تنبي ۽ پوڙهي
نيپال
جي ڪهاڻي
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙي پوڙهي مائيءَ کي
هڪ ڌيءَ هوندي هئي. پوڙهيءَ پنهنجي ان ڌيءَ جي
شادي پري جي ڳوٺ ۾ ڪرائي. هڪڙي ڏينهن هوءَ پنهنجي
ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ان ڳوٺ ڏانهن ويئي. ڳوٺ ڏانهن
ويندي رستي ۾ هڪ گهاٽو جهنگ هو. اتي پوڙهي کي هڪڙي
لومڙي ملي. لومڙيءَ چيس، ”ڪراڙي! آءٌ ڏهن ڏينهن
کان بکايل آهيان. هاڻي تون اڳتي نه وڃ، هتي ترس ته
آءٌ توکي کائي ڇڏيان.
پوڙهيءَ جواب ڏنس، ”ٿورو صبر ته ڪر مائي لومڙي!
آءٌ اڄ پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ فلاڻي ڳوٺ پيئي
وڃان. اتي هڪ مهينو رهي وري هن ئي رستي کان واپس
پنهنجي گهر وينديس، تنهنڪري مون کي وڃڻ ڏي. هينئر
ته آءٌ سڄي هڏا ٿي پيئي آهيان. ڌيءَ وٽ کائي پي ٿُلهي
متاري ٿينديس. پوءِ اتان واپس اچڻ وقت تون مون کي
ڀلي کائجانءِ.“
لومڙيءَ سوچيو، ”واهه واهه! هڪ سنهڙي هڏن نڪتل زال
جي ڀيٽ ۾ هڪ ٿُلهي
متاري زال جو گوشت سچ پچ ته لذيذ هوندو.“ اهو سوچي
هن پوڙهيءَ کي اڳتي وڃڻ ڏنو. پوڙهي وٺي لـُوههَ
ڪئي ۽ دل ۾ سوچڻ لڳي ته هاڻي ڪو به منهنجو رستو نه
روڪيندو. پر اڃا ٿورو اڳتي هلي ته جهنگ جي خونخوار
بادشاهه شينهن رستي ۾ هن کي روڪي چيو، ”پوڙهي! آءٌ
ويهن ڏينهن کان بکيو ويٺو
آهيان. توکي کائي آءٌ پيٽ چڱي طرح سان ڀريندس. هاڻي مرڻ جي لاءِ
تيار ٿي.“
پوڙهيءَ وراڻيو ”اي شينهن شير خدا جا! مون کي وڃڻ
ڏي. آءٌ هڪڙي مهيني کان پوءِ جڏهن پنهنجي ڌيءَ جي
گهران واپس اينديس ته پوءِ تون مون کي ڀلي
کائجانءِ. ان وقت تائين
کائي پي آءٌ ٿلهي متاري ٿي وينديس. هن وقت ته آءٌ
سڪل سڙيل آهيان. منهنجو گوشت به لذيذ نه هوندو“.
شينهن جو اهو ٻڌو ته هن کي وڃڻ جي اجازت ڏني.
پوڙهي ٿورو اڳتي ويئي ته سامهون باندرن جو بادشاهه
پنهنجي سڄي لشڪر سان گڏ بيٺو هو. پوڙهيءَ کي
ڀنڀلائڻ جي لاءِ هن پهرين خوشبودار گلن جو هڪ هار
پوڙهيءَ جي ڳچيءَ ۾ وجهي هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽
پوءِ ڳنڀير ٿي هن کي چيائين، ”ڪراڙي! تون وقت تي
پهتي آهين. اسين سڀ بکيا آهيون ۽ توکي کائي اسين
ڏاڍا خوش ٿينداسون.“
”باندرن جا بادشاهه! ٿورو صبر کان ڪم وٺ، آءٌ هينئر ته پنهنجي ڌيءَ جي گهر
پيئي وڃان. مهرباني ڪري مون کي وڃڻ جي اجازت ڏي.
هن وقت ته آءٌ هڏن جو پڃرو آهيان. پر ڌيءَ وٽ هڪ
مهينو کائي پي ٿُلهي
متاري ٿينديس. پوءِ اوهان مون کي ڀلي کائجو.“ پر
باندرن جو بادشاهه لومڙي ۽ شينهن وانگر بيوقوف
ڪونه هو جو پوڙهيءَ جي گشي ۾ اچي. تنهنڪري هن جي
اشاري تي ڪي باندر پوڙهيءَ کي گهيرو ڪري بيٺا ۽
رڙيون ڪوڪون ڪرڻ لڳا. ننڍا ننڍا باندر ته پوڙهيءَ
جي ڪلهن تي چڙهي ويا ۽ اتان هن جي مٿي تي ٿي ويٺا.
انهيءَ تي پوڙهيءَ ڏاڍيون منٿون خوشامديون ڪيون ۽
هنن کي هٿ ٻڌي، وڃڻ لاءِ اجازت گهري. پر باندرن جي
بادشاهه چيو، ”مون کي توتي ڪو به يقين ڪونهي ته
تون واپس هن رستي کان ويندينءَ. پهرين تون مهاتما
ٻڌ جو قسم کڻ ته هن رستي کان واپس ايندينءَ.“
انهيءَ تي پوڙهيءَ قسم کنيو، جنهن کان پوءِ هن کي
اڳتي وڃڻ جي اجازت ملي. اهڙيءَ طرح پوڙهي نيٺ
پنهنجي ڌيءَ جي گهر پهچي ويئي. هوءَ اتي مهينو کن
آرام سان
رهي. پر وقت گذرندي ڪا دير لڳي ٿي؟ هلڻ وقت هن کي
جانورن سان ڪيل پنهنجا انجام ياد آيا. انهيءَ تي
هن پنهنجي ڌيءَ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ٻئي ماءُ
ڌيئون پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ ويٺيون ته ڇا ڪجي. ان کان
پوءِ پوڙهيءَ جي ڌيءَ وڃي
ٻه تـُنبيون کڻي آئي. هڪڙي تـُنبيءَ جي شڪل ٻاٽلي جهڙي هئي ۽ ان
جو نالو لنڪا هو. ٻي تـُنبيءَ جي شڪل نانگ جهڙي
هئي ۽ نالو چـَندا هو. ڌيءَ پنهنجي پوڙهي ماءُ کي
ٻاٽليءَ جهڙي تنبيءَ ۾ ويهاريو ۽ ٻيءَ تنبي چندا
کي چيو ته تون اڳيان هل. اهڙيءَ طرح هلندي هلندي
ٻئي تُنبيون
جهنگ ۾ پهتيون، جتي باندر، شينهن ۽ لومڙي بک ۾
پاهه، پوڙهيءَ جي لاءِ بيٺا هئا ته ڪڏهن ٿي اچي ته
هن کي کائي پيٽ ڀريون.
جهنگ ۾ هڪڙي چوواٽي تي باندرن جو لشڪر هر ايندڙ
ويندڙ ۾ اکيون وجهيو بيٺو هو. هنن جو شڪ وڌندو پئي
ويو ته پوڙهي شايد واپس نه اچي، ايتري ۾ هنن گجگوڙ
جهڙو آواز ٻڌو ۽ پوءِ هنن ڏٺو ته اڳيان چندا پيئي
اچي ۽ ان
جي پٺيان پٺيان وڏي تُنبي
پئي آئي.
ڇندا پري کان ئي رڙ ڪري چيو، ”اسان جي رستي تان هٽي پري ٿيو، اسان جو رستو ڇو ٿا روڪيو؟“ باندرن جي
بادشاهه سان اهڙيءَ طرح ڳالهائڻ هڪ بلڪل نئين
ڳالهه هئي، تنهنڪري باندرن جي بادشاهه نرميءَ سان
جواب ڏنو، ”اسين ته هڪ پوڙهي مائيءَ لاءِ بيٺا
آهيون، جنهن انجام ڪيو هو ته موٽندي اسان جي کائڻ
لاءِ پنهنجو پاڻ کي اسان جي اڳيان حاضر ڪندي. تو
ته رستي ۾ ڪنهن اهڙي پوڙهيءَ کي ته نه ڏٺو؟“
چندا وري ڪاوڙ مان چيو، ”اوهان جي پوڙهيءَ سان
اسان جو ڇا وڃي؟ بس، اسان کي وڃڻ لاءِ رستو ڏيو.“
اهڙيءَ طرح چندا ۽ لنڪا اتان اڳتي لنگهي ويون.
هاڻي ٻئي ان هنڌ پهتيون، جتي شينهن انتظار ۾ ويٺو
هو. هن اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته کڻي ڇا به
ٿئي، آءٌ هن ڀيري پوڙهيءَ جي هڪڙي به ڳالهه نه
ٻڌندس ۽ هن کي ڏسندي ئي ڳڙڪائي ويندس. ايتري ۾
گجگوڙ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ شينهن اُن پاسي ڏٺو.
سامهون ڏسي ته اڳيان چندا ۽ ان جي پٺيان لنڪا پيئي
اچي.
چندا رڙ ڪري چيو، ”اسان کي وڃڻ لاءِ رستو ڏي.“ اهو ٻڌي شينهن ته وائڙو ٿي
ويو ۽ هڪڙي پاسي ٿي بيٺو، پر پوءِ پوڙهيءَ واري ڳالهه ياد آيس
۽ هن پڇيو، ”اڙي، تو رستي ۾ پوڙهيءَ کي ڏٺو؟ جنهن انجام ڪيو هو ته واپس اچي منهنجي اڳيان حاضر ٿيندي،
جيئن آءٌ هن کي کائي ڍئو
ڪريان؟“
چندا چيو ته، ”اسان جو ان پوڙهيءَ سان ڪهڙو واسطو؟
اسان جي رستي کان هٽي پري ٿي.“ اهريءَ طرح چندا ۽
لنڪا اڳتي وڌيون.
ان وقت لومڙيءَ ان عجب جهڙي لڏندڙ لمندڙ تُنبيءَ
کي هلندي ڏسي ورتو هو ۽ هن کي شڪ ٿيو. هن هڪ
نوڪدار پٿر کڻي رستي ۾ رکي ڇڏيو ۽ پاڻ وري هڪڙي وڻ
جي پٺيان لڪي انتظار ڪرڻ لڳي.
هوڏانهن چندا ۽ لنڪا ٽپ ڏينديون اڳتي وڌيون. پوڙهي
ڏاڍي خوش پئي لڳي ته شڪر آهي جو باندرن ۽ شينهن
مان ڇوٽڪارو مليو.
اوچتو نوڪدار پٿر تنبيءَ ۾
لڳو ۽ تُنبي
ٺڪاءُ ڏيئي ٽڪر ٽڪر ٿي ڀڄي پيئي ۽ پوڙهي زمين تي
ڪِري پيئي.
ان وقت تائين باندرن ۽ شينهن کي به پوڙهيءَ جي
چالاڪيءَ جي خبر پئجي ويئي هئي. پر تُنبيءَ
جو ٺڪاءُ
ڏيئي ٽڪر ٽڪر ٿي ته سڀئي جانور ڊوڙندا ڊوڙندا اتي
اچي گڏ ٿيا. پوڙهي سمجهي ويئي ته هاڻي خير ڪونهي.
پر همت هارڻ جي بدران هن جانورن کي ڏسي چيو،
”اوهان تڪڙا نه ٿيو. اوهان ڀل مون کي کائو، پر اڃا
به وڌيڪ چڱو ائين ٿيندو ته اوهين مون کي باهه
۾
ڀـُڃي کائيندوء ته منهنجو گوشت وڌيڪ مزيدار
ٿيندو.“
پوڙهيءَ جي ڳالهه ٻڌي جانورن باهه ٻاري. باهه ڏسي
پوڙهي چوڻ لڳي، ”هيءَ باهه پهرين ڇار ٿئي ته پوءِ
آءٌ ان ۾ چڱي طرح ڀـُڃجي
سگهنديس، نه ته هن باهه ۾ ته آءٌ سڙي ڪوئلو ٿي
وينديس.“
جڏهن باهه ٻري ڇار ٿي ويئي ته پوڙهي هڪڙو پٿر کڻي
اتي وچ ۾ رکيو ۽ ان تي چڙهي ويٺي. جانورن سمجهيو
ته هاڻي ڄاڻ ته کاڌو پچي تيار ٿيو، تنهنڪري پنهنجي
رواج مطابق اکيون ٻوٽي کاڌي کائڻ کان اڳ جي دعا
گهرڻ لڳا. پوڙهي ته انهيءَ تاڙ ۾ هئي، تنهن هڪدم
گرم گرم ڇار جا ٻـُڪ ڀري جانورن جي منهن ۾ هنيا.
ڇار جانورن جي اکين ۾ وڃي پيئي ۽ هنن کي ڪجهه به
ڏسڻ ۾ نه آيو. پوءِ جيستائين جانور پنهنجيون اکيون
اگهن ئي اگهن، تيستائين پوڙهي اتان اٿي ڀڳي ۽ جهنگ
مان نڪري ويئي. لومڙي، شينهن ۽ باندرن جو بادشاهه
ته بک ۾ پاهه پئي ٿيا، سو هنن سڀني گڏجي جهنگ جي
ڪنڊ ڪڙڇ ڳولي، پر پوڙهيءَ جو نالو نشان به ڪونه
ملين. اهڙيءَ ريت انهن جانورن کي اها پوڙهي وري
ڪڏهن جهنگ ۾ نظر نه آئي.
__________
|