٤- بادشاھھ ۽ غلام
ھڪڙو ھو بادشاھھ، جنھن وٽ ھڪڙو غلام ھو، جو عقل ۽ علم ۾ ڀڙ
سمجھيو ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ کي خيال ٿيو
تھ ھن جو امتحان وٺجي، تھ ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھي.
تنھنڪري غلام کي حڪم ڪيائين تھ: سفر جو سانباھو
ڪر. پوءِ ٿورو ساز سامان ۽ لشڪر ساڻ ڪري، ٻئي سفر
تي روانا ٿيا.
ھلندي ھلندي ھنن کي ست ڏينھن گذري ويا، تڏھن بادشاھھ ھڪڙي ھنڌ
منزل ھنئي، ۽ ان غلام کي حڪم ڪيائين تھ: اڄ جو اڄ
مون کي راڻي ۽ ٻانھي آڻي ڏي، نھ تھ تنھنجون اکيون
ڪڍائي ڇڏيندس! بادشاھھ جو حڪم ٻڌي، غلام ڏڪي ويو،
پر عقل کان ڪم وٺي، نوڪرن کي حڪم ڏنائين تھ: مٽي ۽
ڪاٺيون آڻي ڏيو. جڏھن اھي شيون اچي ويون، تڏھن ھن
انھن مان راڻي ۽ ٻانھيءَ جا بوتا ٺاھي تيار ڪيا ۽
بادشاھھ کي عرض ڪيائين تھ: باشاھھ سلامت! راڻي
ٻانھيءَ سميت حاضر آھي. بادشاھھ رات جو راڻيءَ سان
سمھي ننڊ ڪئي. جڏھن صبح ٿيو، تڏھن ٻانھيءَ کي حڪم
ڏنائين تھ: راڻيءَ کي تڙ پاڻي ڪراءِ؟ ٻانھيءَ حڪم
موجب جھڙو راڻيءَ جي مٿان پاڻي وڌو، تھڙو ھوءَ ڪري
پيئي ۽ مٽي ۽ ڪاٺيون ظاھر ٿي پيون. ٿوريءَ دير کان
پوءِ بادشاھھ، راڻيءَ کي سڏ ڪيو، پر ڪو بھ جواب نھ
ٻڌي، اچي ڏسي تھ راڻي ٺھي ئي ڪانھ! انھيءَ تي
ٻانھيءَ کان پڇيائين تھ: راڻي ڪٿي آھي؟ ٻانھيءَ
جواب ڏنس تھ: جيئندا قبلا! منھنجي مٿان پاڻي ھاريو
تھ خبر پويو تھ راڻي ڪٿي آھي؟ بادشاھھ پاڻي کڻي
ٻانھيءَ جي مٿان وڌو، تھ ھوءَ بھ ڪک ڪاٺيون ٿي ڪري
پيئي. اھا حالت ڏسي، بادشاھھ ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو
۽ غلام کي گھرائي ھن جون اکيون ڪڍرائي ڇڏيائين.
انڌي ٿيڻ کان پوءِ، اھو غلام حياتيءَ جا ڏينھن ڏکيا سکيا مڙيئي
پيو گذاريندو ھو. انھن ڏينھن ۾ اتفاق اھڙو ٿيو، جو
ملڪ ۾ ھڪڙو سامونڊي گھوڙو ڪاھي آيو ۽ سڄيءَ خلق ۾
ٽاڪوڙو وجھي ڏنائين. گھوڙو ڪنھن جي بھ قابوءَ ۾ نھ
پئي آيو. بادشاھھ گھڻئي حيلا ھلايا، پر ڪجھھ بھ
ڪين وريو. آخر بادشاھھ انھيءَ نابين غلام کي
گھرائي چيو تھ: تون گھوڙو جھلي ڏي. غلام انھيءَ تي
جواب ڏنو تھ: بادشاھھ سلامت! آءٌ اکين کان معذور،
ڪيئن گھوڙو جھلي سگھندس؟ بادشاھھ چيس تھ: جيڪڏھن
تو گھوڙو نھ جھلي ڏنو، تھ توکي مارائي ڇڏبو.
بادشاھھ جو اھو حڪم ٻڌي، غلام ڏاڍو اچي لاچار ٿيو.
مجبور ٿي بادشاھھ کي عرض ڪيائين تھ: جيئندا قبلا!
ڀلا مون کي ٻڌايو تھ گھوڙو ڪنھن جاءِ تي لھي بھ ٿو
يا نھ؟ انھيءَ تي بادشاھھ جواب ڏنس تھ: ھائو،
گھوڙو ھر جمعي رات فلاڻي ھنڌ لھندو آھي. تڏھن غلام
چيو تھ: مون کي انھيءَ ھنڌ وٺي ھلو.
بادشاھھ جو حڪم ٿي ويو. نابين غلام ڪيترن ئي ماڻھن سان گڏجي
انھيءَ ھنڌ ويو، ۽ ميدان بابت خبر چار وٺي،
بادشاھھ کي صلاح ڏنائين تھ: انھيءَ ھنڌ تي ھڪڙو
تلاءُ ٺھرايو وڃي. ھفتي اندر ئي تلاءُ تيار ٿي
ويو. آخرڪار جمعي رات بھ اچي ويئي. تڏھن بادشاھھ
ان غلام ۽ ٻيءَ خلق سميت اچي تلاءُ جي ويجھو ويٺو.
ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ گھوڙو اچي تلاءُ ۾
ڪريو..... پر اک ڇنڀ ۾ گھوڙو گم ٿي ويو، ۽ رڳو
ڪاٺيون پئي تريون. ماڻھن اھي ڪاٺيون کڻي اچي
بادشاھھ جي اڳيان رکيون. انھن ڪاٺين ۾ ھڪ سونو
پترو لڳل ھو، جنھن تي اھڙا لفظ لکيل ھئا، جن کي ڪو
بھ پڙھي نھ پئي سگھيو. بادشاھھ خود بھ حيران ٿيو،
پر پوءِ وري بھ غلام کي چيائين تھ: ٻڌاءِ تھ
انھيءَ پتري تي ڇا لکيل آھي؟ غلام ڪا بھ واھھ نھ
ڏسي عرض ڪيو تھ: پترو مون کي ھٿن ۾ ڏيو. جڏھن پترو
ھن کي ڏنو ويو، تڏھن ان کي ائين ئي ھيٺ مٿي،
ھيڏانھن ھوڏانھن ھٿ لائي، گھڻي گھڻي تائين سوچي
ويچاري، پوءِ چيائين تھ: ھن ۾ لکيل آھي تھ جيڪو
شخص ھي گھوڙو روڪيندو ۽ مون وٽ ايندو، آءٌ ان سان
شادي ڪنديس. بادشاھھ جو اھا ڳالھھ ٻڌي، سو غلام کي
چيائين تھ: جلدي ٻڌاءِ تھ اھو گھوڙو ڪيئن روڪبو ۽
انھيءَ شھزاديءَ سان ڪيئن ملي سگھبو؟ غلام جواب
ڏنو تھ: بادشاھھ سلامت! گھوڙو تھ ڪڏھوڪو ھتي ھن
اوھان جي تلاءُ ۾ جھلجي ويو آھي، ھاڻي اوھان جي
بادشاھيءَ ۾ ھو ڪڏھن بھ ڪو نقصان ڪو نھ ڪندو......
باقي رھي شھزادي، سو جيڪڏھن ڪو غوراب تيار ٿئي تھ
ان ۾ چڙھي، ان کي بھ ھلي ڪٿان ھٿ ڪري سگھبو....
سامونڊي گھوڙي واري شھزادي ضرور ڪنھن درياءَ يا
سمنڊ جي ڪناري سان رھيل ھوندي. انھيءَ تي بادشاھي
حڪم ٿي ويو ۽ ھڪڙو وڏو غوراب ٺھي تيار ٿيو، جنھن ۾
بادشاھھ، لشڪر ۽ ان غلام سميت چڙھي سفر تي روانو
ٿيو.
بادشاھھ کي ھن سفر ۾ گھڻئي ڏينھن گذري ويا، پر گھوڙي يا
شھزاديءَ جي ڪا بھ خبر ڪا نھ پيئي. آخر ھڪڙي ڏينھن
بادشاھھ کي غلام ٻڌايو تھ: بادشاھھ سلامت! شھزادي
ھن ئي شھر ۾ آھي. بادشاھھ اھو ٻڌي، غوراب کي لنگر
ھڻائڻ جو حڪم ڏنو. جڏھن غوراب بيٺو، تڏھن بادشاھھ،
وزير امير ساڻ ڪري شھزاديءَ ڏانھن روانو ٿيو.
انھيءَ وچ ۾ شھزاديءَ کي خبر پھتي تھ ڪنھن ڏوراھين ڏيھھ جي
غوراب اچي لنگر ھنيو آھي، سو ويس بدلائي جھاز تي
آئي، ۽ سڄي خبر چار ورتائين. جڏھن شھزاديءَ کي
ساري حقيقت معلوم ٿي ويئي، تڏھن ان غلام کي پاڻ
سان محلات ۾ وٺي ويئي. شھزاديءَ وٽ ھڪ قيمتي سرمو
ھو، جنھن مان سرائي ڀري اکين ۾ پاتائين، تھ ٿوريءَ
دير کان پوءِ ھن جي ٻنھي اکين ۾ نور اچي ويو. ان
بعد شھزاديءَ پيءُ کي نياپو موڪليو تھ: بابا
سائين! مون پنھنجو گھوٽ ڳولي لڌو آھي. پڻس انھيءَ
تي ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ھنن ٻنھي ڏاڍي ڌام ڌوم سان
شادي ڪئي.
بادشاھھ کي جڏھن حال معلوم ٿيو، تڏھن ڏاڍو اچي پسريو. شھزاديءَ
وٽ دانھن کڻي ويو، پر ھن کيس ڏاڍو شرمايو ۽
چيائينس تھ: اي بادشاھھ ! تون اکين ھوندي بھ انڌو
ھئين، توکي ايترو بھ عقل ڪو نھ آيو، تھ ستن ڏينھن
جي مفاصلي تي اک ڇنڀ ۾ راڻي ۽ ٻانھي ڪيئن پھچي ٿي
سگھيون؟ وري ڪاٺين ۽ ڪکن جي راڻيءَ ٺھڻ تي، غلام
جي عقل ۽ ھنر تي آفرين چوڻ بدران توکي ايڏي خار
آئي، جو تو پنھنجي وفادار غلام جون اکيون ڪڍائي
ڇڏيون! ھاڻي جنھن رستي کان آيو آھين. انھيءَ رستي
کان ئي واپس وڃ. بادشاھھ، شھزاديءَ جو اھو جواب
ٻڌي، ماٺڙي ڪري پنھنجي ملڪ ڏانھن روانو ٿي ويو.
ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ، شھزاديءَ جو پيءُ بھ سڄي حڪومت جون
واڳون پنھنجي ڌيءَ جي حوالي ڪري، وڃي عبادت ڪرڻ
لڳو ۽ شھزادي پنھنجي مڙس سان حياتيءَ جا باقي
ڏينھن سک سانت ۾ گذاريا.
٥-بادشاھھ ۽ فقير
ھڪڙو ھو بادشاھھ – کيس الله جو ڏنو سڀ ڪجھھ ھو، پر رڳو اولاد جو
بکيو ھو. اولاد نھ ھجڻ ڪري، ھو ڏاڍو غمگين
گذاريندو ھو. ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ پنھنجي شھر مان
نڪري، ڪنھن ٽِواٽي تي منجو اونڌو ڪري وڃي سمھي
رھيو. جيڪو بھ اتان لنگھيو ٿي، سو کيس مٿان
لتاڙيندو پئي ويو. آخرڪار ھڪ الله لوڪ فقير اچي
وٽائنس لنگھيو؛ جنھن ھن کي ائين ستل ڏسي پڇيو تھ:
ميان! توسان خير تھ آھي، جو ٽواٽي تي منجو اونڌو
ڪيو ستو پيو آھين؟ بادشاھھ جواب ڏنس تھ: خدا جا
بندا! تون انھيءَ ڳالھھ کي ڇا ڪندين؟ جيئن ٻي
مخلوق منھنجي مٿان لنگھي ويئي آھي، تيئن تون بھ
لنگھي وڃ! فقير چيو تھ: مان پنھنجي ساري عمر ۾
ڪڏھن ڪئلي بھ ڪانھ لتاڙي آھي، سو تو انسان جي مٿان
ڪيئن لنگھي وڃان؟ جيڪڏھن ڪا مشڪلات اٿيئي تھ کڻي
ٻڌاءِ ...... من ان لاءِ ڪو تدارڪ ڪري سگھجي.
آخرڪار بادشاھھ روئي پنھنجي دل جو احوال بيان ڪيو تھ: آءٌ فلاڻي
ملڪ جو بادشاھھ آھيان. الله جو ڏنو سڀڪي اٿم، صرف
اولاد جو گھورو آھيان. فقير، بادشاھھ کي چيو تھ:
جمعي جي ڏينھن وھنجي سھنجي، تيل ڦليل ڪري، گزڪمان
کڻي، فلاڻي باغ ۾ ڪنھن ميويدار وڻ ۾ وڃي تير
ھڻج..... جيترا ميوا ڪريا اوترا پٽ ۽ جيترا پن
ڪريا، اوتريون ڌيئرون ٿيندئي. تون رڳو اھي وڃي
راڻيءَ کي کارائج. ڪندو الله تھ اولاد جھجھوئي ٿي
پوندئي.
بادشاھھ، جمعي جي ڏينھن فقير جي چوڻ موجب تيار ٿي، باغ ۾ وڃي
ھڪڙي انب جي وڻ ۾ تير ھنيو؛ قدرت سان ھڪ انب ٻن
پنن سميت اچي پٽ تي ڪريو. بادشاھھ اھو انب ۽ ٻھ پن
کڻي پنھنجي گھر آيو. انب تھ پنھنجي راڻيءَ کي
کاريائين، باقي ٻن پنن مان ھڪڙو پنھنجي ڪتيءَ کي ۽
ٻيو پنھنجي گھوڙيءَ کي کارائي ڇڏيائين. قدرت قادر
جي سان راڻيءَ کي پوري مھيني ۾ پٽ ڄائو. ھوڏانھن
وري ڪتيءَ کي مادي گلر ۽ گھوڙيءَ کي وڇيري ڄائي.
ٿوري گھڻي ڏينھن ساڳيو فقير بادشاھھ وٽ آيو ۽
پڇيائينس تھ: بادشاھھ! ڪھڙو اولاد ٿيو اٿئي؟
بادشاھھ دل ۾ خيال ڪيو تھ جيڪڏھن فقير کي ٻڌائيندس
تھ پٽ ٿيو آھي، تھ پڇندو تھ ڌيئرون ڪو نھ ٿيئي ڇا؟
۽ ٻئي پٽ جي دعا ڪونھ ڪندم، سو فقير کي چيائين تھ:
ٻھ ڌيئرون ڄايون اٿم. ھاڻ ڪا پٽ جي دعا ڪريوم!
فقير چيو تھ: بادشاھھ! ڇو ٻھ ڌيئرون ڪافي نھ اٿئي؟
مون ٻڌو آھي تھ توکي پٽ بھ ٿيو آھي! ائين چئي فقير
جتان آيو ھو، اوڏانھن پنھنجو رستو وٺي ويندو رھيو؛
پر بادشاھھ کي البت خيال ٿي بيٺو، تھ فقير جي انھن
گفتن جو الاجي ڪھڙو مطلب ھو!
ھوڏانھن شھزادو اڄ ننڍو سڀان وڏو، نيٺ اچي جوان ٿيو. ان سان گڏ
وڇيري ۽ گلر بھ وڌي وڌي اچي پاڻ وھيڻا ٿيا. ھڪڙي
ڏينھن شھزادي کي اچي شڪار ڪرڻ جو شوق ٿيو؛ سو
وڇيريءَ تي سنج وجھي، گلر ساڻ ڪري، گزڪمان کڻي،
جھنگ ڏانھن روانو ٿيو. ھلندي ھلندي ھڪڙي ھنڌ
شھزادي ڏٺو تھ ھڪ شاھي قلعو آھي، جنھن جو دروازو
کليو پيو آھي؛ قلعي جي ٻاھران تمام گھڻي خلق اچي
گڏ ٿي آھي. دروازي بند ڪرڻ لاءِ ڏاڍو زور پيا
لائين، تھ بھ دروازو بند ئي نھ پيو ٿئي! شھزادو
عجب ۾ پئجي ويو تھ ھي ڇا ماجرا آھي! نيٺ وڌي ماڻھن
کان پڇيائين تھ: اوھان سان ڪھڙي ويڌن آھي، جو
ٻاھران بيھي قلعي جي دروازو بند ڪرڻ لاءِ ايڏو زور
پيا لايو؟ ماڻھن چيس تھ: تون پنھنجي جوانيءَ تي
قياس ڪر، ھتان پاسو ڪري جتان جو آھين اوڏانھن
ھليو.
وڃ..... ھن دروازي جي چائنٺ ٽپي جيڪو اندر ٿيو، سو وڃڻ کان
ويو! اتي شھزادي کي ڪجھھ من ۾ آيو، سو ماڻھن کي
چيائين تھ: اوھين سڀ ھٽي پري ٿي بيھو، دروازي کي
آءٌ پاڻھي ٿو بند ڪريان. سڀ ماڻھو لاچار ھٽي پري
ٿي بيھي رھيا. شھزادو وڇيريءَ ۽ گلر کي پري ٻڌي،
دروازي تي زور آزمائڻ بيھي رھيو. گھڻئي اڇلون
ڏنائين، پر دروازو بنھھ چري ئي نھ. اوچتو شھزادي
جو پير کسڪي ويو، ۽ وڃي چائنٺ پٺيان قلعي ۾ اندر
ڪريو، پٺيان يڪدم دروازو بند ٿي ويو. شھزادو جيئن
ٿاٻڙجي قلعي جي اندر ٿيو ۽ سامھون نھاريائين تھ ڇا
ڏسي تھ اھو ساڳيو فقير ستو پيو آھي. شھزادي کي آيل
ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس ڪڏھن بھ قلعي کان ٻاھر نھ
ڪڍيائين.
٦-
بادشاھھ ۽ ٽرڙ ڪانءُ
ھڪڙو ھو بادشاھھ – بادشاھھ پاڻ خدا آھي، پر ھيءُ زماني جو
بادشاھھ ھو. ھن جو حڪم ماڻھن کان سواءِ پکي پکڻ،
جيت جڻئي، ديون پرين ۽ جنن ڀوتن تي پڻ ھلندو ھو.
ھڪ دفعي ھن جي ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو. ان جي اڻ ھوند
سبب غريب ماڻھو پيٽ کي پٽيون ٻڌيو پيا گھمندا ھئا،
پر پنھنجن ٻارڙن کي بھ سڪل مانيءَ ڳڀو ھٿ ۾ ڏيئي
پرڀائي پرڀائي راند تي موڪلي ڇڏيندا ھئا. مٿان اچي
ملڪ ۾ ڪانو ساماڻا، سي لامارا ڏيئي، ٻارڙن کان اھو
مانيءَ ڳڀو بھ کسي ھليا ويندا ھئا.
ٿورن گھڻن ڏينھن بعد اھا خبر وڃي بادشاھھ تائين پھتي، تھ ڪانون
اصل ڀينگ ڪري ڇڏي آھي. ننڍڙا ٻارڙا اڃان مانيءَ
ٽڪر ھٿ ۾ کڻي نڪرن ئي مس ٿا، تھ ڪانو اچيو انھن
کان اھو ڦريو وڃن. سو بادشاھھ حڪم ڪيو تھ: سڀئي
ڪانو اچي مون وٽ حاضر ٿين. جڏھن سڀ ڪانو اچي حاضر
ٿيا، تڏھن بادشاھھ انھن کي چيو تھ: اوھان ھيءُ
ڪھڙو ظلم ٻاري ڏنو آھي؟ ڪانون جواب ڏنو تھ: جيئندا
قبلا! اسين جيڪي بھ ڪانو آھيون، سي ٻارن کان ماني
ٽڪر ڦري وڃي پنھنجي جھوني ڪانءُ کي ڏيندا آھيون،
جيڪو اسان سڀني جو سردار آھي. اھو تمام پوڙھو آھي
۽ ڪو وقت سنڀري. بادشاھھ حڪم ڪيو تھ: انھيءَ ڪانءُ
کي مون وٽ حاضر ڪيو وڃي! ڪانو ويا ۽ ان پوڙھي
ڪانءَ کي کڻي آيا. بادشاھھ ڪانءُ کان پڇيو تھ:
ڪيترو وقت سنڀرين؟ ھن جواب ڏنو تھ: بادشاھھ سلامت!
تنھنجي ناني، تنھن جي ناني جي نانيءَ ۽ ان جي يار
فقير وارو وقت سنڀران. بادشاھھ چيو: ڳالھھ ڪر.
ڪانءُ چيو تھ: تنھنجي ناني جو نانو، تنھنجي ناني
جو نانو ھوندو ھو. ان جي بادشاھيءَ ۾ ھڪڙو فقير پڻ
آيو ۽ اچي سندس محلات جي در تي سين ھنيائين. ٻانھي
خيرات کڻي آئي، پر فقير وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
چئي: مون کي خود راڻي اچي خيرات ڏيئي وڃي. فقير جو
اھو ضد ڏسي، آخرڪار راڻي پاڻ خيرات کڻي آئي. پوءِ
تھ ٻنھي جون اکيون اٽڪي ويون ۽ ٻئي اتيئي ڄمي بيھي
رھيا. ڪو پھر اڌ تھ ائين ئي گذري وين. آخر اتان
جڏھن ڪو ماڻھو اچي لنگھيو، تڏھن راڻيءَ فقير کي
چيو تھ: فلاڻي ھنڌ وڻ ھيٺان ھلي ويھھ، تھ آءٌ بھ
اتي اچان ٿي.
فقير ان ھنڌ ھڪ وڻ ھيٺان وڃي ويٺو. گھڙي کن کان پوءِ، راڻي بھ
اچي اتي پھتي، وري جو ھڪٻئي سان اکيون ملين، تھ
رات لنگھي ويئي ۽ مٿان اچي ڏينھن ٿيو! ھوڏانھن
جڏھن بادشاھھ کي خبر پيئي تھ راڻي ڀڄي ويئي آھي،
تڏھن ملڪ ۾ ھلائي ڇڏيائين تھ راڻي مري ويئي آھي.
ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ، ان ملڪ جو وزير انھيءَ وڻ ھيٺان
لنگھيو. ڇا ڏسي تھ راڻي ۽ فقير ٻئي اتي ويٺا آھن.
وزير انھن ٻنھي جي وچ ۾ کڻي ڪپڙو ڏنو، تھ راڻي
سجاڳ ٿي ۽ فقير کي چيائين تھ: فقير ساھھ سڌير!
ھاڻي بادشاھھ جي اچڻ جي مھل ٿي آھي، تنھنڪري آءٌ
محلات ڏي ٿي ھلان. وزير وري جو کڻي اھو ڪپڙو پري
ڪيو، تھ انھن جو اھو ئي ساڳيو حال.
آخرڪار راڻي پاڻ خيرات کڻي آئي، پوءِ تھ ٻنھي جون
اکيون اٽڪي پئون ۽ ٻئي اتي ڄمي بيھي رھيا .....
وزير وڃي ساري حقيقت بادشاھھ کي ٻڌائي. بادشاھھ اچي ڏٺو تھ اھي
ٻئي برابر ائين ئي ويٺا ھئا. بادشاھھ کي جو لڳي
خار، سو ڇا ڪيائين جو انھن ٻنھي جيئرن جاڳندن مٿان
ھڪڙو چوگرد بند قبو جوڙائي ڇڏيائين، جو اڃان بيٺو
آھي.
بادشاھھ پوڙھي ڪانءُ کي چيو تھ: تون اھو قبو مون کي ڏيکاريندين؟
ڪانو چيو تھ: ھائو سائين! پر مون ۾ اڏامڻ جي طاقت
ڪانھي. مون کي محافي ۾ وجھائي کڻائي ھلين تھ پوءِ،
مان اھو قبو ھلي توکي اکين سان ڏيکاريائين. اھو
ٻڌي بادشاھھ پنھنجن نوڪرن کي حڪم ڪيو تھ: اوھين
ڪانءُ کي کڻو ۽ جيڏانھن ھلڻ لاءِ چئي، اوڏانھن وٺي
ھلوس.
آخر اھي سڀ اچي ھڪڙي قبي وٽ پھتا، پر قبو ھو چوڌاري بند، سو
بادشاھھ حڪم ڏنو تھ: قبي ۾ سوراخ ڪيو وڃي. جڏھن
ڪانءُ اھا ڳالھھ ٻڌي، تڏھن اچي ڏڪڻيءَ ورتس. نيٺ
قبي ۾ سوراخ ڪيو ويو، پر ان ۾ اندر ڪي بھ ڪين ھو.
تڏھن بادشاھھ حڪم ڪيو تھ: ھن ٽرڙ ڪانءَ کي جھلي،
سوراخ مان اندر اڇلائي ، ورائي قبو لنبي ڇڏيو.
ھيءُ رڳو پراوا ٽڪر کائي ڄاڻي ۽ ڪوڙ گھڙيو، ٻٽاڪون
ٻڌايو، سڀني کي ڄمايو ويٺو آھي. ٻين ڪانون جو
پنھنجي سردار جو ھيءُ حال ڏٺو، سو زوريءَ ٻارن کان
ٽڪر ڦرڻ جي اڳتي لاءِ توبھھ ڪيائون. ھاڻي ڪانءُ
رڳو پري کان ويھي ٻارن جا ٽڪر تڪيندا آھن. سو بھ
تڏھن، جڏھن ٻار بيخيالا ھوندا آھن، نھ تھ ٿورو ئي
ڪو دھمان ڪرين، تھ ڪوھين پيا ڀڄن!
ڌڻيءَ جي قدرت اھڙي ٿي جو ڪانون کان جو اتان جي
ماڻھن جي ھيئن جند ڇٽي، سو چوڌاري ملڪ ۾ سڪار ٿي
ويا، ۽ سڀ ماڻھو پنھنجي بادشاھھ کي ڏينھن رات
دعائون ڪرڻ لڳا.
|