سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 9

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

 

مهاڻي جي ڌيءَ

فلپائين جي ڪهاڻي

 

سينيان جي صوبي ۾ لنگائن جي کاري هڪ سهڻي نظاري واري جاءِ آهي، پر کاريءَ ۾ اندر هڪڙو اهڙو ڪـُن آهي، جتي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ترندي ترندي پهچي وڃي ته ڇڪجي انهيءَ ڪـُن جو بـَک ضرور ٿيندو آهي، گهڻو ڪري نوجوان ڇوڪريون انهي ڪـُن ۾ ٻڏي وينديون آهن. ماڻهو چون ٿا ته کاريءَ جي ديوتا کي هر سال هڪڙو ماڻهو ضرور گهرجي. اهو انهيءَ وقت کان ٿيندو پيو اچي، جڏهن هڪ مهاڻي جي ڌيءَ کاريءَ جي ديوتا وٽ رهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ڳالهه ڪن ٿا ته پراڻي زماني ۾ هڪ غريب مهاڻو پنهنجيءَ زال ۽ اڪيلي ڌيءَ سان گڏ اتي رهندو هو. اها ڇوڪري ڏاڍي سلڇڻي ۽ کلمُک هئي، تنهنڪري هن جي ماءُ پيءُ هن جو نالو ماليڪٽ رکيو. هوءَ هئي ته هڪ ننڍڙي ڇوڪري، پر ڏاڍي بهادر ۽ ڦڙتيلي هوندي هئي. صبح جو جڏهن ماڻس ۽ پڻس ننڊ مان اٿندا هئا ته هنن جي اها ننڍڙي ڌيءَ نيرن لاءِ ڀـَتُ، ڀـُڳل مڇي ۽ پيٺل چانورن جي گرم گرم ڪافي اڳواٽ ئي ٺاهيو ويٺي هوندي هئي.

گهر جو سمورو ڪم ڪار ماليڪٽ ڪندي هئي. هوءَ ماني پچائيندي هئي، ڪپڙا ڌوئندي هئي ۽ سمنڊ جي ڪناري کليل هوا ۾ ڊوڙندي هئي. ماءُ ۽ پيءُ هن کي ڏسي سَرها ٿيندا هئا ۽ هڪ ٻئي کان پڇندا هئا ته ”ماليڪٽ کان سواءِ پاڻ ڪيئن رهي سگهنداسون؟“

ماليڪٽ ائين به ڪندي هئي جو پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي کاريءَ جي لڪل کاهين ۽ غارن جي ڳولا ۾ پري پري تائين نڪري ويندي هئي.

هڪڙي ڏينهن شام جو هوءَ پاڻ سان هڪ عجب جهڙو سامونڊي گاهه کڻي آئي. اهو ڏسي ماڻس هن کان پڇيو، ”ڌيءَ گاهه ڪٿان آندو اٿئي؟“

ماليڪٽ جواب ڏنو ته، ؟”مون وهنجڻ جي لاءِ هڪ تمام سهڻي کاري ڳولي هٿ ڪئي آهي. شايد آءٌ پهرين ڇوڪري آهيان، جيڪا اتي ويئي آهيان. امان! هو ڏس، اها جاءِ انهيءَ جبل جي هيٺان آهي. هيءُ گاهه مون اتان ئي آندو آهي.“ اهو چئي ماليڪٽ پريان هڪ سڌي پهاڙيءَ ڏانهن اشارو ڪيو.

انهيءَ تي پڻس ڏاڍي ڳڻتيءَ وچان هن کي چيو، ”ڌيءَ! اها ته ڏاڍي نڀاڳي جاءِ آهي. چون ٿا ته هن کاريءَ جو ديوتا مڪسل اتي اچي سمهندو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن جي ننڊ ڦٽائي ته هو هن کي ڏاڍي ڳري سزا ڏيندو آهي. ڌيءَ! ان پاسي تون وري نه وڃجانءِ.“

پر ماليڪٽ کلندي جواب ڏنو، ”بابا! اتي ته ڪو به ديوتا ڪونهي. اتي ته رڳو سٺا سٺا پکي ۽ مڇيون هونديون آهن. پر جيڪڏهن اوهان چئو ٿا ته آءٌ اتي نه وڃان ته پوءِ ٺيڪ آهي. آءٌ وري ڪڏهن به اوڏانهن نه وينديس.“

کاريءَ ۾ ماليڪٽ کي وهنجندي مڪسل ديوتا ڏسي ورتو هو. هن جي پنهنجي ڌيءَ تازو مري ويئي هئي، تنهنڪري هن ماليڪٽ کي پنهنجي ڌيءَ ڪرڻ گهريو ٿي. اهو خيال ڪري هن پنهنجي نوڪر اسڪوئيڊ ديو کي حڪم ڏنو ته تون ماليڪٽ جي ٻيڙيءَ کي هن کاريءَ ڏانهن ڪاهي اچ.

ٻئي ڏينهن جڏهن ماليڪٽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي گهمڻ ڦرڻ لاءِ هلي ته کيس خبر پيئي ته سنديس ٻيڙي پاڻمرادو لڪل کاريءَ ڏانهن پيئي وڃي. هن پنهنجي پيءُ سان ڪيل انجام کي ياد ڪيو ۽ ٻئي رستي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻيڙي ان رستي تي هلندي ويئي. ٿوري دير کانپوءِ هن جي ٻيڙي کاريءَ ۾ پهچي ويئي ۽ ان جو رخ هيٺ پاڻيءَ ۾ هڪ سرنگ جهڙي رستي ڏانهن هو. اهو ڏسي پهرين ته هوءَ ڊڄي ويئي، پر پوءِ پنهنجي ٻنهي پاسن کان سهڻا سهڻا نظارا ڏسي، سندس ڊپ لهي ويو. ٻنهي پاسي رنگ برنگي خوشبودار گل ٽڙيل هئا ۽ ڊگها ڊگها وڻ، طرح طرح جي ميون سان ڀريا پيا هئا. هيٺ اچي اُجري پاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي رنگن جون ننڍيون توڙي وڏيون مڇيون پئي ڊوڙيون. حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ هئي ته انهن جي ڳالهه ٻولهه ماليڪٽ جي سمجهه ۾ پئي آئي.

مڇين هن کي چيو، ”ڀلي ڪري آئينءَ ماليڪٽ! توکي مبارڪون هجن جو تون اسان جي مالڪ جي ملڪ ۾ آئي آهين. اسان وٽ ترس ۽ سدائين خوش رهه.“

انهيءَ تي ماليڪٽ خوش ٿي پنهنجون ٻانهون انهن ڏانهن ڊگهيريون، پر اوچتو زور سان چهبڪ لڳڻ جو آواز آيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڀ مڇيون گم ٿي ويون. انهيءَ تي هوءَ ڊڄي ويئي ۽ ونجهه هلائڻ لڳي، پر ايتري ۾ هنجي ٻيڙي هڪڙي ڪناري سان اچي لڳي ۽ هوءَ اڇلجي نرم نرم زمين تي وڃي ڪِري.

زمين تي هن ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ته هن جي سامهون هڪ تمام ڊگهو، ڪڻڪ رنگو ماڻهو هو. اهو ماڻهو هڪ تخت تي ويٺو هو ۽ هن جي مٿي تي هڪ چمڪندڙ تاج هو. هن جي هٿ ۾ چانديءَ جي لٺ هئي، جنهن جو منهن نانگ جهڙي مڇيءَ وانگر هو.

ان حيرت جهڙي ماڻهوءَ پڙاڏيندار آواز ۾ چيو، ”ماليڪٽ! ڊڄ نه. آءٌ هن کاريءَ جو ديوتا مڪسل آهيان. مون توکي ان لاءِ گهرايو آهي ته تون منهنجي پياري ڌيءَ جي جاءِ وٺ. تون هت جيڪي گهرندينءَ اهو توکي ملندو.“

ماليڪٽ گهـُٽيل آواز ۾ وراڻيو، ”پر.... پر مون کان سواءِ منهنجو بابا ۽ اَمان ڏاڍا پريشان ٿيندا. مهرباني ڪري مون کي وڃڻ ڏي.“

مڪسل گجندي چيو، ”نه، آءٌ توکي اجازت نه ڏيندس.“ هن جي ڪاوڙ کي ڏسي، سمنڊ جي هيٺان زمين ڏڪڻ لڳي. پر پوءِ ڇوڪريءَ کي ڊنل ڏسي ديوتا پنهنجو لهجو ڦيرايو ۽ نرميءَ سان هن کي چوڻ لڳو، ”جڏهن تون هت رهندينءَ تڏهن توکان پنهنجي جهوپڙي وسري ويندي.“ هن چمڪندڙ هيرن سان سينگاريل محل ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هو سامهون چانديءَ جو محل ڏس. اهو تنهنجو گهر هوندو. تنهنجي سار سنڀال لهڻ لاءِ اتي ڪيترائي نوڪر هوندا. توسان راند رهڻ لاءِ اتي تو جيڏيون ڪيتريون سهيليون هونديون. اهي سڀئي تنهنجي هر حڪم جي تعميل ڪنديون. تنهنجي پائڻ لاءِ هيرا جواهر ۽ سهڻا سهڻا ڪپڙا ۽ کائڻ لاءِ لذيذ کاڌا هوندا. اچ منهنجي ڌيءَ! هاڻي مون سان گڏ هل.“

پر ماليڪٽ هن جي ڪا به ڳالهه نه مڃي. انهيءَ تي هن تاڙي وڄائي. ٻه نوڪر اندر آيا ۽ ماليڪٽ کي زبردستي کڻي محل ڏانهن ويا.اتي چئني طرفن کان پاڻيءَ جون پَريون مڙي آيون. هنن پهرين ماليڪٽ کي وهنجاريو ۽ پوءِ هن کي چانديءَ جو لباس ڍڪايو. هڪ پريءَ گل جي شڪل جهڙو هيرن جو تاج هن جي مٿي تي رکيو. ٻين پرين سمنڊ جي تري مان آندل تمام قيمتي ۽ سهڻا هيرا جواهر آڻي هن کي ڏنا. پر انهن مان ڪنهن به شيءَ کي ماليڪٽ هٿ نه لاتو. هن رڳو رُنو پئي ۽ چيائين ته، ”مهرباني ڪري پنهنجي ديوتا کي چئو ته مون کي پنهنجي گهر رسائي، منهنجا ماءُ پيءُ پوڙها ٿي ويا آهن ۽ هنن کي منهنجي ضرورت آهي.“

لنگائن کاريءَ جي ديوتا جي حڪم مڃڻ کان اڄ تائين ڪنهن به انڪار نه ڪيو هو. ماليڪٽ جي ضد کي ڏسي هن به کيس پاڻ رهائڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. ديوتا محل جي سٺن مسخرن، بازيگرن ۽ مدارين کي گهرائي ڇوڪريءَ جي دل وندرائڻ جو حڪم ڏنو. اهي سڀئي هڪ قسم جون مڇيون هيون. ديوتا جو حڪم ٻڌي، انهن سانگ شروع ڪيا، جن کي ڏسي ٿوريءَ دير جي لاءِ ته ڇوڪريءَ کان پنهنجو گهر ۽ ماءُ پيءُ به وسري ويا. ننڍڙن ننڍڙن ۽ سهڻن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين، جن جا بدن ديوتا وانگر اڌ انسان جهڙا ۽ اڌ مڇيءَ جهڙا هئا، هن کي سمونڊ جون رانديون سيکاريون، جنهن تي هوءَ خوش ٿي کلڻ لڳي ۽ مڪسل هن کي کلندو ڏسي خوش ٿيو.

 

پر اها هن جي غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته ٿوري وقت کان پوءِ ماليڪٽ وري ويڳاڻي ڏسڻ ۾ آئي. هڪڙي ڏينهن ماليڪٽ پنهنجي ڪمري جي طاق ۾ جادوءَ جو شيشو ڏٺو. اهو کڻي هوءَ ان ۾ ڏسڻ لڳي ۽ کيس ڏسڻ ۾ آيو ته ماڻس بيمار پيئي ۽ پڻس کيس چرين وانگيان پيو ڳولي.

انهيءَ تي ماليڪٽ روئڻ لڳي ته ايتري ۾ هن جي دائي اڪولا، جيڪا هن وانگر هڪ انسان هئي، وٽس آئي ۽ چوڻ لڳي، ”ڌيءَ! ڇا تون سچ پچ پنهنجي گهر وڃڻ گهرين ٿي؟“

”ها، آءٌ پنهنجي گهر وڃڻ گهران ٿي.“

”ڌيءَ! آءٌ تنهنجي حال کي چڱيءَ طرح سمجهان ٿي، ڇالاءِ ته مون کي به تو وانگر زبردستي هتي آندو ويو هو. ان وقت آءٌ به تو وانگر ٻار هيس. هاڻي ته آءٌ ڪراڙي ٿي ويئي آهيان. ان وقت کان هِن وقت تائين مون پنهنجن گهر وارن کي وري ڪڏهن به نه ڏٺو.“

ماليڪٽ پوڙهيءَ کي ليلائيندي چيو، ”مهرباني ڪري تون ڪا منهنجي مدد ڪر ۽ تون به مون سان گڏجي هل.“

”نه، هاڻي آءٌ هتان ڪونه وينديس، آءٌ ته بنهه ڪراڙي ٿي ويئي آهيان. هاڻي هلي ڇا ڪنديس! باقي تون مون کي جادوءَ جو اهو شيشو ڏيئي وڃ ته جيئن آءٌ به اهو سڀ ڪجهه ڏسي سگهان، جيڪو انسانن جي دنيا ۾ ٿئي پيو ۽ اهو به ڏسي سگهان ته اتي توسان ڇا ٿو وهي واپري. هاڻي ٻڌ! اڄ رات آءٌ تنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ اينديس ۽ توکي محل مان ڪڍي هلنديس. مون کان جيڪي به ٿي سگهيو، تنهنجي لاءِ ڪنديس. پوءِ کٽن تنهنجا ڀاڳ، باقي جڏهن تون کليل سمونڊ ۾ پهچين تڏهن پنهنجي سنڀال لاءِ توکي پاڻ انتظام ڪرڻو پوندو.“

انهيءَ رات اڪولا ڇا ڪيو جو سڪوئيڊ ديو جي شراب ۾ ننڊ جي دوا وجهي ڇڏي. پوءِ ماليڪٽ کي ڳجهن رستن کان وٺي هوءَ محل مان ٻاهر نڪري آئي. اتي هڪڙي هنڌ ماليڪٽ جي ٻيڙي بيٺي هئي. اڪولا جو هڪ وفادار دوست به اتي بيٺو هو. انهيءَ ماليڪٽ کي ٻيڙيءَ هلائڻ ۾ مدد ڪئي، جنهنڪري ماليڪٽ جي ٻيڙي سمنڊ جي تري جي سرنگ مان ٿيندي مٿي کليل سمنڊ تي نڪري آئي. اتي اڪولا جو وفادار دوست هن کان موڪلائي واپس هليو ويو ۽ ماليڪٽ پنهنجي گهر ڏانهن ٻيڙي ڪاهڻ لڳي.

جڏهن مڪسل ديوتا کي خبر پيئي ته ماليڪٽ پنهنجي گهر هلي ويئي آهي ته هن سڪوئيڊ ديو کي حڪم ڏنو ته هن کي هڪدم واپس وٺي اچ. سڪوئيڊ ديو ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ننڊ جي دوا جي اثر ڪري هو تڪڙو تڪڙو تري نه سگهيو. انهيءَ هوندي به هو ماليڪٽ جي ٻيڙيءَ جي ويجهو پهچي ويو. هن کي ڏسي ماليڪٽ وڌيڪ زور زور سان ٻيڙي هلائڻ لڳي ۽ ڪناري جي ويجهو پهچي ويئي. جتي پڻس هن کي ڏسي ورتو. پوءِ پڻس ۽ هن جا دوست ماليڪٽ کي وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيا. ايتري ۾ سڪوئيڊ ديو ٻيڙيءَ جي بلڪل ويجهو پهچي ويو ۽ هن جو ڊگهو هٿ ماليڪٽ کي واپس وٺي وڃڻ لاءِ اڃا ڇُهڻ وارو هو ته ان وقت ماليڪٽ جي پيءَ هن کي کڻي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ ويهاريو ۽ ٻين مهاڻن سڪوئيڊ ديو تي حملو ڪري هن کي ڀڄائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ماليڪٽ وري پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر واپس پهچي ويئي.

هوڏانهن مڪسل ديوتا سڪوئيڊ تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ڇو جو هو ماليڪٽ کي واپس وٺي ڪونه آيو هو. ديوتا کيس ڏاڍي سخت سزا ڏني. مڪسل هن کي حڪم ڏنو ته، ”هاڻي هر سال تون پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي سمنڊ جي ڪناري تي ويندين ۽ منهنجي لاءِ هڪڙي نوجوان ڇوڪري جهلي ايندين. ٿي سگهي ٿو ته اهڙيءَ طرح ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن مون کي ڪا اهڙي ڇوڪري ملي، جنهن کي آءٌ پنهنجي ڌيءَ ڪري سگهان.“

تنهنڪري سمونڊ ۾ انهيءَ جاءِ تي سڪوئيڊ ديو جي ڊگهين ۽ مضبوط ٻانهن جي ڪري ڪـُن ٺهي پوندو آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ترندڙ کي کاريءَ جي تري ۾ گهلي ويندو آهي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org