سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :3  

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

 

 ميان دوست ۽ ميان دشمن

ايران جي ڪهاڻي

 

ڪنهن هنڌ ڪو ماڻهو رهندو هو. اهو ماڻهو ڏاڍو رحمدل ۽ ايماندار هو، تنهنڪري ماڻهو هن کي ”دوست“ جي نالي سان سڏيندا هئا. هڪڙي ڏينهن دوست سفر تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هن پنهنجي لاءِ هڪ تندرست ۽ سگهارو گهوڙو خريد ڪيو. پوءِ هن گهوڙي جي زين ۾ کاڌي پيتي جون شيون رکيون ۽ الله تعاليٰ جو نالو وٺي پنهنجي شهر مان سفر تي هليو.

هو اڃا ٿورو ئي اڳتي هليو هو، ته کيس پنهنجي پٺيان هڪ سوار ايندي ڏسڻ ۾ آيو. هن سان ملڻ لاءِ هن گهوڙو جهليو، هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کانئس سندس نالو پڇيو.

جواب ۾ هن ماڻهوءَ چيو ته ”منهنجو نالو دشمن آهي.“

اهو ٻڌي دوست عجب ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”ڪهڙو نه خراب نالو آهي! تنهنجو اهو نالو ڪنهن رکيو آهي؟“

”منهنجي ماءُ_پيءُ رکيو آهي. مون کي سڀئي ماڻهو دشمن ڪري سڏيندا آهن. ڀلا آءٌ هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهان! پر تون پنهنجو به ته نالو ٻڌاءِ؟“

هن جواب ڏنو ته، ”منهنجو نالو دوست آهي.“

پوءِ دوست ۽ دشمن گڏجي سفر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هلندي هلندي ٻئي پاڻيءَ جي هڪ چشمي وٽ پهتا، جتي هڪ وڻ هو. وڻ جي ڇانوَ کي ڏسي هنن کي خيال ٿيو ته ٻپهر ٿيا آهن، تنهنڪري ٻئي ماني کائڻ جي لاءِ اتي لهي پيا.

دشمن چيو، ”اسين ٻئي گڏجي سفر پيا ڪريون، انڪري اسان کي ماني به گڏجي کائڻ گهرجي. پهرين تنهنجي ماني کائجي ۽ جڏهن تنهنجي ماني ختم ٿي ويندي ته پوءِ منهنجي ماني گڏجي کائينداسون.“

دوست اها ڳالهه مڃي، پنهنجو ٿيلهو کوليو ۽ ٻنهي گڏجي اها ماني کاڌي ۽ چشمي جو تازو ۽ ٿڌو پاڻي پيتو. اهڙيءَ طرح ٻئي ڏينهن ٻئي دوست جي آندل ماني کائيندا ۽ سفر ڪندا هليا. نيٺ دوست جيڪا ماني آندي هئي، اها سڀ پوري ٿي ويئي.

هاڻي دشمن جو وارو آيو ته هو پنهنجي ماني دوست سان گڏجي کائي. پر جڏهن کائڻ جو وقت ٿيو ته دشمن ماني کڻي دوست کان پري هليو ويو ۽ اڪيلي سر ماني کائڻ لڳو. دوست ويچارو اٻوجهه ۽ شرميلو هو، تنهنڪري پهرين ته هن ڪجهه به نه چيو، پر پوءِ جڏهن بک ۾ پاهه ٿيڻ لڳو، تڏهن هن دشمن کي چيو، ”پاڻ هڪ ٻئي جي ماني گڏجي کائڻ جو فيصلو ڪيو هو. تو منهنجي سڀ ماني کائي ڇڏي ۽ هاڻي پنهنجيءَ ماني کائڻ وقت مون کي پاڻ سان شامل نٿو ڪرين.“

دشمن جواب ڏنو، ”آءٌ ڏاڍو سياڻو آهيان. ٿي سگهي ٿو ته اسان جو سفر تمام ڊگهو ٿئي ۽ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ماني توسان گڏجي کاوان ته ماني جلد ئي ختم ٿي ويندي، پوءِ اسين بک مرنداسون. هاڻي جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ماني رڳو پاڻ کائيندس ته آءٌ ته بک ۾ ڪو نه مرندس.“

دوست چيو ته، ”پوءِ پاڻ گڏجي سفر نٿا ڪري سگهون.“

تنهنڪري هڪڙي چوواٽي تي ٻئي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. پوءِ جڏهن رات ٿي ته دوست هڪ پراڻيءَ چڪيءَ وٽ پهچي ويو هو ۽ رات جا چار پهر آرام ڪرڻ لاءِ چڪيءَ جي ڦٽل جاءِ ۾ هليو ويو. اندر هڪڙي ڪنڙ ۾ اڳيان هڪ وڏو پٿر پيو هو. انهيءَ ڳري پٿر جي پٺيان سمهڻ لاءِ ويو ۽ اتي ليٽندي ئي هن کي ننڊ کڻي ويئي.

پوءِ گوڙ جي آواز تي هن جي ننڊ ڦِٽي ويئي ۽ هو اُٿي بيٺو ۽ وڏي پٿر وٽان جهاتي پائي جو ڏسي ته سامهون چانڊوڪيءَ ۾ هڪڙو شينهن، هڪڙو چيتو، هڪڙو بگهڙ ۽ هڪڙي لومڙي پاڻ ۾ ڳالهيون ويٺا ڪن. شينهن پئي چيو ته: ”مون کي هت ڪنهن ماڻهوءَ جي بوءِ پيئي اچي.“ شينهن جي اها ڳالهه ٻڌي دوست ويچارو ڊڄي ويو. پر ايتري ۾ چيتي چيو، ”هن ڦٽل چڪيءَ ۾ ڪهڙي ماڻهوءَ کي کٽيءَ کنيو آهي جو ايندو.“ بگهڙ وري چيوته، ”هن جنن کاڌيءَ جاءِ ۾ ڪو همت وارو ماڻهو ايندو، ٻئي جي جاءِ ناهي.“ لومڙيءَ چيو ته، ”پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. اوهان ماٺڙي ڪري پنهنجي پنهنجي ڳالهه ٻڌايو.“

انهيءَ تي پهرين چيتي ڳالهه شروع ڪئي: هن چڪيءَ ۾ ڪي ڪوئا رهن ٿا. رات جو جڏهن چانڊوڪي ٿيندي آهي، تڏهن ڪوئا پنهنجن ٻرن ۾ لڪايل خزانو ٻاهر ڪڍي ايندا آهن ۽ ڇت تي پکيڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ چانڊوڪيءَ جي اڇاڻ ۾ ڪوئا اشرفين سان راند ڪندا آهن ۽ خوشيءَ مان ٺينگ ٺپا ڏيندا آهن. صبح ٿيندو آهي ته ڪوئا اشرفيون ميڙي چونڊي پنهنجن اونداهن ٻرن ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن.“

بگهڙ چيو ته، ”آءٌ هڪ بادشاهه کي سڃاڻان ٿو، جنهن جي ڌيءَ چري ٿي پيئي آهي. هوءَ ڏينهون ڏينهن ڳرندي وڃي. ان ڇوڪريءَ جو علاج هڪڙي خاص ٻوٽيءَ سان ٿي سگهي ٿو، جيڪا ريڍار پوکيندو آهي ۽ پنهنجين رڍن کي کارائيندو آهي. هن جون رڍون سڄي ملڪ ۾ ٻين رڍن کان وڌيڪ تندرست آهن. ان ٻوٽيءَ جون پاڙون جيڪڏهن کير ۾ اوٻاري شهزاديءَ کي پياريون وڃن ته شهزاديءَ کي بيماري ڇڏي ويندي ۽ هوءَ تندرست ٿي پوندي.

هاڻي لومڙيءَ پنهنجي ڳالهه ٻڌائي: ”مون کي هڪ اهڙي ڦٽل محل جي خبر آهي، جيڪو هن چڪيءَ کان هڪ ميل جي پنڌ تي آهي. محل جي هيٺان صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جو هڪڙو چشمو آهي، جيڪو ڪن ڪچري پوڻ جي ڪري گهڻي وقت کان بند پيو آهي. جڏهن اهو چشمو وهندو هو تڏهن اتي هڪڙو ميون ۽ گلن جو تمام سٺو باغ هوندو هو، اهو باغ به هاڻي ڦِٽي پوٺو ٿي ويو آهي.“

چارئي جانور پنهنجي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا. جڏهن دوست کي پڪ ٿي ته سڀ جانور هليا ويا آهن تڏهن هو پٿر جي پٺيان نڪري آيو ۽ ان خيال کان ته چيتي جيڪا ڳالهه ٻڌائي اها سچي آهي يا نه، هو چڪيءَ جي ڇت تي چڙهي ويو. سڄيءَ ڇت تي اشرفيون پکڙيون پيون هيون ۽ چانڊوڪيءَ ۾ پئي چمڪيون، انهن اشرفين تي ڪوئن ڏاڍا ٺينگ ٽپا ڏنا ۽ خوش پئي ٿيا. دوست هڪ ننڍڙو پٿر کڻي ڊيڄارڻ لاءِ هنن ڏانهن اڇلايو ته سڀئي ڪوئا ڀڄي وڃي پنهنجن ٻرن ۾ لڪا. اهو ڏسي دوست سڀئي اشرفيون ميڙي چونڊي پنهنجي کيسن ۾ ڀريون ۽ گهوڙي تي چڙهي رات جا باقي ٻه پهر آرام ڪرڻ لاءِ هڪڙي ڳوٺ ڏانهن هليو ويو.

صبح ٿيو ته دوست ڳوٺ مان ٻاهر نڪري جهنگ ۾ گهمڻ لڳو، اتي هڪڙو ريڍار ويٺو هو. هن جي اڳيان ٿلهيون متاريون رڍون پئي چريون. هن ريڍار کان ان خاص ٻوٽيءَ جون پاڙون گهريون. ريڍار پهرين ته دل من هنيو، پر جڏهن دوست هن کي ڪوئن وارين اشرفين مان ڪي اشرفيون ڏنيون ته هن ان خاص ٻوٽيءَ جون ٿوريون پاڙون دوست کي خوشيءَ سان ڏنيون.

هاڻي دوست ان شهر ڏانهن هليو، جتي شهزادي رهندي هئي. اتي هر ڪو ماڻهو ڏک ۾ هو. ماڻهن به هن کي اهائي ڳالهه ٻڌائي، جيڪا هن بگهڙ کان ٻڌي هئي. جڏهن دوست ماڻهن کي ٻڌايو ته آءٌ شهزاديءَ جو علاج ڪري سگهان ٿو ته هن کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن علاج نه ڪيو ته توکي موت جي سزا ڏني ويندي. پر دوست کي بلڪل ڊپ نه ٿيو ۽ هو محل ڏانهن ويو. محل ۾ هن کي شهزاديءَ وٽ وٺي ويا. دوست چيو ته مون کي ٿورو کير آڻي ڏيو. کير آيو ته ان ۾ خاص ٻوٽيءَ جون جڙون اوٻاري، شهزاديءَ کي پيئڻ لاءِ ڌنائين. ٿورن ڪلاڪن کان پوءِ شهزاديءَ جي منهن تي رونق وري آئي ۽ هوءَ جلد تندرست ٿيڻ لڳي ۽ خوش رهڻ لڳي.

سڄي ملڪ ۾ جشن ملهايو ويو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ شهزادي ۽ دوست جي پاڻ ۾ محبت ٿي ويئي ۽ بادشاهه هنن جي شادي ڪئي. بادشاهه کي رڳو اڪيلي ڌيءَ هئي، تنهنڪري بادشاهه دوست کي پنهنجي تخت و تاج جو وارث ڪرڻ ٿي گهريو، پر دوست کي اڃا هڪ سٺو ڪم ڪرڻو هو.

هو پنهنجيءَ زال کي ساڻ ڪري انهيءَ پوٺي ڏانهن روانو ٿيو، جنهن جي ڳالهه لومڙيءَ ٻڌائي هئي. اتي هن کوٽائي ڪري مٺي ۽ ٿڌي پاڻيءَ جو چشمو ڳولي ڪڍيو ۽ هڪ عاليشان محل ٺهرايو. ٿورن ئي ورهين ۾ اها جاءِ دنيا جو هڪ خوبصورت باغ ٿي پيئي.

هڪڙي ڏينهن دوست پري کان هڪ سوار کي ڏٺو. جڏهن هن جي ويجهو پهتو ته دوست هن کي سڃاتو. اهو هن جو پراڻو سفر جو ساٿي ”دشمن“ هو. دشمن دوست کان پڇيو، ”ڀلا توکي زندگيءَ ۾ ايتري ڪاميابي ڪيئن ٿي؟“ انهيءَ دوست هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ڳالهه ٻڌي دشمن کي دوست جي قسمت تي ڏاڍو حسد ۽ ساڙ ٿيو ۽ هن به ڦٽل چڪيءَ ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو ته جيئن اتي جي جانورن جي ڳالهين مان ڪي نوان راز هٿ اچن ۽ اهڙيءَ طرح دوست وانگر ڪا دولت ۽ مال خزانا هٿ لڳن.

اهو سوچي هو پراڻي چڪيءَ ۾ ويو ۽ ڪنڊ ۾ پيل پٿر جي پٺيان لڪي ويٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ شينهن، چيتو، بگهڙ ۽ لومڙي چڪيءَ ۾ آيا. دشمن ڏاڍو خوش ٿيو ته هاڻي ڪنهن نه ڪنهن راز جي مون کي به خبر پئجي ويندي.

شينهن چيو ته، ”مون کي ماڻهوءَ جي بوءِ پيئي اچي.“ چيتي چيو ته، ”اِهو ماڻهو اُهو ئي هوندو، جنهن اڳي اسان جي راز جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون.“ انهن جانورن کي خبر پئجي ويئي هئي ته ڪنهن ماڻهوءَ ڪوئن جو خزانو چورايو آهي، تنهنڪري سڀني شينهن جي ڳالهه کي سچ سمجهيو.

بگهڙ چيو، ”پڪ سان اهو ساڳيو ماڻهو هتي ڪنهن هنڌ لڪو ويٺو آهي.“

لومڙيءَ چيو، ”اچو ته هن کي ڳولي هٿ ڪريون.“ پوءِ ٿوريءَ ڳولا ڪرڻ کان پوءِ پٿر جي پٺيان دشمن ڏسڻ ۾ آيو. جانورن هن کي اتان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ هن جا چار ٽڪرا ڪري هر هڪ جانور پنهنجو پنهنجو حصو آرام سان کائي ڇڏيو.

اهڙيءَ طرح ”دشمن“ پنهنجو ڪيتو لوڙيو. هوڏانهن دوست پنهنجي حياتي کلندي ۽ خوش رهندي گذاري.

__________

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org