ڪانگ ۽ جهرڪي
بنگلاديش
جي ڪهاڻي
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙي جهرڪيءَ جي هڪڙي
ڪانگ سان دوستي ٿي ويئي. هڪڙي ڏينهن ٻئي پکي کاڌي
جي ڳولا ۾ هئا. ڪانگ ڏٺو ته هڪ تڏي تي مرچون سڪڻ
لاءِ پکڙيون پيون آهن. اهو ڏسي ڪانگ جهرڪيءَ کي
چيو ته، ”هيڏانهن ته ڏس، سامهون مرچون پکڙيون پيون
آهن. ڏسون ته پاڻ مان ڪير ٿو گهڻيون مرچون کائي.“
”منظور آهي!“ جهرڪيءَ جواب ڏنو.
ڪانگ چيو، ”جيڪو گهڻيون مرچون کائيندو، اهو ٻئي کي
به کائي ويندو.“
اهو ٻڌي جهرڪيءَ کلي ڏنو. پر پوءِ ڪانگ جو شرط مڃي
ويئي، جو هن سمجهيو ٿي ته ڪانگ چرچو پيو ڪري. ڀلا
ڪڏهن دوستن به هڪ ٻئي کي کاڌو آهي! اهو خيال ڪري
جهرڪيءَ مرچون ايمانداريءَ سان کائڻ شروع ڪيون، پر
ڪانگ بي ايماني ڪئي. هن هڪ مرچ کاڌي ٿي ته ٽي
مرچون جهرڪيءَ جي نظر کان لڪائي، تڏي جي هيٺان
لڪائي ٿي ڇڏيون.
پڇوءِ ڪانگ چيو، ”واهه واهه، آءٌ ته کٽي ويس. هاڻي
آءٌ توکي به کائيندس.“
اتي جهرڪيءَ کي به پڪ ٿي ته ڪانگ سچ پچ مون کي به کائڻ گهري ٿو.
جهرڪيءَ چيو، ”ٺيڪ آهي، آءٌ پنهنجي انجام تي قائم
آهيان، پر مون کي کائڻ کان اڳ تون پنهنجي چهنب
ڌوئي صفا ڪري، سڀني کي خبر آهي ته تون ڪنو پکي
آهين ۽ سڄو ڏينهن ڪِن ڪچرو پيو کائيندو آهين.“
”درياءَ ڙي درياءَ!
مون کي پاڻي ڏي،
چهنب ڌُئان تنهن سان،
اَڇو اُجرو ٿيان،
جهرڪي کائي سگهان.“
اهو ٻڌي درياءَ جواب ڏنس، ”توکي پاڻي گهرجي؟ ٺيڪ
آهي، پر سڀئي چون ٿا ته تون ڪِن ڪچرو
کائيندو رهندو آهين. هاڻي جيڪڏهن تون منهنجي
پاڻيءَ سان پنهنجي چهنب ڌوئڻ گهرين
ٿو ته هڪڙو پيالو کڻي آءُ، ان ۾ پاڻي ڀري پوءِ
پنهنجي چهنب صاف ڪر. تنهنڪري پهرين پيالو کڻي،
پوءِ توکي جيترو پاڻي کپي، کڻي وڃ.“
اتان ڪانگ اڏاڻو ۽ ڳوٺ ۾ ڪنڀار وٽ وڃي چوڻ لڳو:
”ڪنڀر ڙي ڪنڀر!
پيالو ٺاهي ڏي،
جنهن ۾ پاڻي ڀريان،
چهنب ڌُئان تنهن سان،
اَڇو اُجرو ٿيان،
جهرڪي کائي سگهان.“
ڪنڀار چيس، ”توکي هڪڙو پيالو کپي، ٺيڪ آهي، پر مون
کي مٽي ڪانهي. تون مون کي ٿوري آلي مٽي آڻي ڏي،
آءٌ توکي ان مان پيالو ٺاهي ڏيندس.“
ڪانگ هڪڙي کليل ميدان ڏانهن ويو ۽ اتي پنهنجيءَ
چهنب سان مٽي کوٽڻ لڳو.
زمين چوڻ لڳي، ”سڄي دنيا کي خبر آهي ته تون ڪِن
ڪچرو کائيندو آهين،
تنهنڪري آءٌ توکي پنهنجي انهيءَ چهنب سان مٽي کوٽڻ
جي اجازت نه ڏينديس، البت تون ٽيڪم سان مٽي کوٽي
سگهين ٿو.“
هاڻي ڪانگ لوهار وٽ آيو، جيڪو ڪنهن گاڏيءَ جي ڦيٿي
ٺاهڻ ۾ رُڌل هو. ڪانگ هن کي ڏسي چيو:
”لوهار ڙي لوهار!
ٽيڪم ٺاهي ڏي،
مٽي ان سان کوٽيان،
ان مان پيالو ٺهرايان،
جنهن ۾ پاڻي ڀريان،
چهنب ڌُئان تنهن سان،
اَڇو اُجرو ٿيان،
جهرڪي کائي سگهان.“
لوهار جواب ڏنس، ته ”توکي ٽيڪم گهرجي؟ چڱو ٺيڪ
آهي. پر ڳالهه هيءَ آهي ته منهنجي بٺيءَ ۾ باهه ته
آهي ئي ڪين، جيڪڏهن تنهنجي مرضي آهي ته آءٌ تنهنجي
لاءِ ٽيڪم ٺاهيان ته پوءِ مون کي ڪٿان باهه آڻي
ڏي.
لوهار جي دڪان جي ڀرسان هڪڙي ڪڙميءَ جو گهر هو. ڪانگ اڏامي اتي ويو. ڪڙميءَ
جي گهر واري اڱڻ ۾ ويٺي چانور رڌيا. هن کي ڪانگ
چيو:
”ڪڙميءَ جي زال!
مون کي باهه ڏي،
ته ٽيڪم ٺهرايان،
مٽي ان سان کوٽيان،
ان مان پيالو ٺهرايان،
جنهن ۾ پاڻي ڀريان،
چهنب ڌُئان تنهن سان،
اَڇو اُجرو ٿيان،
جهرڪي کائي سگهان.“
ڪڙميءَ جي زال وراڻيو، ”توکي باهه گهرجي! چڱو ڀلا
کڻ، پر تون باهه ڪيئن کڻي ويندين؟“
ڪانگ چيو ته، ”تون باهه منهنجي پـُٺن تي رک ته کڻي
وڃان.“
انهيءَ تي ڪڙميءَ جي زال باهه کڻي ڪانگ جي پٺن تي
رکي. باهه رکڻ شرط ڪانگ جا کنڀ ڀڙڪو کائي سڙڻ لڳا
۽ ڏسندي ئي ڏسندي لالچي ڪانگ سڙي رک ٿي ويو، پر
ايماندار جهرڪي زندگيءَ جا ڏينهن ڏاڍي آرام ۽
خوشيءَ سان گذاريندي رهي ۽ جهور پوڙهي ٿي مـُئي.
_________
|