ٽڪري ڳاڙهي ڇو آهي؟
سينگاپور
جي ڪهاڻي
سينگاپور ۾ هڪڙي ٽڪري آهي، جنهن کي ڳاڙهي ٽڪري جي
نالي سان سڏيندا آهن. جيڪڏهن اوهين ان ٽڪريءَ جي
اوسي پاسي رهندڙ وڏڙن کان پڇا ڪريو ته ٽڪري ڳاڙهي
ڇو آهي؟ ته اُهي به اوهان کي هيءَ آکاڻي ٻڌائيندا.
پراڻي زماني ۾ سينگاپور جي اوسي پاسي وارو سمنڊ
ڪٽار مڇين سان ڀريو پيو هوندو هو. اهي مڇيون سمنڊ
جي وڏين وڏين لهرين ۾ لـُڙهي ڪناري تائين اينديون
هيون. انهن خوفناڪ مڇين جي ڊپ کان ماڻهو سمنڊ ۾ نه
وهنجي سگهندا هئا ۽ نه وري ڪناري تي گهمي سگهندا
هئا. ويچارا مهاڻا پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ آتا
هوندا هئا، ڇو جو ڪٽار مڇيون نه رڳو هنن جي اڇلايل
ڄار کي ڦاڙي چيري ڇڏينديون هيون، پر هنن جون
ٻيڙيون به ڀڃي ڀوري ٻوڙينديون هيون.
نيٺ اها ڳالهه سينگاپور جي بادشاهه تائين پهتي،
جنهن انهن مڇين مان، ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو فيصلو
ڪيو. بادشاهه پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏنو ته سمنڊ جي
ڪناري تي، جتي ڪٽار مڇيون گهڻيون هجن، اتي وڃي
قطار ڪري بيهو ۽ جيئن
ئي لهرين سان گڏ ڪٽار مڇيون لڙهنديون ڪناري تائين
اچن، ته اوهين پنهنجن ڀالن سان انهن کي ٽڪر ٽڪر
ڪري ڇڏيو. اهو حڪم ٻڌي سپاهي هڪڙي هٿ ۾ ڀالو ۽ ٻئي
هٿ ۾ ڍال کڻي وڃي ڪناري تي قطار ٻڌي بيٺا.
سپاهي مڇين تي حملي ڪرڻ لاءِ سنبريا بيٺا هئا. پر
جيئن ئي سمنڊ جي طوفاني
لهر ڪناري ڏانهن آئي ته هنن
کي حملي ڪرڻ جو وجهه ئي ڪونه مليو. ڪٽار مڇيون
ڏاڍي تيزيءَ سان هنن ڏانهن وڌيون ۽ پنهنجين نوڪدار
چهنبن
۽ ڪاتيءَ جهڙن پَرن سان سپاهين کي وڍي چيري ڇڏيو.
هنن مان ڪيترا اُڦٽ مري ويا ۽ باقي جيڪي بچيا، سي
ڦٽجي پيا. انهيءَ تي بادشاهه حڪم ڏنو ته انهن جي
جاءِ تي نوان سپاهي اچي بيهن. پر مڇين انهن کي به
ماري ۽ ڦٽي وڌو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪئي
ويئي، پر ڪاميابي نه ٿي.
اهو سمورو وقت هڪ نوجوان ڇوڪري هڪ طرف بيٺي اهو
تماشو ڏٺو. هن کي ڏاڍو عجب لڳو ته سپاهي ڪن ڇا
پيا. نيٺ هو بادشاهه وٽ ويو ۽ هن کي چيائين،
”بادشاهه سلامت! اوهان هنن سپاهين کي ڇو پيا
مارايو؟“
بادشاهه وراڻيو، ”ڇوڪرا! آءٌ ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿو
سگهان؟“
ڇوڪري بادشاهه کي چيو، ”جيڪڏهن اوهان هن سڄي ڪناري
تي ڪيوڙي جي وڻ جا ٿـُڙَ هڻايو ته مڇيون به اڳتي
ڪونه وڌي سگهنديون ۽ سپاهي به مرڻ يا ڦٽجڻ کان بچي
پوندا.“
بادشاهه کي ڇوڪري جي اها صلاح ڏاڍي وڻي. هو حيران
ٿي ويو ته هڪ ننڍڙي ڇوڪري ڪهڙي نه عقل جي ڳالهه
ڪئي آهي، تنهنڪري هن هڪدم پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو
ته جيترا به ڪيلي جا وڻ هٿ اچن، انهن جا ٿـُڙ وڍي
ڪناري تي هڻو ته ڪناري سان هڪ ڀت ٺهي وڃي. حڪم ٻڌي
ماڻهو هڪ ويجهي باغ ۾ ويا،جتان ڪيلن جا ڪيترائي ٿڙ
آڻي ڪناري تي هڪ ڀت ٺاهي ورتائون.
جلد ئي سمنڊ جون لهرون ڪناري ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون.
انهن لهرين ۾ ايتريون ته ڪٽار مڇيون هيون، جو انهن
سان سڄو پاڻي اڇو ٿيو پيو هو. لهريون مـڇـيـن
سـمـيـت تـيـزيءَ سـان ڊوڙنـديـون
اچـي ڪيلي جي ٿڙن جي ديوار سان
ٽڪريون. مڇين جي تکن پَرن جون ڇريون ڪيلي جي وڻن
جي نرم کل کي چيرينديون اندر هليون ويون ۽ اتي
ڦاسي پيون. پوءِ سپاهين اڳتي وڌي پنهنجن ڀالن سان
مڇين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هر ڀيري
سمنڊ جي لهرين سان گڏ ڪٽار مڇين جو هڪ وڏو ڍير
ايندو ويو ۽ مرندو ويو، تان جو پاڻيءَ ۾ هڪڙي به
ڪٽار مڇي نه بچي.
ڪٽار مڇين کي اهڙيءَ ريت مرندو ڏسي بادشاهه کي
ڏاڍي خوشي ٿي. پر پوءِ جڏهن هن نوجوان ڇوڪري جي
عقل تي سوچيو ويچاريو ته هن کي ڳڻتي وٺي ويئي. هن
دل ئي دل ۾ چيو، ”هيءُ سياڻو ڇوڪرو وڏو ٿي منهنجي
تخت ۽ تاج جي لاءِ هڪ تمام وڏو خطرو ٿي سگهي ٿو.“
ان معاملي تي هن جيترو به وڌيڪ سوچيو ٿي، اوترو ئي
هن جو ڊپ به وڌي ٿي ويو. نيٺ هن پنهنجي پهريدارن
جي سردار کي گهرائي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي.
ڳالهه ٻڌي هو سمجهي ويو ته بادشاهه جو اصل مقصد ڇا
آهي ۽ موڪلائي هليو ويو. اڌ رات هن چار سئو سپاهي
ان ٽڪريءَ ڏانهن اُماڻيا،
جتي هڪ ننڍي جهوپڙيءَ ۾ اهو عقلمند ڇوڪرو رهندو
هو. اتي سپاهين ڏٺو ته ڇوڪرو
گهري ننڊ ۾ ستو پيو آهي، تنهنڪري وجهه ڏسي هنن هن
کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڇوڪري جو خون ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان هيٺ ڪِرڻ
لڳو ۽ اهو جتي به ڪِريو
ٿي، اها زمين ڳاڙهي ٿي ويئي ٿي.
انهيءَ ننڍي ٽڪريءَ جي زمين اڄ ڏينهن تائين ڳاڙهي
آهي ۽ هتي جا رهاڪو اڄ به ان کي ڳاڙهي ٽڪري ڪري
سڏين ٿا.
____________
|