سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :2 

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

 

چانور جي آکاڻي

انڊو نيشيا جي آکاڻي

 

                ديوتائن جي سردار بتارا گرو پنهنجي لاءِ هڪڙو محل پئي جوڙايو . جنت ۾ هن هر هڪ ديوتا کي نياپو موڪليو ته انهيءَ محل جي پيڙهه جي لاءِ هو هڪ هڪ پٿر کڻي اچي . نانگ ديوتا کان سواءِ رهيل ٻين سڀني ديوتائن اهو حڪم مڃڻ قبوليو. جڏهن نياپو کڻي ويندڙ ديوتا ، نانگ ديوتا وٽ پهتو ته هن ڏک وچان ڪنڌ لوڏيندي چيو ،”تون پاڻ ڏس ته نه مون کي ٻانهون آهن ۽ نه ٽنگون. ڀلا آءٌ پٿر ڪيئن کڻي ايندس؟“ ائين چوڻ وقت هن جي اکين مان ڳوڙهن جا ٽي ڦوڙا نڪري ڳلن تي ڪريا. پوءِ ڳوڙهن جا اهي ٽي ڦڙا وري جڏهن زمين تي ڪريا ته ٽي اڇا آنا ٿي پيا. نياپو آڻيندڙ  ديوتا، نانگ ديوتا کي چيو، ”هنن آنن کي بتارا گرو وٽ کڻي وڃ ۽ هن کي سموري ڳالهه وڃي ٻڌاءِ.“

نانگ ديوتا ٽيئي آنا پنهنجي وات ۾ رکي سردار جي محل ڏانهن هليو. رستي ۾ هن کي هڪ وڏي سِرڻ ملي، جنهن پڇيس، ”ڪيڏاهن پيو وڃين نانگ ديوتا؟“ نانگ ديوتا جي وات ۾ ته آنا رکيا هئا، تنهنڪري هو جواب نه پئي ڏيئي سگهيو. انهيءَ تي وڏي سرڻ وري پنهنجو سوال ورجايو. پر جڏهن کيس جواب نه مليو ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن نانگ ديوتا جي مٿي تي ٺونگا هڻڻ شروع ڪيا. ان جي ڪري نانگ ديوتا کي ڏاڍو سور ٿيو ۽ هن سور وچان ٻه ڀيرا رڙيون ڪيون. هر رڙ ڪرڻ وقت هن وات کوليو ٿي ۽ هڪڙو آنو هيٺ ڪِري ٿي پيو. اهڙيءَ طرح ٻه آنا هن جي وات مان ڪِري پيا.

ٻئي آنا زمين تي ڪرندي ئي ڀڄي پيا ۽ انهن ٻنهي مان سوئر جا ننڍڙا ٻچا نڪري آيا. انهن ٻنهي کي هڪڙي ڍڳيءَ نپائڻ لاءِ ورتو ۽ انهن کي پنهنجي گابي سان گڏ پالڻ لڳي. گابي جو نالو لمبو گمارنگ هو. اهو گابو وڏو ٿي ڏاڍو خوفناڪ ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن وٽ جادوءَ جون طاقتون هيون ۽ هو ديوتائن ۽ انسانن ٻنهي جو دشمن هو.

خير، ان وقت انهن ٻن آنن جي ڀڄي پوڻ جو نانگ ديوتا کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر اڃا هڪڙو آنو هن جي وات ۾ حفاظت سان رکيو هو. نانگ ديوتا اهو بچيل آنو سردار ديوتا وٽ کڻي ويو ۽ هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. انهيءَ تي سردار ديوتا هن کي اهو آنو سنڀالي رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيائينس ته انهيءَ مان جيڪي به نڪري، اهو اچي پيش ڪري.

نانگ ديوتا اهو آنو پنهنجي گهر کڻي آيو ۽ ان کي سنڀالي رکيائين. هڪڙي مهيني کان پوءِ اهو آنو ڀڳو ۽ ان مان هڪ سهڻي ڇوڪري نڪري آئي. نانگ ديوتا انهيءَ ڇوڪريءَ کي پاڻ سان وٺي سردار ديوتا وٽ ويو. سردار ديوتا ان ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڌيءَ ڪري هن جو نالو ديوي سري رکيو. هاڻي هوءَ محل ۾ شهزادين وانگر نپجڻ لڳي ۽ سردار ديوتا هن کي ڏاڍي پيار ۽ محبت سان پالڻ لڳو.

ڪيترائي سال لنگهي ويا. ديوي سري جوان ٿي ويئي. هوءَ سهڻي ۽ سلڇڻي شهزادي هئي. محل جا سڀئي ڀاتي هن کي ڀائيندا هئا. سردار ديوتا ته هن کي ايترو ڀائيندو هو جو ٻين ديوتائن کي اهو ڏسي اچي ڊپ لڳو ته متان سردار ديوتا هن سان شادي نه ڪري. ملڪ جو قانون هيءُ هوندو هو ته ڪو به پيءُ پنهنجي ڌيءَ سان شادي نٿي ڪري سگهيو، توڙي پيءُ ديوتا ۽ ڌيءَ پاڻ ۾ سڳا نه هجن. ديوتائن سوچيو ته پيءُ ديوتا آهي ۽ ڌيءَ سڳي نه پر نيپاج آهي. ديوتائن سوچيو ته جيڪڏهن اهو قانون ٽوڙيو ويو ته سڄي حڪومت تباهه ٿي ويندي. تنهنڪري هنن لڪي پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته ديوي سريءَ کي مارڻ گهرجي. انهيءَ فيصلي تي هنن کي ڏک به ڏاڍو ٿيو، پر مجبوري هئي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۽ حڪومت کي بچائڻ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو به طريقو ڪو نه هو.

 

 پوءِ ديوتائن ڇا ڪيو جو ديوي سريءَ کي جيڪو ميوو وڻندو هو، ان جي هڪ ڦار ۾ زهر وجهي اها هن کي کائڻ جي لاءِ ڏني. ڦار کائيندي ئي هوءَ بيمار ٿي پيئي، هوءَ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ويئي ۽ نيٺ مري ويئي. ائين پئي لڳو ته گلن سان ڀريل ٽاري اوچتو ئي اوچتو سڙي سڪي زمين تي ڪِري پيئي. ديوي سريءَ کي شهزادين وانگر دفن ڪيو ويو ۽ هن جي قبر هڪ سهڻي ٽماڙ پگوڊا جي ڀرسان ٺاهي ويئي. اتي قبر جي سنڀال ۽ پاڻي ڇڻڪارڻ لاءِ هڪ خاص ماڻهو رکيو ويو، جيئن اتي چوڌاري گل ٻوٽا ڦٽي سگهن.

قبر جي مٿان هڪ عجب جهڙو ٻوٽو ڦٽي نڪتو، جيڪو اڳ نه ڪنهن ڏٺو ۽ نه ڪنهن ٻـُڌو. اهو هڪ آسماني ٻوٽو هو. ان جو نالو چانور هو. اهو ٻوٽو تمام جلدي ڊگهو ٿي ويو. ان ٻوٽي مان ڪيترائي سنگ ڦٽا، جيڪي ٿورن ئي ڏينهن ۾ سونهري ٿي ويا، ۽ انهن سنگن مان چانورن جا ڪيترائي ڪڻا نڪتا. سردار ديوتا جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو تڏهن نوڪر کي حڪم ڪيائين ته انهن چانورن جو ٻج زمين تي کڻي وڃي ۽ اتي پجاجارن جي ملڪ جي بادشاهه کي وڃي ڏي ته اهو پنهنجي ملڪ ۾ پوکي. هـُن نوڪر کي سمجهايو ته ”بادشاهه کي چئجانءِ ته اهي ٻج منهنجي طرفان سوکڙي آهن. پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ٻڌاءِ ته انهن کي زمين ۾ پوکين ۽ انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪن. پوءِ ڪو به ماڻهو بکيو نه رهندو، ڇو ته چانور زندگيءَ جي لاءِ خوراڪ آهي.

پجاجارن جي بادشاهه کي آسماني ديوتا طرفان جڏهن اها سوکڙي ملي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. هن اهي چانور پنهنجيءَ رعيت ۾ ورهايا. آسماني ديوتا جي نوڪر وري ماڻهن کي ٻڌايو ته ميدانن ۽ جبلن ۾ چانور ڪيئن پوکجن، انهن جو فصل ڪيئن لڻجي ۽ ڪيئن انهن کي ڇڙجي. پوءِ آسمان مان هڪڙي ديوي زمين تي لهي آئي. هن زمين تي رهندڙ ڇوڪرين کي چانورن رڌڻ جا ڪيترائي طريقا سمجهايا. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ پجاجارن جي ماڻهن وٽ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي نه ٿي ۽ ڪيترن سالن تائين هنن جي زندگي سکي ستابي گذري.

پر هڪڙي ڏينهن هڪڙي ٻئي ملڪ مان هڪڙو بدنيت واپاري واپار سانگي پجاجارن ۾ آيو. چانورن کي ڏسي ۽ اهي کائي هن جي دل ۾ لالچ ٿي ۽ هن سڀئي چانور خريد ڪري پاڻ سان کڻي وڃڻ گهريا. پر بادشاهه بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو، ”اهي چانور حقيقت ۾ آسمان مان آيا آهن. چانورن جي پنيري ديوي سريءَ جي قبر تي ڦٽي هئي، تنهنڪري اسين اهي سڀئي چانور تو وٽ ڪونه وڪڻنداسون.“ اهو جواب ٻڌي واپاريءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هو لمبو گمارنگ جي غار ۾ ويو. ان وقت تائين لمبو گمارنگ هڪ ٿلهو متارو ڍڳو ٿي ويو هو ۽ هن وٽ جادوءَ جي طاقت به هئي. واپاريءَ هن کي عرض ڪيو ته پجاجارن ملڪ جا سڀئي چانور ناس ڪري ڇڏ.

ڍڳي هڪدم پنهنجو ڪم شروع ڪيو. هن جادوءَ جي طاقت سان اهڙو ته واچوڙو آندو جو چانور جون پنيريون زمين مان پٽجي ويون. اها خبر سردار ديوتا کي پهتي، جنهن سلنجانا نالي هڪ نوجوان ديوتا کي چانورن جي فصل جي سنڀال ڪرڻ لاءِ زمين ڏانهن موڪليو. سلنجانا زمين تي اچي واچوڙي جو رخ ڦيرائي ڇڏيو ۽ چانورن جي سلن کي وري جيئاري ڇڏيو.

اهو ڏسي نڀاڳي ڍڳي پنهنجي ڀائرن کي مدد جي لاءِ گهرايو ته اچو ته گڏجي چانورن جون پوکون تباهه ڪريون. هن جا اهي ڀائر اهي سوئر هئا، جيڪي ڍڳي جي ماءُ پنهنجي کير تي پاليا هئا ۽ هينئر ٿلها متارا ٿي پيا هئا. انهيءَ تي سلنجانا ديوتا ۽ انهن چوپاين ۾ ڇتي ويڙهه لڳي. چوپاين جانورن جي پوک کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سوئرن کي گهرايو هو. پر ديوتا سڄي زمين تي ايتري ته لڙاٽ پکيڙي جو سڀئي سوئر رستو ڀلجي ويا. هنن وري هزارن ڪوئن کي چانورن جي پوک کي ڪترڻ لاءِ موڪليو، پر ديوتا انهن جي رستي ۾ زهر پکيڙي ڇڏيو، جنهنڪري سڀئي ڪوئا مري ويا. هاڻي وري ڍڳي ۽ سوئر پنهنجي مدد لاءِ اڪيچار جهرڪين کي گهرايو ته اچي سارين جي سنگن مان سڀئي چانور چڳي وڃن. ديوتا جهرڪين کي اهڙو ته ڊيڄاريو جو اڌ رستي مان واپس اڏامي ويون.

نيٺ ٻيو ڪو چار نه ڏسي نڀاڳي ڍڳي جهنگ مان خونخوار جانورن کي گهرايو ۽ هنن کي ملڪ جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن کي تباهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ تي ديوتا جي مدد لاءِ وري شهرن ۽ ڳوٺن مان پوڙها، جوان ۽ ٻار به ميدان ۾ نڪري آيا. هنن سڀني ديوتا جي صلاح سان زمين ۾ سوراخ ڪيا ۽ انهن ۾ ڪنڍا ڦاسائي وڻن سان ڄار ٻڌي ويهي رهيا.

نڀاڳي ڍڳي جي اڳواڻيءَ ۾ خونخوار جانورن جو لشڪر اوچتو جهنگ مان نڪري شهر ڏانهن ڊوڙندو آيو. انهيءَ لشڪر رستي ۾ سڀني وڻن کي پاڙوءن پٽي ڪيرائي وڌو، پر ڪيترائي جانور ڪنڊن ۾ ڦاسي ڪِري پيا ۽ ٻيا وري وڇايل ڄارين ۾ ويڙهجي ڦاسي پيا. نڀاڳي ڍڳي کي لڳو ته منهنجي اها چال به ناڪام ٿي ويئي آهي ۽ منهنجي فوج به ختم ٿيندي وڃي، پر هو پنهنجيءَ هوڏ تان لهڻ ۽ هار مڃڻ لاءِ اڃا به تيار نه ٿيو. هن سلنجانا ديوتا کي رڙ ڪري چيو ته، ”سلنجانا! متان سمجهيو اٿئي ته آءٌ هارائي ويٺو آهيان. تون پاڻ ميدان ۾ لهي اچ ۽ مقابلو ڪري ڏس ته ڪير ڏاڍو آهي.“

انهيءَ تي نوجوان ديوتا هن سان وڙهڻ لاءِ اڳتي وڌيو. هو پنهنجا هٿ چيلهه تي رکي نڀاڳي ڍڳي جي حملي لاءِ خبردار ٿي بيٺو. نڀاڳي ڍڳي پنهنجا سڱ هڪ وڻ سان رهڙي تکا ڪيا ۽ پوءِ سڄي طاقت سان، سلنجانا ڏانهن ڌوڪيندو ويو. پر نوجوان ديوتا ٽپ ڏيئي ٻئي پاسي ٿي ڍڳي جي پٺيان اهڙي ته زور سان لت هنئي، جو ڍڳو بولاٽيون کائيندو پري وڃي ڪريو. پر تڏهن به هن هار نه مڃي ۽ وري زمين تان اٿي پوري طاقت سان ديوتا تي حملو ڪيائين. هن ڀيري به سلنجانا هن کي ڦيرائي پٽ تي اڇلايو ۽ اهڙيءَ طرح هو ڪيترائي ڀيرا پٽ تي ڪِري ٿي پيو.

نيٺ نوجوان ديوتا نڀاڳي ڍڳي کي ٽنگ کان جهلي وٺي هوا ۾ ڦيرايو. ٿوريءَ دير تائين ته ڍڳو اها جـُٺ سهندو رهيو، پر جڏهن هن کان اها جـُٺ وڌيڪ سـَٺِي نه ٿي سگهي، تڏهن رانڀاٽ ڪري توبهه ڪرڻ لڳو. اتي نوجوان ديوتا نڀاڳي ڍڳي ۽ ٻنهي سوئرن کي انهيءَ شرط تي معافي ڏني ته آئندي هو سارين جي پوک جي سنڀال ڪندا.

جانورن هن جو اهو شرط قبول ڪيو ۽ پجاجارن ملڪ جي ماڻهن انهيءَ تي خوشيون ملهايون. ان زماني کان وٺي هن وقت تائين چانورن جي پوک جي سنڀال جانور ئي ڪن ٿا. انهن پوکن سان پوءِ وري ڪنهن به جانور هٿ چراند نه ڪئي. انهيءَ زماني کان وٺي پجاجارن جا رهاڪو پنهنجي زندگي آرام ۽ امن سان گذاريندا اچن ۽ پنهنجو دلپسند کاڌو چانور تمام گهڻو کائيندا آهن.

___________

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org