سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -2

 

صفحو :2

١ – شھزادو گل منير *

 

ھڪڙو ھو بادشاھھ -  بادشاھن جو بادشاهه تھ ڌڻي تعاليٰ پاڻ آھي، پر ھو زماني جو بادشاھھ ھو. سندس راڄ ۾ شينھن ٻڪري گڏ پاڻي پيئندا ھئا. ھن کي ٻھ پٽ ھئا، تنھن کان سواءِ خدا جو ڏنو گھڻي ئي ڪي ھئس، سو ھر وقت ڌڻيءَ جا شڪرانا مڃي پيو حڪومت ھلائيندو ھو. خدا جي قدرت سان بادشاھھ کي ٽيون پٽ بھ ڄائو، جو ٻين ٻنھي پٽن کان وڌيڪ سھڻو ھو. بادشاھھ تمام خوش ٿيو ۽ پٽ جي خوشيءَ ۾ خزانن جا در کولي ڇڏيائين. ماڻھن ايترو مال لٽايو، جو ملڪ جا سڀ غريب امير ٿي ويا. آخر چاليھن ڏينھن جي خوشين کان پوءِ، بادشاھھ، شھزادي جي بخت ڏسڻ لاءِ نجومين کي گھرايو. نجومين حساب ڪري بادشاھھ کي ٻڌايو تھ: شھزادي جو بخت بالا آھي، مگر نون ورھين جي عمر کان وٺي سخت تڪليفون ڏسندو، ۽ مائٽن کان وڇڙندو، آخر جوانيءَ ۾ سک ڏسندو ۽ وڏي بادشاھيءَ جو مالڪ ٿيندو. بادشاھھ اھو احوال ٻڌي نجومين کي انعام ڏئي روانو ڪيو.

شھزادي جو نالو ”گل منير“ رکيائون. ان جي نپائڻ لاءِ خاص دايون مقرر ٿيون، جن کيس لاڏن ڪوڏن سان پئي نپايو. جڏھن ڇھن ورھين جي ڄمار جو ٿيو، تڏھن کيس استاد جي حوالي ڪيائون. ٿوريئي وقت ۾ شھزادو پڙھي قابل ٿيو. شھزادو جڏھن نون ورھين جي ڄمار جو ٿيو، تڏھن بادشاھھ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. ٽيئي شھزادا اڃان ننڍا ھئا، تنھن ڪري وڏي وزير کي اچي بي ايماني ٿي، تنھن ھڪدم بادشاھيءَ تي قبضو ڪري، ٽنھي شھزادن کي ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏي.

ٽيئي شھزادا وزير جي ڊپ کان شھر ڇڏي، فقيراڻو ويس ڪري اٿي ھليا. ھلندي ھلندي نيٺ ٿڪجي پيا ۽ ھڪڙو بڙ ڏسي، ان جي ھيٺان ويھي رھيا. بادشاھي ٻار، جن ڪڏھن بھ ايتري تڪليف نھ سٺي ھئي. سي ڳالھيون ڪندي ڪندي انھيءَ بڙ ھيٺ سمھي رھيا. جڏھن ننڊ مان سجاڳ ٿيا، تڏھن وڏي ڀاءُ ننڍن کي چيو تھ: ادا! مون خواب لڌو آھي، جنھن ۾ ڏسان ٿو تھ مون کي ماھيي کير جو وٽو ۽ ڪڻڪ جي ماني ملي آھي، کائي ڍؤ ڪيو اٿم. ان تي وچٽ چيو تھ: ادا مون پڻ خواب ۾ ڏٺو آھي، تھ الله سائين مون کي مڇي ماني ڏياري آھي. باقي رھيو شھزادو گل منير، تنھن کڻي ماٺ ڪئي. تڏھن ڀائرن چيس تھ: ادا! تون بھ ٻڌاءِ، تھ تو ڪو خواب لڌو يا نھ؟ ان تي گل منير چيو تھ : مون جيڪي خواب ۾ ڏٺو آھي، سو جي اوھان کي ٻڌائيندس تھ ڪاوڙجي پوندئو، تنھنڪري اھا ڳالھھ ئي کڻي ڇڏيو. ان تي ڀائرن چيس تھ: اسين تنھنجا دشمن ٿورئي آھيون، جيڪي ڏٺو اٿئي سو چئي ڏي. تڏھن گل منير چيو تھ: ادا! خواب ۾ ڏسان ٿو تھ الله سائين مون تي راضي ٿيو آھي، جو بادشاھي ملي اٿم ۽ چار راڻيون پرڻيو آھيان. ھندوري ۾ ستو پيو آھيان، ساڄي پاسي ھڪڙي پلنگ تي ٻھ راڻيون ويٺيون آھن ۽ کاٻي پاسي ٻئي پلنگ تي ٻيون ٻھ راڻيون ويٺيون آھن. انھن مان واري واري سان ھرھڪ منھنجي ھندوري کي لوڏي بھ پيئي ۽ منھنجي وات ۾ پتاشو بھ پئي وجھي. ڀائرن گل منير جي واتان اھا خبر ٻڌي کيس ٻھ چماٽون ھڻي چيو تھ: اھڙو جي سڀاڳو ھجين ھا، تھ بابي جي بادشاھي بھ ڪين وڃائين ھا. گل منير کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ زارو زار روئڻ لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڀائرن کيس اٿي ھلڻ لاءِ  چيو، مگر ھن اڳتي ھلڻ کان نابري واري؛ تڏھن ھو کيس اتيئي ڇڏي، اڳتي روانا ٿي ويا.

ڀائرن جي وڃڻ کان پوءِ، گل منير اٿي پنڌ پيو. ھلندي ھلندي سج لھي ويس، سو ھڪڙو وڻ ڏسي ان جي ھيٺان رات جا چار پھر گذارڻ لاءِ سمھي پيو. قدرت خدا جي، انھيءَ وڻ ۾ ھڪڙو ديو رھندو ھو، تنھن جو ڏٺو تھ ھڪڙو آدمزادو وڻ ھيٺ ستو پيو آھي، سو سندس وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو ۽ ان کي کائڻ جي خيال سان ھيٺ لھي آيو. جڏھن گل منير تي نظر پيس، تڏھن ھن جي سھڻي صورت ۽ ننڍي وھي ڏسي مٿس رحم اچي ويس، سو کائڻ جو خيال لاھي، کيس ننڊ جي حالت ۾ کڻي، ھڪڙي شھر کان ٿورو پر ڀرو ڇڏي ويندو رھيو. گل منير جڏھن ننڊ مان سجاڳ ٿيو، تڏھن ڇا ڏسي تھ ڪنھن شھر جي ٻاھران پيو آھي! ڏاڍو حيران ٿيو، پر ڌڻيءَ جو راز سمجھي، اتان اٿي شھر ڏانھن رخ رکيائين. شھزادي کي بک بھ اچي تپايو، سو ٻي ڪا واھھ نھ ڏسي، ھڪڙي مسجد ۾ وڃي ويھي رھيو. ماڻھن مسافر سمجھي کاڌو آڻي ڏنس، سو کائي آرام ڪيائين. مسجد جو ملان، گل منير جي سھڻي صورت ڏسي حيران ٿي ويو ۽ کائنس حال احوال پڇيائين. گل منير کيس ٻڌايو تھ: آءٌ مسافر آھيان، بک ڪري مسجد ۾ لنگھي آيس، گھڙي پھر آرام ڪري، اڳتي روانو ٿيندس. ملان کي گل منير جي گفتگو بھ وڻي، تنھن ڪري کيس چيائين تھ: مون کي اولاد ڪونھي، جي تون مون وٽ رھندين تھ توکي پنھنجي ٻچن وانگر خوش رکندس. گل منير بھ خيال ڪيو تھ ڪٿي پيو رلندس ۽ ڌڪا کائيندس! جيڪڏھن خدا کي نوازڻو ھوندو تھ اتيئي ڏيندو. پوءِ ملان جي ڳالھھ قبول ڪري، اتي مسجد ۾ رھڻ لڳو.

انھيءَ ملان وٽ جيڪي ٻار پڙھندا ھئا، تن ۾ بادشاھھ جي ڌيءَ ۽ وزير جو پٽ بھ ھئا. ملان، گل منير کي خليفو ڪري کڻي مڪتب ۾ ويھاريو. جيتوڻيڪ گل منير ھر علم ۽ ھنر کان واقف ھو، پر اتي پاڻ کي اڻ پڙھيل سڏايائين. شھزادي ۽ وزير زادو ھڪٻئي تي اھڙا عاشق ھئا، جو ھڪٻئي کان گھڙي بھ جدا نھ ٿيندا ھئا. شھزادي جڏھن پڙھي قابل ٿي، تڏھن سندس محلات مان نڪرڻ بند ٿيو. فقط جمعي جي ڏينھن دؤر ڪرڻ جي بھاني مڪتب ۾ ايندي ھئي، جتي پري کان وزير زادي کي ڏسي دل خوش ڪندي ھئي، ڇاڪاڻ تھ بادشاھي حڪم موجب سندس ڳالھائڻ ٻولھائڻ بند ھو.

جڏھن ھنن کي گھڻا ڏينھن گذري ويا ۽ پاڻ ۾ ڳالھائڻ ٻولھائڻ نھ ٿين، تڏھن شھزاديءَ ڇا ڪيو جو گل منير کي اڻ پڙھيل سمجھي، کيس ھڪڙو خط لکي ڏنائين تھ وزير زادي کي پھچائي ڏي. جنھن ۾ لکيل ھو تھ : فلاڻي رات، فلاڻي ھنڌ لوڪ لقاءَ جي سمھڻ کان پوءِ اچج تھ ھيءُ ملڪ ڇڏي ھليا ھلون. ٻيو سڀ بندوبست آءٌ پاڻ ڪنديس. گل منير خط کڻي وزير زادي کي ڏيڻ لاءِ ھليو. اوچتو خيال آيس، ڏسان تھ شھزاديءَ خط ۾ ڇا لکيو آھي! سو ھڪڙيءَ ڪنڊ ۾ بيھي خط پڙھيائين. سمورو احوال معلوم ڪري چيائين تھ: آءٌ وري ڪھڙيءَ ڳالھھ ۾ گھٽ آھيان! پوءِ وزير زادي کي خط ڏيڻ بدران پاڻ ويھي ان جو جواب لکي آڻي شھزاديءَ کي ڏنائين، جا پڙھي خوش ٿي ۽ پنھنجي ھڪڙي حال محرم ٻانھيءَ سان سڄي حقيقت ڪري کيس تيار ٿيڻ لاءِ چيائين. انجام واري رات تي ٻانھي ٻھ ڀلا گھوڙا ۽ ٻھ خرزينون ناڻي سان ڀري، شھر جي ٻاھران ھڪڙي وڻ جي ھيٺان اچي بيٺي. شھزادي بھ اڌ رات جو لڪندي لڪندي انھيءَ وڻ وٽ آئي. ڏٺائين تھ ٻانھي تيار بيٺي آھي، پر وزيرزادي جو ڪو پتو ڪونھي. سو ٻانھيءَ کان پڇا ڪيائين. ٻانھيءَ جواب ڏنس تھ: مون کي پاڻ آئي گھڻي دير ٿي آھي، ھو الاجي ڇو نھ آيو. وزير زادي کي تھ ان ڳالھھ جي خبر ئي ڪانھ ھئي، تنھن تھ پئي ننڊ ۾ ڦوڪون ڏنيون. ھيڏانھن ھي ٻئي ڄڻيون، شھزادي ۽ ٻانھي ھن جي فڪر ۾ وڻ ھيٺ ويٺيون رھيون. ايتري ۾ شھزادو گل منير بھ ٺھي سنڀري، جھنڊ ھڻي اچي مقرر وڻ وٽ پھتو. اونداھي ھجڻ سبب گل منير جي شڪل چڱيءَ طرح ڏسجڻ ۾ نٿي آئي؛ شھزاديءَ جي ليکي تھ وزير زادو آھي، سو نھ ڪيائين ھم نھ تم، ٽپ ڏيئي گھوڙي تي چڙھي ويٺي، گل منير کي بھ اشارو ڪيائين، جيڪو ساڻس ٻيلھھ گھوڙي تي چڙھي ويٺو. ٻانھي بھ ٽپ ڏيئي چڙھي ٻئي گھوڙي تي، پوءِ اٿي پنڌ پيا.

شھزادي گل منير کي وزيرزادو سمجھي ھر ھر پيئي ڀاڪر وجھي ڳالھائڻ لاءِ چوي، پر ھو اھڙو ڪڇي جھڙي ڀت؛ رڳو ”ھون ھان“ ڪيو پئي جند ڇڏايائين. آخر ساري رات جي مسافريءَ کان پوءِ وڃي ٻيءَ بادشاھيءَ ۾ گھڙيا، جتي کين صبح ٿي ويو. آرام ڪرڻ جي خيال سان گھوڙن تان لھي پيا. اتي شھزادي جان کڻي ڏسي تھ مار! وزيرزادو الائي ڪٿي رھيو، ھيءُ تھ اھو ئي ملان وارو خليفو آھي! سا اندر ۾ کامي ويئي، گل منير کي پٽي پاراتا ڏيئي چوڻ لڳي تھ: ھڪدم گھوڙن کي پوئتي وراءِ! ائين چئي ٻانھيءَ کي بھ ٻھ ٽي بيد واھي ڪڍيائين. ٻانھيءَ ڊپ وچان ڏڪندي چيو تھ: سانئڻ! انھيءَ ۾ منھنجو ڪو بھ ڏوھھ ڪونھي، خبر نھ آھي تھ ڪيئن وزيرزادو رھجي ويو ۽ ھي خليفو نصيب ۾ لڳوسين. ھاڻي پوئتي ھلبو تھ بھ خوار ٿينداسين، ڇو تھ اھا ڳالھھ ھلي ويئي ھوندي، تھ شھزادي ڀڄي ويئي آھي. ھاڻي چڱو ائين آھي تھ جھڙو آھي، تھڙو کڻي قبول ڪر. شڪل صورت ۾ وزيرزادي کان بھ سھڻو آھي. اتي گل منير، شھزاديءَ کي چيو تھ: اي شھزادي! تون جي بادشاھزادي آھين، تھ آءٌ بھ بادشاھزادو آھيان...... منھنجو نالو گل منير آھي، قسمت الائي ڪيئن کڻي ڪشالن ۾ وڌو آھي. ھاڻي جي لکئي کڻي پاڻ کي ملايو آھي، تھ توکي قضا جي ڪم تي صبر ڪرڻ گھرجي. الله ۾ اميد آھي، تھ آءٌ توسان بيوفائي نھ ڪندس ۽ توکي پنھنجي ساھھ کان وڌيڪ ڀائيندس. ائين چئي گل منير پاند ڳچيءَ ۾ پائي پرچائڻ لڳس، پر شھزاديءَ جي اھا پئي پوي تھ: آءٌ ھتي گھڙي بھ نھ گھارينديس، مون کي وزيرزادي کان سواءِ ٻيو ڪي بھ نھ کپي، تنھنڪري اتي ھلي ڇڏيوم، نھ تھ آءٌ پاڻ ماري ڇڏينديس. ائين چئي شھزادي ويھي روئڻ لڳي. ٻانھيءَ اھو حال ڏسي کيس دلداري ڏيئي پرچايو، چئي : شھزادي! ڏڌو کير وري ٿڻين ڪو نھ پوندو، ھيءُ بھ شھزادو آھي، وزيرزادي کان ڪنھن بھ حالت ۾ گھٽ ڪونھي. باقي اھو ڏسجي تھ اسان کي سنڀالي سگھندو يا نھ، تنھن لاءِ سندس پرک وٺي ڏسجي؛ جي عقل وارو ھوندو، تھ پنھنجي لاءِ ھر طرح جو بندوبست ڪندو، جي عقل نھ ھوندس تھ وري پاڻ تائين پھچندو ئي ڪو نھ ۽ پوءِ پاڻ پاڻھي وزيرزادي کي ڳولي لھنديونسين. انھيءَ تي شھزاديءَ جي دل کي ڪجھھ آٿت آيو ۽ ٻانھيءَ جي اھا ڳالھھ قبول ڪيائين.

ٻانھيءَ ڇا ڪيو جو خرزين مان ھڪ لعل ڪڍي، گل منير کي ڏيئي چيائين تھ: شھر ۾ وڃي ڪا رھڻ لاءِ جاءِ ھٿ ڪر ۽ ان ۾ ضرورت جون سڀ شيون موجود ڪري، پوءِ اچ تھ اتي ھلي رھون. گل منير لعل کڻي شھر ۾ ويو، جتي ھڪڙي صراف کي لعل ڏيکاري ان جي قيمت پڇيائين. صراف ڏٺو تھ ھي آھي ڇوڪرو، تنھن کي ڪھڙي خبر تھ لعل جو ملھھ ڇا ھوندو، سو چيائينس تھ: ھيءَ لعل پوري آھي، تنھن ڪري ايتري گھڻي قيمت ڪا نھ لھي جو توکي ٻڌايان، باقي ھي ٻھ ٽي سؤ روپيا کڻي وڃ. ان تي گل منير چيس تھ: ھي لعل پوري نھ آھي پر نھري آھي. ھڪڙي ڳالھھ تي صراف تھ ٻيءَ تي گل منير، نيٺ گل منير چيس تھ: جي لعل پوري ٿي تھ تنھنجي، جي نھري ٿي تھ جيڪي مال ملڪيت اٿيئي سا منھنجي. صراف اھا ڳالھھ قبول ڪئي. ٻھ شاھد بيھاري لعل ڀڃي ڏٺائون تھ نھري نڪتي. ان تي گل منير چيس تھ: تو پنھنجي شرط ھارائي. ھاڻي تنھنجي سڄي ملڪيت جو وارث آءٌ آھيان. صراف جي منھن جو پنو ئي لھي ويو. گل منير کي مٿس قياس اچي ويو، تڏھن چيائينس تھ: چڱو، شرط تو ھارائي، پر مون کي ٻيو ڪجھھ بھ نھ گھرجي، فقط رھڻ لاءِ ھڪ عاليشان جاءِ گھرجي، جنھن ۾ شاھاڻي قسم جو سامان ۽ ضرورت جي ھر ڪا شيءِ موجود ھجي. صراف جي خدا ٻڌي، جو ٿوري مان ٿي جند ڇٽيس. سو ”حاضر حاضر“ چئي ھڪڙي عاليشان محلات ۾ وٺي آيس، جنھن ۾ ضرورت جي ھر ڪا شيءِ موجود ڪري، چاٻيون ھن جي حوالي ڪيائين. گل منير سڄو بندوبست ڪري، ساڳي لعل کڻي شھزاديءَ ۽ ٻانھيءَ وٽ پھتو. ٻانھيءَ کي لعل ھٿ ۾ ڏيئي، ساري ڳالھھ ٻڌائي کين ھلڻ لاءِ چيائين. شھزاديءَ پھريائين تھ انڪار ڪيو، پر پوءِ ٻانھيءَ جي منٿن ۽ سمجھائڻ تي اچي انھيءَ جاءِ ۾ پھتي، ٻانھي جھٽ پٽ طعام تيار ڪيو جو کائي آرام ڪيائون. اھڙيءَ طرح ٻھ – ٽي ڏينھن گذري ويا، مگر شھزاديءَ، گل منير سان نھ ڳالھايو ۽ نھ ڏانھس ڏٺائين. رات ڏينھن وزيرزادي کي ياد ڪري ويٺي ٿڌا شوڪارا ڀريندي ھئي.

انھيءَ شھر ۾ رھندي کين ڳچ ڏينھن گذري ويا. ٻانھيءَ کي گل منير جي حالت ڏسي ڏاڍو قياس ايندو ھو، جو ويچارو ويڳاڻو ويٺو ھوندو ھو. شھزاديءَ کي گھڻئي سمجھائيندي ھئي، پر ھوءَ اھا ئي وزيرزادي جي ويچار ۾ ويٺي ھوندي ھئي. آخر ھڪڙي ڏينھن گل منير کي سمجھايائين تھ: کاڌي کوھھ بھ کٽي ويندا، تنھنڪري تون ھن ملڪ جي بادشاھھ جي درٻار ۾ وڃ، من ڪجھھ ڪو بلو ڀيڻي ٿي پوي. گل منير انھيءَ مھل ئي سھي سنڀري درٻار ۾ ويو ۽ بادشاھھ جو سلام ڪيائين. بادشاھھ ھن جي سونھن ڏسي بي اختيار ٿي کانئس حال احوال پڇيو. گل منير ٻڌايو تھ: آءٌ سوداگر آھيان، منھنجو ڪو ھڪڙو ملڪ نھ آھي، جتي واپار جو سٺو لڳو، اتيئي ڪجھھ وقت رھبو آھي. بادشاھھ کي گل منير جي گفتگو پسند آئي ۽ کيس پنھنجي درٻار ۾ روزانو حاضر رھڻ لاءِ چيائين. وڃڻ مھل کيس ڳچ انعام ڏيئي ۽ قيمتي پوشاڪ پھرائي روانو ڪيائين. ان کان پوءِ گل منير روزانو بادشاھھ جي درٻار ۾ ايندو ھو ۽ موڪلائڻ وقت ڪجھھ نھ ڪجھھ انعام وٺي ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ، گل منير کان پڇيو تھ: توسان ٻيا بھ ڪي ماڻھو آھن يا اڪيلو آھين؟ گل منير وراڻيو تھ: مون سان منھنجي زال ۽ ھڪڙي ٻانھي آھي. ائين چئي بادشاھھ کان موڪلائي پنھنجي گھر آيو ۽ اچي ٻانھيءَ سان سڄي حقيقت ڪري کانئس صلاح ورتائين. ٻانھيءَ چيس تھ: تون ڪو بھ الڪو نھ ڪر، ڀلي روزانو بادشاھھ وٽ حاضري ڀريندو رھھ؛ آءٌ شھزاديءَ کي پاڻيھي مڃائينديس. پوءِ گل منير روز صبح جو درٻار ھليو ويندو ھو، جتان رات جو موٽي اچي پنھنجو منھن وٺي سمھي پوندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ پنھنجي ٻانھيءَ کي حڪم ڏنو تھ: اڄ کان وٺي روز صبح جو گل منير جي جاءِ تي وڃي، گل ۽ پان ڏيئي ايندي ڪر. ٻانھي حڪم جي بندي، سا ٻئي ڏينھن گل منير جي جاءِ تي پان ۽ گل کڻي ويئي. انھيءَ زماني ۾ وڏن ماڻھن ۽ بادشاھن وٽ اھو رواج ھو، تھ جيڪا ٻانھي پان ۽ گل کڻي ايندي ھئي، تنھن کان پان ۽ گل وٺي، ان جي عيوض ان جو ٿالھھ ڀري ڏيندا ھئا. سو جڏھن ٻانھي، شھزاديءَ وٽ گل ۽ پان کڻي آئي، تڏھن شھزاديءَ انھن جي وٺڻ کان انڪار ڪيو، ۽ نھ ئي وري ڪو ٻانھيءَ کي ان سان ٿالھھ ڀري ڏنائين. ٻانھيءَ وڃي وزير کي ٻڌايو تھ: گل منير جي گھر نڪو پان ٿا وٺن ۽ نڪي گل، سندس زال جو سدائين منھن منھن تي چڙھيو پيو آھي؛ ٻيو تھ ٺھيو، پر مون کيس ڪڏھن گل منير سان ڳالھائيندي بھ نھ ڏٺو آھي. مون کي شڪ ٿو پوي تھ ھيءَ گل منير جي زال ئي ڪانھي، شايد ڀڄائي وٺي آيو آھي. وزير تھ اڳيئي گل منير تي سڙيو ويٺو ھو، جو بادشاھھ جو ھن تي گھڻو راز ھو، ۽ کيس گمان ھو تھ متان ڪڏھن کيس وزيريءَ تان لاھي، گل منير کي وزير مقرر نھ ڪري؛ تنھن کي وجھھ ملي ويو، سو يڪدم بادشاھھ کي وڃي چيائين تھ: مون ٻڌو آھي تھ گل منير جيڪا زال آندي آھي، سان سندس نڪاح ٻڌي زال نھ آھي، پر ڪٿان ڀڄائي آيو آھي. بادشاھھ چيو تھ: اھو ڪوڙ آھي، ائين ڪو نھ ھوندو. ھڪڙيءَ تي بادشاھھ، ٻيءَ تي وزير. نيٺ وزير کي چيائين تھ: ڀلا انھيءَ ڳالھھ جي ڪھڙي ريت آزمائش وٺجي؟ وزير چيو تھ: آزمودو وٺڻ سولو آھي. توھين ڪنھن ڏينھن شام جو مجلس مان اٿڻ وقت گل منير ۽ مون کي دعوت ڏيئي محلات ۾ وٺي ھلجو ۽ پنھنجي راڻيءَ کي سمجھائي ڇڏجو تھ پنھنجي ھٿن سان اسان کي ھنڌ وڇائي ڏي، ھٿ ڌئاري ۽ ماني وغيره تيار ڪري پاڻ کارائي؛ ۽ ساري رات اسان سان ويھي ڳالھيون ڪري، پوءِ صبح ٿيڻ تي سڀڪو پنھنجي ڪم سان وڃي لڳي. ٻيءَ رات وري آءٌ توھان کي ۽ گل منير کي پنھنجي گھر وٺي ھلندس ۽ منھنجي زال پنھنجي ھٿن سان ماني ٽِڪي کارائيندي پياريندي. ٽئين ڏينھن، جي گل منير جي پنھنجي نڪاح ٻڌي زال ھوندي، تھ اسان کي بھ دعوت ڏيندو ۽ سندس زال اسان جي زالن وانگر پنھنجن ھٿن سان ماني ٽڪي کارائيندي، پر جي ڪا پرائي ڀڄائي آيو ھوندو، تھ اسان کي دعوت ئي ڪو نھ ڏيندو. بادشاھھ کي وزير جي اھا ڳالھھ پسند آئي.

شام جو جڏھن مجلس ٿي، تڏھن بادشاھھ، گل منير ۽ وزير کي چيو تھ: اڄ اوھان کي اسان جي دعوت آھي. اسان سان محلات ۾ ھلو. بادشاھھ جي چوڻ تي ھنن دعوت قبول ڪئي. ٻئي بادشاھھ سان گڏجي محل ۾ آيا. بادشاھھ پنھنجي راڻيءَ کي اڳيئي سمجھائي ڇڏيو ھو، سو راڻي ھنن کي پنھنجن ھٿن سان ھنڌ وڇائي ڏنو ۽ ٻنھي ڄڻن کي پلنگن تي آڻي ويھاريو. پوءِ پنھنجن ھٿن سان ماني پچائي کين کارايائين ۽ سڄي رات ساڻن ڳالھيون ٻولھيون ڪيائين. صبح جو ھرڪو پنھنجو پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو. ٻئي ڏينھن شام جو درٻار مان اٿڻ وقت وزير، بادشاھھ ۽ گل منير کي دعوت ڏني، سي ٻئي ڄڻا گڏجي وزير جي محلات ڏانھن ويا. وزير جي زال ٻنھي ڄڻن جو چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين پنھنجن ھٿن سنا ماني ٽڪي کارائي، پوءِ ويھي ساڻن ڪچھري ڪيائين. اھڙيءَ ريت ساري رات ڳالھيون ٻولھيون ڪري ھر ڪو پنھنجي گھر روانو ٿيو.

شھزادو گل منير وزير جي دعوت کائي، جڏھن گھر پئي آيو، تھ واٽ تي اچي خيال ٿيس تھ بادشاھھ ۽ وزير تھ چڱي سٽِي آھي، ھنن جي تھ دعوت کاڌم، پر ھاڻي آءٌ ڇا ڪريان، ڪيئن ھنن کي دعوت ڏيان! اھي پور پچائيندو اچي گھر ڀيڙو ٿيو ۽ ھڪڙي ٽٽل منجي ڏسي انھيءَ تي ليٽي پيو. ٻانھيءَ جو گل منير جي اھا حالت ڏٺي، سا رڙھي اچي پاسي ۾ ويٺس، چي: شھزادا! ڪر خبر ڪھڙي ڳڻتي اٿئي؟ گل منير پھرين تھ گھڻو ئي نٽايو، پر پوءِ ٻانھيءَ جي زور ڀرڻ تي، بادشاھھ ۽ وزير جي دعوتن جو سارو ذڪر ٻڌائي چيو تھ: اڄ جيڪڏھن مون کين دعوت نھ ڏني، تھ ھو الائجي ڇا سمجھندا؛ پر جي دعوت ڏجي بھ کڻي تھ وري شھزاديءَ جي حالت توکان ڳجھي ڪانھي، ھاڻي تون ئي ٻڌاءِ تھ ڇا ڪريان؟ تڏھن ٻانھيءَ چيس تھ: شھزادا! ڳالھھ بھ ايتري، ھاڻي ڪنھن بھ قسم جو خيال نھ ڪر، آءٌ شھزاديءَ کي پاڻيھي پير تي بيھارينديس، تون ڀلي بادشاھھ ۽ وزير کي دعوت ڏي، پر پھرين ھيئن ڪر جو ڪجھھ مھرون کڻي وڃي ھڪڙي نٿ وٺي آڻي ڏي. شھزادي بازار مان ھڪڙي نٿ وٺي آڻي ٻانھيءَ کي ڏني. ٻانھيءَ ڇا ڪيو جو گل منير کي بادشاھھ ڏانھن روانو ڪري، پاڻ نٿ کڻي اچي شھزاديءَ جي ڀر ۾ ويٺي، چي: شھزادي! اڄ اسان جي آزمائش آھي، جي اسين انھيءَ ۾ ناڪام ٿياسين، تھ پوءِ خبر ناھي تھ بادشاھھ پاڻ سان ڪھڙي حالت ڪري، تنھن ڪري چڱو ڄاڻين تھ ھيءَ نٿ کڻي پاءِ، اڄوڪي رات جي ڳالھھ آھي، خير سان گذري ويندي؛ ٻيءَ صورت ۾ گل منير سان گڏ ناحق مارجي وينديوسين. انھيءَ تي شھزاديءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ ھن کي ڌڪو ڏيئي، گھٽ وڌ ڳالھائي پري ڪيائين. پر ٻانھي بھ مڙڻ واري ڪا نھ ھئي، تنھن وري بھ شھزاديءَ کي منٿ ميڙ ڪئي ۽ بادشاھھ ۽ وزير جي دعوت جو سڄو قصو ٻڌائي کيس سمجھايو. انھيءَ سمجھائڻ تي شھزاديءَ جي ڪاوڙ ڍري ٿي ۽ نٿ کڻي وڌائين. پوءِ ٻانھيءَ سمجھائي ڇڏيس تھ: جڏھن بادشاھھ ۽ وزير اچن، تڏھن کين کيڪاري، پنھنجن ھٿن سان ھنڌ وڇائي ويھارجئين، ۽ پنھنجن ھٿن سان ماني کارائي، ساڻن ساري رات رھاڻ ڪجئين؛ ائين نھ ٿئي جو ھو ڪا گھٽتائي ڏسي، شڪجي پون ۽ پوءِ پاڻ کي سور سھڻا پون. ائين چئي ٻانھي، شھزاديءَ کي ھار سينگار ڪرائي، پاڻ وڃي طعام تيار ڪرڻ لڳي.

جڏھن سانجھيءَ مھل بادشاھھ جي ڪچھري ختم ٿي، تڏھن گل منير، بادشاھھ ۽ وزير کي دعوت ڏيئي گھر وٺي آيو. شھزاديءَ مرندي ڪسندي ھنن کي کيڪاري اچي پلنگن تي ويھاريو ۽ طعام تيار ڪري پنھنجن ھٿن سان کين کارايو. طعام کائي جڏھن ھٿن ڌوئڻ لاءِ اٿيا، تڏھن بادشاھھ ۽ وزير جا پھريائين ھٿ ڌئاري، پوءِ گل منير جا ھٿ ڌئاريائين. گل منير ھٿ ڌوئي گرڙي ڪري کڻي شھزاديءَ ڏانھن اڇلائي جا سندس ڪپڙن تي وڃي لڳي. انھيءَ تي شھزادي ٿورو مشڪي ۽ پوءِ اچي ھنن سان ڪچھري ڪرڻ ويٺي. ساري رات رھاڻ ڪري صبح جو گل منير کان موڪلائي، بادشاھھ ۽ وزير اٿي ھليا. واٽ تي بادشاھھ وزير کي چيو تھ: ڏٺئي وزير! پنھنجي زال کان سواءِ ٻيءَ سان ايتري حجت ڪري نٿي سگھجي. پڪ ھيءَ سندس نڪاح ٻڌي زال آھي. تنھن تي وزير چيو تھ: بادشاھھ سلامت! ائين برابر آھي تھ گل منير جي زال اسان جي تمام گھڻي خدمت ڪئي، پر مون پئي ڏٺو تھ ھن گل منير  کان پئي پاسو ڪيو. تنھن ڪري اڃان بھ ڳالھھ ۾ رولو پيو سمجھان. تڏھن بادشاھھ چيس تھ: ڀلا ٻيو ڪھڙو بلو ڪريون؟ ان تي وزير چيو تھ: بادشاھھ سلامت! شڪار جو ڪو بھانو ڪري ھتان نڪري ٻاھر ھلجي، زالون بھ پاڻ سان کڻجن ۽ ھرھڪ جو تنبو جدا جدا ھجي. ان کان پوءِ رات جي وقت پاڻ ٽيئي ڄڻا تنبن جي ٻاھران ويھي ڪچھري ڪريون. پوءِ جنھن کي پنھنجيءَ زال جو سڏ ٿيندو، سو تنبو ۾ ھليو ويندو. گل منير جي نڪاح ٻڌي زال ھوندي تھ کيس سڏيندي، جي ڌاري ھوندي تھ سمھي رھندي ۽ گل منير بھ ٻاھر ئي پيو ھوندو. بادشاھھ کي وزير جي اھا صلاح وڻي؛ سو ٻئي ڏينھن شڪار جو بھانو ڪري گل منير کي بھ باقبيلي تيار ٿيڻ لاءِ چيائين. گل منير اھا ڳالھھ ٻڌي ويچار ۾ پئجي ويو ۽ گھر اچي وري بھ منھن ويڙھي ڇنل منجيءَ تي سمھي رھيو. ٻانھيءَ جو ڏٺو، تنھن سھي ڪيو تھ ھن کي ڪا ڳڻتي آھي، تنھن اچي کانئس حقيقت پڇي. گل منير شڪار واري حقيقت ٻڌائي چيس تھ: ھاڻي شھزادي الائجي ڪھڙا پير کڻندي! جي کين ڪو شڪ پيو تھ شھزادي ڦري وٺندا ۽ مون کي تڙي ڪڍي ڇڏيندا. انھيءَ تي ٻانھيءَ چيس تھ: شھزادا! تون ڪنھن بھ قسم جي ڳڻتي نھ ڪر، خدا مڙيئي سولي ڪندو. اٿي ماني ٽڪر کاءُ! اتي گل منير کي پيٽ ۾ ساھھ پيو ۽ ماني ٽڪي کائي آرام ڪيائين. ٻانھي وڃي شھزاديءَ کي ڳالھھ ٻڌائي سمجھايو. جنھن آخرڪار ٻانھيءَ جو اھو چوڻ بھ قبول ڪيو.

ٻئي ڏينھن بادشاھھ شڪار لاءِ تيار ٿيو. گل منير بھ گھر ۾ پوري تياري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. بادشاھھ جي نوڪرن ھن کي اٺ آڻي ڏنو، جنھن تي شھزادي ۽ ٻانھيءَ کي سوار ڪيائين ۽ پاڻ گھوڙي تي سوار ٿي اچي بادشاھھ ۽ وزير سان گڏيو، جن ھن کي ڏسي پنھنجن زالن کي اٺن تي سوار ڪيو، ۽ پاڻ گھوڙن تي سوار ٿي روانا ٿيا. ھي ٽيئي ڄڻا شڪار ڪندا ھلندا رھيا. آخر شام جو ھڪڙي ھنڌ خيما کوڙيائون. ھرھڪ پنھنجي پنھنجي تنبوءَ ۾ داخل ٿيو. جڏھن رات ٿي ۽ ماني ٽِڪي کائي واندا ٿيا، تڏھن تنبن جي اڳيان ھڪڙي ميدان تي ٽيئي ڄڻا ڪچھري ڪرڻ لڳا. لھوارين اوڀارين خبرن چارن کان پوءِ، بادشاھھ چيو تھ: ھاڻي ڪا راڳ جي محفل ٿئي. پھرين بادشاھھ راڳ ٻڌايو، راڳ ختم ٿيو تھ بادشاھھ کي راڻيءَ جو سڏ ٿيو. وري وزير راڳ شروع ڪيو. راڳ جي ختم ٿيڻ تي وزير جي زال ھن کي سڏ ڪيو. ھاڻي گل منير جو وارو ھو، ھن کي ھڪڙو وطن ڇڏڻ جو ڏک، ٻيو ڀائرن جي جدائي. ٽيون وري شھزاديءَ جي بيوفائي، سڀ سور اچي جاڳيس، سو ڏاڍي ڏک وچان ڳائڻ لڳو. ٻانھي شھزاديءَ کي منٿون ميڙون ڪيون تھ: من گل منير کي سڏ ڪري، مگر ھن صفا انڪار ڪيو. نيٺ ٻانھيءَ چالاڪي ڪري گل منير کي سڏ ڪيا. ھوڏانھن گل منير جي دل مان جيڪي درد جون دانھون نڪري رھيون ھيون، سي ٻڌي بادشاھھ ۽ وزير حيران ٿي ويا، ۽ راڳ مان اھڙو تھ رس آيو جو اٿڻ جي وائي نھ واريائون. شھزاديءَ جڏھن اھو ڏکارو راڳ ٻڌو، تڏھن ننڊ ئي حرام ٿي ويس ۽ ٻانھيءَ کان پڇيائين تھ: اھو ڪير پيو ڳائي؟ ٻانھيءَ  ٻڌايس تھ: اھڙو راڳ گل منير کان سواءِ ٻيو ڪير ڳائيندو. انھيءَ تي شھزاديءَ جي دل ۾ گل منير جي ڇڪ ۽ سڪ ٿي، سو ٻانھيءَ کي گل منير کي سڏڻ لاءِ چيائين. ٻانھيءَ چيس تھ: مون تھ گھڻائي سڏ ڪيا آھن، ھاڻي تون کڻي سڏ ڪرينس. انھيءَ تي شھزاديءَ کٽ تان اٿي ۽ تنبوءَ جي دروازي تي بيھي، گل منير کي سڏڻ لڳي تھ: گل منير! ھاڻي ڪافي رات گذري چڪي آھي، اچ تھ ڪجھھ وقت آرام ڪريون. پر جيئن تھ بادشاھھ ۽ وزير اٿڻ جي ڪا نھ ٿي ڪئي، تنھنڪري گل منير چيس تھ: بادشاھھ سلامت جي موجودگيءَ ۾ آءٌ ڪچھريءَ مان اٿي اچان، اھا ڳالھھ چڱي تھ ڪانھي. شھزاديءَ اھو ٻڌي کڻي صبر ڪيو. گل منير وري بھ ڳائڻ ۽ ڏوھيڙا ڏيڻ لڳو. ڪجھھ دير کان پوءِ شھزادي اھڙو درد وارو ڳائڻ ٻڌڻ سھي نھ سگھي، سا اٿي وري گل منير کي سڏ ڪرڻ لڳي، جنھنڪري بادشاھھ لاچار مجلس پوري ڪئي ۽ گل منير کي اجازت ڏنائين. گل منير اڃا تنبوءَ ۾ گھڙيو ئي مس تھ شھزاديءَ کڻي ڀاڪر پاتس، گل منير ھجي جو خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ ئي نھ پيو ماپي، خدا جو شڪرانو ادا ڪري، شھزاديءَ ساڻ رھاڻ ۾ ويھي رھيو، ۽ باقي رات رھاڻيون ڪندي گذاريائون. صبح ٿيڻ تي بادشاھھ، وزير ۽ گل منير واپس پنھنجي پنھنجي جاءِ تي آيا. گھر پھچي شھزادي ڏسي تھ سندس ھار، جو تنبوءَ ۾ کٽ، جي پائي ۾ لاھي رکيو ھئائين، سو اتي ئي رھجي ويو ھو، سو ڪومائجي ويھي رھي. گل منير شھزاديءَ جي اھا حالت ڏسي کانئس انھيءَ جو سبب پڇيو. جنھن تي ھن ھار رھجي وڃڻ جي حقيقت ٻڌايس، گل منير يڪدم ھار کڻي اچڻ لاءِ سنڀريو. شھزاديءَ گھڻو جھليس تھ: ھار ويو تھ گھوريو، پر تون نھ وڃ؛ مگر ھو جلد اچڻ جو چئي ھار کڻڻ لاءِ روانو ٿيو.

گل منير گھوڙي تي سوار ٿي، تڪڙو تڪڙو اچي تنبن وٽ پھتو، ڏسي تھ بادشاھھ جي ٻانھي تنبن جي صفائي پئي ڪري. ان کان ھار جو پڇيائين. ڇا ٻانھي، ڇا ھار! ھن کي تھ ھو خدا ڏياريو، سو واري واپس ڪيئن ڪري! سا گل منير کان نٽائڻ لڳي، ۽ صاف جواب ڏنائين تھ: ھار تھ مون ڏٺو ئي ڪونھي. گل منير کي پڪ ٿي تھ ھار ٻانھيءَ وٽ آھي، تنھن دڙڪا دھمان ڪيس. ٻانھي ڪا جادوگرياڻي ھئي، تنھن ڇا ڪيو جو ھڪڙو سڳو پڙھي کڻي گل منير جي ڳچيءَ ۾ وڌو تھ ھو يڪدم طوطو بنجي پيو. ٻانھي کيس جھلڻ لاءِ وڌي تھ ھو ڀڙڪو ڏيئي اڏاڻو. ٻانھيءَ جو ڏٺو تھ شڪار ھٿن مان ٿو وڃي، سا ھڪدم باز ٿي پويان لڳس. اڳيان طوطو پويان باز، آخر  وڃي ٻيءَ بادشاھيءَ ۾ پھتا. طوطو ٿڪجي اڏامڻ کان چور ٿي پيو ھو، سو ڪاھي پيو شھر ۾، ۽ گھتون ڏيندو وڃي شھزاديءَ جي محلات جي ھڪڙي جاري ۾ ويٺو. باز دريءَ مان لامارا ڏيڻ لڳو. طوطو ويچارو خوف کان ڀڙڪو ڏيئي وڃي شھزاديءَ جي ڪپڙن ۾ لڪو. جنھن کڻي پنھنجي ھنج ۾ ڪيس ۽ ويھي ھٿڙا گھمائڻ لڳيس. ھٿن گھمائيندي کيس، طوطي جي ڳچيءَ ۾ سڳو نظر آيو. سو يڪدم ڇوڙيائين تھ شھزادو گل منير وري بھ ماڻھو ٿي پيو. شھزاديءَ جو گل منير جي سھڻي صورت ڏٺي، سا ڏسڻ شرط مٿس موھت ٿي پيئي ۽ ھن کان حال احوال پڇيائين. گل منير سربستو احوال ٻڌايس. شھزاديءَ کي پڪ ٿي تھ آھي تھ شھزادو، پوءِ ھاڻي لکيون لڳن. پوءِ شھزاديءَ گل منير سان دل جي ڳالھھ ڪئي ۽ ھن بھ شھزاديءَ جو راضپو ڏسي، ساڻس شادي ڪرڻ جو انجام ڪيو، البت بادشاھھ جو خوف ظاھر ڪيائين. ان تي شھزاديءَ چيس تھ: بابي جو مون سان وعدو آھي، تھ آءٌ پنھنجي پسنديءَ تي مڙس ڪنديس: تون ڪو بھ خيال نھ ڪر، آءٌ بابي کي ھتي ئي ٿي گھرايان. ائين چئي ٻانھيءَ کي پيءُ ڏانھن موڪليائين. ٻانھي بادشاھھ کي وٺي آئي؛ جو پنھنجي ڌيءَ جي خاص محل ۾ ڪنھن اوڦٽو ماڻھوءَ کي ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ يڪدم ڌيءَ کان گل منير بابت پڇيائين. شھزاديءَ ساڻس سڄي حقيقت ڪئي ۽ پوءِ چيائين تھ: مون ھن جي بدن کي ھٿ لاتو آھي، تنھن کان سواءِ ھي بھ شھزادو آھي ۽ سوڀيا وارو آھي، تنھنڪري آءٌ پنھنجي پسنديءَ تي ھن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، وڌيڪ لاءِ توھين مرضي وارا آھيو. بادشاھھ کي گل منير جي صوت ۽ گفتگو پسند آئي ۽ کيس شھزاديءَ جو سڱ ڏنائين. پوءِ درٻار ۾ وٺي آيس جتي اميرن وزيرن کي بھ گل منير جي گفتگو پسند آئي ۽ انھيءَ جوڙي جي شاديءَ ۾ سرھا ٿيا. ڏينھن ٻن اندر گل منير جي شادي ٿي ۽ ٻئي زال مڙس پاڻ ۾ خوش گذارڻ لڳا.

ھڪڙي ڏينھن گل منير پنھنجي راڻيءَ کي چيو تھ: جيتوڻيڪ ھت ھر طرح سان خوش پيو گذاريان، مگر ھاڻي پوئتي پنھنجي عزيزن قريبن جي بھ خبر چار لھڻي آھي، ھو بھ پريشان ھوندا، تنھنڪري منھنجي مرضي آھي تھ تون مون کي بادشاھھ سلامت کان موڪل وٺي ڏي تھ مائٽن وٽان گھمي ڦري، کين منھن ڏيکاري اچان. انھيءَ تي شھزاديءَ چيس تھ: شھزادا! آءٌ بھ توسان گڏ ھلنديس. توکان سواءِ ھتي مون کي ڪٿي ٿو سک اچي؟ ائين چئي ھوءَ پنھنجي پيءُ وٽ ويئي ۽ چيائينس تھ: گل منير کي مائٽن جي يادگيري ٿي پيئي آھي. تنھنڪري ھاڻي اسان کي موڪل ڏي تھ پنھنجي وطن وڃون. جيتوڻيڪ بادشاھھ جي مرضي ڪا نھ ھئي، پر شھزاديءَ جو راضپو ڏسي، خوشيءَ سان موڪل ڏنائين ۽ کين گھڻو سامان ۽ لشڪر ڏيئي روانو ڪيائين.

گل منير لاءِ لشڪر سميت منزلن تي منزلون ڪندو، آخر ھڪڙي ڏينھن ڪنھن بادشاھھ جي شھر ۾ ھڪڙي باغ ۾ لٿو. قدرت خدا جي اھو باغ بادشاھھ جو خاص باغ ھو، منجھس ھر قسم جا ميوا موجود ھئا. گل منير تنبو کوڙائي اتي رھي پيو. بادشاھھ جي ماڻھن گل منير جو لشڪر ڏٺو ۽ سو بھ وري باغ ۾، سي وٺي بادشاھھ ڏانھن ڀڳا ۽ کيس وڃي ٻڌايائون تھ: پنھنجي شھر تي ڪو غنيم چڙھي ڪري آيو آھي ۽ توھان جي باغ ۾ لشڪر سميت لھي پيو آھي. بادشاھھ اھا خبر ٻڌي، وزير کي سڌ سماءَ لھڻ لاءِ موڪليو. وزير ھڪلي باغ ۾ آيو، ۽ لشڪر ڏسي دھلجي ويو. نيٺ دل جھلي شھزادي گل منير جي تنبوءَ وٽ آيو ۽ شھزادي کي سلام ڪيائين. گل منير وزير کان خبر چار پڇي. وزير سياڻو ھو، تنھن چيس تھ: توھان جي اچڻ جي خبر ٻڌي بادشاھھ سلامت پيغام موڪليو آھي تھ: جي مھمان جي حيثيت سان آيا آھيو، تھ اسان جا مھمان آھيو، جي جنگ جو خيال ھجي تھ اسين بھ تياري ڪريون. انھيءَ تي گل منير ٿورو مشڪي وزير کي چيو تھ: اي عقل جا وير! اسين مھمان آھيون، ڪجھھ وقت آرام ڪري پنھنجي ملڪ وينداسين، جنگ نھ ڪنداسين. ائين چئي وزير کي پوشاڪ پھرائي، بادشاھھ ڏانھن ڪجھھ تحفا ۽ سلام ڏيئي کيس روانو ڪيائين. وزير گل منير کان موڪلائي بادشاھھ وٽ آيو ۽ سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايائينس؛ پر شھزادي جي سھڻي صورت ۽ عقل جي ايتري تھ تعريف ڪيائين، جو بادشاھھ ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ وزير کي چيائين تھ: جي شھزادو واقعي اھڙو حسين ۽ عقلمند آھي تھ منھنجي مرضي آھي تھ پنھنجي شھزاديءَ جو سڱ کيس کڻي ڏيان. وزير انھيءَ ڳالھھ ۾ راضي ٿيو ۽ بادشاھھ جي چوڻ تي اچي شھزادي سان مليو. سلام ڪري کيس بادشاھھ جو پيغام ٻڌايائين. شھزادي گل منير بادشاھھ جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ قبول ڪئي ۽ وزير کي پوشاڪ پھرائي جلد تياري ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين. وزير، بادشاھھ وٽ آيو ۽ کيس اچي مبارڪ ڏنائين.

آخر شاديءَ جي تياري ٿي؛ ھفتي کن اندر گل منير ۽ بادشاھھ جي ڌيءَ جي وڏي ڌام ڌوم سان شادي ٿي گذري. ڪجھھ وقت رھڻ کان پوءِ شھزادي، بادشاھھ کان موڪل ورتي؛ جنھن گھڻو ڏاج ڏيوڻ ڏيئي، شھزادي کي خوشيءَ سان موڪل ڏني. سو ھڪلي اچي انھيءَ بادشاھھ جي شھر جي ٻاھران لٿو، جتي سندس پھرئين راڻي، ٻانھيءَ سميت رھيل ھئي.

شھزادي گل منير کي شھزاديءَ کان جدا ٿئي ٻارھن مھينا گذري چڪا ھئا. شھزادو گل منير جڏھن کان موڪلائي ھار کڻڻ ويو ۽ واپس نھ وريو، تڏھن کان ھن جي حالت پوئتي پوڻ لڳي، ايتري قدر جو اکين مان ڳوڙھا پيا وھندا ھئس. ھار سينگار کي تھ ويجھي بھ ڪين ويندي ھئي، فقط ھڪ رات جي ملاقات کي ساريو پيئي ڳرندي ھئي. ھوڏانھن بادشاھھ کي بھ گل منير جي نھ اچڻ جو خيال ٿيو ۽ خبر چار وٺڻ لاءِ پنھنجي ٻانھيءَ کي گل منير جي گھر موڪليائين. شھزادي، ٻانھيءَ کي ايندو ڏسي ماٺ ڪري سياڻي ٿي ويھي رھي ۽ ھن کان خبرون چارون پڇيائين. ٻانھيءَ ٻڌايس تھ: بادشاھھ، گل منير جي خبر چار لاءِ موڪليو آھي، جو ڪيترن ڏينھن کان وٺي درٻار ۾ ڪو نھ ٿو اچي. شھزاديءَ چيو تھ: شھزادو پنھنجي ڳوٺ ويو آھي. اميد تھ ھاڻي جلد موٽي ايندو. اھا ورندي وٺي، ٻانھي بادشاھھ وٽ آئي ۽ کيس حقيقت ٻڌايائين، بادشاھھ کڻي ماٺ ڪئي.

شھزادو گل منير، جو لشڪر سميت شھر جي ٻاھران اچي لٿو ھو، سو ڪن ماڻھن ڏٺو، جن ڊوڙي وڃي بادشاھھ کي ٻڌايو تھ: پنھنجي شھر تي ڪو غنيم چڙھي ڪري آيو آھي ۽ سندس لشڪر شھر جي ٻاھران اچي لٿو آھي. بادشاھھ پنھنجي وزير کي موڪليو تھ تون وڃي ڏس تھ ڪير آھي ۽ سندس مرضي ڪھڙي آھي؟ وزير اٿي ھليو، ۽ اچي شھزادي سان مليو. شھزادي کي ڏسندي ئي سڃاتائين تھ ھي اھو ئي گل منير آھي، جنھن کي مئو ڄاتو ھئوسين. سو حيرت ۾ پئجي ويو تھ ھيءَ ڪٿان اچي پيدا ٿيو. نيٺ ھڪٻئي سان مليا گڏجي بادشاھھ وٽ آيا، جو شھزادي کي ڏسي خوش ٿيو ۽ حال احوال پڇيائينس، گل منير سربستي ڳالھھ اول کان آخر تائين کيس ٻڌائي، جا ٻڌي بادشاھھ خوش ٿيو. پوءِ بادشاھھ کان موڪلائي گل منير لشڪر ۾ آيو، جتان پنھنجون ٻئي راڻيون ساڻ ڪري اچي گھر ۾ پھتو ۽ پھرين راڻيءَ سان مليو. ھوءَ بھ ٻارھن مھينن کان پوءِ گل منير کي ڏسي سرھي ٿي ۽ سڀ ڏک سور لھي ويس.

ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ وزير سان صلاح ڪئي، تھ گل منير جو شان ۽ رتبو اعليٰ آھي، جو ٻن وڏن بادشاھن جون ڌيئرون پرڻيو آھي، منھنجو خيال آھي، تھ پنھنجي وڏور ڌيءَ بھ کڻي کيس ڏيان. وزير ھٿ ٻڌي عرض ڪيو تھ: ڌيءَ اٿارڻ فرض آھي، منھنجو پڻ اھو ئي خيال آھي، وڌيڪ توھين مرضيءَ جا مالڪ آھيو. بادشاھھ، وزير کي شاديءَ جو پيغام ڏيئي گل منير ڏانھن موڪليو. شھزادي بھ انھيءَ ڳالھھ ۾ ھائوڪار ڪئي. آخر ٿوري گھڻي ڏينھن گل منير جو چوٿين راڻيءَ سان بھ نڪاح ٿيو.

بادشاھھ ھاڻي پيرسن ٿي ويو ھو، تنھن پنھنجي جيئري بادشاھي کڻي گل منير جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ وڃي خدا جي عبادت ڪرڻ لڳو. شھزادي گل منير ڏٺو تھ  چار راڻيون بھ مليون ۽ بادشاھي بھ ملي، منھنجو خواب سچو ثابت ٿيو، تڏھن ڀائرن جي يادگيري ٿيس. کيس يقين ٿي ويو، تھ منھنجي ڀائرن جا خواب بھ سچا ٿيا ھوندا سو ماڻھو ڳولا لاءِ ڇڏيائين. کين پار پتا ڏيئي ٻڌايائين تھ: ھڪڙو ڪنھن ميھار وٽ ھوندو ۽ ٻيو ڪنھن مھاڻي وٽ ھوندو. ماڻھو ڳوليندا رھيا، نيٺ ٻنھي کي وڃي ھٿ ڪيائون. ھڪڙو وڏو ڀاءُ ميھار وٽ ھو ۽ ان جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ھئائين. ٻيو ڀاءُ وري مھاڻي وٽ ھو. جڏھن ٻئي اچي حاضر ٿيا، تڏھن گل منير حڪم ڏنو تھ ٻنھي کي وھنجاري سھنجاري نوان ڪپڙا ڍڪائي، محلات ۾ وٺي اچو. نوڪر حڪم جا بندا، تن سڀ ڪم پورو ڪري ٻنھي ڀائرن کي محلات ۾ آندو. محلات ۾ شھزادي گل منير ڇا ڪيو جو پاڻ ھندوري ۾ ستو، ٻھ راڻيون سڄي پاسي ھڪڙي پلنگ تي ويھاريائين ۽ ٻھ راڻيون کاٻي پاسي ويھاريائين؛ جن واري سان لوڏو بھ پئي ڏنو ۽ وات ۾ پتاشو بھ پئي وڌس. ڀائرن ويٺي سڄو تماشو ڏٺو، تن بھ سڃاتو تھ ھيءُ اسان جو ننڍو ڀاءُ آھي، جنھن جو الله سائين ايڏو مرتبو ڪيو آھي. انھيءَ کان پوءِ شھزادي بھ پاڻ سڃاڻايو. اھڙيءَ ريت ٽيئي ڀائر پاڻ ۾ ملي خوش ٿيا. پوءِ شھزادي، پنھنجي ٻنھي ڀائرن جي مرضيءَ سان ھڪڙي کي مينھون وٺي ڏنيون، ٻئي کي مھاڻن جو سردار بنايائين. جھڙيءَ ريت ٽنھي ڀائرن جي دلي مراد پوري ٿي، تھڙيءَ طرح الله سائين ڪل جھان جون مرادون پوريون ڪري. آمين!


*  ھيءَ ڳالھھ وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org