سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 17

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

 

سوپاري ۽ پان جي ڪهاڻي

ويٽنامجي ڪهاڻي

 

اُتر ويٽنام ۾ هڪ جابلو علائقي جي هڪ پرانهين ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪائو خاندان جا ٻه ڀائر رهندا هئا. ان زماني ۾ ويٽنام تي هونگ وانگ بادشاهه جي حڪومت هئي. وڏي ڀاءُ جو نالو ڪائوتان ۽ ننڍي ڀاءُ جو نالو ڪائو لانگ هو. ٻنهي جون شڪليون ايتريون ته هڪجهڙيون هيون، ڄڻ ته هڪڙي ڦريءَ جا ٻه داڻا هجن. ٻئي ڏاڍا سهڻا، ڏاڍا سُلڇڻا ۽ ڏاڍا محنتي هوندا هئا.

ننڍي ڀاءُ يعني ڪائو لانگ کي لو خاندان جي ڇوڪري ڪوان ڦو سان محبت ٿي ويئي. ڪوان ڦو هڪڙي ويجهي ڳوٺ ۾ رهندي هئي. هن جي عمر سورهن سال هئي. هوءَ ڏاڍي سهڻي هئي ۽ هن جي هلت چلت به ڏاڍي سٺي هئي. ڪيترائي نوجوان هن سان شادي ڪرڻ لاءِ آتا هوندا هئا، پر هوءَ ڪنهن کي به منهن نه ڏيندي هئي. پر دل ئي دل ۾ هوءَ ڪائو لانگ کي ڏاڍو ڀائيندي هئي.

هڪڙي ڏينهن ڪائو لانگ ڏاڍو شرمائيندي پنهنجي ماءُ کي پنهنجي شادي ڪرائڻ لاءِ چيو. پر  هن ماءُ کي اهو نه ٻڌايو ته ڪنهن سان شادي ڪرائي. ماڻس هن کي جواب ڏنو ته رواج مطابق جيستائين تنهنجي وڏي ڀاءُ جي شادي نه ٿي آهي، تيستائين تنهنجي شادي نه ٿي سگهندي. ڪائو لانگ هڪ فرمانبردار پٽ وانگر پنهنجيءَ ماءُ جو چيو مڃيو ۽ ماٺ ڪري ويٺو. انهيءَ وچ ۾ هن جي وڏي ڀاءُ ڪائو تان شادي ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي ڇوڪرين جي پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ائين ٿيو جو هن کي به ساڳي سهڻي ڇوڪري ڪوان ڦو وڻي ويئي. ڪائولانگ جڏهن اها خبر ٻڌي ته هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر هن کي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ايترو پيار هوندو هو جو هن وات مان ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيو.

جڏهن ڪائو تان پنهنجيءَ ماءُ سان گڏ ڪوان ڦو جي گهر وڃي هن جي سڱ جي گهـُر ڪئي، ته ڪوان ڦو پنهنجو راضپو ڏيکاريو. حقيقت ۾ هن ڪائو تان کي ڏسي سمجهيو ته ڪائو لانگ آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪائو تان سان اڳ ڪڏهن به نه ڳالهايو هو. ٻيو ته ٻنهي ڀائرن جون شڪليون بلڪل هڪجهڙيون هيون. اهڙيءَ طرح ڪائو تان ۽ ڪوان ڦو جي شادي ٿي ويئي.

ڪائو لانگ ويچاري ته دل جو سور دل ۾ ئي رکيو، پر جڏهن ڪوان ڦو کي پنهنجي غلطيءَ جي خبر پيئي، ته هن به ان کي قسمت جو لکيو سمجهي کڻي ماٺ ڪئي ۽ گهر جو سڄو ڪم ڪار  پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. انهيءَ ڪري به ته هن جو مڙس ڪائو تان به پنهنجي ڀاءُ ڪائو لانگ وانگر ڏاڍو سهڻو، سلڇڻو ۽ محنتي هوندو هو.

پوءِ ڪوان ڦو آهستي آهستي گهر جو سڄو ڪم ڪار پاڻ ڪرڻ لڳي. هوءَ ماني پچائيندي هئي، چانهه ٺاهيندي هئي ۽ سڄي گهر جي ڇنڊ ڦوڪ به ڪندي هئي. هر روز ٻئي ڀائر ڍڳا ڪاهي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ ويندا هئا. سڄي ڏينهن جي پورهئي کان پوءِ ڪائو تان ڪلهي تي هر رکي واپس گهر ايندو هو ۽ هن جي پٺيان ڪائو لانگ ڍڳن جي جوڙي هڪليندو ۽ جهونگاريندو ايندو هو. شام جو جڏهن گهر جا سڀئي ڀاتي گڏجي ماني کائيندا هئا ته سڄي گهر ۾ خوشيءَ ۽ محبت جا ٽهڪ پيا گونجبا هئا.

هڪڙي ڏينهن شام جو ڪوان ڦو کاڌو پچائي واندي ٿي ته کڙڪو ٻڌي پنهنجي مڙس جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ دروازي تي ويئي. انهيءَ ڏينهن اتفاق هيءُ ٿيو جو ڪائو لانگ هر ڪلهي تي کنيو پئي آيو ۽ ڪائو تان وري ڍڳن جي جوڙي ڪاهيندو ٿورو پٺيان پئي آيو. پري کان ڪوان ڦو سمجهيو ته هر ڪلهي تي کنيو سندس مڙس پيو اچي، تنهنڪري هوءَ ڊوڙي وٽس ويئي ۽ هن جا ٻئي هٿ جهلي آڌر ڀاءُ ڪيائين.

ڪائو لانگ هڪدم سمجهي ويو ته ڪوان ڦو غلطيءَ کان مون کي ڪائوتان سمجهيو آهي، تنهنڪري هن ڇرڪ ڀريندي چيو، ”ڀاڄائي!“

اهو لفظ ٻڌي ڪوان ڦو کان به ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن کي خبر پيئي ته اهو سندس مڙس ڪائو تان ڪونه هو. پر ڪائو تان ته اها سڄي ماجرا ڏسي ورتي هئي، جنهنڪري هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو پنهنجيءَ زال سان ملڻ کان سواءِ گهر ڏانهن هليو ويو.

ان ڏينهن کانپوءِ هنن جي گهر مان خوشي هلي ويئي. انهيءَ تي ڪائو لانگ خيال ڪيو ته ڏوهه سڄو منهنجو آهي. تنهنڪري هن سوچيو ته گهر ۾ اها خوشي وري تڏهن ايندي جڏهن آءٌ پاڻ هن گهر مان هليو وڃان. اهڙيءَ ريت هو گهر مان هليو ويو. ڪنهن کي به خبر نه پيئي ته هو ڪهڙي پاسي ويو؟ خود هن کي به خبر نه هئي ته ڪيڏانهن وڃان ٿو. سيارو، اونهارو، بهار، خزان، مطلب ته ڏينهن رات هو هلندو رهيو، پهاڙن ۾، دريائن ۾ ۽ اڻڄاڻ ۽ اوپرن ڳوٺن ۾ رلندو ۽ ڀٽڪندو رهيو.

نيٺ هڪڙي ڏينهن شام جو هو ٿڪجي، ٽٽجي هڪڙي درياءَ جي ڪپ تي ڪِري پيو ۽ مري ويو. هن جي سچي محبت ۽ بيمثال قربانيءَ جي ڪري هن جو بدن چـُن جي هڪ کير جهڙي ٽڪري ٿي پيو، جنهن جي ڀرسان وهندڙ درياءَ ڄڻ ته هن جي اهڙي ڏکائتي پڇاڙيءَ تي ڳوڙها پئي وهايا.

هوڏانهن گهر ۾ ڪائو تان پنهنجي ڀاءُ جي وڇوڙي جي ڪري ڏينهن به ڏينهن ڳرندو ويو. هن پنهنجو پاڻ کي پئي ننديو ته آخر مون پنهنجي ڀاءُ کي وڃڻ ڇو ڏنو. نيٺ هو پاڻ ڀاءُ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ گهران روانو ٿيو. ڀاءُ کي وري هڪ ڀيرو ڏسڻ لاءِ هو جبلن ۽ جهنگن ۾ رلندو رلندو هڪڙي درياءَ جي ڀرسان کير جهڙي اڇي چـُن جي ٽڪريءَ وٽ اچي پهتو. هن جو ساهه چڙهي ويو هو، تنهنڪري ٿڪ کان چور ٿي اتي ڪِري پيو ۽ مري ويو. هن جي اهڙي پيار ۽ محبت جي ڪري هن جي بدن مان هڪ ڊگهو ۽ مضبوط وڻ نڪري آيو، جنهن ۾ بادام جهڙيون سوپاريون ڦٽيون ٿي.

مڙس جي وڃڻ کانپوءِ ڏاڍي صبر ۽ وڏي اميد سان هن جي واپس اچڻ جو انتظار ڪيو. ٻه سال ٿي ويا، پر ويندڙن جي ڪا به خبر نه آئي. ڪوان ڦو جون سڀ اميدون ۽ آسرا ٽٽي پيا ۽ هڪڙي ڏينهن صبح جو هوءَ پنهنجيءَ سس کان موڪل وٺي پنهنجي مڙس ۽ ڏير کي ڳولڻ لاءِ گهران نڪتي. هوءَ مينهن ۽ اُس ۾ به ڪٿي نه بيٺي ۽ هلندي رهي. نيٺ قسمت هن کي انهيءَ هنڌ وٺي آئي، جتي اڇي چـُن جي ٽڪريءَ جي ڀرسان سوپارين جو وڻ هو. اتي اچي، هن مان سموري سگهه نڪري ويئي ۽ هوءَ بي حال ٿي ڪِري پيئي ۽ اتي جو اتي مري ويئي. مرڻ کان پوءِ هوءَ ڦري وَل ٿي پيئي ۽ سوپاريءَ جي وڻ جي ٿـُڙَ کي ويڙهجي ويئي. اهڙيءَ طرح مرڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي مڙس سان وڃي ملي.

انهن جي اها ڏک واري ڪهاڻي وهندڙ درياءَ ٻڌائيندو هو ۽ جڏهن ڳوٺ وارن کي ان ڪهاڻيءَ جي خبر پيئي تڏهن انهن ٽنهي جي ياد ۾ اتي هڪڙو مقبرو ٺهرايو. ڪن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هونگ وانگ بادشاهه جو اتان لنگهڻ ٿيو ۽ هن کي به اها آکاڻي ٻڌائي ويئي. ٻنهي ڀائرن ۽ ڪوان ڦو جي محبت جو اهو قصو ٻڌي بادشاهه تي ڏاڍو اثر ٿيو. پوءِ هن وَل مان هڪ پَن پٽي ان ۾ سوپاري وجهي چٻاڙي کاڌو. انڪري هن جي وات مان ڏاڍي سٺي خوشبوءِ آئي. پوءِ جڏهن هن اچي ٽڪريءَ تي پِڪَ اڇلائي ته ان جو رنگ گهاٽو ڳاڙهو هو. انهيءَ رنگ کي سدائين سچيءَ محبت جو رنگ سمجهيو ويندو آهي.

بادشاهه حڪم ڏنو ته انهيءَ پن ۽ سوپاريءَ کي آئندي شاديءَ  جي رسمن ۾ واپرايو وڃي ۽ اڃا تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي، يعني سوپاريءَ جا ننڍا ٽڪر جن ۾ اڇو چـُن مليل هوندو آهي، پانَ جي پـَنَ ۾ ويڙهي گهوٽ ۽ ڪـُنوار کي کائڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن..

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org