سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :18

٣٣– سياڻو سوداگر *

 

ڪنھن سوداگر کي ھڪڙو سڪيلڌو پٽ ھو، جو ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپنو ھو. گھر جي سڀني ڀاتين جو ھن سان پيار ھوندو ھو. سوداگرزادو اڄ ننڍو سڀان وڏو، آخر اچي جوان ٿيو. جيئن تھ سندس ھرڪو انگل پورو ٿيندو رھندو ھو، تنھنڪري ڏاڍو ھٿ ڦاڙ ۽ عياش ٿي پيو ھو. روزانو سوين رپيا کڻي وڃي دوستن کي کارائي پياري ڇڏيندو ھو. ھڪڙي ڏينھن سوداگرزادي پنھنجي پيءُ کي چيو تھ: بابا سائين! آءٌ ھاڻي جوان ٿيو آھيان.... خيال اٿم تھ پنھنجي منھن واپار ڪريان، تنھنڪري مون کي ڪجھھ خزانو ڏيو، تھ وڃي قسمت آزمايان. سوداگر کي پنھنجي پٽ جا افعال ساريا پيا ھئا، تھ ھن کي جيڪي ملندو، سو ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ کائي کپائي دف ڪري ڇڏيندو. تنھنڪري خيال ڪيائين تھ اھڙي ڪا اٽڪل ڪجي، جو ھن کي پئسن جو قدر ٿئي، ۽ خبر پويس  نھ ناڻو ڪيڏيءَ نھ مشڪلات سان ٿو ڪمائجي. سو چيائينس تھ :پٽ! تنھنجي ڳالھھ برابر آھي، پر پاڻ ۾ رواج آھي، تھ سوداگريءَ تي وڃڻ کان اڳ پنھنجي منھن ڪونھ ڪو پورھيو ڪري، ان جي ڪمائي آڻي کوھھ ۾ وجھبي آھي. تنھنڪري تون بھ روزانو صبح جو شھر ۾ وڃي ڪماءِ، ۽ شام جو جيڪي مليئي، سو آڻي مون کي ڏج تھ ھلي کوھھ ۾ اڇلينداسين.

صبح جو سوداگرزادو، پيءُ جي حڪم موجب شھر ۾ ڪمائڻ لاءِ نڪتو؛ پر جيئن تھ ھو ھريل عيش عشرت تي، ڪڏھن ڪک ڀڃي بھ ٻيڻو ڪونھ ڪيو ھئائين، سو شھر ۾ وڃي ڦيريون پائڻ لڳو. ڳالھھ ئي سمجھھ ۾ نھ پئي اچيس تھ ڪھڙو ڪم ڪري پئسا ڪمايان، ۽ وڃي پيءُ کي ڏيان! آخر ڌڪا کائي وڃي سنگتين ساٿين وٽ نڪتو. سڄو ڏينھن گھمي ڦري شام جو گھر موٽي آيو، ۽ ماءُ کي سموري حقيقت ٻڌايائين. جنھن چيس تھ: ابا! تون ڪا بھ ڳڻتي نھ ڪر، توکي ڪھڙو لاچار پيو آھي، جو تون وڃي پورھيو ڪرين – مون وٽان روز سؤ رپيا کڻي وڃي چئجئين تھ ڪمائي آيو آھيان. سوداگرزادو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ماءُ کان سؤ رپيا وٺي، پڻس وٽ آيو، ۽ ھن کي ٻڌايائين تھ ڪمائي آيو آھيان. پڻس انھيءَ مھل ئي کيس وٺي، پنھنجي محلات واري کوھھ وٽ آيو، ۽ کيس چيائين تھ: اھي سؤ رپيا ھن کوھھ ۾ اڇلي ڇڏ. سوداگرزادي اھي رپيا کوھھ ۾ اڇلي ڇڏيا، پوءِ ٻئي ڄڻا پنھنجي محلات ۾ موٽي آيا.

اھڙيءَ طرح سوداگرزادو روزانو صبح جو شھر ۾ وڃي سنگتين ساٿين سان چڪر ھڻي، شام جو گھر موٽي ايندو ھو، ۽ ماءُ کان سؤ رپيا وٺي، پيءُ کي ڏيکاري، کوھھ ۾ اڇلي ڇڏيندو ھو. مھيني ٻن کان پوءِ ماڻس وٽان آخر پئسا کٽي ويا، تڏھن وري ڀيڻن کان پئسا وٺڻ شروع ڪيائين. جڏھن انھن وٽان بھ جواب مليس. ھاڻي اھڙو ڪو بھ ماڻھو ڪونھ ھو، جنھن کان ھي ڪجھھ پئسا وٺي آڻي پيءُ کي ٻڌائي تھ ”ڪمائي آيو آھيان“. سوداگرزادو انھن ئي ويچارن ۾ دستور موجب شھر ۾ ھڪڙي ھنڌ بيٺو ھو، تھ ايتري ۾ پريان ”مزور مزور“ جو آواز ڪن تي پيس. ڊوڙي وڃي ڏسي تھ ھڪڙو ماڻھو تمام گھڻو سامان پٽ تي رکيو، ڪنھن مزور جي انتظار ۾ بيٺو آھي. سوداگرزادي وڌي وڃي سامان کي ڪلھو ڏنو، ۽ ان ماڻھوءَ جي پٺيان ھلڻ لڳو. سامان تمام گھڻو ۽ ڳرو ھو. ڀلا ھن ويچاري ڪڏھن ڪک بھ نھ ڇتو ھو، سو بار ۾ ڳھندو، ڪنجھندو ڪرڪندو ويو. اکين اڳيان انڌ اچي ويس. آخر مس مس وڃي منزل تي پھتو، اتي سامان لاھي رکيائين. ان ماڻھوءَ کيس ھڪڙو روپيو مزوريءَ جو ڏنو. سوداگرزادو حيران ٿي ويو، تھ ھيترو سامان کنيم ۽ ھيڏي تڪليف ڪاٽيم، پر مزوري فقط ھڪڙو رپيو مليو! تڏھن ان ماڻھوءَ کي چيائين تھ: خدا جا بندا! ھيڏي بار جي مزوري فقط ھڪڙو رپيو؟ تڏھن ھن جواب ڏنس تھ: ميان! ماٺڙي ڪري ھليو وڃ، انھيءَ بار جي مزوري اصل ۾ چار آنا آھي، پر توکي ڪنھن چڱي گھراڻي جو ڏسي، رپيو مزوري ڏني اٿم، ھاڻي ريڙھھ پيڙھھ ڇڏ ۽ وڃي ٻيو بھ ڪجھھ ڪماءِ!

سوداگرزادو، گھڻي بار کڻڻ ڪري نھ فقط تمام ٿڪجي پيو ھو، پر سڄي بدن ۾ سور ٿي پيو ھئس. اھڙو کٿ ٿي پيو ھو، جو ھلڻ ئي نھ پڄيس – آخر رڙھندو شام ڌاري اچي گھر ڀيڙو ٿيو، ۽ اھو رپيو آڻي پيءُ کي ڏنائين. جنھن وري بھ دستور موجب آڻي کوھھ تي بيھاريس، ۽ حڪم ڪيائين تھ: اھو رپيو کوھھ ۾ اڇل! سوداگرزادو، جنھن کي ھاڻي خبر پيئي ھئي، تھ ناڻو ڪيڏيءَ نھ مشڪلات سان ڪمائجي ٿو- تنھن ھٿ ٻڌي پيءُ کي چيو تھ: بابا سائين! اوھان کي رپيو ڏيان ٿو، اوھين کوھھ ۾ اڇليو تھ چڱو، باقي آءٌ پنھنجي ھٿ سان کوھھ ۾ نھ اڇليندس. سوداگر ھن جي منھن ۽ ڳالھائڻ مان سمجھي ويو تھ ھيءُ اڄ پورھيو ڪري رپيو ڪمائي آيو آھي، سو وڌيڪ ڪڇيو ئي ڪين، ۽ ماٺڙي ڪري پٽ کي ساڻ وٺي محلات ۾ موٽي آيو.

ٻئي ڏينھن صبح سان ئي سوداگر، ھڪڙو غوراب سوداگريءَ جي سامان سان ڀرائي، پٽ جي حوالي ڪيو، ۽ اجازت ڏنائينس تھ: ھاڻي ڀلي وڃي سوداگري ڪري اچ. سوداگرزادي کي جو خبر پئي ھئي تھ ناڻو ڪيڏيءَ تڪليف کان پوءِ ٿو اچي، تنھن سنڀالي ڪفايت سان رھڻ شروع ڪيو.  ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ، ھو بي انداز ناڻو ڪمائي اچي پنھنجي وطن پھتو.

٣٤– چڱي جي چڱائي، مدي جي مدائي*

 

بادشاھن جو بادشاھھ تھ پاڻ ڌڻي آھي، پر زمين تي، زمين جي ھڪ ٽڪري تي، ھڪڙو بادشاھھ حڪومت ڪندو ھو. ھن جي ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف سان حڪومت ھلندي ھئي؛ شينھن ۽ ٻڪري گڏ پاڻي پيئندا ھئا. مگر چون ٿا تھ نيڪي ۽ بَدي، ٻئي ھڪ ھنڌ پيدا ڪيون ويون آھن، تھ جيئن ٻنھي جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي؛ تنھنڪري ھن بادشاھھ جي حڪومت ۾ چڱا مدا سڀ رھندا ھئا.

ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ پنھنجي وزير کي چيو تھ: منھنجي ملڪ ۾ جيڪي بھ بدمعاش رھندا ھجن، تن جا نالا ڏي تھ انھن کي ملڪ مان تڙي ڪڍان، تھ جيئن خلق خدا جيءَ تان رھيو کھيو آزار بھ ٽري وڃي. تڏھن وزير، بادشاھھ کي ھٿ ٻڌي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! چڱي جي چڱائي ۽  مدي جي مدائي. توھين سڀني سان نيڪي ڪندا رھو، تھ ان کان پاڻھي ڌڻي تعاليٰ حساب چڪائي وٺندو. اوھان سڀ ڪنھن سان نيڪيءَ جو برتاءُ ڪندا رھو، تھ خدا توھان کي اجر ڏيندو. مگر بادشاھھ پنھنجي ھوڏ تان لھي ئي نھ، چوي تھ: بَديءَ جي جيسين پاڙ نھ پٽي ڪڍندس، تيسين مون کي ان پاڻي حرام آھي.

وزير دل ۾ خيال ڪيو تھ جيستائين حق، حق ٿئي، تيستائين ناحق ۾ ڪئين نپوڙجي ويندا؛ تنھنڪري ڪا اھڙي ٽل ڪجي، جو بادشاھھ ڪجھھ وقت لاءِ انھيءَ ضد تان لھي وڃي؛ تيسين آءٌ سچن پچن بدمعاشن جي تحقيقات ڪري وٺان، تھ جيئن ڪو غريب ناحق ۾ نھ اچي وڃي! سو بادشاھھ کي چيائين تھ: جيئندا قبلا! ھڪڙي ڳالھھ آھي، جا توھان کي ٻڌائڻ ٿو گھران، اجازت ڏيو تھ ٻڌايان! بادشاھھ کيس اجازت ڏني. پوءِ ھن پنھنجي ڳالھھ شروع ڪئي. چي: ھڪڙي شھر ۾ ٻھ دوست رھندا ھئا، ھڪڙي جو نالو ھو ”چڱو“ ۽ ٻئي جو نالو ھو ”مدو“. ھنن جي ھڪٻئي کان سواءِ سرندي ڪا نھ ھئي، ۽ ھر وقت ھڪٻئي وٽ پيا ايندا ويندا ھئا، مگر جيئن تھ چوندا آھن تھ ھر ڪو ماڻھو پنھنجي عادت کان مجبور ھوندو آھي، سو ھيءُ ٻئي دوست بھ ڪڇونءَ ۽ وڇونءَ جي ڳالھھ وانگر پنھنجي پنھنجي عادت کان مجبور ھئا. چڱو ھميشه چڱائي ڪندو ھو ۽ مدو سدائين مدي. بادشاھھ، وزير کان پڇيو: اھا وڇونءَ ۽ ڪڇونءَ واري ڳالھھ وري ڪيئن آھي؟ وزير وراڻيو تھ: بادشاھھ سلامت! اھا ڳالھھ ھيئن آھي، تھ ھڪڙي دفعي ڪنھن ڪڇونءَ کي درياءَ جي ھن ڀر وڃڻو ھو، سو سھي سنڀري اٿي ھليو تھ واٽ تي ھڪڙو وڇون گڏيس؛ جنھن چيس تھ: ڏي خبر، ڪيڏانھن تياري ڪئي اٿئي؟ ڪڇونءَ جواب ڏنس تھ: مون کي درياءَ جي ھن ڀر وڃڻو آھي، جو اتي اڄ ڪڇن جي ڀائيچاريءَ جو سڏ اٿم. تنھن تي وڇونءَ چيس تھ: يار! مون کي بھ درياءَ جي پار ڪو ضروري ڪم آھي، پر پتڻ آھي ئي ڪو نھ؛ ھاڻي مھرباني ڪري مون کي بھ پاڻ سان ھن ڀر وٺي ھل، تھ تنھنجو شڪرگذار رھندس. ڪڇونءَ چيس تھ: ٻيلي! ھن ڀر وٺي ھلڻ لاءِ تھ آءٌ تيار آھيان، پر تون آھين بڇڙو جيت، توتي ڪھڙو اعتبار! واٽ تي ڏنگ ھڻي ڪڍين تھ، پوءِ توکي ڪير جھلي؟ تڏھن وڇونءَ وراڻيس تھ: يار! تون مون سان مھرباني ڪرين ۽ آءٌ وري توکي ڏنگيان؛ ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو! آخرڪار ڪڇونءَ، وڇونءَ کي پنھنجي پٺيءَ تي چاڙھي، درياءَ مان ترڻ لڳو. جڏھن وچ ۾ پھتو، تڏھن ڪنن تي ٺڪ ٺڪ جو آواز آيس. ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو تھ ھتي وچ درياءَ ۾ ٺڪ ٺڪ جو آواز ڪٿان آيو! جان کڻي ڪنڌ ورائي ڏسي تھ مار! وڇون پيو سندس پٺيءَ تي ڏنگ ھڻي. وڇونءَ کي چيائين: اڙي وڇون! ھي ڇا پيو ڪرين؟ تڏھن وڇونءَ جواب ڏنس تھ: يار! عادت کان مجبور آھيان. اتي ڪڇونءَ چيس تھ: اھڙي جي تنھنجي عادت آھي، تھ پوءِ تنھنجو جيئرو رھڻ ئي نقصانڪار آھي. ائين چئي ٽٻي ھڻي وڃي تر ورتائين، ۽ وڇون سندس پٺيءَ تان ترڪي، درياءَ ۾ ٻڏي ويو.

اھا ڳالھھ پوري ڪري، وزير چوڻ لڳو تھ: بادشاھھ سلامت! انھيءَ ڳالھھ وانگر، ھي ٻئي دوست چڱو ۽ مدو – عادت کان مجبور ھئا، مگر دوستيءَ جي ناتي ۾ ھڪٻئي سان ٻڌل ھئا. خير، خدا جي حڪم سان، ھڪڙي ڏينھن چڱي، پنھنجي دوست مدي کي چيو تھ: يار! ڪيترا ڏينھن ٿي ويا آھن، جو پاڻ ڪيڏانھن ٻاھر نڪتا ئي ڪو نھ آھيون، ھل تھ ھلي ڪنھن ولايت جو چڪر ھڻي، دنيا جو واءُ سئاءُ وٺي اچون. تڏھن مدي چيو تھ: ابا! پاڻ وٽ تھ پائي بھ ڪانھي، باقي تو وٽ ڪي ڏوڪڙ ھجن تھ پوءِ ھلون؛ نھ تھ پوءِ ٻڌيءَ کي گاھھ،  ٻڌيءَ کي پاڻي..... اجايو پاڻي نھ ولوڙ. چڱي چيس تھ: ٻيلي! ڪي چار ڏوڪڙ ھٿ ۾ اٿم، مھيني ٻن جو ثمر ڄڻ تھ پاڻ وٽ آھي..... ھل تھ ڪي ٻھ چار ملڪ گھمي ڦري اچون. پوءِ تھ اٽو ثمر ساڻ ڪري، ھي ٻئي دوست ڳوٺان نڪتا.

ھلندي ھلندي ھڪڙي بادشاھي ڇڏيائون، ٻي ڇڏيائون، اچي ٽئين بادشاھيءَ ۾ نڪتا. ان شھر جي بادشاھھ کي ٻيو اولاد ڪو نھ ھو، فقط ھڪڙي نياڻي ھئس. مگر قادر جي قدرت، جو ھن ويچاري نياڻيءَ جي جيءَ سان بھ ڪو آزار لڳل ھو – کيس اھڙي بيماري ھئي، جنھن کان ھوءَ مرڻ وھيڻي اچي ٿي ھئي. ڪئين پير فقير، پڙھيا پنڊت، ملان موراڻا پڇايا ھئائون، ۽ ڪئين دعائون، دوائون، ڌاڳا ڦيڻا ڪرايا ھئائون، پر بيماري ”جيئن رات تيئن وڌ“ وانگر، اڳي کان اڳري ٿيندي ويئي. شھزاديءَ کي چنڊ رات ڇرڪ ٿيندو ھو، ۽ ان کان پوءِ پھرن جا پھر پيئي لڇندي ھئي. سمورن ماڻھن جو خيال ھو، تھ شھزاديءَ کي جن لڳل آھي. جنن ڪڍڻ وارا ڀوپا بھ ڌوڻايائون، ساز ۽ سرود وڄارايائون، ڪيئي ڏيوائي فقير گھرايائون، مگر ھن کي ڪٿان بھ ڪو فائدو ڪونھ ٿيو. لاچار ٿي بادشاھھ پڙھو گھمارايو تھ: جيڪو بھ ماڻھو منھنجي نياڻيءَ جو علاج ڪندو ۽ کيس شفاياب ڪندو، تنھن کي اڌ راڄ ۽ اڌ ڀاڳ ڏيندس، ۽ اھا نياڻي بھ کيس پرڻائيندس. اھي خبرون ٻڌي، چڱي چيو تھ: خدا تعاليٰ ھن شھزاديءَ کي آزار مان ڇڏائي تھ ڏاڍو سٺو! تڏھن مدو مرڪي چوڻ لڳو تھ: ڀل پيئي لوڙي – انھيءَ بھ گھڻن کي گھايو ھوندو!

خير، جڏھن صبح ٿيو، تھ ٻئي دوست سنڀري اٿي اڳتي ھليا. ھلندي ھلندي اچي ھڪڙي رڻ پٽ ۾ نڪتا. اتي ھنن کي اڃ اچي تپايو. ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳا تھ من ڪو ماڻھو ڇيڻو گڏجي، تھ پاڻيءَ جو پتو پڇون. نيٺ ھڪڙي پاسي کان ھنن کي ڪي اٺيون ڏسڻ ۾ آيون. ھيءُ بھ اوڏانھن ھلڻ لڳا. گھڻو وقت ھلڻ کان پوءِ، مس مس رڙھي اچي اتي پھتا  ۽ ساڻا ٿي ڪري پيا. اتي اوٺار کان پاڻيءَ جو پڇيائون، جنھن چين تھ: ھو پريان وڏو بڙ جو وڻ پيو ڏسجي، ان جي ھيٺان ھڪ کوھھ آھي – باقي ھتي ٻيو اٿو ڀلو. آخر ھي وري بھ رڙھندا رڙھندا اچي ان وڻ ھيٺ کوھھ تي پھتا، پر کوھھ تي پاڻيءَ ڪڍڻ لاءِ ڪو بھ ٽپڙ رکيل ڪونھ ھو. اتي اڃ جي اساٽ کين بنھھ ساڻو ڪري ڇڏيو، ۽ ڪنھن کي طاقت ڪا نھ رھي جو کوھھ اندر گھڙي. نيٺ مدي چيو تھ: ادا! مون ۾ تھ ڪا بھ طاقت ڪانھي، جو کڻي ھڪ وک بھ ھتان رڙھان يا کوھھ ۾ لھان، باقي تون کوھھ ۾ لھي وڃ. مان تنھنجي چيلھھ ۾ پٽڪو ٻڌان ٿو، ۽ تون پھرين ھيٺ لھي پاڻي پيءُ، پوءِ پلاند پٽڪي جو پسائي مون ڏانھن موڪل، تھ آءٌ بھ نڙي سائي ڪريان، تھ ڪجھھ سامت ۾ اچي، توکي ڇڪي ٻاھر ڪڍي وٺان. پوءِ چڱي سڀ ڪپڙا لاھي کڻي مدي کي ڏنا، ۽ چيلھھ ۾ پٽڪو ٻڌي اندر کوھھ ۾ لھي پيو. پاڻي پي ڍؤ ڪري، پٽڪي جو پلاند آلو ڪري، مدي کي ٻاھر ڏنائين، جنھن اڃ لاھڻ کان پوءِ ڇا ڪيو، جو پٽڪي سميت کڻندي چڱي جا ڪپڙا ۽ پئسا، رمندو رھيو. ھن ويچاري گھڻي ئي آھون دانھون ڪيون، پر کوھھ ۾ ڪريل جي ڪير ٿو ٻڌي! سو ويچار سمورو سور سھي، ماٺ ڪري الله تي توڪل رکي، کوھھ جي ھڪڙيءَ ڪوڀ ۾ صبر سان ويھي، پنھنجيءَ قسمت جا رنگ ڏسڻ لڳو. ھوڏانھن ھو مدو ڪپڙا لٽا کڻي اٿي ھليو، ۽ سڌو انھيءَ بادشاھھ جي ملڪ ۾ آيو، جنھن ۾ شھزادي بيمار ھئي.

ڳالھيون جلدي ٿين، ڏينھن پنھنجي وقت تي گذرن، اوکيءَ جا پھر ٿورا ٿيندا آھن – الله جي رحمت وڏي آھي  ۽ الله جڏھن ورندو آھي، تڏھن ڪئين بھانا بنجي پوندا آھن. اھو بڙ جو وڻ – جنھن جي ھيٺ چڱو کوھھ ۾ پيو ھو – ھڪڙي رڻ پٽ جي وچ ۾ ھو، جتي ھتي ھتي جا ماندا مسافر اچي مانجھاندو ڪندا ھئا، چڱي کي تسبيحون سوريندي سوريندي اچي سج لٿو. ھو ويچارو ڊپ ۾ کوھھ جي ھڪڙيءَ ڪوڀ ۾ ويٺو ھو، تھ اوچتو ڪا آفت ڌڙام ڪري اچي پاڻيءَ ۾ ڪري، ۽ ترڻ لڳي. چڱو جان کڻي ڏسي، تھ ھڪڙو ڪلانداري، واسينگ نانگ آھي، جنھن جي ڪرڻ سان پنج فوٽ پاڻي مٿي چڙھي آيو. ويچارو چڱو اچي ڊنو تھ ھاڻي اجھو ٿو مران، سو تيئن پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ۽ وڌيڪ سوڙھو ٿي ڪوڀ ۾ ويھي رھيو. ڪجھھ وقت گذرڻ کان پوءِ، انھيءَ کوھھ جي مٿان بيٺل وڻ مان آواز آيو تھ: ڪلانداري! آھين يا نھ؟ اتي نانگ جواب ڏنو تھ: ھائو، جِن جبرا، ويٺو آھيان. جن پڇيس تھ: ڏي اڄوڪي خبر، ڇا وھيو ڇا واپريو؟ نانگ چيس تھ: يار! ڳالھھ ئي نھ پڇ،

 پڇ، اڄ بھ سؤ جوڳين جو جوڙ ھو مون تي؛ اچي ڇيڻن جون ڍڳيون منھنجي آستان جي پاسي ۾ ٺاھيائون، ۽ پوءِ اچي مرليون وڄائڻ لڳا – بس مرلين جي مانجھھ منھنجو من ماندو ڪري وڌو. ھڪڙي فقير جي ڦوڪن مون کي اھڙو تھ مستان ڪري ڇڏيو، جو مون کي پنھنجي جاءِ تان اٿڻو پيو، ۽ آواز جي الستي موج ۾ مون کي پنھنجو جلال ياد آيو. آءٌ بيخود ٿي ويس، ۽ انھيءَ حالت ۾ وٺي جو درد جو دونھون ڪڍيم، تھ ڇيڻا سڀ ٻرڻ لڳا، ۽ جوڳي پنھنجون مرليون وڄائيندا تو کان ڇڊا ٿيندا ويا، ۽ منھنجو من بھ آھستي آھستي سانتيڪو ٿيندو ويو... تان جو جوڳين جو جوڙ ڦٽي ويو، ۽ ھو مون کي جھلڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا رھيا. ان کان پوءِ بھ مان ڪيترو وقت راڳ جي رس ۾ مست رھيس. اي جن جبرا! چون ٿا تھ راڳ جي حڪومت دنيا جي ھر بشر، پکي پکڻ ۽ جيت جناور تي ھلي ٿي. مان بھ راڳ جي ھر سر تي مست، اصل موج ۾ اچي ويندو آھيان.

اھا خبر ڪرڻ بعد نانگ، جن کان پڇيو تھ: ڏي خبر، توسان ڇا وھيو واپريو؟ تڏھن جن جواب ڏنس تھ:

يار! اڄ ھو چنڊ جو ڏينھن، سو مان بھ ويس بادشاھھ جي وڏي ڪنواري ڌيءَ وٽ، ۽ وڃي ڪيومانس بدن ۾ واسو. بس منھنجو واسو ڪرڻ ۽ ٻانھوڙ ۾ ٿرٿلو مچڻ – ڪا پليتو کنيو اچي تھ ڪا تعويذ پئي ٻڌي، ڪا ڇنڊو پئي آڻي، تھ ڪا ڦيڻو پئي ڪري، ڪنھن عطر ڇٽڪاريو تھ ڪنھن لوبان ٻاريو. مطلب تھ سڀڪا جتن ڪرڻ لڳي، پر مون کي تھ اڄوڪو ڏينھن ضرور رھڻو ھو. ڀلي کڻي بادشاھھ پاڻ اچي بيھي. نيٺ ست سرندائي گھريائون، جن اڄ تھ دنگ ڪري ڇڏيو! سرندن جون ڳٽيون مروڙيندا، تندون تاڻيندا، ويا سرندن کي سر ۾ ملائيندا ۽ تندن جو ٺاٺ ٺاھيندا، پوءِ تھ تندن جو ٺاٺ پورو ٺاھي. گز کي سھڪندرو ھڻي تيز ڪري، وٺي جو تارن کي گز جو ڇيرو ڏنائون تھ منھنجي بدن مان ڇڻاٽ نڪري ويا. اسر جي مھل ھئي، سو گز جي ڇيرن مون کي اھڙو تھ ڇيڙي وڌو، جو آءٌ بھ بيخود ٿي موج ۾ اچي جھولڻ لڳس؛ ۽ جھولندي جھولندي مون کي بھ پنھنجو اصلي جلال ياد اچي ويو، ۽ مان بھ لئي ۾ لئي ٿي ويس. سرنداين پاڻ سنڀاليو، ۽ مون کي ھاڪا ڏاڪا ڪيائون ۽ نيٺ منٿون ڪيائون تھ” ڇڏي وڃ پرائي نياڻي کي، پيءُ پيالو، کڻي منٿ مڃ، وري نھ اچج، شاھھ جي ڊوھي اٿئي.“ پوءِ وري ھڪڙي فقير مٿو اگھاڙو ڪري، وار ڇوڙي مٿو ڌوڻڻ لڳو. اھو فقير ڌمال ڪندو، اچي ھڪلون ڪرڻ لڳو – ھڪلن تي ھڪلون ڪندو، ٽپا ڏيندو مون ڏي ھليو، ۽ اچي شھزاديءَ کي ڌڪ ھنيائين ..... پر اڳيان آءٌ بھ آءٌ ھوس. نيٺ اھڙا گوڙ گھمسان ڪري، فقير بھ ھليا ويا. ھينئر جڏھن شام ٿي آھي، تھ مان بھ پنھنجو واسو ڪري واپس پيو اچان. اھو اٿئي سمورو حال احوال اسان جي سموري ڏينھن جو!

ڪجھھ وقت تھ ماٺ مٺوڙو ٿي ويو، ٿوريءَ دير کان پوءِ، وري نانگ ڳالھائڻ شروع ڪيو. جن کان پڇيائين تھ: اي جن، ڀلا ڪھڙو علاج آھي، جو تون شھزاديءَ جي بدن مان واسو ڪڍي وڃين، ۽ ھوءَ چڱي ڀلي ٿي پوي؟ جن چيس تھ: جنھن وڻ ۾ آءٌ رھان ٿو، ان جا پن پٽي، ستن کوھن جي پاڻيءَ سان ڌوئي، ست ڪنواريون ڇوڪريون اھو پاڻي شھزاديءَ کي پيارين، تھ مان ھميشه لاءِ ان جاءِ تان واسو ڪڍي ويندس. اِتي وري جن، نانگ کان پڇيو تھ: ڪلانداري! ڀلا ڏي خبر تھ تون ستن بادشاھن جي انھيءَ خزاني تان ڪيئن پاسي ٿين، جو اھا ملڪيت ڪنھن کي ھٿ اچي؟ تڏھن نانگ جواب ڏنس تھ: ادا! اھو تھ تمام سؤکو ڪم آھي؛ سھائي سومر جي ڏينھن، جھنگل مان ھڪڙو ھرڻ جھلي، ان کي ستن کوھن جي پاڻيءَ سان وھنجاري، پوءِ جتي مان رھندو آھيان، سڌو اچي ان دڙي تي ھرڻ کي ڪھن، ۽ ان جو رت اتي ھارين تھ مان ھميشه لاءِ اھو آستانو ڇڏي ويندس. اھڙيءَ طرح ڳالھين ڪندي ڪندي جڏھن کين گھڻو وقت گذري چڪو، تڏھن ھو ماٺ ڪري سمھي رھيا ويچارو ”چڱو“، جو کوھھ جي ڪوڀ ۾ لڪو بيٺو ھو، سو ڌڻيءَ کي ستائڻ لڳو تھ: اي ربّ منھنجا! مون کي ھنن آفتن کان بچائج. سندس آھھ زاري الله ٻڌي، جو صبح تائين ھو کوھھ ۾ سلامت رھيو. سج اڀرڻ کان اڳ، نانگ ۽ جن ھڪ دفعو وري بھ پاڻ ۾ ڳالھايو ۽ پوءِ ٻئي اتان ھليا ويا.

خدا جي قدرت سان، نانگ ۽ جن جي وڃڻ کان پوءِ، ھڪڙي ڄڃ اچي ان وڻ ھيٺ لٿي. ماڻھو دلا کڻي کوھھ تان پاڻي ڀرڻ آيا. جڏھن پھريون دلو کوھھ ۾ لٿو، تڏھن ”چڱو“ ان کي چنبڙي پيو ۽ پاڻي ڀريندڙ کي آزي نيزاري ڪري چوڻ لڳو تھ: خدا جي واسطي مون کي ھتان ٻاھر ڪڍ! پاڻي ڀريندڙ پھرين تھ ڊڄي ويو، تھ الاجي ڪھڙي آفت آھي، پر پوءِ ھن کي ڇڪي ٻاھر ڪڍيائين، ۽ کيس پنھنجي اجرڪ گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڏنائين. ”چڱو“ پوءِ سمورن ڄاڃين کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي؛ جن مان کيس ڪنھن پھراڻ ڏنو، تھ ڪنھن پٽڪو ۽ ڪنھن سٿڻ تھ ڪنھن جتي ڏنيس؛ ڪن وري ڪجھھ نقدي جي مدد ڏنيس. مطلب تھ جيڪي ڪجھھ مدو کڻي ويو ھئس، ان کان ٻيڻي رقم ۽ ڪپڙا ھن کي ڄاڃين کان مليا. آخر ”چڱو“ بھ انھن کان موڪلائي، ان وڻ جا پن پٽي، اڳتي ھلڻ لڳو ۽ ھلندي ھلندي اچي انھيءَ بادشاھيءَ ۾ پھتو، جتي شھزادي بيمار ھئي.

بادشاھھ جو روز پيو ڍنڍرو ڦرندو ھو تھ: جيڪو بھ حڪيم يا طبيب منھنجي نياڻيءَ کي ھن بيماريءَ کان نجات ڏياريندو، تنھن کي اڌ راڄ، اڌ ڀاڳ ۽ شھزاديءَ جو سڱ ڏيندس. سو چڱو بھ اھو ڍنڍرو ٻڌي، سڌو وڏي وزير وٽ ويو ۽ سلام ڪرڻ کان پوءِ چيائينس تھ: آءٌ شھزاديءَ جو علاج ڪندس. جي اجازت ھجي تھ علاج شروع ڪريان؟ وزير يڪدم اھا ڳالھھ وڃي بادشاھھ سان ڪئي؛ جنھن ”چڱي“ کي گھرائي علاج ڪرڻ جي اجازت ڏني. چڱي، نوڪرن کي حڪم ڪيو تھ: ست ڪورا دلا ۽ ست نوان رسا کڻي ستن کوھن جو اڇت پاڻي ڀري اچو. جڏھن سندس حڪم بجا آندو ويو، تڏھن جن واري بَڙ جا پن، ڏنڊي ڪونڊي ۾ وجھي گھوٽايائين. پوءِ ان ۾ ستن کوھن جو آندل پاڻي وجھي، پاڻي ڇاڻائي باقيءَ مان ھڪڙو گلاس پنن جي رس جو تيار ڪري، ان ۾ کير ماکي وغيره ملايائين. پوءِ حڪم ڪيائين تھ: ست ڪنواريون ڇوڪريون حاضر ڪيون وڃن. يڪدم ست ڪنواريون ڇوڪريون حڪم موجب اچي حاضر ٿيون، جي اھو ستن کوھن جي ست سوادو پاڻي کڻي شھزاديءَ وٽ آيون. شھزاديءَ بھ بسم الله ڪري پاڻي پيتو. بس، ھن جو پاڻي پيئڻ ۽ تندرست ٿيڻ – ڪيڏانھن ويا جن تھ ڪيڏانھن ويا ڀوت! ڇوڪري اٺڪور چڱي ڀلي ۽ نئين نمري ٿي پيئي. ٻئي ڏينھن چڱي، وزير کي بادشاھھ وارو قول ياد ڏياريو. جڏھن وزير بادشاھھ سان اھا حقيقت ڪئي، تڏھن ھن چيو تھ: ڀلي چنڊ جي چوڏھين رات گذري تھ خبر پوي، تھ برابر بيماري ڇڏي ويئي آھي يا نھ .... ان بعد اسين پنھنجو قول پورو ڪنداسين.

ڳالھيون جلد ٿين، ڏينھن پنھنجي وقت تي گذرن – آخر ھڪ مھينو گذري ويو، پر شھزاديءَ کي ڪجھھ بھ نھ ٿيو؛ ٻيو چنڊ، ٽيون چنڊ، نيٺ چوٿون چنڊ بھ گذريو، پر شھزادي خدا جي فضل سان ويتر وڌيڪ نمري ۽ تندرست ٿيندي رھي. تڏھن ”چڱي“ وري وزير کي بادشاھھ جي قول جي يادگيري ڏياري. وزير سڌو اچي بادشاھھ وٽ حقيقت بيان ڪئي. بادشاھھ ڳالھھ ٻڌي پنھنجي محلات ۾ آيو، ۽ راڻيءَ سان اچي حال ڪيائين، جنھن ٻانھيءَ جي معرفت شھزاديءَ کي ھائوڪار ڪرائي. پوءِ بادشاھھ، وزير کي گھرائي حڪم ڏنو تھ: شاديءَ جو بندوبست ڪيو وڃي. يڪدم خزانن جا در کلي ويا، عام خاص ماڻھن کي بادشاھي لنگر مان ماني ملڻ لڳي. اھڙيءَ طرح ستن ڏينھن جي خير خيرات کان پوءِ، شاديءَ جي رسم ادا ٿي. جنھن کان پوءِ بادشاھھ پنھنجي محلات جي پاسي ۾ ھڪڙو جدا محلات ٺھرائي، پنھنجي ڌيءَ ۽ ناٺيءَ جي حوالي ڪيو، جتي ھو ٻئي زال مڙس ڏاڍا مزي جا ڏينھن گذارڻ لڳا.

خدا جي قدرت سان، ٿوري گھڻي ڏينھن ”مدو“ بھ رلندي پنندي وري اچي ”چڱي“ جي محلات وٽان نڪتو. جڏھن ”چڱي“ کيس ڏٺو، تڏھن ڀاڪر پائي ڏاڍيءَ حب مان اچي مليس، ۽ خوش خير عافيت پڇڻ کان پوءِ، چيائينس تھ: واھھ ميان واھھ! مون کي صفا وساري ڇڏيئي! انھيءَ ڏينھن کان وري سار سنڀال بھ ڪا نھ لڌيئي تھ کوھھ ۾ لٿل ھمراھھ جو ڪھڙو حشر ٿيو – جيئرو آھي يا مري ويو! ”مدو“ ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ پنھنجو ڏوھھ قبول ڪيائين. نيٺ چڱي تھ پنھنجي چڱائيءَ جي عادت موجب سندس ڏاڍي آڌر ڀاءُ ڪئي، ۽ سڄو سارو مھينو پاڻ وٽ رھايائينس، پوءِ بھ ست وڳا ڪپڙن جا وٺي ڏنائينس ۽ وڃڻ وقت خزاني جي خرزين بھ ڀري ڏنائينس.

”مدو“ جڏھن ”چڱي“ کان موڪلائي، مال متاع کڻي شھر ۾ پھتو، تڏھن ماڻھن کي چوڻ لڳو تھ: توھان کي خبر آھي تھ ”چڱو“ آھي ڪير؟ تڏھن ماڻھن چيس تھ: ھو بادشاھھ جو ناٺي آھي ۽ پاڻ بھ بادشاھھ آھي! اتي ”مدي“ سڀني کي چيو تھ: ميان! بادشاھھ وري ھي ڪٿان آيو؟ ھي تھ اسان جي ڳوٺ جو چمار آھي، جو ھتي طبيب جو پٽ بنيو آھي، ۽ بادشاھھ بھ ٿو سڏائي. مون کي ھيءُ سڀ ٽپڙ انھيءَ ڪري ڏنا اٿس، تھ آءٌ سندس ڍڪ ڍڪيان ۽ بادشاھھ کي سچي ڳالھھ نھ ٻڌايان؛ باقي اٿو چمار جو چمار. ان تي ماڻھن ۾ اچي چر پر ٿي، تھ بادشاھھ جو ناٺي چمار آھي! آخر اھا ڳالھھ وڃي بادشاھھ جي ڪنن تائين پھتي؛ جنھن پنھنجن وزيرن سان صلاح ڪري ”چڱي“ کي گھرايو ۽ کانئس حقيقت دريافت ڪئي. ”چڱي“ اٿي بيھي عرض ڪيو: جيئندا قبلا! آءٌ ستن پيڙھين کان بادشاھھ آھيان، جي اوھان کي اعتبار نھ اچي تھ آءٌ ثابتي ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. تڏھن بادشاھھ چيس تھ: جي تون سچو آھين تھ ڀلي ثابتي ڏي. اتي چڱي چيو تھ: سائين! ھڪڙو عرض آھي تھ جي جھنگ مان جيئرو ھرڻ جھلائي ڏيو تھ مان توھان کي ثابتي ڏيان. بادشاھي حڪم ٿيو، سو ٻن چئن ڏينھن ۾ ڪئين ھرڻ پڪڙي آندا ويا. نيٺ ھڪڙو ھرڻ پسند ڪري، ان کي ستن کوھن جي پاڻيءَ سان وھنجاري. پوءِ ان کي وٺي اچي نانگ واري ڏسيل دڙي تي بسم الله ڪري ڪٺائين. ھرڻ کي ڪھڻ بعد ان جو رت سڄي دڙي تي ڇٽڪاريائين، جنھن ۾ خزانو پوريل ھو. رت ڇٽڪارڻ سان دڙي واري زمين ڦاٽي پيئي، ۽ ھڪ وڏي آفت ڦوڪون ڏيندي، ان مان نڪري، ھڪڙي پاسي ھلي ويئي. ان کان پوءِ ”چڱي“ حڪم ڪيو تھ: ھاڻي ھتي کوٽائي ڪئي وڃي! ڏينھن رات جي کوٽائي بعد اتان ستن بادشاھن جو خزانو ھٿ آيو، جو کڻائي اچي بادشاھھ جي محلات ۾ ڍير ڪرايائين. جڏھن شھزاديءَ، بادشاھھ ۽ ٻين ماڻھن ايترو سارو خزانو ڏٺو، تڏھن سندن شڪ لٿو ۽ سڀني کي يقين ٿيو تھ برابر ھي اصلي بادشاھھ آھي. پوءِ تھ بادشاھھ ۽ شھزاديءَ بھ ”چڱي“ کان معافي ورتي ۽ سڀ کنڊ کير ٿي رھڻ لڳا.

ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ، مدو بھ وري اچي ان شھر ۾ نڪتو، ۽ دل ۾ اھو خيال ڪري تھ ڏسان تھ چڱي سان ڪھڙي جٺ ڪيائون -

سو سڌو رخ رکيائين چڱي جي محلات ڏانھن. اچي ڏسي تھ مار! ھيءُ تھ اڳوڻي کان بھ اڳرو پيو ھلي. سو نڪا ڪيائين ھم نڪا تم، سڌو اچي چڱي جي پيرن تي ڪريو ۽ آزيون ڪري چوڻ لڳس تھ: دوست! مون توسان سڀ برايون ڪيون، پر تون مو سان ھميشه پئي چڱايون ڪيون آھن – مگر ھاڻي مون کي معاف ڪر ۽ خدا جي واسطي ايترو ٻڌاءِ تھ توکي ھيءُ فيض ڪٿان رسيو؟ تڏھن چڱي چيس تھ: يار! جي سچ پڇين تھ مونکي اھو سمورو فيض انھيءَ کوھھ مان مليو، جنھن ۾ تو مون کي ڇڏي ھليو ويو ھئين. وڌيڪ تنھنجي مرضي.

نيٺ مدي بھ ڇا ڪيو، جو ثمر ساڻ ڪري، سڌو ويو ان کوھھ تي، ۽ ڪپڙا گنديون لاھي ان ۾ اندر گھڙي پيو. جڏھن سج لٿو ۽ جن ۽ نانگ بھ پنھنجن آستانن تي پھتا، تڏھن ھميشه وانگر ھڪٻئي کي حال احوال ڏيڻ لڳا. پھريائين نانگ کوھھ مان رڙ ڪري جن کان پڇيو تھ: ڏي خبر، ڀلا تنھنجو ساھھ ڇا ۾ آھي؟ تڏھن جن چيس تھ: يار! اڳئين دفعي بھ پنھنجو پاڻ ۾ ويٺي اھڙيون ڳالھيون ڪيونسين، تھ شايد ڪو آدمزادو ھتي لڪو ويٺو ھو، جنھن پئي پنھنجي گفتگو ٻڌي؛ پوءِ جيڪو حشر مون سان ۽ توسان ٿيو، تنھن جي توکي پاڻ خبر آھي – تنھنڪري اڄ پھريون اوسي پاسي ۾ جاچ ڪر تھ متان ڪو آدمزادو ويٺل ھجي! تڏھن نانگ چيس تھ: پھرين تھ مٿي وڻ ۾ ڳول تھ پوءِ، آءٌ کوھھ ۾ ٿو ڏسان. جن سڄي وڻ ۾ ڳوليو، پر ڪجھھ بھ ڏسڻ ۾ نھ آيس – تڏھن نانگ کي چيائين تھ: ھت ڪجھھ بھ ڪونھي؛ تون اتي کوھھ ۾ جاچ ڪر! نانگ جان کڻي ڪنڌ ورائي ڏسي، تھ برابر ھڪڙو آدمي ويٺو آھي. پوءِ تھ بس ھڪ ئي وار سان کيس پرزا پرزا ڪري، کائي کپائي ڇڏيائين.

وزير اھا ڳالھھ پوري ڪري، بادشاھھ کي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! چڱي جي چڱائي ۽ مدي جي مدائي – توھين نيڪي ڪندا ھلو، پوءِ سڀ ڪنھن جي نيت ڄاڻي، پاڻھي پيا اڳتي حساب ڪتاب ڏيندا. اھا ڳالھھ ٻڌي، بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ وزير کي چيائين تھ: برابر، بَديءَ کي بنھھ ڪڍي ڇڏڻ اسان جي وس ۾ ڪونھي – پر ان سان مقابلو تھ اوس ھليو ھلندو، تنھنڪري بدمعاشن جا نالا مون کي ڏي .... پوءِ انھيءَ ڳالھھ کي ڏٺو ويندو.


*  ھيءَ ڳالھھ وچولي (تعلقي ٽنڊي الھيار) مان ولي محمد طاھر زادي کان ملي.

*  ھيءَ ڳالھھ لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مائي زيب النساءِ لوھار کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org