چار گنجا
کمير
جي ڪهاڻي
هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي ته ڪو ماڻهو هوندو هو،
جيڪو کجيءَ جي پنن مان ٽوڪريون ٺاهي، اهي وڪڻي
پنهنجو گذران ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن هو کجيءَ جون
ٽاريون پٽڻ لاءِ کجيءَ جي وڻ تي چڙهيو.
کجيءَ جي وڻ تي چڙهڻ کان پوءِ هن ٽاريون پٽڻ شروع
ڪيون ۽ جهونگارڻ به لڳو. جهونگاريندي هن ويچاريو
ته، ”هن ڪم ڪرڻ لاءِ مون وٽ هڪ نوڪر هجڻ گهرجي.
پوءِ جڏهن آءٌ ٽوڪريون ٺاهيندس ته اُهي ڳري اگهه
تي وڪڻندس، پوءِ وري آءٌ وڌيڪ ٽوڪريون ٺاهيندس ۽
اهي وڪڻي ايترا ته پئسا ڪمائيندس
جو هڪڙو نوڪر رکندس، جنهن کي پگهار به ڏيندس.“
نوڪر رکڻ جي خيال کان هن کي ڏاڍي خوشي ٿي، تنهنڪري
وري پنهنجو پاڻ چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن هن پوريءَ طرح ڪم
نه ڪيو ته آءٌ هن کي هيئن لت هڻي ٻاهر
موڪليندوسانس.“ ان وقت هن کان وسري ويو ته هو ڪٿي
ويٺو آهي. سو جيئن ئي ڪاوڙ مان هن زور سان لت
هنئي، ته وڻ تي پاڻ کي سنڀالي نه سگهيو ۽ اتان هيٺ
ڪِرڻ لڳو.
پر هن جي
ڪا قسمت چڱي هئي، جو وڻ تان ڪِرندي وقت هن جا هٿ
کجيءَ
جي ٽارن ۾ ڦٻجي ويا ۽ هن جي جان بچي ويئي. هاڻي هو
وڻ جي ٽارين ۾ پئي لڙڪيو ۽ هن جي دانهن مٿان دانهن
پئي پيئي ته ”اڙي ڪِران ٿو، بچايو، بچايو.“
انهيءَ وقت هڪڙو فيلبان هاٿيءَ تي چڙهيو اتان پئي
لنگهيو. فيلبان جو اهي ”بچايو، بچايو“ جون رڙيون
ٻڌيون ته هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. وري هن مٿي ڏٺو
ته کيس کجيءَ جي ٽارن ۾ ٽوڪرين ٺاهڻ وارو لڙڪندو
ڏسڻ ۾ آيو.
ٽوڪرين ٺاهڻ وارو وري رڙيون ڪرڻ لڳو، ”اڙي آهي ڪو،
جيڪو مون کي بچائي، آءٌ انجام ڪريان ٿو ته جيڪو
مون کي هن وڻ تان هيٺ لاهيندو، آءٌ انهيءَ جي ساري
ڄمار خدمت ڪندس.“
اهو ٻڌي فيلبان پنهنجو هاٿي ان طرف هڪليو ۽ وڻ وٽ
اچي هو هاٿيءَ جي پٺن تي اٿي بيٺو. پوءِ هن ٽوڪرين
ٺاهڻ واري کي پيرن کان جهليو، پر هاٿيءَ جي چيلهه
تي جو فيلبان جي پيرن جو زور پيو ته هاٿيءَ ان کي
اڳتي هلڻ جو اشارو سمجهي اڳتي هليو. اهڙيءَ طرح
فيلبان به ٽوڪرين ٺاهڻ واري جا پير جهيلو، کجيءَ
جي وڻ ۾ لڙڪندو رهيو.
هاڻي ٻنهي ماڻهن گڏجي دانهون ڪيون، ”بچايو بچايو.“
ايتري ۾ اتان چار گنجا ماڻهو اچي لنگهيا. هنن جو
اهي دانهون ڪوڪون ٻڌيون ته اهي حيران ٿي اتي بيهي
رهيا.
فيلبان ۽ ٽوڪريون ٺاهڻ واري رڙيون ڪيون، ”اسان کي
بچايو، اسان کي هتان هيٺ لاهيو. اسين انجام ڪريون
ٿا ته ساري ڄمار اوهان جي خدمت چاڪري ڪنداسون.“
اهو ٻڌي چارئي گنجا ڏاڍا خوش ٿيا ته اهڙي سولائيءَ
سان اسان کي ٻه نوڪر ملي پوندا.
”اڙي رڙيون نه ڪريو. اسين ٿا اوهان کي لاهيون.“
ائين چئي چارئي گنجا ڄار
آڻڻ
لاءِ هڪ طرف ڀڳا. جڏهن ڄار کڻي آيا، تڏهن هنن ڄار
جون چارئي ڪنڊون پنهنجين پنهنجين ڳچين ۾ مضبوطيءَ
سان ٻڌي ڇڏيون ۽ ڄار جهلي کجيءَ جي وڻ هيٺ اچي چوڻ
لڳا، ”هاڻي اوهين هن ڄار ۾ هيٺ ٽپ ڏيو. اسين اوهان
کي جهلي وٺنداسون.“
انهيءَ تي ٽوڪريون ٺاهڻ واري کجيءَ جي ٽارين مان
پنهنجا هٿ ڪڍيا،
ته هو ۽ فيلبان ٻئي ڄار جي وچ ۾ اچي ڪريا.
. . . . اهڙيءَ طرح فيلبان به ٽوڪرين ٺاهڻ واري جا
پير جهيلو، کجيءَ جي وڻ ۾ لڙڪندو رهيو. هاڻي ٻنهي
ماڻهن گڏجي دانهون ڪيون، ”بچايو بچايو.“ ايتري ۾
اتان چار گنجا ماڻهو اچي لنگهيا.
هنن جي ڪِرڻ
سبب ڄار تي ايترو ته ٻوجهه پيو جو ڄار جي چئن ئي
ڪـُنڊن کي ڏاڍي
ڇڪ
آئي. انهيءَ اوچتي
ڇڪ جي ڪري چارئي گنجا هڪ ٻئي ڏانهن ڇڪجي آيا ۽ هنن
جا گنجا مٿا هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي پرزا پرزا ٿي ويا.
ڏسندي ئي ڏسندي چارئي گنجا اتي جو اتي ڪِري مري
ويا.
پر ٽوڪرين ٺاهڻ وارو ۽ فيلبان بچي ويا ۽ پاڻ ۾ کل
ڀوڳ جون ڳالهيون ڪندا اُتان
هليا ويا.
______________
|