راجا
سوتون جا ڪارناما
ملائيشيا
جي ڪهاڻي
ڳالهه ڪن ٿا ته پراڻي زماني ۾ هڪ ڏاڍو سکيو ستابو
ملڪ هوندو هو، جنهن کي ممبانگ نگر ڪري سڏيندا هئا.
اتي جو راجا سوتون هڪ لائق ۽ انصاف وارو هوندو هو.
هن جي راڻي پتري اڪارون ڏاڍي سهڻي ۽ سلڇڻي هوندي
هئي. ملڪ ۾ هر هنڌ امن ئي امن هو.
هڪڙي ڏينهن راڻيءَ جي دل هرڻ جي گوشت کائڻ تي ٿي.
انڪري راجا پنهنجي شڪاري توڪ پوانگ کي حڪم ڪيو ته
جهنگ ۾ وڃي هرڻ شڪار ڪري اچ. شڪاري جهنگ ڏانهن ويو
۽ هڪڙي چشمي جي ڪناري وٽ ننڍن وڻن ۾ لڪي ويٺو ته
اتان ڪو هرڻ لنگهي ته جهلي وٺانس. ايتري ۾ هن ڏٺو
ته آسماني ملڪ ڪيانگان
مان ست سهڻيون شهزاديون زمين تي لٿيون. پوءِ هنن
پنهنجا پر لاهي چشمي جي ڪناري وٽ رکيا ۽ چشمي ۾
وهنجڻ لڳيون.
سڀني ۾ ننڍي شهزادي ڪمپا ڪابيرو ايتري ته سهڻي هئي
جو توڪ پوانگ جي دل ۾ آيو ته هن کي جهلي راجا جي
خدمت ۾ سوکڙي ڪري پيش ڪجي. اهو سوچي هن ان
شهزاديءَ جا پـَرَ کڻي لڪائي ڇڏيا. پوءِ جڏهن هـُن
جون ٻيون ڀينرون وهنجي پنهنجا پنهنجا پر ڍڪي اُڏامي
ويون، تڏهن ڪمپا ڪابيرو پرن نه ملڻ جي ڪري اتي ئي
ترسي پيئي. هن توڪ پوانگ کي ڏاڍيون منٿون ميڙون
ڪيون ته پرَ واپس موٽائي ڏي، پر هن شهزاديءَ جي ڪا
به ڳالهه نه ٻڌي ۽ شهزاديءَ کي چيائين ته مون سان
گڏجي هل. اهڙي طرح هو شهزاديءَ کي راجا وٽ وٺي
آيو، جنهن پنهنجي ملڪ جي دستور مطابق هن سان شادي
ڪري هن کي ٻي راڻي ڪيو. توڪ پوانگ راجا کي ڪمپا
ڪابيرو جا پـَرَ به ڏنا، جيڪي هن پيتيءَ ۾ بند ڪري
ان جي ڪلف جي ڪنجي پاڻ وٽ لڪائي ڇڏي.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڪمپا ڪابيرو سان راڻي پتري
اڪارون حسد ڪرڻ لڳي، ڇو جو راجا
ڪمپا ڪابيرو کي وڌيڪ ڀائيندو هو. راجا جو اهو سلوڪ
راڻيءَ کي اصل نه وڻيو ۽ هن پنهنجي پيءُ ماءُ کي
دانهن ڏني. راڻيءَ جي پيءُ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن
راجا وٽ هڪڙي ڪوڙي خواب جي ڳالهه اماڻي. هن جو
خيال هو ته جيڪڏهن راجا کي ڪنهن بهاني سان پنهنجي
ملڪ مان ٻاهر موڪلي ته اسين پنهنجي ڌيءَ راڻي پتري
اڪارون سان ملي ڪمپا ڪابيرو مان جند ڇڏائي
وٺنداسون. پوءِ ڇا ٿيو جو راجا راڻيءَ جي پيءُ جو
موڪليل ڪوڙو خواب ڏٺو، جنهن ۾ هن کي چيو ويو ته
ڪمپا ڪابيرو جي لاءِ هڪ اڇو هاٿي
جنهن جا ڏند ڪارا هجن، ڳولي اچ. راجا ٻئي ڏينهن
اهڙي اڇي هاٿيءَ کي ڳولي آڻڻ لاءِ پنهنجي ملڪ مان
روانو ٿيو.
راجا جي وڃڻ کانپوءِ راڻيءَ ڪمپا ڪابيرو کي پنهنجي
اڳيان نچڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ تي ڪمپا ڪابيرو چيو
ته، ”جيڪڏهن مون کي منهنجا پر ملن ته آءٌ تمام سٺو
نچنديس.“ راڻيءَ راجا جي صندوق کولي ان مان پر ڪڍي
ڪمپا ڪابيرو کي ڏنا. ڪمپا ڪابيرو پـَرَ وٺي پنهنجي
ڪلهن تي هنيا ۽ نچندي نچندي اوچتو اتان غائب ٿي
ويئي. ڇا لاءِ ته هن کي خبر پئجي ويئي هئي ته
منهنجي جان خطري ۾ آهي. پر هوءَ اتان اڏامي سڌي
پنهنجي ملڪ ڪيانگان
وڃڻ جي بدران هڪڙي هنڌ ترسي پيئي ۽ راجا سوتون جي
اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي.
ٿوريءَ دير کان پوءِ راجا به اتي اچي پهتو. هن کي
به پڪ ٿي ويئي هئي ته مون سان ٺڳي ڪئي ويئي آهي،
تنهنڪري کيس اها به ڳڻتي هئي،
پٺيان ڪمپا ڪابيرو کي ڏٺو ته حيران ٿي ويو. ڪمپا
ڪابيرو راجا کي سموري ڳالهه ٻڌائي ته ڪيئن نه مون
کي مارڻ جي سٽا سَٽي
ويئي هئي ۽ آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي جان بچائي هت
آئي آهيان. ڪمپا ڪابيرو راجا کي وڌيڪ چيو ته،
”هاڻي مون ۾ واپس وڃڻ جي همت ڪانهي. اوهان جادوءَ
جي هيءَ منڊي پاڻ وٽ رکو، ڇو جو جيڪڏهن اوهان
منهنجي پٺيان ڪيانگان اچڻ گهرو ته اوهان کي هڪڙي
ٽڪريءَ وٽان لنگهڻو پوندو، جيڪا هر وقت ڦاٽندي ۽
بند ٿيندي رهندي آهي. انهيءَ کان سواءِ هڪ خوفناڪ
پکي راڪ به اوهان جي راهه روڪيندو. تنهنڪري انهيءَ
ٽڪري ۽ پکيءَ کي اوهان جيڪڏهن هيءَ منڊي ڏيکاريندا
۽ انهن جي اڳيان منهنجو نالو وٺندا ته اهي اوهان
کي وڃڻ لاءِ رستو ڏيندا.“
پوءِ ڪمپا ڪابيرو راجا کان روئي موڪلايو ۽ راجا
محل ڏانهن روانو ٿي ويو. اتي هن کي اها خبر ٻڌي
ڏاڍو ڏک پهتو ته ڪمپا ڪابيرو کي راڻيءَ سچ پچ قتل
ڪرائڻ جي سازش سَٽي هئي. تنهنڪري راجا سواءِ ڪنهن
وقت وڃائڻ جي هڪدم ڪمپا ڪابيرو جي پٺيان ڪيانگان
روانو ٿي ويو.
اڃا راجا ڪيانگان کان ڪيترائي ميل پري هو ته هن
ڦاٽندڙ ٽڪريءَ جا ڀوائتا آواز ٻڌا. اهو ڏاڍو
خوفناڪ نظارو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن به ٽڪري کلي ٿي يا
وري بند ٿِي
ٿي ته ان مان عجب جهڙا ڀوائتا آواز ٿي نڪتا.
ٽڪريءَ جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ مٿان
ڪو پکي به اڏامي نٿي سگهيو. راجا ڪمپا ڪابيرو جي
منڊي ٽڪريءَ کي ڏيکاري ۽ هن جو نالو ورتو ته ٽڪري
هڪدم ماٺ ٿي ويئي ۽ هن کي وڃڻ لاءِ رستو ڏنائين.
اهڙيءَ طرح راجا ٽڪريءَ تان صحيح سلامت لنگهي ويو.
اڳتي هليو ته راجا کي راڪ پکي اچي روڪيو. هو ايڏو
ته وڏو هو جهڙو ديو. هن جي چهنب ڊگهي، نوڪدار ۽
وريل هئي ۽ هن جي اکين مان باهه جا اُلا پئي نڪتا.
راڪ پکي پنهنجا ڏند ڪرٽي راجا کان پڇيو، ”اي نيچ
انسان! توکي هت اچڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ هاڻي آءٌ توکي
کائي ويندس.“ پر راجا سوتون هڪدم منڊي ڪڍي هن کي
ڏيکاري ۽ ڪمپا ڪابيرو جو نالو ورتو، ته پکي نه رڳو
هن جي جان بخشي ڪئي، پر هن کي پاڻ سان اڏائي
ڪيانگان وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي.
ڪيانگان پهچي راجا سوتون پوڙهي ماڻهوءَ جو ويس
بدلايو ۽ پنهنجو نالو آوانگ هتام ظاهر ڪيو، ڇو جو
هن جي مرضي هئي ته جيستائين ڪمپا ڪابيرو کي ڳولي
هٿ نه ڪيان، تيستائين ڪيانگان جي راجا کي خبر نه
پوي ته آءٌ اصل ۾ ڪير آهيان.
هڪڙي ڏينهن راجا سوتون ڪيانگان جي راجا جي محل
اڳيان پئي گهميو ته شايد اتي پنهنجي راڻيءَ کي ڏسي
سگهي. ايتري ۾ هن ڏٺو ته سامهون ڪيتريون ئي زالون
مٿن تي گهڙا کنيو ڪمپا ڪابيرو جي وهنجڻ لاءِ پاڻي
ڀرڻ پيون وڃن. هو محل جي دروازي وٽ هڪڙي وڻ تي
چڙهي ويو. پوءِ جيئن ئي هڪ مائي ان وڻ جي هيٺان
لنگهي، سوتون هيٺ جهڪي هن جي گهڙي ۾ مُنڊي
اُڇلائي وڌي. ڪمپا ڪابيرو جڏهن پنهنجي منڊي ڏٺي ته
هڪدم سمجهي ويئي ته راجا سوتون ڪيانگان پهچي ويو
آهي. انهيءَ تي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، پر هر هنڌان پڇا
ڳاڇا ڪرڻ کان پوءِ به خبر نه پيئي ته راجا سوتون
جهڙو ڪو ماڻهو آيل آهي. هن کي ايترو ته ڏک ٿيو جو
هوءَ بيمار ٿي پيئي. ڪمپا ڪابيرو جي پيءُ سندس
علاج ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سڀني جادوگراڻين کي گهرايو،
پر ڪا به هن جو علاج نه ڪري سگهي.
نيٺ ڪيانگان جي راجا کي ڪنهن ٻڌايو ته ملڪ ۾ آوانگ
هتام نالي هڪ جادوگر آيل آهي، جيڪو جادوءَ سان
بيمارين جو علاج ڪري ٿو. راجا هن کي هڪدم پنهنجي
محل ۾ گهرايو. اتي شهزاديءَ جيئن ئي پنهنجي مڙس کي
ڏٺو ته هن جي سڄي بيماري هلي ويئي ۽ هوءَ چڱي ڀلي
ٿي ويئي. اهڙيءَ ريت راجا سوتون ۽ راڻي ڪمپا
ڪابيرو وري پاڻ ۾ مليا.
پوءِ راجا سوتون ڪيانگان جي راجا کان شهزادي ڪمپا
ڪابيرو کي واپس زمين تي وٺي وڃڻ جي اجازت گهري. پر
ڪيانگان جي راجا شرط وڌو ته پهرين راجا سوتون پاڻ
کي شهزاديءَ جي لائق ثابت ڪري ڏيکاري. تنهنڪري هن
سوتون کي حڪم ڏنو ته ”پهرين تون مون کي هيءُ جهنگ
صفا ڪري ڏيکار، ته پوءِ مون کي پڪ ٿيندي ته تون
سچو جادوگر آهين“.
اهو حڪم ٻڌي راجا سوتون پنهنجن وڏن جي جادوءَ جي
طاقت تي ڌيان ڏيڻ لڳو. ستين آسمان جي ديوتا کي خبر
هئي ته راجا سوتون ڪهڙي ڌيان ۾ آهي، تنهنڪري هـُن
ڏانهس
پنهنجي مدد اماڻي. هزارين هاٿي پهچي ويا، جن وڻن
کي پاڙئون پٽي اڇلايو ۽ هڪڙو وڻ به نه رهيو.
اهڙيءَ ريت سڄو جهنگ صفا ٿي ويو. انهيءَ تي راجا
سوتون ڪيانگان جي راجا کي چيو، ”مهاراج! مون اوهان
جي حڪم جي تعميل ڪئي“
راجا ڪيانگان هن کي وراڻيو، ”هاڻي تون وڻن کي باهه
ڏيڻ کان سواءِ ساڙي ڏيکار.“
وري راجا سوتون پنهنجن وڏن جي جادوءَ جي طاقت تي
ڌيان ڏيڻ لڳو. ستين آسمان جي ديوتا انهيءَ تي
جادوءَ جون هزارين جهرڪيون موڪليون، جن جي چهنبن
مان باهه پئي نڪتي. انهن جهرڪين سڀني وڻن کي ساڙي
رک ڪري ڇڏيو. پوءِ سوتون ڪيانگان جي راجا کي چيو،
”مهاراج! اوهان جي انهيءَ حڪم جي به تعميل ڪئي
اٿم.“
هاڻي ڪيانگان
جي راجا سَرنهن جي ٻجن جون ڀريل ٽي ٻوريون زمين تي
اونڌيون ڪري ٻجن جو ڍير پکيڙي ڇڏيو. پوءِ هن سوتون
کي حڪم ڪيو ته اهي سڀئي ٻج
کڻي انهن ٻورين ۾ اهڙيءَ طرح ڀر جو هڪڙو داڻو رهجي
نه وڃي. سوتون وري پنهنجن بزرگن جي جادوءَ جي طاقت
تي ڌيان ڏيڻ لڳو. انهيءَ تي ستين آسمان جي ديوتا
جنت جون جهرڪيون موڪليون. انهن جهرڪين هڪڙو هڪڙو
داڻو ميڙي چونڊي ٻورين ۾ ڀريو ۽ اهو ڪم ٿي ويو.
سوتون وري ڪيانگان جي راجا کي چيو، ”مهاراج! مون
اهو ڪم به پورو ڪيو.“
ڪيانگان جي راجا چيس، ”هاڻي آءٌ تنهنجو آخري
امتحان وٺان ٿو!“ ائين چئي
هن سوتون کي هڪجهڙيون ست ڪوٺيون ڏيکاريون ۽ چيو
ته،
”انهن ستن ئي ڪوٺين ۾ منهنجي هڪڙي هڪڙي ڌيءَ
ويهندي. هر ڪا ڇوڪري دروازي جي ننڍي سوراخ مان
پنهنجي آڱر جو رڳو هڪڙو پور ٻاهر ڪڍي ويهندي. اهي
آڱريون ڏسي توکي ٻڌائڻو آهي ته ڪمپا ڪابيرو جي
ڪهڙي آڱر آهي. جيڪڏهن تون ٻڌائي وئين ته پوءِ تون
هن کي پاڻ سان وٺي وڃي سگهي ٿو، پر جي تو نه ٻڌايو
ته پوءِ اسين توکي ماري ڇڏينداسون.“
هاڻي وري راجا سوتون پنهنجن وڏن جي جادوءَ جي طاقت
تي ڌيان ڏيڻ لڳو. ان تي ستين آسمان جي ديوتا وري
هن جي مدد ڪئي ۽ هڪ سائي رنگ جي مک موڪلي، جيڪا
پهرين هن جي مٿان ڀون ڀون ڪندي رهي ۽ پوءِ ستن ئي
ڪوٺين جي چوڌاري ڦرڻ لڳي. نيٺ وچينءَ ڪوٺيءَ جي
سوراخ مان نڪتل آڱر جي پور تي اها مک اچي ويٺي.
سوتون اهو سڄو تماشو ڏاڍي غور سان پئي ڏٺو،
تنهنڪري مک کي آڱر تي ويهندو ڏسي هن هڪدم رڙ ڪئي،
”اهائي آهي ڪمپا ڪابيرو جي آڱر.“
اتي ڪيانگان جي راجا کي پوريءَ طرح خاطري ٿي ۽ هن
خوش ٿي چيو، ”سچ پچ تون منهنجي ڌيءَ جي لائق آهين.
تون سچ ته هڪ اهڙو جادوگر آهين جو اڻ ٿيڻو ڪم به
ڪريو وڃين.“
ڪيانگان جي راجا انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪ تمام وڏي دعوت
ڪئي، جنهن ۾ ڪيانگان جي ماڻهن جي اڳيان راجا سوتون
۽ ڪمپا ڪابيرو جي ٻيهر شادي ٿي. انهيءَ موقعي تي
ڪيانگان جون سڀئي ريتون رسمون پوريون ڪيون ويون.
پوءِ سوتون آوانگ هتام جو ويس لاٿو ۽ ڪمپا ڪابيرو
کي ساڻ وٺي زمين تي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليو، جتي
پهچي ٻئي ڏاڍي آرام سان زندگي گهارڻ لڳا.
___________
|