت ٽپي محلات ۾ داخل ٿئي – بادشاھھ ھن کي ھڪل ڪئي تھ: متان مٿي چڙھيو آھين! ھڪل ٻڌڻ سان سوداگر يڪدم ھيٺ لھي، ماٺ ڪري بيھي رھيو. بادشاھھ ھن کي اچي ٻانھن کان جھليو ۽ پڇيائينس تھ: ٻڌاءِ تھ تون ڪير آھين، ڪٿان آيو آھين، ۽ ھن بيگاھھ وقت جو وزير جي محلات تي ڇو ٿي چڙھئين؟ تڏھن سوداگر چيس تھ: پھرين تون ٻڌاءِ ڪير آھين، ۽ مون کي ڇو جھليو اٿئي؟ بادشاھھ چيس تھ: مان ھن شھر جو ڪوٽوال آھيان. منھنجو ڪم ئي آھي، چورن ۽ بدمعاشن کي جھلي، بادشاھھ اڳيان حاضر ڪرڻ. تون بھ ڪو چور ٿو ڏسجين، ان ڪري صبح جو توکي بھ بادشاھھ وٽ حاضر ڪندس. ائين چئي بادشاھھ ھن کي وٺي اڳتي ھلڻ لڳو.

ٿورو اڳتي ھلي نوجوان سوداگر، بادشاھھ کي عرض ڪيو تھ: ڪوٽوال صاحب! خدا جي واسطي ھن وقت مون کي ڇڏ، آءٌ صبح جو پاڻيھي اچي تو وٽ حاضر ٿيندس. جڏھن بادشاھھ اھا ڳالھھ نھ مڃي، تڏھن وري چيائينس تھ: مان فلاڻي سوداگر جو پٽ آھيان، جيڪڏھن توکي مون تي اعتبار نھ ٿو اچي، تھ مون سان گڏجي ھل –مان توکي پنھنجو پيءُ ٿو ضامن ڏيان. پھرين تھ ڳالھھ بھ بادشاھھ نھ ٿي مڃي، پر پوءِ جڏھن سوداگر تمام گھڻيون منٿون ڪيس، تڏھن ان سان گڏجي ھن جي پيءُ وٽ آيو. سوداگرد جو پيرسن پيءُ نيڪ انسان ھو. تنھن کي جڏھن بادشاھھ ٻڌايو تھ: تنھنجي پٽ کي رات جي وقت وزير جي محلات ۾ ٽپندي گرفتار ڪيو اٿم، تڏھن ھن ضامن پوڻ کان انڪار ڪيو ۽ بادشاھھ کي چيائين تھ: مون ھن کي رات جو گھمڻ کان ڪيترا دفعا منع ڪئي، پر ھن نھ مڃيو، تنھنڪري ھاڻي ھن نافرمان کي تون ڀلي وٺي وڃي بادشاھھ وٽ حاضر ڪر، تھ ڪا سيکت اچيس. اھو ٻڌي سوداگر ويچاري جو منھن ئي لھي ويو. بادشاھھ بھ ھن کي وري گھلي وٺي وڃڻ لڳو.

ڪجھھ اڳتي ھلڻ بعد وري بھ سوداگر، بادشاھھ کي منٿون ڪري چوڻ لڳو تھ: سائين! باقي منھنجو ھڪڙو دوست آھي، ان تائين مھرباني ڪري مون سان ھلو، پوءِ ان جي بھ ضامن پوڻ کان انڪار ڪيو، تھ مان ھينئر ئي توسان گڏ ھليو ھلندس. بادشاھھ کلي چيس تھ: بيوقوف! جڏھن تنھنجي پيءُ ضامن پوڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏھن دوست وري ڪي مائٽن کان بھ وڌيڪ آھن ڇا، جو ضامن پوندا؟ سوداگر چيس تھ: تنھنجو چوڻ ٺيڪ آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن دوست مائٽن کان بھ وڌيڪ مھربان ھوندا آھن. منھنجو دوست بھ ملڪ زادو آھي، اميد اٿم تھ ھو دوستي جو لحاظ ڪري ضرور منھنجي ضمانت ڏيندو.

خير ٻئي ڄڻا گڏجي ملڪزادي جي در تي آيا. ھو پھرئين سڏ تي ھٿ ۾ خنجر کڻي ٻاھر نڪتو. ٻاھر اچڻ سان جڏھن پنھنجي دوست کي گرفتار ڏٺائين، تڏھن عجب ۾ پئجي ويو. اتي سندس دوست سوداگر چيس تھ: ھيءُ شھر جو ڪوٽوال آھي، جنھن مون کي ڪنھن ڏوھھ ۾ جھليو آھي. ھاڻي فقط اڄوڪيءَ رات لاءِ ضامن پئي منھنجي جند ڇڏاءِ. ملڪزادي بادشاھھ کي چيو تھ: مان پنھنجي يار جي وار وار جو ضامن آھيان، تون ھن کي آزاد ڪر ..... صبح جو پاڻيھي کيس تو وٽ حاضر ڪندس. تنھن تي بادشاھھ، ملڪزادي جي ضمانت تي سوداگر کي ڇڏي ھليو ويو.

بادشاھھ جي وڃڻ کان پوءِ ملڪزادي، سوداگر کان خبرون پڇڻ لڳو. بادشاھھ ڪنھن اٽڪل سان ھنن جي ويجھو لڪي سندسن گفتگو ٻڌڻ لڳو. ملڪزادي ھن کان پڪڙجڻ جو سبب پڇيو. سوداگر جواب ڏنس تھ: ادا! ڇا ٻڌايانءِ..... وزير جي ڌيءَ تي موھجي پيو آھيان، ۽ ان لاءِ من مشتاق اٿم. اسان ٻنھي جي ھڪٻئي سان بلڪل سچي محبت آھي. تنھنڪري ھاڻي خدا جي واسطي مون کي صبح تائين اجازت ڏي، ڇو تھ وزيرزادي منھنجو انتظار ڪندي ھوندي. تنھن کان سواءِ صبح جو خبر نھ آھي، تھ بادشاھھ ڪھڙي سزا ڏئيم. متان کڻي ڦاسيءَ جو حڪم ڪري ۽ ھميشه لاءِ کانئس موڪلائي اچان. تڏھن ملڪزادي چيس تھ: يار! جيڪڏھن وزير زاديءَ سان تنھنجي ايتريقدر محبت آھي، تھ پوءِ توکي دل سان اجازت آھي، ڀلي وڃي محبوب سان مل.

سوداگر دوست کان موڪلائي، وري بھ وزير جي محلات وٽ آيو، ۽ ھميشه وانگر ڪمند اڇلائي، ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري، ٽپي محلات ۾ ھليو ويو. اندر وڃي ڏسي تھ وزير زادي ننڊ ۾ ستي پيئي آھي. ھن دل ۾ خيال ڪيو تھ منھنجي حياتي شايد اڄوڪي رات آھي، سو ڪيئن بھ محبوب کي جاڳائي، کيس سربستو احوال ٻڌايان. اھو خيال ايندي ئي سڏڪا ڀرڻ لڳو. سندس ڳوڙھا جڏھن وزيرزاديءَ جي ڳل تي ڪريا، تڏھن ھوءَ يڪدم ٽپ ڏيئي اٿي ويھي رھي ۽ کيس روئندي ڏسي پڇڻ لڳس تھ: اي محبوب! اڄ تنھنجي دشمنن جي اکين ۾ ڇو ڳوڙھا ڀرجي آيا آھن؟  مان تھ تنھنجو انتظار ڪندي ڪندي ھينئر اچي ليٽي آھيان. اڄ ايتري دير ڇو ڪيئي؟ سوداگر چيس تھ: دلبر دوست! مون سان بھ اھا ئي حالت آھي. جڏھن توکي مون کان سواءِ ھڪ پل بھ آرام نٿو اچي؛ تھ مان وري تو کان سواءِ ڪيئن سک سمھندو ھوندس؟ ايترو چئي سوداگر وري سڏڪا ڀرڻ لڳو. تڏھن وزير زاديءَ ڏک ۾ ڀرجي چيس تھ: مٺا! اڄ ايتري پريشاني ڇو آھي؟ تڏھن سوداگر پنھنجي پڪڙجڻ جي سڄي حقيقت ٻڌائي چيس تھ: منھنجي حياتي باقي اڄوڪي رات آھي، صبح جو شايد مون کي ڦاسيءَ جي سزا ملي. اھا ڳالھھ ٻڌي، وزير زاديءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ھوءَ بھ روئڻ لڳي. آخر سوداگر کي چيائين تھ: محبوب! توکان سواءِ منھنجو جيئڻ بھ محال آھي، جيڪڏھن سڀاڻي توکي ڦاسي اچي ويئي، تھ پوءِ آءٌ بھ ھن ڪوڙيءَ دنيا ۾ توکان سواءِ ھڪ پل بھ نھ جيئان! ڪجھھ وقت تھ ٻئي ڄڻا ڳراٽڙي پائي روئندا رھيا. جڏھن روئي دل جو بار ھلڪو ڪيائون، تڏھن وزيرزادي اٿي وضو ساري ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪئي ۽ ڌڻي تعاليٰ کان دعا پنڻ لڳي تھ: اي پالڻھار! تون دلين جو مالڪ آھين، توکي سڀ خبر آھي، تھ اسان جي پاڻ ۾ سچي محبت آھي، ھاڻي منھنجو محبوب پرتو اٿئي.

جڏھن صفا ڀنڀرڪو ٿيڻ لڳو، تڏھن سوداگر، وزيرزاديءَ کي چيو تھ: مون کي ھڪڙي وفادار دوست ضامن پئي توسان ملڻ لاءِ مھلت ڏياري آھي، متان ھو خيال ڪندو ھجي، تھ الاجي ڪيڏانھن ھليو ويو، تنھنڪري ھاڻي مون کي خوشيءَ سان اجازت ڏي، تھ وڃي ان سان سنمک ٿيان. باقي جيڪڏھن ٿي سگھي تھ سڀاڻي مرڻ کان اڳ ڪنھن نموني منھن ڏيکارجئين. وزيرزاديءَ روئي چيس تھ: دلبر دوست! مون کي قسم آھي خدا جو تھ ھن وقت تون جيڪو حڪم ڪندين، تنھن کي آءٌ ڪيئن بھ پورو ڪندس. مان سڀاڻي ڪارا ڪپڙا ڪري، گھوڙي تي سوار ٿي اچي ڦاسيءَ واريءَ جاءِ جي ويجھو بيھنديس. پوءِ ھنن ٻنھي ھڪٻئي کان موڪلايو. سوداگر ڀت ٽپي اچي پنھنجي دوست ملڪزادي وٽ پھتو ۽ کيس سورن جو سمورو احوال سڻايائين.

ھوڏانھن ڪوٽوال جي ويس ۾ بادشاھھ، وزير جي گھر ۾ ٻنھي عاشق معشوق جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي، سا سڀ لڪي بيٺي ٻڌي؛ سو ھنن جي محبت کان ايترو تھ ڏکارو ٿيو، جو ھنن جي موڪلاڻيءَ وقت ھن کي بھ اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا. آخر دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين تھ: ڇا بھ ٿئي، پر ھنن جي محبت ۾ ڪڏھن بھ وڇوڙو اچڻ نھ ڏيندس. صبح جو بادشاھھ ڪوٽوال کي حڪم ڏنو تھ: ڦاسيءَ جو انتظام فلاڻي کليل ميدان تي ڪيو وڃي، ۽ چور کي بھ جلد حاضر ڪيو وڃي. تنھن کان سواءِ بادشاھھ پڙھو ڏيارو تھ ”اڄ عام و خاص سڀني ماڻھن کي ھن ڦاسيءَ جي ڏسڻ جي اجازت آھي. پر ڪوٽ جي ٻاھران سخت پھرو بيھاري ڇڏيو، جيئن ڪو بھ ڪارن ڪپڙن وارو شخص اندر نھ اچي. حقيقت ۾ بادشاھھ کي ھنن جي محبت جو امتحان وٺڻو ھو تھ، ھي جيڪي چون ٿا، سو ڪري ڏيکاريندا يا نھ؟ جيڪڏھن وزيرزاديءَ جو عشق سچو ھوندو، تھ ھوءَ سر تان آسرو لاھي بھ انجام موجب ڦاسيءَ واري وقت اچي پنھنجي عاشق کي منھن ڏيکاريندي. تنھن کان سواءِ وزيرزادي جنھن سڄي عمر محلات کان پير بھ ٻاھر نھ ڪڍيو، سا ڪيئن گھوڙي تي سوار ٿي. ھن انبوھھ ۾ اچي، پيءُ جي اڳيان پنھنجي محبوب کي منھن ڏيکاريندي؟

ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪوٽوال، سوداگر کي آڻي درٻار ۾ حاضر ڪيو. بادشاھھ حڪم ڏنو تھ: ھن کي ڦاسيءَ واريءَ جاءِ تي وٺي ھلو، پر جيسين مان اچان، تيسين کيس ڦاسيءَ تي نھ چاڙھجو. ڦاسيءَ واري ھنڌ تي پھچڻ شرط، ھن وزير زاديءَ جي ڳولا ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. سڄو ميدان ماڻھن سان ڀريو پيو ھو. زالون مڙس، ننڍا وڏا ايترا تھ اچي گڏ ٿيا ھئا، جو تِر ڇٽڻ جي بھ جاءِ ڪا نھ ھئي.

وزير زادي بھ وعدي موجب ڪارا ڪپڙا ڪري، مشڪي گھوڙي تي سوار ٿي، جڏھن ڪوٽ وٽ پھتي، تڏھن پھريدارن کڻي روڪيس. وزير زاديءَ ڪوڙ ڪري گھڻئي چين تھ فلاڻي ملڪ جو قاصد آھيان، ھينئر بادشاھھ سان ضرور ملڻو اٿم، پر پھريدارن کي جو حڪم ھئو، تن ھڪڙي بھ نھ ٻڌيس، ڌڪي وڃي پري ڇڏيئونس. سوداگر کي ڦاسي ڏيڻ جو وقت بھ اچي ويجھو ٿيو ھو. اھو حال ڏسي وزير زاديءَ ڇا ڪيو جو، ڪجھھ پرڀرو ھٽي، تلوار ڪڍي ھٿ ۾ ڪيائين ۽ گھوڙي کي اھڙي اڙي ھنيائين، جو ھو پھريدارن تان ٽپي، ڪوٽ جي اندر ھليو ويو. پھريدار ھن کي روڪڻ لاءِ ڊوڙيا، پر وزيرزادي کين تلوار سان ھٽائي، گھوڙو ھڪلي وڃي وچ پڙ ۾ بيٺي، جتي سوداگر کي ڦاسي اچڻي ھئي. وزيرزاديءَ ڏٺو تھ سوداگر کي ڦاسي ھنھين اچي ويندي، تنھنڪري ڇو نھ بادشاھھ کي بھ پورو ڪري ڇڏجي. سو نھ ڪيائين ھم نھ تم – گھوڙو ڊوڙائي وڃي بادشاھھ جي سر تي ڪڙڪي، ۽ تلوار الاري اڃان وار ڪرڻ تي ھئي، تھ پھريدارن کڻي پڪڙيس. وزيرزاديءَ جي منھن تي نقاب پيل ھو، تنھنڪري ڪنھن بھ ڪونھ سڃاتس. باقي بادشاھھ کي ھن جي خبر ھئي. بادشاھھ ھن جي بھادريءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو. اتي بادشاھھ، وزير کي چيو تھ: ڪارن ڪپڙن واري ھن بھادر جي منھن تان نقاب لاھي ڏس. وزير جان نقاب کڻي ڏسي، تھ سندس نياڻي! حيرانيءَ ۾ پئجي ويو.

بادشاھھ وزير کي فڪرمند ڏسي چيو تھ: وزير! فڪر نھ ڪر، مان توکي جيئن چوان تيئن ڪر، ڇو تھ مون کي سڄيءَ حقيقت جي خبر آھي. اھو ڦاسيءَ تي چڙھندڙ نوجوان ۽ تنھنجي ڌيءَ ٻئي سچا عاشق آھن. مون سندس آزمودي لھڻ لاءِ ھيءَ اٽڪل ڪئي ھئي. ھاڻي اھو سوداگر ڄڻ تھ منھنجو پٽ آھي. تنھنڪري تون ھتي ئي قاضيءَ کي گھرائي، ھنن جو نڪاح پڙھائي، سندن شادي اتي جو اتي وڏي ڌام ڌوم سان ڪئي وڃي.

وزير کي بھ بادشاھھ جي صلاح ڏاڍي وڻي، سو يڪدم قاضيءَ کي گھرائي، اتي ئي ميدان ۾ ٻنھي ڄڻن جو نڪاح پڙھائي، ڏاڍي ڌام ڌوم سان سندن شادي ڪرايائين. جيڪي ماڻھو ڦاسيءَ جو نظارو ڏسڻ آيا ھئا، سي سڀ اھو حال ڏسي، ڳائڻ وڄائڻ ۽ ناچ گاني ۾ لڳي ويا. اھڙيءَ طرح ڌڻي پاڪ ھنن ٻن سچن عاشقن جو ميلو ڪيو. ڪالھھ ڏٺاسين تھ محلات ۾ خوش ويٺا ھئا.


*  ھيءَ ڳالھھ  اتر(تعلقي وارھھ) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

*  ھن ڳالھھ جون ٽي روايتون: لاڙ(تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري، وچولي (تعلقي شھدادپور) مان ظفر بلوچ ۽ اتر(تعلقي لاڙڪاڻي) مان عبدالحق  کان مليون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org