شينهن ۽
ڪـُڙميءَ جي زال
پاڪستان
جي ڪهاڻي
هڪڙي ڪڙميءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ پئي هر هلايو ته هن
جي اڳيان هڪڙي شينهن اچي چيو، ”السلام عليڪم!
ڀائو، ڪر خبر، ڇا حال آهي؟“ ڪڙميءَ
جواب ۾ چيو، ”وعليڪم السلام! ڀائو، آءٌ چڱو ڀلو
آهيان. تنهنجي مهرباني آهي.“ ائين چوندي ڪڙمي ڊپ
وچان ڏکڻ لڳو.
شينهن چيو، اهو ٻڌي مون کي خوشي ٿي آهي ته تون چڱو
ڀلو آهين. ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ مون کي خدا تنهنجن
ٻنهي ڍڳن کي کائڻ لاءِ موڪليو آهي. تون پاڻ خدا
ترس ٿو ڏسجين، تنهنڪري هڪدم پنهنجا ٻئي ڍڳا منهنجي
حوالي ڪر“.
ڪڙميءَ پڇيو، ”شايد سائين جن کان ڪا ڀـُلَ ته نه
ٿي آهي؟“ ڪڙميءَ جي پيٽ ۾ اهو ٻڌي ساهه پيو هو ته
شينهن مون کي نه پر منهنجن ڍڳن کي کائڻ گهري ٿو.
تنهنڪري هن شينهن کي چيو، ”خدا مون کي وري حڪم ڏنو
آهي ته آءٌ هن زمين تي هر هلايان. هاڻي ڍڳن کان
سواءِ هر ڪيئن هلندو؟ تنهنڪري مناسب ٿيندو ته
اوهان مهرباني ڪري واپس وڃو ۽ خدا وٽان پوريءَ طرح
ڳالهه سمجهي اچو ته سندس ڪهڙو حڪم مڃجي؟“
انهيءَ تي شينهن ڪاوڙجي ڪڙميءَ کي چيو، ”هاڻي دير
نه ڪر. پنهنجا ٻئي ڍڳا وٺي اچي منهنجي اڳيان حاضر
ڪر.“ اهو چئي شينهن پنهنجا چـَنبا ۽ ڏند اهڙيءَ
طرح تيز ڪرڻ لڳو، جو ڪڙمي اصل دهلجي ويو.
ڪڙميءَ ويچاري هٿ ٻڌي شينهن کي عرض ڪيو ته، ”اي
شينهن شير خدا جاٰ منهنجن ڍڳن جي جان بخش ڪر. انهن
جي بدران آءٌ اوهان جي اڳيان پنهنجي زال جي ٿلهي
متاري ڍڳي حاضر ڪريان ٿو.“
ڪڙميءَ جي اها ڳالهه شينهن قبول ڪئي، جنهن تي ڪڙمي
ڍڳن جي جوڙيءَ کي هڪليندو تڪڙو تڪڙو پنهنجي گهر
ويو. هو ڍڳن کي پاڻ سان انهيءَ ڪري وٺي ويو ته
متان شينهن انهن کي ماري کائي نه ڇڏي. ڪڙميءَ جي
زال هڪ سگهڙ ۽ محنتي مائي هئي. هن جو ڏٺو ته ڪڙمي
اڄ سويل ئي ٻنيءَ تان واپس پيو اچي ته هن رڙ ڪري
چيو، ”اڙي ميان! ڪم کان ڇو ڀڳو آهين. مون ته اڃا
هينئر گهر جو ڪم شروع ڪيو آهي ۽ تون آهين
جو هينئر ئي ٻنيءَ تان ڀڳو اچين؟“
ڪڙمي ويجهو اچي زال کي شينهن جي پيرائتي ڳالهه
ٻڌائي. جڏهن هن ٻڌايو ته ڍڳن کي بچائڻ لاءِ مون هن
کي تنهنجي ڍڳِي ڏيڻ جو انجام ڪيو آهي، ته اهو ٻڌي
زال رڙيون دانهون ڪري چوڻ لڳي، ”مت ته ڪانه کسي
اٿئي، پنهنجي
پوڙهن ۽ ڏُٻرن ڍڳن کي بچائڻ لاءِ شينهن کي منهنجي
ههڙي ملوڪ ڍڳِي ڏيڻ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ڍڳي
ويئي ته ٻارن کي کير ڪير ڏيندو؟ ۽ گهر ۾ گيهه مڱڻ
کان سواءِ رڌ پچاءُ ڪيئن ٿيندو؟“
ڪڙميءَ جواب ڏنو، ”اِهي! تنهنجيون ڳالهيون سڀ
سچيون. پر تون ئي ٻڌاءِ ته اناج کان سواءِ ماني
ڪيئن ٺهي سگهندي؟ ڇا ڍڳن کان سواءِ اسان کي اناج
ملي سگهي ٿو؟ ۽ ڇا هر هلائڻ کان سواءِ ٻنيءَ مان
فصل حاصل ڪري سگهجي ٿو؟ ڏُڌ مکڻ کان سواءِ گذارو
ڪيئن ٿي سگهندو. تنهنڪري هاڻي وقت نه وڃاءِ، اُٿي
ڍڳي ڇوڙي منهنجي حوالي ڪر.“
زال ڪاوڙ وچان وراڻيو ته، ”ميان! تون ته بنهه مت
جو موڙهو ٿو ڏسجين. جيڪڏهن تو ۾ ٿوري به ڪا مت هجي
ها ته انهيءَ عذاب مان جان ڇڏائڻ جي ڪا حرفت ضرور
هلائين ها.“
زال جو اهو مهڻو ٻڌي هو تپي باهه ٿي ويو ۽ چوڻ
لڳو، ”تون ته وڏي عقلمند آهين. ڀلا تون ئي ڪا اٽڪل
ٻڌاءِ.“
”ته اِها ڳالهه ڪر نه. هاڻي آءٌ ٿي توکي اٽڪل
ٻڌايان. پر آءٌ جيڪي چوان، توکي ائين ئي ڪرڻو
پوندو. سمجهيئي! تون هتان سڌو شينهن وٽ وڃ ۽ هن کي
چئو ته ڍڳي مون
سان نٿي اچي، پر منهنجي زال هن کي وٺيو پيئي اچي.“
ڪڙميءَ کي جيئن زال سمجهايو، هن به ائين ئي ڪيو.
هو جڏهن ٻنيءَ ۾ پهتو ته ڏسي ته بک وچان اڃا تائين
شينهن پنهنجا چنبا ۽ ڏند پيو تکا ڪري. شينهن جو
ٻڌو ته اڃا به مون کي ڍڳيءَ جي لاءِ ترسڻو پوندو
ته ڪاوڙ وچان گجگوڙ ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجو پڇ زور زور
سان زمين تي هڻڻ لڳو. هو پنهنجون مـُڇون هر هر وٽي
ڪڙميءَ کي وڌيڪ ڊيڄارڻ لڳو. اهو ڏسي ڪڙمي ڊپ وچان
ڏڪڻ لڳو.
جڏهن ڪڙمي گهر مان هليو ويو، تڏهن هن جي زال سڌي
ڪـُڙهه ۾ ويئي ۽ پنهنجي مڙس جا سـُٺا ڪپڙا پائي،
مٿي تي وڏو ۽ ڊگهو پڳڙ ٻڌو ته جيئن هوءَ ڏسڻ ۾
ڊگهي اچي. پوءِ هوءَ گهوڙيءَ تي زين ٻڌي ٻاهر نڪتي
۽ ان تي چڙهي ٻنيءَ ڏانهن ان پاسي ويئي، جتي شينهن
بيٺو هو.
هوءَ هڪڙي بهادر مرد وانگر وڏي شان شوڪت سان اڳيان
وڌندي ويئي، ۽ جڏهن هوءَ ان هنڌ پهتي، جتان ٻنيءَ
ڏانهن رستو ٿي ويو، تڏهن هن ڪڙڪو ڪري چيو، ”ياخدا!
منهنجي کائڻ لاءِ هن ٻنيءَ ۾ هڪڙو شينهن موڪل!
ڪالهه صبح مون ٽن شينهن جو گوشت نيرن تي کاڌو هو.
ان وقت کان وٺي هن وقت تائين مون هڪڙي شينهن جو به
گوشت نه چکيو آهي. هاڻي ته مون کي سخت بک لڳي
آهي.“
اهي لفظ جڏهن شينهن ٻڌا ۽ ڏٺو ته انهن لفظن چوڻ
وارو گهوڙي تي سوار بنان ڪنهن ڊپ جي ڌوڪيندو اچي
ته هن جون وايون ئي بتال ٿي ويون. شينهن ايترو ته
ڊنو جو پـُڇ پائي سڌو جهنگ ڏانهن وٺي ڀڳو. ڀڄڻ وقت
هن پنهنجي دوست گدڙ جو به خيال نه ڪيو ۽ ان تان ٽپ
ڏيندو ڀڄي ويو. ياد رکڻ گهرجي ته شينهن هميشه پاڻ
سان گڏ گدڙ کي به کڻندو آهي، جنهن جو ڪم هيءُ
هوندو آهي ته جڏهن شينهن کائي پيٽ ڀري اٿندو آهي،
تڏهن باقي بچيل هڏيون هو کائي چٽ ڪندو آهي.
گدڙ رڙ ڪري شينهن کان پڇيو، ”منهنجا سائين! منهنجا
مالڪ! تون ڪيڏانهن
ڊوڙندو وڃين؟“
شينهن، جيڪو ڀڄندو پئي ويو، تنهن سهڪندي سهڪندي
جواب ڏنو، ”ڀڄ ڙي ڀڄ، گدڙ! جهنگ ۾ اڄ اهڙو ته
خوفناڪ ڀوت آيو آهي، جيڪو رڳو نيرن تي ٽي شينهن
کائي اوڳرائي به نٿو ڏئي.“ اهو ٻڌي گدڙ کِلي ڏنو،
پر هڪدم پنهنجي کِل روڪي چوڻ لڳو، ”اُس ۾ اوهان
جون اکيون چنجهيون ٿي ويون آهن. گهوڙيءَ تي ڀوت
ڪونهي، پر ڪڙميءَ جي زال مردانا ڪپڙا پائي چڙهي
آئي آهي.
انهيءَ تي شينهن ٿورو ترسي چيو، ”ڇا توکي پڪ آهي؟“
گدڙ هڪدم وراڻيو، ”مون کي پوري پڪ آهي. جڏهن اوهان
جيون اکيون اُس ۾ چنجهيون نه ٿين ها،
ته اوهان هن جي چيلهه تي ڊگهن وارن جون لڙڪيل
چوٽيون ضرور ڏسو ها!“
ڊڄڻي شينهن پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪندي چيو، ”پر
تنهنجي نظر به ته غلطي ڪري سگهي ٿي. هو ته بلڪل
ڀوت وانگر پيو ڏسجي.“
گدڙ پنهنجي ڇاتي ڪڍي چيو، ”پر هن کان ڊڄي ڪير ٿو؟
هلو ته پاڻ اتي گڏجي هلون.“ شينهن ڊڄندي ڊڄندي
جواب ڏنو، ”نه، نه. تون اتي مون کي اڪيلو ڇڏي ڀڄي
ويندين.“
گدڙ شينهن کي خاطري ڏياريندي چيو، ”اوهان کي
جيڪڏهن شڪ آهي ته آءٌ پنهنجو پڇ اوهان جي پڇ سان
ٻڌي ٿو ڇـڏيـان. پـوءِ تـه اوهـان کـي اتـي
ڇڏي آءٌ ڀڄي ڪونه سگهندس.“ حقيقت ۾ گدڙ جي
اها مرضي نه هئي ته شينهن پنهنجو شڪار پورو ڪري ته
مون کي هڏيون چٻاڙڻ لاءِ نه ملن.
گدڙ جي اها ڳالهه شينهن قبول ڪئي. پوءِ هنن ٻنهي
پنهنجا پـُڇ ملائي ڇڪي پاڻ ۾ ٻڌي ڇڏيا ۽ هڪ ٻئي جي
ڪلهن تي ٻانهون رکي اڳتي هليا.
ان وقت ڪڙمي ۽ هن جي زال اڃا ٻنيءَ ۾ هئا ۽ شينهن
کي سولائيءَ سان بيوقوف بنائي ڀڄائڻ واري ڳالهه
تان پئي کليا. ايتري ۾ هنن سامهون ڏٺو ته شينهن ۽
گدڙ پنهنجا پـُڇ پاڻ ۾ ٻڌيو، ٻانهن ۾ ٻانهن وجهيو،
سندن پاسي پيا اچن.
اهو ڏسي ڪڙمي رڙ ڪري چيو، ”زال! ڀڄ ته ڀڄون، نه ته
مري وينداسون.“
ڪڙميءَ جي زال دل ٻڌي ۽ مڙس کي چيو، ”ميان! دل ڇو
لاٿي اٿئي؟ ڇا ٿيو آهي جو هانءُ
ڦاڙي رڙيون پيو ڪرين. ٿورو صبر ڪر.“
ائين چئي ڪڙميءَ جي زال ماٺ ڪري شينهن ۽ گدڙ جي
ويجهو اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. جڏهن ٻئي هن جي بلڪل
سامهون پهتا، تڏهن هن ڏاڍي نرميءَ سان گدڙ کي چيو،
”واهه ڙي گدڙ واهه. تون سچ پچ ته ڏاڍو سٺو ۽ سچو
آهين. تون منهنجي لاءِ هڪ تمام ٿلهو متارو شينهن
جهلي آيوآهين. آءٌ ٿوري دير ۾ ئي هن جو سمورو گوشت
کائي ٿي چَٽ ڪريان. پوءِ تون مزي سان هن جون هڏيون
پيو کائجانءِ.“
ڪڙميءَ جي زال
جي
اها ڳالهه ٻڌي شينهن کي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ هن کان
ڳالهه وسري ويئي ته سندس پـُڇ گدڙ جي پڇ سان ڇڪي
ٻڌل آهي. شينهن تمام زور سان ٽپ ڏنو ۽ گدڙ کي
پنهنجي پٺيان گهليندو هڪ پاسي ڀڄڻ لڳو. شينهن
ايترو ته ڊنل هو جو پٿرن، ڇـِپـُن، ڪَنڊن، ڪِرڙن،
رهڙن،
رهنڊن،
مطلب ته ڪنهن به شئي جو هوش نه رهيس. هو ٽپن تي
ٽپا ڏيندو ڀڄندو ويو. نيٺ گدڙ دانهون ڪوڪون ۽ آزي
نيزاري ڪئي، پر شينهن جو تيزيءَ سان پٿر ۽ ڇِپون
ٽپندو ويو، تنهن جو ڪنهن پٿر يا ڇِپ جي ٿِڙي ڪرڻ
جو آواز ٿي ٻڌو ته ويتر ٿي ڊنو ۽ ويتر ٿي زور زور
سان ڀڳو. گدڙ جي دانهن مٿان دانهن لڳي پيئي هئي.
پر شينهن ڪٿي ٿو ٻـُڌي ۽ اکين پوريو ڪَنڊن ڪِرڙن ۽
پٿرن تان گدڙ کي گهليندو تيز ڀڄندو ويو. نيٺ شينهن
به سهڪي سهڪي ماندو ٿي پيو ۽ پٿرن تي ڪِري پيو.
گدڙ ويچارو ته ڪڏهوڪو رتوڇاڻ ٿي مري ويو هو.
ان ڳالهه کان پوءِ ڪڙميءَ ۽ هن جي زال کي وري ڪنهن
به شينهن ڪونه ستايو.
____________
|