سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 5 

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

 

جنت ڏانهن شاهي سفر

ڀارت جي ڪهاڻي

 

پراڻي زماني ۾ هڪڙو ٿلهو ۽ بيوقوف راجا هوندو هو. راجا جو وزير وري بت جو سنهڙو پر تمام چالاڪ ۽ تکو هوندو هو. وزير پنهنجي چالاڪيءَ سان راجا کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو ۽ راجا به هر ڪم ۾ هن تي ئي ڀروسو ڪرڻ لڳو.

راجا پنهنجي وزير کي چوندو هو، ”انجام ڪر ته تون مون کي ڪڏهن به ڇڏي نه ويندين.“

انهيءَ تي وزير سدائين جواب ۾ چوندو هو، ”مهاراج! ڀلا ائين به ڪڏهن ٿيندو، هرگز نه. اوهان جتي به هوندوء، کڻي هِن دنيا ۾، بهشت ۾ يا دوزخ ۾، آءٌ سدائين اوهان سان گڏ هوندس.“ وزير جو اهو جواب ٻڌي راجا جون واڇون ئي ٽڙي پونديون هيون.

هڪڙي ڀيري شام جو راجا درياءَ جو سير ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي محل ڏانهن واپس پئي آيو. هر روز وانگر ان ڏينهن به وزير هن سان گڏ هو. اوچتو هن رستي جي پاسي کان جهنگ ۾ لومڙين جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو. انهيءَ تي راجا کي اچرج لڳو ۽ پنهنجي وزير کان پڇڻ لڳو ”هي ايتريون لومڙيون ڪهڙي سبب کان ايڏو گوڙ پيون ڪن؟“

وزير وراڻيو، ”مهاراج! هن ڀيري سيءُ ڏاڍو گهڻو پيو آهي. ويچارين لومڙين وٽ سيءُ کان بچڻ لاءِ ڪو به گرم ڪپڙو ڪونهي، تنهنڪري اوهان کان ڪمبل گهرڻ لاءِ رڙيون پيون ڪن.“

راجا چيو، ”اها ڳالهه آهي. پر انهن کي ڪمبل ڇو نه مليا؟“

وزير جواب ۾ چيو، ”انهيءَ کاتي جي وڏي عملدار کان غلطي ٿي آهي.“ حقيقت هيءَ هئي ته انهيءَ عملدار سان وزير جي سخت دشمني هئي، تنهنڪري هن وجهه وٺي هن جي برخلاف ڳالهايو.

اهو ٻڌي راجا حڪم ڪيو ته، ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي! انهيءَ عملدار اسانجن پيارين لومڙين کي ڪمبل به ڪونه ڏنا! هاڻي انهيءَ عملدار کي هڪ ڪمبل ۾ ويڙهي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته ڀلي ٻڏي مري. پوءِ هڪ سئو ڪمبل خريد ڪري هنن لومڙين کي ڏيو ته سيءَ کان بچن.

راجا جو اهو حڪم ٻڌي وزير کڙين تي زور رکيو، پر هن راجا جو سڄو حڪم مڃڻ بدران اڌ حڪم مڃيو. اهو هيئن ته وزير انهيءَ عملدار کي ڪمبل ۾ ويڙهائي سمنڊ ۾ اُڇلرائي ڇڏيو، پر ڪمبلن خريد ڪرڻ لاءِ شاهي خزاني مان پئسا ڪڍرائي ڪمبل خريد ڪرڻ جي بدران پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين.

ٻئي ڏينهن شام جو راجا وري لومڙين کي رڙيون ڪندي ٻڌو. انهيءَ تي هن حيران ٿي وزير کان ان جو سبب پڇيو، ”هاڻي انهن کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ وري ڇالاءِ پيون دانهون ڪوڪون ڪن؟“

وزير کلندي عرض ڪيو ته، ”مهاراج! هاڻي لومڙيون اوهان جا ٿورا مڃڻ لاءِ نعرا پيون هڻن.“

راجا وراڻيو، ”آءٌ ڪيترو نه خوش قسمت آهيان! منهنجي خيال ۾ ڪنهن به راجا وٽ تو جهڙو سياڻو وزير نه هوندو. اي منهنجا دوست! تون انجام ڪر ته مون کي ڪڏهن به ڇڏي نه ويندين.“

وزير راجا کي پڪ ڏياريندي چيو، ”ڪڏهن به نه مهاراج! ڪڏهن به نه. اوهان جتي به هوندوء، هِن دنيا ۾ يا هـُن دنيا ۾، بهشت ۾ يا دوزخ ۾، آءٌ سدائين اوهان سان گڏ هوندس.“

راجا ڏاڍو خوش ٿيو. پر هن جي اها خوشي گهڻو وقت نه هلي. اوچتو هڪ ننڍو سوئر جهنگ مان نڪري هڪ طرف ڀڳو. راجا اڳ ڪڏهن به سوئر نه ڏٺو هو، تنهنڪري حيرت ۾ پئجي چوڻ لڳو، ”يا خدا، خير ڪجانءِ! هيءَ وري ڪهڙي مخلوق آهي؟“

وزير کي ته انهيءَ مخلوق جي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي. پر هن ڏاڍي آرام سان جواب ڏنو، ”مهاراج! اهو اوهان جوئي هڪ هاٿي آهي. ان جو اهڙو حال انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو هاٿين جي وڏي عملدار ويچاري کي پوريءَ طرح خوراڪ ڪانه ڏني.

اهو ٻڌي راجا ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ هن حڪم ڏنو ته انهيءَ عملدار کي هڪدم مارايو وڃي. وري هن وزير کي حڪم ڪيو ته توکي جيڪا به رقم گهرجي، اها خزاني مان وٺي غريب جانور جي کاڌ خوراڪ جو مناسب بندوبست ڪر.

وزير وري شاهي خزاني مان پئسا ڪڍرايا ۽ سڀئي پنهنجي ئي کيسي ۾ رکي ڇڏيا.

 هڪڙي مهيني کان پوءِ هڪڙي شام جو راجا پنهنجي وزير سان گهمي ڦِري واپس پئي آيو ته هن کي اهوئي سوئر ڏسڻ ۾ آيو. راجا حيران ٿي وزير کان پڇيو، ”ڇا هيءُ اهوئي بکيو هاٿي آهي، جنهن کي اسان ان ڏينهن ڏٺو هو؟ پر هيءُ هاٿي ٿلهو متارو ڇو نه ٿيو آهي؟“

 

وزير واڇون ٽيڙي ايڏو ته زور سان کليو جو هن جا ٻٽيهه ئي ڏند پئي ڏسڻ ۾ آيا. پوءِ هن راجا کي جواب ڏنو ته، ”هاڻي ته اهو هاٿي کائي پي مهاراج وانگر ٿلهول متارو ٿي پيو آهي. اهو جانور جيڪو مهاراج اوهان ڏسو پيا، اهو حقيقت ۾ هڪ ڪُوئو آهي، پر راڄ محل جي بورچيخاني مان سڻڀا مال کائي کائي ههڙو ٿلهو متارو ٿي پيو آهي. ان مان پتو پوي ٿو ته اوهان جو بورچي چڱيءَ طرح ڪم ڪار نٿو ڪري.“

 راجا جو گول گپي جهڙو بيوقوف چهرو هڪدم ڳاڙهي مرچ وانگر سرخ ٿي پيو. هن اکيون گول ڦيرائيندي ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان چيو ته، ”ڪيتري نه ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان جي بورچيءَ جي نالائقيءَ ۽ ڪم چوريءَ جي ڪري اسان جو سڀئي سٺو کاڌو ڪوئو کايو وڃي!“ پوءِ راجا هڪدم حڪم ڏنو ته بورچي جيئن ئي اسان جي ماني ٺاهي تيار ڪري هن کي ڦاهي ڏني وڃي.

شام ٿيندي ئي بورچي لڪي لڪي وزير وٽ آيو ۽ هن کي هڪ وڏي رقم رشوت ۾ ڏني. بورچيءَ هن سان اهو انجام به ڪيو ته جيڪڏهن وزير بورچيءَ جي جان بچائي ته هو راجا جي لاءِ جيڪي خاص پڪوان ٺاهيندو آهي، انهن مان وزير ڏانهن به موڪليندو رهندو.

اهو ٻڌي وزير ڏاڍو خوش ٿيو. هن بورچيءَ کي چيو ته، ”تون ڪا به ڳڻتي فڪر نه ڪر. آءٌ پاڻي مـُنهن ڏيندس.“

آڌيءَ رات جو جڏهن راجا جي سامهون بورچيءَ کي ڦاهي اچڻ واري هئي، تڏهن وزير پري کان رڙيون ڪندو ڊوڙندو آيو، ”ترسو، ترسو“.

اتي پهچي وزير راجا کي هٿ ٻڌي عرض ڪرڻ لڳو ته، ”مهاراج! مون اجهو هينئر جنتري ڏٺي آهي ۽ مون کي خبر پئي آهي ته آڌيءَ رات جو هيءُ وقت تمام سڀاڳو هوندو آهي. هن وقت جيڪو به شخص ڦاهيءَ تي چڙهندو، اهو سڌو جنت ۾ ويندو، تنهنڪري مهاراج! بورچيءَ کي ههڙي سدوري وقت ڦاهيءَ تي چاڙهڻ ته ڪا سزا نه ٿيندي، اهو ته مرڳو هن جي لاءِ هڪ انعام ٿيندو. ڀلا اسان کي ڪهڙي پيئي آهي جو اسين هڪڙي ٺڳ کي جنت ڏانهن اماڻيون!“

اهو ڏسي وزير جون اکيون ڦاٽي ويون ته راجا خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيو ۽ هڪدم وزير کي چوڻ لڳو، ”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، واهه واهه! گهڻي وقت کان منهنجي مرضي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جنت ڏسان. پر ٿورو ترسو.“

هاڻي هن وزير ڏانهن ڏسي چيو، ”منهنجا مٺڙا دوست! تو ڪيترائي ڀيرا مون سان انجام ڪيو هو ته، آءٌ جيڏاهن به ويندس ته تون مون سان گڏ هلندين. هاڻي آءٌ جنت ڏانهن پيو وڃان. هاڻي تون مون کي رستو ڏيکاريندو منهنجي اڳيان هل. اڙي جلاد! پهرين هن کي ڦاهيءَ تي چاڙهه.“

. . . . پهريدارن ڦاهيءَ جو ڦندو هن جي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ جلاد رسيءَ کي وٺي زور سان ڇڪيو.

 اهو ٻڌندي ئي وزير جي پيرن هيٺان زمين کسڪي ويئي. انهيءَ کان اڳ جو هو ڪي چوي، پهريدارن ڦاهيءَ جو ڦندو هن جي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ جلاد رسيءَ کي وٺي زور سان ڇڪيو. اهو ڏسي راجا کي ڏاڍي خوشي ٿي ته منهنجي حڪم تي هڪدم عمل ڪيو ويو.

وزير کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ کان پوءِ جلاد هڪدم راجا کي به ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏيو، ڇا لاءِ ته راجا جي به اهائي مرضي هئي. 

ڇا هنن جنت ڏٺي؟ خير، اسان کي ڪهڙي خبر......!

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org