سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 13

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

چيتو ۽ نوجوان شخص

ڪوريا جي ڪهاڻي

 

پراڻي وقت جي ڳالهه آهي ته هڪڙو امير شخص سفر ڪرڻ لاءِ نڪتو. هو گهوڙي تي پئي ويو. اڃا هو گهڻو پرتي ڪونه ويو هو، ته هڪڙو ڀئونر اڏامندو هن جي ويجهو آيو ۽ چوڻ لڳو، ”اي نوجوان! آءٌ توسان گڏ هلي سگهان ٿو.“ نوجوان وراڻيو، ”ها، ها، ڇو نه، هيڏانهن مون سان گهوڙي تي ٿي ويهه.“

ڀئونر هن جي پٺيان گهوڙي تي ٿي ويٺو ۽ ٻئي اڳتي هليا. گهوڙو ٿورو اڳتي وڌيو ته هڪ بيدو بولاٽيون کائيندو، ان جي ويجهو پهتو ۽ چوڻ لڳو، ”نوجوان! ڇا آءٌ توسان گڏ هلي سگهان ٿو؟“ نوجوان جواب ڏنو، ”ڇو نه، تون به هيڏانهن گهوڙي تي چڙهي ويهه.“ پوءِ بيدو به ٽپ ڏيئي گهوڙي تي ويٺو.

هاڻي نوجوان، ڀئونر ۽ بيدو گهوڙي تي سوار اڳتي هليا ته پري کان هڪ سيانتو سرندو سرندو هنن وٽ اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”نوجوان! ڇا آءٌ توسان هلي سگهان ٿو؟“ نوجوان هن کي به چيو ته، ”ڇو نه، تون به مون سان گهوڙي تي چڙهي ويهه.“ اهو ٻڌي سيانتو به گهوڙي تي چڙهي ويٺو.

اهو نوجوان، ڀئونر، بيدو ۽ سيانتو گهوڙي تي سوار اڳتي هليا. رستي ۾ چانورن رڌڻ وارو ڪفگير هلندو هنن جي ويجهو اچي چوڻ لڳو، ”نوجوان! ڇا آءٌ توسان هلي سگهان ٿو؟“ اهو ٻڌي نوجوان وراڻيو، ”ها، ڇو نه. تون به مون سان هلي سگهين ٿو.“ هاڻي ڪفگير به هنن سان گڏ گهوڙي تي چڙهي ويٺو. اهڙيءَ طرح نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو ۽ ڪفگير گهوڙي تي سوار اڳتي هليا. ٿورو اڳتي هنن کي هڪڙو نوڪدار سوئو ٺينگ ٽپا ڏيندو هنن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو، ”نوجوان! ڇا آءٌ به توسان هلي سگهان ٿو؟“ نوجوان ان کي به چيو ته، ”ڇو نه، تون به گهوڙي تي چڙهي ويهه.“ انهيءَ تي سوئو به گهوڙي تي چڙهيو.

هاڻي نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو، ڪفگير ۽ نوڪدار سوئو گهوڙي تي چڙهي اڳتي هليا، ته هڪڙي ننڍي توب رستي تي هلندي هنن وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي، ”نوجوان! ڇا آءٌ به توسان گڏ هلي سگهان ٿي؟“ نوجوان توب کي به اهوئي جواب ڏنو ته، ”ڇو نه، تون به مون سان هلي سگهين ٿي.“ انهيءَ تي توب به ٽپ ڏيئي گهوڙي تي سوار ٿي.

هاڻي نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو، ڪفگير، نوڪدار سوئو ۽ توب گهوڙي تي سوار اڳتي هليا. ٿورو اڳيان هليا ته هڪ ويڙهي تئونري هلندي هنن وٽ اچي چوڻ لڳي، ”نوجوان! ڇا آءٌ به توسان هلي سگهان ٿي؟“ نوجوان چيو، ”ڇو نه، تون به مون سان گڏ هل.“ اهو جواب ٻڌي تئونري به گهوڙي تي چڙهي.

هاڻي نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو، ڪفگير، نوڪدار سوئو، ننڍي توب ۽ تونئري گهوڙي تي سوار اتان هليا. ٿورو اڳتي وڌيا ته هڪ ننڍي صندوق لڏندي لمندي اچي هنن جي اڳيان بيٺي ۽ چوڻ لڳي، ”نوجوان! ڇا آءٌ توسان هلي سگهان ٿي؟“ نوجوان وراڻيو”ڇو نه، تون به اسان سان گڏ هل.“ ۽ صندوق به ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهي ويٺي.

هاڻي نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو، ڪفگير، نوڪدار سوئو، ننڍي توب، تئونري ۽ ڪاٺ جي صندوق سڀئي گهوڙي تي سوار هئا ۽ اڳتي پئي ويا.

شام ڌاري سڀئي پهاڙن جي وچ ۾ هڪڙيءَ جاءِ وٽ پهتا. نوجوان گهوڙي تان لهي ان گهر جو دروازو کڙڪايو. پر اندران ڪو به جواب نه مليو. انهيءَ تي نوجوان اندر ويو. اتي ڏسي ته هڪ نوجوان ڇوڪري اوڇنگارون ڏيئي پيئي روئي.

نوجوان حيران ٿي ويو ۽ هن کان پڇڻ لڳو، ”ڳالهه ڪهڙي آهي؟ تون اوڇنگارون ڏيئي ڇو پيئي روئين؟“

ڇوڪريءَ جواب ڏنو، ”هن گهر جي پٺيان جبل تي هڪڙو چيتو رهي ٿو. هو هر رات جبل تان لهي هت ايندو آهي. هن وقت تائين هو منهنجي ماءُ، منهنجي پيءُ ۽ ڀيڻن ڀائرن کي ماري کائي ويو آهي. اڄ منهنجو وارو آهي، تنهنڪري آءٌ رُئان پيئي.“

نوجوان چيو، ”ڇوڪري، تون دل نه لاهه. ڏس ته آءٌ ۽ منهنجا دوست گڏجي چيتي سان ڪهڙي نه جـُٺ ٿا ڪريون.“

پوءِ نوجوان پنهنجن دوستن کي گهرائي هنن کي چڱيءَ طرح سمجهايو ته کين ڇا ڇا ڪرڻو آهي. ڀئونر جي حوالي نوجوان هيءُ ڪم ڪيو ته هو ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ٿي ويهي ۽ چيتي جي اچڻ جو انتظار ڪري. پوءِ جڏهن چيتو ڪمري ۾ گهڙي ته اڏامي ميڻ بتيءَ کي وسائي ڇڏي. بيدي کي ٻڌايو ته پاڻ کي رک ۾ لڪائي ڇڏي ۽ جڏهن چيتو هن جي ويجهو اچي ته ٺڪاءُ ڪري ڦاٽي هن جي اکين ۾ وڃي پوي. سيانتي کي وري کامي ۾ انتظار ڪرڻو هو ته جيئن ئي چيتو اتان لنگهي ته هن جون اکيون ڪڍڻيون هيون. چانورن رڌڻ واري ڪفگير کي نوجوان چيو ته چانهه جي ڪٽليءَ جي پٺيان لڪي ويهه ۽ وجهه وٺي زور سان چيتي جي مٿي تي اچي ڪرجانءِ. سوئي کي نوجوان دروازي جي چونڪ ۾ لڪائي ڇڏيو ته جيئن ئي چيتو اندر اچي ته هن جي پيرن ۾ چڪ هڻي. ننڍي توب کي نوجوان سمجهايو ته تون ڇت تي چڙهي ويهه ۽ چيتي جي مٿان اهڙيءَ طرح ڪِرجانءِ جو هن جو بدن جهلجي وڃي. انهيءَ کان پوءِ نوجوان تئونري ۽ صندوق کي حڪم ڏنو ته وڃي گودام ۾ لڪي ويهو ۽ جڏهن اوهان کي اشارو ڏيان ته اوهين چيتي کي هتان کڻي ٻاهر اُڇلائجو.

اهڙيءَ ريت نوجوان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪم سمجهائي هنن کي اتان روانو ڪيو. ڇوڪري وڃي پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي، جتي هن ميڻ بتي ٻاري. نوجوان هڪ طرف لڪي ويٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ چيتو جبل تان هيٺ لٿو. جيئن ئي چيتو ڪمري ۾ گهڙيو ته ڀئونر پنهنجي پـَرَ سان ميڻ بتي وسائي ڇڏي.

 

”هن گهر جي پٺيان جبل تي هڪڙو چيتو رهي ٿو. هو هر رات جبل تان لهي هت ايندو آهي. هن وقت تائين هو منهنجي ماءُ، منهنجي پيءُ ۽ ڀيڻن ڀائرن کي ماري کائي ويو آهي.

 

انهيءَ تي چيتو ڀڻڪڻ لڳو، ”آءٌ اونداهه ۾ ڇوڪريءَ کي کائي نه سگهندس.“ ائين چئي هن ڪوئلن جي وساڻل باهه کي ٻارڻ لاءِ ڦوڪون ڏيڻ شروع ڪيون. اتي رک ۾ بيدو لڪو ويٺو هو، سو هڪدم ڦاٽو ۽ چڻنگون اڏامي اچي چيتي جي اکين ۾ پيون. چيتي وٺي رڙ ڪئي، ”اڙي منهنجيون اکيون!“ ائين چئي وٺي کامي ڏانهن ڀڳو. جيئن اکين ۾ پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي اکيون صفا ڪري، پر کامي ۾ سيانتو لڪو ويٺو هو. هن ٽپ ڏيئي چيتي جون ٻئي اکيون ڪڍي ورتيون. هاڻي چيتو انڌو ٿي پيو هو، تنهنڪري وٺي پٺتي ڀڳو. پر پٺتي ڀڄندي وقت وڃي ڪٽليءَ سان لڳو، جتان ڪفگير ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪتو ۽ ٺڪاءَ ڪري اچي هن جي مٿي تي ڪِريو.

پنهنجي جان بچائڻ لاءِ چيتو هاڻي دروازي ڏانهن ڀڳو، جتي نوڪدار سوئو ٻاهر نڪري هن جي پير ۾ زور سان چڀي ويو. چيتي کي ايترو ته سور ٿيو جو اڇلجي گهر مان ٻاهر نڪري ويو. اتي ڇت تان ننڍي پر ڳري توب پاڻ کي چيتي جي مٿان ڪيرايو ۽ هو اتي جو اتي مري ويو.

اتي نوجوان ڪنڊ مان نڪري ٻاهر آيو ۽ تئونريءَ ۽ صندوق کي حڪم ڏنائين ته هاڻي اوهان پنهنجو ڪم ڪريو. اهو ٻڌي ڪکن جي تئونري چيتي جي لاش تي ويڙهي ويئي ۽ صندوق ان کي کڻي درياءَ ڏانهن ويئي ۽ چيتي جي لاش کي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح انهيءَ ظالم چيتي جو انت آيو.

پوءِ ڇوڪريءَ نوجوان جا ڏاڍا ٿورا مڃيا ۽ هن کي پاڻ وٽ ويهاريائين. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ٿي ۽ ٻئي زال مڙس پنهنجن دوستن سميت خوشيءَ واري زندگي گهارڻ لڳا.

 

_____________

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org