سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :11

ڳوٺ پھچي ماءُ کي سوکڙيون ڏنائين، ۽ چيائين تھ: ادي ڏاڍي سکي ھئي. ٻانھيون ۽ ٻانھا حڪم ۾ ھئس، جيڪو بھ سک چئجي سو سڀ اديءَ کي ھئو. پر ڳالھھ ٻڌي اٿو.... ٻئي دفعي آءٌ جڏھن وڃان، تڏھن مون کي لوڻ ٻڌي ڏجو تھ کنيو وڃان، ڇو جو اتي کاڌي ۾ لوڻ وجھن ئي ڪونھ! زال وڏيري کي چيو تھ: ڏٺئي! اھو منھنجي ڌيءَ نياپو موڪليو آھي تھ، سک تھ گھڻو ئي اٿم – کاڌا پيتا بھ سڀ اٿم، پر لوڻ بنان..... ھروڀرو ڪو وڏن ۽ شاھوڪارن جي گھرن ۾ سک ڪونھي! ھاڻي تون وڃي خبر لھي اچ. وڏيري چيو تھ: جي ھينئر ئي ويندس تھ وزير کي شڪ پوندو، تھ شايد ڀاڻس کي چوري موڪليائين، جنھن وڃي پيءُ کي موڪليو آھي. ائين ھيڪاري وزير رنج ٿيندو، تنھنڪري ٻٽي ڏينھن سھي پوءِ ويندس.

خير سان ٻٽي ڏينھن بھ گذريا – وڏيرو سھي سنڀري اچي وزير جي محلات ۾ پھتو. ھن پنھنجي صھري جو چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پاڻ سان گڏ ماني کاريائينس. جڏھن پيءُ ۽ ڌيءَ خلاصا ٿيا، تڏھن ھن ڌيءَ کان پڇيو تھ: وزير توسان راس آھي يا نھ؟ ڌيءَ جواب ڏنو تھ: خبر ناھي تھ ڪھڙي ڳالھھ تان ڦريو آھي، جو اڳين محبت نھ، باقي رسمي طرح پيو ھلي. آءٌ خود سمجھان ٿي تھ دل ۾ ڪا ڳالھھ اٿس، نڪي آءٌ ٿي پڇان، نڪي پاڻئي ٿو ڇلي. پيءُ چيس تھ:  آءٌ فيصلي ڪرڻ لاءِ آيو آھيان، ڏسج متان ڪچي ٿي پوين! ڌيءَ جواب ڏنو تھ: بابا! مون کي پڪ آھي، تھ مون کان ڪا بھ ڪچي ڪا نھ ٿي آھي. وڏيري تسلائي وٺي ڳالھھ دل ۾ رکي. ٻئي ڏينھن وزير، صھري کي نيرن پاڻي ڪرائي، ڪچھريءَ ڏي روانو ٿيو. ان ڏينھن البت وزير کي دير ٿي ويئي، سو بادشاھھ پڇيس تھ: دير ڇو ڪيئي؟ وزير جواب ڏنو تھ: سائين! منھنجو صھرو آيل ھو، ان جي خدمت چاڪريءَ ۾ دير ٿي ويم. بادشاھھ چيس تھ: پوءِ وٺي نٿي آئينس؟ ھاڻي وڃ، ۽ وٺي اچينس. وزير ”حاضر سائين“ چئي ٻاھر نڪتو، پر ھيڪاري شڪ جاڳيس تھ سھرو، زال ۽ بادشاھھ ٽيئي ھڪ ڏوريءَ ۾ آھن؛ اڄ تنھنجي قسمت جو فيصلو ٿيندو. وزير گس ۾ ئي اھا ڀڃ گھڙ ڪندو اچي گھر پھتو، ۽ صھري کي چيائين تھ: بادشاھھ سلامت توھان کي گھرايو آھي. وڏيرو اڳيئي تيار ھو، سو ھن سان گڏ اٿي روانو ٿيو. وزير کي ھئا ڳڻتين جا گھر، سو وڏيري منھن مان ئي سھي ڪري ورتس. قصو ڪوتاھھ، ھلندا اچي ڪچھريءَ ۾ پھتا .... بادشاھھ وڏيري جي تمام گھڻي خاطري ڪئي، پر چوندا آھن تھ ”گمان بي ايمان آھي“ سو وزير کي سڄي دنيا دشمن پئي ڏسجڻ ۾ آئي.

وڏيرو اڳيئي عقل وارو ھو، وري جو ڪچھريءَ ۾ توري تڪي گفتگو ڪيائين، سو بادشاھھ کي وڻي ويو، تان جو ڪچھريءَ جو وقت پورو ٿيو. ٻيا سڀ امير وزير موڪلائي ويا، باقي بادشاھھ، وڏيرو ۽ وزير اچي رھيا. وڏيري، بادشاھھ کي ٻڌايو تھ جيئندا قبلا! آءٌ پنھنجي راڄ جو چڱو مڙس آھيان، ڌڻيءَ جو شڪر آھي جو پنھنجي مڇيءَ مانيءَ وارو آھيان. مون پنھنجي زمين جي ٽڪري ۾ ھڪ باغ رکيو. ان ۾ ڀانت ڀانت جا گل رکيم، جن جو ھڳاءُ ڪنھن بادشاھي باغ ۾ ڳوليو ملندو. وزير کي بھ انھن جو واس آيو. ايترو چئي وزير ڏي نھاريائين. بادشاھھ بھ ڳالھھ کي سمجھي پڪ ڪرڻ لاءِ وزير ڏانھن نھاريو. وزير ڪنڌ ھيٺ ڪري جواب ڏنو: ھائو سائين. تڏھن وڏيري وري ڳالھھ شروع ڪئي تھ جيئندا قبلا! پوءِ وزير مون کان قلم گھريو، جو کيس ڏنم. ايترو چئي وزير ڏانھن ڏٺائين، جنھن چيو: ھائو سائين. تڏھن وڏيري اڳتي چيو تھ: بادشاھھ سلامت! وزير اھو قلم گھر ۾ ھنيو. جڏھن ان قلم جي ڦٽڻ جو وقت ٿيو، تڏھن وزير ان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. ھاڻي منھنجو داد ٿئي. بادشاھھ وزير ڏانھن نھاريو. وزير وري بھ ڪنڌ ھيٺ ڪري ڪاوڙ مان جواب ڏنو تھ: سائين! ھي شخص جيڪي چئي ٿو سو سچ آھي. مون جڏھن وڻ ھيٺان شينھن جو پير ڏٺو، تڏھن اچي خوف ٿيم، پوءِ برابر ان وڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيم، ان لاءِ تھ ڀلي اھو وڻ سڪي وڃي.

بادشاھھ، وزير جو اشارو سمجھي ويو. ھاڻي ھو ڪھڙيءَ طرح وزير جي دل تان شڪ لاھي. آخر ٿوري دير ترسي، وڏيري کي چيائين تھ: اڄ تنھنجي ماني اسان وٽ آھي، پر جيستائين ماني تيار ٿئي، تيستائين اچو تھ چوپڙا راند ڪريو. وڏيري عرض ڪيو تھ: سائين! چوپڙا راند ۾ چار ڄڻا کپن. پاڻ فقط ٽي آھيون. ان ڪري منھنجي صلاح آھي تھ راند ھلي وزير جي محلات ۾ ڪريون. بادشاھھ ھن جي صلاح تي آمنا چئي اٿي کڙو ٿيو. وڏيري، وزير کي اشارو ڪيو تھ: ”تون اڳ ۾ ھلي تياري ڪر“ وزير اڳواٽ سمورو بندوبست ڪيو ۽ پنھنجي زال کي بھ ٻڌايائين تھ بادشاھھ ھتي چوپڙ راند ڪرڻ لاءِ اچي ٿو. وزير جي زال يڪدم ھار سينگار ڪري تيار ٿي ويٺي. وزير کي زال جي ھار سينگار ھيڪاري شڪ ۾ وجھي ڇڏيو، سو غيرت وچان زال کي مارڻ تي ھو، تھ بادشاھھ ۽ وڏيرو اچي محلات ۾ گھڙيا. وزير پنھنجن ئي خيالن ۾ ٻڏي ويو تھ اڄ ھي ٽي ڄڻا، آءٌ ھڪڙو، موت ضرور مٿي تي آھي.

وڏيري ڌيءَ کي چيو تھ: اما! چوپڙ کڻي اچ تھ راند ڪريون. ڇوڪريءَ چوپڙ کڻي آڻي وچ تي رکي. وڏيرو ۽ سندس ڌيءَ سامھون ويٺا، بادشاھھ ۽ وزير ھڪٻئي کي سامھون ويٺا. ڇوڪريءَ چوپڙ پکيڙي، تھ وڏيري يڪدم ڍارا ھٿ ۾ کڻي چيو تھ:

مون ڏني ھئي وٿ، پر تنھن مان ڪڍيئون ڪچ،

ڍر ڙي ڍارا! ڏي ڪا حال حقيقت.

ڍارو سولو پيو، ساري آزاد ٿي ۽ وڏيرو چال ھليو. ان کان پوءِ وزير ڍارو کڻي چيو تھ:

ٻھ شينھن ٻيلو ھڪڙو، ايءُ پڻ غير گذر،

ڍر ڙي ڍارا! ڏي ڪا حال حقيقت.

ڍارو نھ اٿليو ۽ ساري آزاد نھ ٿي...... وزير ڏند ڪرٽڻ لڳو. ھن کان پوءِ سندس زال ڍارو کنيو، ۽ چيائين تھ:

پاڻيءَ ھوندي ماڙيءَ ۾، منڌ نھ مٿو ڌوءِ،

ڍر ڙي ڍارا! ڏي ڪا حال حقيقت.

ڍارو سولو پيو، ساري آزاد ٿي، ۽ چال ھلي. ڇوڪريءَ کان پوءِ بادشاھھ ڍارو کڻي چيو تھ:

ڀائرن ۽ ڀاڄائين جو، سچو آھي سير

ڍر ڙي ڍارا! ڏي ڪا حال حقيقت.

بادشاھھ جو ڍارو بھ سولو پيو ۽ ساري آزاد ٿي.

وزير دل ۾ چيو تھ: بادشاھھ ڪوڙ ڳالھائي ويو. وڏيرو، وزير جي منھن جو رنگ لھندو چڙھندو ڏسي، سمجھي ويو تھ ھن جي دل اڃان صفا نھ ٿي آھي، تنھن وري بھ ڍارو کڻي چيو تھ:

مون ڏني ھئي وٿ، پر تنھن مان ڪڍيئون ڪچ،

ڪي سالڪ سمجھن ڳالھھ کي، تھ ڪوڙ آھي يا سچ!

ڍر ڙي ڍارا! ڏي ڪا حال حقيقت.

وڏيري جو ڍارو سولو پيو ۽ ساري اڳتي ھلي. وري وزير ڍارو کنيو ۽ چيائين تھ:

ٻھ شينھن ٻيلو ھڪڙو، اِيءُ پڻ غير گذر،

ات چيٽو چنبو ڇا جھلي، جِت ڪيھر کڻي ڪر!

ڍر ڙي ڍارا! ڏي ڪا حال حقيقت.

وزير جو ڍارو وري بھ سولو نھ پيو، ماٺ ڪري ويھي رھيو. دل ۾ سمجھيائين تھ ڳالھھ ۾ ڪو رولو آھي. ھن کان پوءِ سندس زال ڍارو کنيو ۽ چيائين تھ:

پاڻيءَ ھوندي ماڙيءَ ۾ منڌ نھ مٿو ڌوءِ،

ھيءَ ڳالھھ ڳجھارت جھڙي، پر سمجھڻ وارو ھوءِ!

ڍر ڙي ڍارا! ڏي ڪا حال حقيقت.

 وزير جي زال جو ڍارو سولو پيو،  ساري اڳتي ھلي. ان کان پوءِ بادشاھھ ڍارو کنيو. ھو وزير جي ڳالھھ سمجھي ويو ھو تھ ھاڻي سڀ بار منھنجي مٿان آھي، پر وزير جو شڪ حق تي آھي... سڄو مانڌاڻ منھنجي گھوڙي جي پير وڌو آھي، تنھن ڍارو اڇليندي چيو تھ:

ڀائرن ۽ ڀاڄائين جو سچو آھي سير،

ھجيس ٿڃ ٿڻن ۾ تھ کلي پيانس کير!

ڍر ڙي ڍارا! ڏي ڪا حال حقيقت.

بادشاھھ جو ڍارو بھ سولو پيو ۽ پنھنجي ساري ھليو. اتي وڏيري چوپڙ راند ورائي کڻي ويڙھي. وزير جي منھن ۾ نھاري پڇيائينس تھ: ھاڻي ڪيئن؟ تڏھن وزير، منڊيءَ کان وٺي محلات جي دروازي تي گھوڙي جي پير واري سموري ڳالھھ ڪري ٻڌائي. باقي ڳالھھ بادشاھھ سربستي ڪري ٻڌائي. ھاڻي ڳالھھ اڇي ٿي، وزير جو شڪ لٿو، ۽ ٻئي زال مڙس اڳئين وانگر کير کنڊ ٿي ويا. پوءِ سڀني گڏجي ماني کاڌي. بادشاھھ بھ مبارڪون ڏيئي ويندو رھيو. پوءِ وڏيرو ٻٽي ڏينھن ترسي، خوشيءَ سان موڪلائي ڳوٺ ڏي روانو ٿيو.

 

١٨– عقلمند ڇوڪري *

 

ھڪڙو بادشاھھ چانڊوڪيءَ رات ۾، محلات جي اڱڻ ۾ ستو پيو ھو. خواب لڌائين تھ ھڪڙيءَ ٿالھيءَ ۾ باغ بيٺل آھي، ان باغ ۾ ڪيترائي گل ۽ ميوا آھن، ھڪڙو آرائين آھي، جو انھيءَ باغ مان گل ۽ ميوا، ڪچا توڙي پڪا پيو پٽي؛ کيس روڪڻ وارو آھي ئي ڪو نھ. بادشاھھ ڇرڪ ڀري ننڊ مان سجاڳ ٿيو. وڏي ويچار ۾ پئجي ويو، ۽ لڌل خواب کي دل ۾ ھنڍائڻ لڳو. پھھ پچائيندي پچائيندي مٿان اچي صبح ٿيو. بادشاھھ ڏندڻ پاڻي ڪري، جڏھن درٻار ۾ آيو، تڏھن پنھنجن وزيرن سان خواب جي ڳالھھ چوريائين ۽ کين حڪم ڪيائين تھ: جلدي خواب جو تعبير ٻڌايو. وزير ويچارا شش و پنج ۾ پئجي ويا، تھ خواب جو تعبير ڪھڙي نموني ڪريون! ٿوري ساعت رکي بادشاھھ ھنن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، پر ڪنھن بھ وزير خواب جو تعبير ڪو نھ ٻڌايس، جنھن تي بادشاھھ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. وڏي وزير کي حڪم ڏنائين تھ: جي مھيني اندر خواب جو تعبير نھ ٻڌايئي، تھ ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويندين!

وزير ويچارو منجھي پيو، سو بادشاھھ کان موڪلائي گھر آيو، ۽ گھوڙي تي سنج رکي، ناڻي سان خرزين ڀري، وٺي جھنگ منھن ڪيائين. واٽ تي جيڪو ٿي واٽھڙو مليس، تنھن کي خواب ٻڌائي، ان جو تعبير ٿي پڇيائين؛ پر ڪنھن بھ ماڻھوءَ تعبير ڪونھ سليس. آخر ھلندي ھلندي، ھڪڙي ماٿريءَ ۾ وڃي پھتو. پري کان ٻڪرين جي ھڪ واڙ نظر آيس. ڇا ڏسي تھ ھڪ نينگر ويٺي آھي، جا ٻڪرين جي ڦرن کي پيئي پاڻي پياري. وزير بھ ھو اڃايل، سو نينگريءَ کان پاڻي گھريائين، جنھن کيس کٽولي تي ويھاري، پاڻيءَ جو وٽو ڀري، ان ۾ ٿورا ڪک وجھي، آڻي کيس ڏنو. وزير کي ڳالھھ خراب لڳي، پر اڃ سبب ڪڇيو ئي ڪين. ڪکن کي آھستي آھستي پري ڪندو، ڍڪ ڍڪ ڪري پاڻي پيئڻ لڳو. جڏھن پي ڍؤ ڪيائين، تڏھن ڇوڪريءَ کان پڇيائين تھ: پاڻيءَ ۾ ڪک ڇو وجھي ڏنئي؟ نينگريءَ چيو تھ: توھان کي اڃ ھئي گھڻي، تنھنڪري تڪڙ ۾ پاڻي گھڻو پي وڃو ھا، پر ڪکن وجھڻ سان توھان ڍڪ ڍڪ ڪري پيتو، جي ائين نھ ڪريان ھا، تھ شايد توھان پاڻي گھرج کان وڌيڪ پي وڃو ھا ۽ تڪليف ٿئيو ھا.

وزير کي ھن ڇوڪريءَ جو اھو جواب ڏاڍو وڻيو. دل ۾ چيائين تھ ڇوڪري جھڙي صورت ۾ سھڻي آھي، اھڙي وري ڪا سيرت ۾ گھٽ ھجي، سو تھ کوڙو ئي نٿو لڳي؛ سو گھوڙي تان لھي ساڻس ڪچھري ڪرڻ ويٺو. پوءِ ڇوڪريءَ کان پڇيائين تھ: ڀلا تنھنجو ٻيو بھ ڪو مٽ مائٽ آھي يا ھتي جھنگ ۾ اڪيلي ٿي رھين! ڇوڪريءَ جواب ڏنو تھ: آءٌ ھتي پنھنجي پيءُ ماءُ سان گڏ رھان ٿي، پر ھينئر بابو ويو آھي ڌوڙ، ڌوڙ سان ملائڻ، ۽ امان ويئي آھي ڪوڙ مان سچ ڪرڻ، ۽ ادو ويو آھي مٽيءَ مان ماڻڪ پيدا ڪرڻ.

وزير ڇوڪريءَ جون ڳالھيون ٻڌي، وڌيڪ حيرت ۾ پئجي ويو، دل ۾ چيائين تھ: جيڪڏھن خواب جو تعبير ڪندي تھ اھا ڇوڪري ڪندي، نھ تھ خير ئي خير. ھاڻي خواب جو تعبير پوءِ پڇان، پھريائين سندس مائٽن بابت تھ پڇان، تھ اھي ڪيڏانھن ويا آھن! سو چيائين تھ نياڻي! تو مون کي ٽيئي ڳالھيون مام ۾ ٻڌايون آھن، ھاڻي انھن جا جواب بھ تون ئي ڏس، مون کي تھ خبر ڪا نھ ٿي پوي، تھ تو ڇا چيو؟ ڇوڪريءَ ورندي ڏنيس تھ: جي اوھان مون کي نياڻي ڪري ٿا سڏيو، تھ آءٌ بھ اوھان کي پنھنجي پيءُ برابر ٿي ڄاڻان، چڱو ھاڻي ٻڌو ..... مون چيو تھ بابو ويو آھي ڌوڙ ڌوڙ سان ملائڻ، جنھن جومطلب ھيءُ آھي تھ اڄ ڳوٺ ۾ ھڪڙو ماڻھو فوت ٿيو آھي، جنھن سان بابو ڪانڌي ٿي دفنائڻ ويو آھي، يعني ڌوڙ ڌوڙ سان ملائڻ ويو آھي. ٻيو تھ اسان وٽ ٻڪرين جو ڌڻ آھي، جنھن جو کير ڏھي، ڏڌ ڄمائي ولوڙيندا آھين، جيڪو مکڻ ٿئي سو کائون، باقي ڏڌ ويئي آھي امان کپائڻ. کير سچ آھي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ڏڌ ڪوڙ آھي. تڏھن چيم تھ امان ويئي آھي ڪوڙ مان سچ ڪرڻ. وري چيم تھ ادو ويو آھي مٽيءَ مان ماڻڪ پيدا ڪرڻ. سو ھيئن جو زمين کي ھر ڏيڻ ۽ ٻج ڇٽڻ مان آخر فصل ٿيندو، ۽ ان مان اسان کي ان داڻا ملندا، جي ماڻڪن کان بھ زياده قيمتي آھن. ڇوڪريءَ جا جواب وزير کي واھھ جا وڻيا. پوءِ کيس پنھنجي بادشاھھ جو لڌل خواب ٻڌائي، ان جو تعبير پڇيائين.

ڇوڪريءَ وزير کي چيو تھ: توھين فڪر نھ ڪريو، گھڙي ساعت آرام ڪريو، تھ توھان کي اھا پرولي بھ سلي ٿي سڻايان. مگر وزير زور ڀريس تھ: مون کي تيسين آرام ڪرڻو ناھي، جيسين خواب جو تعبير نھ ٻڌائيندينءَ. ڇوڪريءَ وزير کي تسلي ڏني ۽ چيائينس تھ: چڱو ٻڌ. ٿالھي آھي ھيءَ دنيا، باغ آھي مخلوقات اِلاھي، گل ۽ ميوا آھن جاندار شيون،  آرائين آھي ملڪ الموت، جو روزانو وتي خدا جي حڪم سان ننڍن ۽ وڏن جا روح قبض ڪندو. وزير کي نينگريءَ جو نصيحت ڀريو جواب ڏاڍو وڻيو. تنھن وچ ۾ ڇوڪريءَ جا مائٽ بھ اچي ويا ھئا، جن بھ وزير جي دل جان سان خدمت چاڪري ڪئي. ڏينھن بھ ھاڻي موٽ کاڌي ھئي، ۽ شام ٿيڻ واري ھئي، نيٺ وزير ھنن کان موڪلائي، اچي بادشاھھ وٽ پھتو ۽ سمورو بيان ڪري ٻڌايائينس. وزير جي سربستي ڳالھھ ٻڌي، بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنائين تھ: اھا ٻڪرار جي ڌيءَ مون کي ڏيکار، جنھن تو جھڙي کي گس لاتو آھي.

ٻئي ڏينھن بادشاھھ ۽ وزير گھوڙن تي چڙھي، شھر کان ٻاھر ان ڳوٺ ڏانھن روانا ٿيا، جتي ٻڪرار رھندو ھو. پھر اڌ ۾ وڃي ٻڪرار جي جھوپڙيءَ وٽ پھتا. ٻڪرار، بادشاھھ ۽ وزير جي گھڻي خدمت چاڪري ڪئي. بادشاھھ نينگري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻڪرار کان ان ڇوڪريءَ جو سڱ پنھنجي شھزادي لاءِ گھريائين. ٻڪرار ھو غريب، تنھن دل ۾ چيو تھ” سوني ٿالھيءَ ۾ ڪير نھ بِکيا وجھندو!“ اسين زال مڙس آھيون غريب، سو جي بادشاھھ سان سڱ ڳنڍينداسين تھ نياڻي وڃي سکي ٿيندي. اھا ڳالھھ ڳڻيندي ھن بادشاھھ سان انڪار ڪو نھ ڪيو. پوءِ ٿوري گھڻي ڏينھن ان عقلمند ڇوڪريءَ جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان وڏي شھزادي سان ٿي. بادشاھھ ٻڪرار کي ڏاڍا انعام ڏيئي ڍئي ڇڏيو.


 

١٩– ٽڪي ۾ عشق *

 

ھڪڙي شھر ۾ ڪو غريب ڇوڪرو رھندو ھو، جنھن جو پيءُ ننڍي ھوندي مري ويو ھو؛ تنھن ھڪڙي ڏينھن پنھنجي ماءُ کي چيو تھ: امان! مون کي ٽڪو ڏي، تھ وڃي عشق ڪمايان. ماءُ چيس تھ: ابا! پاڻ غريب، ھن وقت ٽڪو ڪٿان آيو؟ وڃي بادشاھھ کان ٽڪو وٺ. ڇوڪرو سڌو بادشاھھ وٽ آيو. ھن کي چيائين تھ: بادشاھھ سلامت! مون کي ھڪڙو ٽڪو ڏيو! بادشاھھ حيران ٿي پڇيس: ڇوڪرا! ٽڪي کي ڇا ڪندين؟ جواب ڏنائين تھ: سائين! عشق ڪمائيندس. بادشاھھ مرڪي چيس تھ: ٽڪي ۾ عشق ڪمائيندين! چيائين تھ: ھا سائين، ٽڪي ۾! بادشاھھ ڇوڪري جي چالاڪيءَ تي حيران ٿي ويو، خيال ڪيائين تھ ٽڪي ۾ ھيءُ عشق ڪيئن ڪمائيندو؟ سو کيس ٽڪو ڏيئي، ھن جي پويان پنھنجو ماڻھو ڇڏيائين، تھ اھو اچي ٻڌائي تھ ڇوڪري ٽڪي ۾ عشق ڪيئن ڪمايو.

ڇوڪري ٽڪي مان پائيءَ جي کار، پائي جي گلي، ٻن پاين جو صابڻ ورتو، ۽ باقي  ٻھ پايون کيسي ۾ وجھي، وڃي ڪپڙا ڌوئڻ لڳو. شام جي وقت اھي ڌوتل ڪپڙا پائي ٽاٽ ٿي، شھر جي چڪر تي نڪتو. رات جي مانيءَ کائڻ بعد، گھمندو ڦرندو وڃي ھڪڙي سوداگر جي ماڙيءَ ھيٺ بيٺو؛ ٿوري دير بعد بيھي. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي پڪ ڪري تھ ڪو ماڻھو تھ ڪونھ ٿو ڏسي، پوءِ ڀتِ ۾ ڪلا ھڻندو ماڙيءَ تي چڙھي ويو. بادشاھھ کي سندس ماڻھوءَ وڃي خبر ٻڌائي، سو انھيءَ وقت ئي ماڙيءَ جي ھيٺان اچي بيھي رھيو ۽ ڇوڪري جي موٽڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

ماڙيءَ ۾ ڪنھن سوداگر جي زال پنھنجي ٻانھيءَ سميت رھندي ھئي. سوداگر، سوداگريءَ تي ويل ھو. ٻانھيءَ جي جو ڇوڪري تي نظر پيئي، تنھن پنھنجيءَ سانئڻ کي ٻڌايو. ھن ٻانھيءَ کي چيو تھ: مھمان جي وڃي خدمت ڪر. ٻانھي ڇوڪري وٽ آئي ۽ چيائين تھ: ھن پلنگ ۾ ھٿ وجھاءِ، تھ ھيٺ ڀرو ڪريونس. ڇوڪري چيس تھ: پنھنجيءَ سانئڻ کي سڏ ڪر، اھو ڪم ان جو آھي. ٻانھي موٽي وڃي سانئڻ کي چيو تھ: سانئڻ! ھي ڇوڪرو تھ ڏاڍو سياڻو ٿو ڏسجي. پلنگ ۾ تھ ھٿ نھ وڌائين، پر ڏاڍي بيپرواھيءَ سان چيائين تھ: پنھنجي سانئڻ کي سڏ ڪر! اھا ڳالھھ ٻڌي، ھن ٻانھيءَ کي چيو تھ: چڱو، گرم سرد پاڻي وڃي ڏينس تھ ھٿ منھن ڌوئي. ٻانھيءَ حڪم جي تعميل ڪئي. اچي ڏسي تھ ڇوڪرو پلنگ تي بالم ٿيو ويٺو آھي. پاڻ پاڻي ڇڏي ويندي رھي. ڪجھھ وقت کان پوءِ اچي ڏسي تھ پاڻي جھڙو آھي تھڙو پيو آھي. پڇيائينس تھ: تو اڃان تائين ھٿ منھن بھ نھ ڌوتو آھي! ڇوڪري چيس تھ: پاڻي تون ملائي ڏي تھ ھٿ منھن ڌوئان! ٻانھيءَ اھي لفظ ٻڌي يڪدم سرد گرم پاڻي ملايو، تڏھن ھن اٿي ھٿ منھن ڌوتو. سانئڻ وري ٻانھيءَ کي چيو تھ: ھيءَ عطر جي شيشي کڻي وڃي ڏينس، ۽ ڏس تھ ڇا ٿو ڪري! ٻانھيءَ ڇوڪري کي عطر جي شيشي آڻي ڏني. ھن ڇا ڪيو تھ اھا وٺي پلنگ جي چئني پاون ھيٺان ھاري پلنگ تي چڙھي ويھي رھيو. ڪجھھ دير بعد ٻانھي ھڪڙو گدرو ۽ ڇري ڇوڪري کي ڏيئي موٽي ويئي. ھن ڇا ڪيو جو گدري تان کل لاھي، ڳترا ڳترا ڪري ٿالھيءَ ۾ رکي ڇڏيائين، ۽ ٻانھيءَ جي اچڻ تي ٿالھي ڳترن سوڌي واپس ڪيائين. ٻانھي اھا ٿالھي کڻي سانئڻ وٽ آئي، جنھن وري ھڪ ليمو ۽ سئي ڇوڪري ڏانھن ڏياري موڪلي. ٻانھيءَ کان اھي شيون وٺي، ھن ڇا ڪيو جو سئي ليمي ۾ ٽنبي، ورائي سئي پلنگ جي سيرانديءَ واري پائي ۾ ٽنبي ڇڏيائين. اھا حالت ڏسي، ٻانھيءَ پنھنجي سانئڻ کي چيو تھ: ھيءُ ڏسڻ ۾ سو ڇوڪرو آھي، مگر عقل جو وير آھي. سوداگر جي زال سڀني ڳالھين ۾ ان کي پرکي، پوءِ ھار سينگار ڪري ھن وٽ آئي، ۽ سڄي رات رھاڻ ڪندي گذاريائون.

پوئين رات جو ڇوڪرو ماڙيءَ تان لٿو. بادشاھھ بھ ھيٺ ھن جي انتظار ۾ لڪو بيٺو ھو، تنھن ھن کي ڏسي ورتو. ڇوڪرو تھ پنھنجي گھر ھليو ويو، مگر بادشاھھ کي ڏاڍي حيراني ھئي. ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ٿي آيس، تھ ڇوڪرو ماڙيءَ ۾ سڄي رات ڪيئن رھيو. بادشاھھ پنھنجي محلات ۾ موٽي آيو. آخر ڏينھن ٿيو. سارو ڏينھن بادشاھھ مونجھاري ۾ گذاريو، نھ تھ درٻار جو خيال نھ بادشاھيءَ جو سوال. تان جو مٿان اچي رات پيئي. جڏھن منھن اونداھي ٿي، ۽ لوڪ لقاءُ وڃي آرامي ٿيو، تڏھن بادشاھھ چمڙا پوش ڪري سوداگر جي ماڙيءَ ڏانھن روانو  ٿيو. ڇوڪري جا ھنيل ڪلا ماڙيءَ جي ڀت ۾ لڳا پيا ھئا. بادشاھھ انھن تان چڙھي، ماڙيءَ تي ويو. پيرن جي آواز تي ٻانھي ھوشيار ٿي. بادشاھھ کي ڏسي پنھنجي سانئڻ کي اطلاع ڪيائين. ھن چيس تھ: مھمان جي خدمت چاڪري ڪر. ٻانھي بادشاھھ وٽ آئي ۽ چيائينس تھ: ھن پلنگ ۾ ھٿ وجھھ تھ ھن پاسي ڪري رکجي. بادشاھھ ھڪدم پلنگ ۾ ھٿ وڌا ۽ اتان کڻي ٻئي ھنڌ رکيائين. ٻانھيءَ وڃي سوداگرياڻيءَ کي ٻڌايو، جنھن وري پاڻي ڏيڻ لاءِ چيس. ٻانھي گرم سرد پاڻي جدا جدا کڻي، آڻي بادشاھھ جي اڳيان رکيو. بادشاھھ يڪدم اٿيو، ٿڌو ڪوسو پاڻي ملائي، ھٿ منھن ڌوئي پلنگ تي چڙھي ويھي رھيو. ايتري ۾ ٻانھي عطر جي شيشي کڻي آئي. بادشاھھ ان مان ٻڙو ڀري ڪن ۾ وڌو، ڪجھھ ڪپڙن تي ۽ ڪجھھ ھنڌ تي ڇٽڪاريائين. ٻانھيءَ ساري حالت وڃي سوداگرياڻيءَ کي ٻڌائي؛ جنھن وري گدرو ۽ ڇري ڏياري موڪليس. بادشاھھ گدري کي وڍي اڌ پاڻ کاڌو ۽ اڌ بچائي سوداگرياڻيءَ لاءِ رکيائين. ٻانھي وري ليمون ۽ سئي کڻي آئي. بادشاھھ دل ۾ خيال ڪيو تھ ھي ڪھڙا نھ بيوقوف آھن – ھاڻي ليمي ۽ سئيءَ جو ڪھڙو ضرور ھو؟ سو ڇا ڪيائين، جو سئيءَ سان ليمي کي ٽنگ ڪري، ان جو رس چوسڻ لڳو. ٻانھيءَ پنھنجي سانئڻ کي وڃي چيو تھ: ھھڙو اناڙي مون نھ ڏٺو. ھاڻي جيڪا تنھنجي مرضي. اتي سوداگرياڻي ۽ ٻانھي گڏجي بادشاھھ وٽ آيون. بادشاھھ ھنن کي ڏسي مرڪڻ لڳو تھ ھاڻي سوداگردياڻي اچي ڀر ۾ ويھندي، پر ھنن ايندي شرط اچي موچڙن جي مار وڌيس. پوءِ تھ زناني مار، خبر نڪا چار. بادشاھھ ويچارو موچڙا کپائي، جتان آيو ھو، اوڏانھن روانو ٿيو ۽ ساري رات اکين تي ويھي گذاريائين.

بس صبح ٿيندو ويو ۽ بادشاھھ يڪدم ماڻھو موڪلي ڇوڪري کي گھرايو. سپاھين گھڙيءَ ۾ ڇوڪرو پڪڙي آڻي بادشاھھ جي روبرو ڪيو. بادشاھھ خلاصيءَ جاءِ تي وٺي وڃي ويھاري پڇڻ لڳس تھ: اڙي ڇوڪرا! تو عشق ڪمائڻ لاءِ مون کان ٽڪو ورتو ھو. سو ڪمايئي؟ ڇوڪري ورندي ڏني تھ: ھائو سائين. بادشاھھ پڇيس تھ: مون کي ٻڌاءِ تھ ڪيئن؟ ڇوڪري وراڻيو تھ: سائين! ٻڌائيندس ڪڏھن بھ ڪونھ. بادشاھھ چيس تھ: ڇوڪرا! مون کان ڪا بھ ڳالھھ ڳجھي ڪانھي، جي نھ ٻڌائيندي، تھ ڦاسيءَ چاڙھائي ڇڏيندوسئين. ڇوڪري چيس تھ: سائين! اھا توھان جي مرضي، ڦاسي چاڙھيو تھ ڀلي، باقي ٻڌائيندس آءٌ ڪڏھن بھ ڪونھ. بادشاھھ چيس: مون کي ايتري خبر پئي آھي، تھ تون رات فلاڻي سوداگرد جي ماڙيءَ تي ويو ھئين، ۽ ساري رات اتي گذاري ھيئي. پوءِ بھ تون مون سان ڪوڙ پيو ڳالھائين! ڏاھو ٿي سچي ڪر تھ ڳالھھ ڪيئن آھي، ۽ تو ڪھڙيءَ طرح عشق ڪمايو؟ ڇوڪري ورندي ڏني تھ: بادشاھھ سلامت! توھين الاجي ڇا ٿا چئو؟ ڇا لڳان آءٌ، ڇا لڳي سوداگرد جي ماڙي! توھان ماڻھن جي ڳالھين تي نھ لڳو. مون کي انھيءَ قصي جي ڪا بھ خبر ناھي. بادشاھھ تپي باھھ ٿي ويو. ڀلا رات وارا موچڙا ياد بيٺا ھئس، سو پئي اندر ۾ سڙيو، تھ ڪنھن بھ نموني اھو راز ظاھر ٿئي تھ ھيءُ ڇورو – جنھن جي گھر ۾ رلي بھ سگھي ڪانھي – سو ساري رات سوداگرياڻيءَ سان گذاري آيو، ۽ آءٌ شھر جو بادشاھھ، سو انھيءَ ساڳئي ھنڌان موچڙا کائي آيو آھيان! آخر آھي ڇا؟ سو ڇوڪري کي وري بھ مٺ محبت سان سمجھائڻ لڳو، تھ من ڪنھن طرح سان ان ڳالھھ جو سبب ظاھر ٿئي. پر ڇوڪري جيئن ”نھ“ ڪئي، تيئن ”ھا“ جي ٻولي نھ ٻوليائين. اتي بادشاھھ پنھنجي ماڻھن کي حڪم ڏنو تھ: ھن کي ھڪڙي ھفتي لاءِ جيل ۾ بند رکو. ان بعد جي ھن سڄي حقيقت ٻڌائي تھ واھھ، نھ تھ ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويندو! سپاھين پوءِ ھن ڇوڪري کي وٺي جيل ۾ بند ڪيو.

ھوڏانھن سوداگرياڻيءَ کي ڇوڪري جي جيل ۾ پوڻ واري ساري حقيقت معلوم ٿي. آخر ھفتو پورو ٿيو، پر ڇوڪري سچي ڪا نھ ڪئي. تنھن تي بادشاھھ حڪم ڏنو تھ: ھن ڇوڪري کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو. اھا خبر ٻڌڻ سان سوداگرياڻيءَ کي ڏاڍو ويچار ٿيو. نھ ماني وڻيس نھ ٽِڪي. پنھنجي ٻانھيءَ کي خبر چار وٺڻ لاءِ موڪليائين تھ: شھر ۾ وڃي ساري حقيقت وٺي اچ تھ ھو ڦاسيءَ تي ڪيڏيءَ مھل چڙھندو. ٻانھيءَ سموري خبر چار وٺي آئي، تھ ڇوري کي ھينئر ئي ڦاسي تي ٿا چاڙھين. بادشاھھ ھلندي مھل بھ ڇوڪري کي گھڻو ئي سمجھايو تھ: ڇو ٿو پنھنجي جواني وڃائين! کڻي سچي ڪر. پر ڇوڪري جو اھو ئي جواب تھ: بادشاھھ سلامت! ڪھڙي سچي ڪريان؟ مون کي جي خبر ھجي ھا، تھ پھريائين ٻڌايان ھا. ھاڻي دير نھ ڪريو، ھلي ڦاسيءَ تي چاڙھيوم. اتي بادشاھھ پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڏنو تھ: ھن کي وڃي ڦاسيءَ تي چاڙھيو، پر جي مھلت گھري تھ ڦاسي نھ ڏجوس، موٽائي مون وٽ وٺي اچجوس.

ڇوڪري کي ڦاسيءَ واري جاءِ ڏانھن وٺيو پئي ويا، تھ ھوڏانھن اھا خبر سوداگر جي زال کي پئي، تنھن ڇا ڪيو، جو کير جو وٽو ۽ مڱن جي لپ ٻانھيءَ کي ڏئي چيو تھ: ڇوڪرو بيگناھھ ٿو ڦاسي چڙھي، تنھنڪري ھاڻي کيس بچائجي؛ تون ھيئن ڪر جو مڱن جي لپ سندس اڳيان اڇلي ۽ کير جو وٽو ھاري تون ھلي اچ؛ پوءِ جي حياتي ھوندس تھ بچي پوندو. ٻانھي مينھن واءُ ڪندي آئي، ڏسي کڻي تھ ويچاري ڇوڪري کي ڦاسيءَ جي تختي تي بيھاري، ھاڻي ڦاسي ڏيڻ جو سعيو پيا ڪن. تيستائين ھيءَ بھ ڊوڙي اچي رسي. ايندي شرط مڱن جي لپ ھن جي پيرن ۾ اڇلي ، کير جو وٽو ھاري، پوئين پيرين رواني ٿي. ڇوڪري ٻانھي سڃاڻي، جلادن کي چيو تھ: مون کي بادشاھھ وٽ وٺي ھلو تھ ڳالھھ ٻڌايانس. جلادن ھن کي وٺي آڻي بادشاھھ جي اڳيان حاضر ڪيو.

بادشاھھ ڇوڪري کي ڏسي چيو تھ: اڙي ڇوڪرا! نيٺ مرڻ کان ڊڄي وئين نھ!.... چڱو ھاڻي ٻڌاءِ اصل حقيقت. ڇوڪري چيو تھ: سائين! جي اجازت نھ ملي ھا، تھ ھرگز ڪو نھ ٻڌايان ھا. جڏھن ڌر ُ ڌڻيڻ کان اجازت ملي اٿم، تڏھن ٿو ٻڌايان..... ھاڻي ٻڌو – توھان ٽڪو ڏنو، مون ان مان صابڻ، کار، گلي وٺي، ڪپڙن کي ڌوئي صاف ڪيو، ۽ رات جو ھڪڙي سوداگر جي ماڙيءَ تي ڪلا کوڙي چڙھي ويس. ماڙيءَ ۾ وڃڻ بعد مون وٽ ھڪ ٻانھي آئي، جنھن مون کي اتي پيل پلنگ ھڪڙي ھنڌان کڻائي ٻئي ھنڌ رکائڻ لاءِ چيو، مون انڪار ڪري چيومانس تھ: پنھنجيءَ سانئڻ کي سڏ ڪر. بادشاھھ پڇيس تھ: ڇو تو ھن کي نھ وٺايو؟ ڇوڪري جواب ڏنو تھ: سوداگر جي زال انھيءَ طرح منھنجو امتحان ٿي ورتو، تھ آءٌ ڪنھن خانداني گھراڻي جو آھيان، يا خسيس ماڻھو آھيان. اھو ئي سبب ھو جو مون پلنگ وٺائڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ  ٻانھي گرم ۽ سرد پاڻي کڻي آئي، ۽ اچي چيائين تھ، ھٿ منھن ڌوئي آرام ڪر. مگر مون ان پاڻي کي بھ انھيءَ لاءِ ھٿ نھ لاتو، جو انھيءَ طريقي سوداگر جي زال اھو ٿي پڇيو تھ: جيڪڏھن گرمي سردي سر تي اچي وڃئي تھ اھا سھي سگھندين يا نھ؟ مون ان مام کي سمجھي اھو پاڻي ملائڻ جو ڪم بھ ٻانھي ھٿان ڪرايو. پوءِ ھٿ منھن ڌوئي بالم ٿي ويھي رھيس. يعني قبول ڪيم تھ ڪھڙي بھ تڪليف ھوندي تھ سر تي کڻندس. اڃان ٿورو وقت گذريو ئي ڪين تھ وري ٻانھي عطر جي شيشي کڻي آئي. مون ان شيشيءَ کي کولي پلنگ جي چئني پاون ھيٺ ورڇي ڇڏيو. بادشاھھ پڇيس تھ: ڀلا عطر تو پاون ھيٺان ڇو پوريو؟ ھن جواب ڏنو تھ: سوداگر جي زال پڇيو ھو، تھ سرديون گرميون تھ برابر سھي ويندي، پر ھيءَ اھڙي ڳالھھ آھي، جا عطر جي خوشبوءِ وانگر چوڌاريءَ پکڙجي ويندي. مون ان جو جواب ڏنو تھ: اھا خبر منھنجي دل ۾ ائين قابو رھندي، جو ٻاھر ٻاڦ بھ نھ نڪرندي. بادشاھھ پڇيس تھ: پوءِ ڀلا ڇا ٿيو؟ ڇوڪري چيو تھ: ٿوريءَ دير بعد، ٻانھي وري ھڪڙي ٿالھھ ۾ گدرو ۽ ڪاتي کڻي آڻي منھنجي ھٿ ۾ ڏنا. سوداگرد جي زال اھا بھ پڇي پڪ ٿي ڪئي، تھ تون لڪائيندين، پر ڪاتي ڪنڌ تي اچي وڃيئي تھ تون ڇا ڪري سگھندين؟ مون ان جو جواب اھو ڏنو، جو گدري جي کل لاھي، باقي ڳڀ جا ٽڪر ٽڪر ڪري، ٿالھھ ۾ وجھي ڏياري موڪليامانس... يعني تھ بدن جي کل لھي ويندي، ڳترا ڳترا ٿي ويندس، پر ڪڇندس اصل ڪو نھ. ان کان پوءِ وري مون ڏانھن ھڪڙو ليمون ۽ سئي ڏياري موڪليائين. ان ۾ اھو سوال پڇيائين تھ: جي سوريءَ تي توکي چاڙھيو وڃي تھ پوءِ؟ مون جواب ۾ ليمون ، سئي ۾ ٽنبي کٽ جي پائي ۾ ھڻي ڇڏيو، جنھن جو مطلب اھو ھو، تھ سوريءَ تي ٻڌندينءَ. بادشاھھ سلامت! انھيءَ پڪ پڪاڻيءَ کان پوءِ، سوداگر جي زال ھار سينگار ڪري آئي، ۽ اسان ٻنھي ڄڻن ساري رات رھاڻ ۾ گذاري. بادشاھھ پڇيس تھ: پوءِ اھا ڳالھھ تو مون سان ڇو ڪئي؟ ڇوڪري ورندي ڏني تھ: ھائو سائين! جنھن وقت توھان جا ماڻھو مون کي ڦاسي ڏيڻ تي ھئا، تھ اوچتو اھا ساڳي ٻانھي ڊوڙندي آئي ۽ مڱن جي لپ منھنجي پيرن ۾ اڇلائي، کير جو وٽو اڳيان ھاري ھلي ويئي، جنھن جو مطلب ھيءُ ھو، تھ سوداگر جي زال چوائي موڪليو تھ: وات ۾ مڱ ڇو پيا اٿئي؟ اڇي کير جھڙي ڳالھھ ڪري ڏي! سو بادشاھھ سلامت! جي پاڻ اھا اجازت نھ ڏئي ھا، تھ آءٌ ڪڏھن بھ اھا ڳالھھ توھان کي نھ ٻڌايان ھا.... ڦاسيءَ چڙھي وڃان ھا، پر ڳالھھ منھنجي پيٽ ۾ ھجي ھا.

بادشاھھ مڱن ۽ کير وارو قصو پنھنجي سپاھين کان پڇيو، جن بھ شاھدي ڏني، پوءِ بادشاھھ ڇوڪري کي چيو تھ: اڙي ڇوڪرا! برابر تو ٽڪي ۾ عشق ڪمايو ۽ تون واقعي عقل وارو آھين، اڄ ڏينھن کان پوءِ تون منھنجي خاص ماڻھن ۾ شامل آھين. ائين چئي ھن کي گھڻو ئي انعام ڏيئي روانو ڪيائين.


*  ھيءَ ڳالھھ اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

*  ھيءَ ڳالھھ وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org