سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن لاءِ آکاڻيون

باب: --

صفحو : 9

 

سپاهي ۽ جن

سوويت (بائيلو) روس جي آکاڻي

 

هڪڙي سپاهيءَ کي پنجويهه سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ بادشاهه چيو ته: ”سپاهي! تنهنجي نوڪري پوري ٿي. هاڻ تون پنهنجو مالڪ پاڻ آهين. توکي جيڏانهن وڻي تيڏانهن هليو وڃ!“

اهو ٻڌي سپاهي ويچارو اتان هليو ويو. هلندي هلندي، هو سوچڻ لڳو ته ’مون بادشاهه جي سرڪار ۾ پنجويهه سال نوڪري ڪئي، پر ان جي بدلي مون کي پنجويهه گوگڙو به نه مليا. گهر پهچڻ تائين کائڻ لاءِ رڳو ٽي مانيون مليون آهن. هاڻ ڪريان ته ڇا ڪريان!‘ ڀلا پوڙهو سپاهي وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ’خير، هاڻي آءٌ پنهنجي گهر ڏي هلان ۽ پنهنجي ڪراڙي ماءُ پيءُ جي خدمت وڃي ڪريان، پر جيڪڏهن اهي به مري ويا آهن ته انهن جي قبرن تي ٻه ٽي ڳوڙها ڳاڙي پنهنجو جيءُ هلڪو ڪندس.‘ اهو سوچي سپاهي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي، هو ٻه مانيون کائي ويو. باقي هڪڙي ماني بچي، پر اڃان رستو به وڏو هو.

رستي ۾ هن کي هڪڙو فقير مليو، جيڪو منڊو ۽ ٽنڊو هو. سپاهيءَ وٽ اڃا هڪڙي ماني رهيل هئي، جيڪا هن انهيءَ فقير کي ڏئي ڇڏي ۽ سوچڻ لڳو ته ”آءٌ ڪنهن نه ڪنهن اٽڪل سان ڪم ڪڍي ويندس، پر هيءُ پوڙهو، منڊو ۽ ٽنڊو فقير ڇا ڪندو؟“ اهو سوچي هن پنهنجي پائيپ ۾ تماڪو ڀري ۽ دکائي سوٽا هڻندو اڳتي وڃڻ لڳو. هلندي هلندي، هو هڪڙيءَ ڍنڍ جي ويجهو اچي پهتو. ڍنڍ جي ڪناري بدڪون پئي تريون. سپاهي پير پير ۾ ڏئي ڪناري تي وڃي پهتو ۽ ماٺ ماٺ ڪري ٽي بدڪون جهلي ورتائين. ”کاڌي جو ته هاڻي بندوسبت ٿي ويو.“ هن پنهنجي دل ۾ چيو.

وري هو پنهنجي ڳوٺ ڏانهن هلڻ لڳو. رستي ۾ هڪڙو شهر آيو ۽ سپاهي پڇا ڪندو، هڪ سراءِ ۾ ويو. اتي سراءِ جي مالڪ اڳيان ٽيئي بدڪون رکندي سپاهيءَ چيوِ ”ادا، هي ٽي بدڪون آهن. هڪڙي منهنجي لاءِ ڀڃي تيار ڪر، هڪڙي تون پنهنجي محنت ۾ کڻ ۽ باقي هڪڙي ٻئي، کاڌي پيتي لاءِ ڏيان ٿو“. اهو چئي سپاهي هٿ منهن ڌوتو، ڪپڙن تان ڌوڙ ڇنڊي ۽ ڪمري ۾ پنهنجو بسترو وڇائي ويٺو ته کاڌو به تيار ٿي ويو.

ڀُڳل بدڪ کائي سپاهيءَ پيٽ ڀريو. ان کان پوءِ هن سراءِ جي مالڪ کان پڇيو ته ”هن رستي جي پرينء ڀر جيڪا حويلي آهي، اها ڪنهن جي آهي؟“ سراءِ جي مالڪ ٻڌايس ته ”اها حويلي شهر جي هڪ وڏي واپاريءَ پنهنجي لاءِ ٺهرائي هئي، پر ويچارو انهيءَ ۾ وڃي رهڻ کان بنهه لاچار آهي.“

سپاهيءَ کي عجب لڳو ۽ پڇيائين ته ”نيٺ ڇو نٿو وڃي سگهي؟“

”انهيءَ جاءِ ۾ جنن ۽ ڀوتن جو ميڙو لڳندو آهي. رات ٿيندي ئي سڄي حويليءَ ۾ گوڙ گهمسان ٿيندو آهي. جن ڏاڍيون دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا آهن ۽ راڳ ڳائيندا آهن. رات ته ٺهيو پر ڏينهن جو به ماڻهو ويچارا انهيءَ حويليءَ جي ڀرسان لنگهندي ڊڄندا آهن.“ سراءِ جي مالڪ ٻڌايو.

اها ڳالهه ٻڌي سپاهيءَ سراءِ جي مالڪ کان انهيءَ واپاريءَ جي پڇا ڪئي ۽ چوڻ لڳو ته ”آءٌ هن سان ملي خبرچار وٺڻ گهران ٿو. متان آءٌ هن جي ڪا مدد ڪري سگهان!

پوءِ سپاهي ٿوري دير پنڪي ڪئي ۽ اونده ٿيندي ئي واپاريءَ جي گهر پهتو. واپاري هن کي ڏسي پڇيو ته ”ميان، خير سان آيو آهين؟ “

سپاهي چيو: ”آءٌ مسافر آهيان، اجازت ڏيو ته اڄ رات اوهان جي نئين گهر ۾ وڃي رهان. مون ٻڌو آهي ته سڄو گهر خالي پيو آهي؟ “

”تون چريو ته ڪونه آهين؟ “ واپاريءَ هن کي چيو: ”پنهنجي حياتيءَ مان ڇو اچي ڪڪ ٿيو آهين. ميان، ڪٿي ٻيو هنڌ ڳول، شهر ۾ ڪيترائي گهر آهن. منهنجي حويليءَ ۾ ته جنن جا آستانا آهن. هنن کي اتان ڪڍڻ ڪو سَولو ڪم ڪونهي!

”ڏسو، متان آءٌ انهن جنن کي ڀڄائي ڪڍان. ڪهڙي خبر ته اهي جن هڪڙي سپاهي جو چيو کڻي مڃين.“

”ميان، ٻيا به گهڻائي ڏاڍا مڙس پاڻ آزمائي ويا آهن، پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. پَر سال به هڪڙو مسافر آيو هو ۽ هن به جنن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. رات جو گهر ۾ رهيو به هو، پر صبح جو هن جي هڏن کان سواءِ اسان کي ڪجهه به نه مليو. جنن هن کي ماري ڇڏيو هو.“

سپاهيءَ اهو ٻڌي چيو: ”پر هڪڙي سپاهيءَ کي مارڻ ڏکيو آهي. مون پنجويهه سال نوڪري ڪئي آهي. ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيو آهيان. انهيءَ هوندي به تنهنجي اڳيان جيئرو ويٺو آهيان. آءٌ انهن جنن کي پاڻيهي مُنهن ڏيندس؛ تون رڳو اجازت ڏي.“ ”چڱو ميان! تون پنهنجو برو ڀلو پاڻ ٿو ڄاڻين.“ واپاريءَ چيو: ”جيڪڏهن تون ڊڄين نٿو ته ڀلي وڃي رهه. پوءِ جي تو جنن کي ڀڄائي ڪڍيو ته آءٌ توکي منهن گهريو انعام ڏيندس.“

سپاهيءَ چيو، ”پوءِ مون کي ٿوريون ميڻ بتيون، ٿورا اکروٽ ۽ هڪڙو وڏي ۾ وڏو اوٻاريل گوگڙو ڏيو.“

واپاريءَ سپاهيءَ کي سڀئي گهربل شيون گهرائي ڏنيون، جيڪي هو هڪڙيءَ هڙ ۾ ٻڌي، نئين حويليءَ ڏانهن روانو ٿيو.

سپاهي حويليءَ ۾ پهچي هڪ ڪمري ۾ مزي سان لت کوڙي ليٽي پيو. رات جا ٻارنهن ٿيا ته چئني طرفن چوٻول ٿيو. دروازا ۽ دريون کڙ کڙ ڪرڻ لڳا ۽ ايڏيون رڙيون ۽ ڪوڪون ٿيون جو سپاهيءَ جا ڪن ڦاٽڻ لڳا .پر هن ڏاڍي مزي سان اکروٽ ڀڃي کاڌا ۽ پائپ مان دم مٿان دم پئي هنيا.

ايتري ۾ اوچتو وڏي ٺڪاءُ سان ڪمري جو دروازو کليو ۽ هڪڙي جن جهاتي پائي زور سان ڪيڪ ڪئي: ”اڙي! هتي ته هڪڙو آدم ذات ويٺو آهي. وارو ڪريو، ڊوڙي اچو شڪار سٺو آهي.“

اهو ٻڌي سڀيئي جن ڌم ڌم ڪندا ڪمري ۾ گهڙي آيا ۽ سپاهيءَ جي چوڌاري ميڙو ڪري بيٺا. هو هر هر سپاهيءَ کي چٻرا ڏيڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي اشارا ڏئي وڏي واڪي رڙيون ڪرڻ لڳا ته ”اسين هن کي ٻوٽي ٻوٽي ڪري کائي وينداسون.“

”اڙي، هاڻي گوڙ نه ڪريو. مون اوهان کان به وڏا وڏا جن ڏٺا آهن.“ سپاهيءَ دڙڪو ڏيندي چين. ”هنن به مون کي ائين ئي چيو هو پر مون هنن کي اهڙي سزا ڏني جو ياد ڪندا.“

انهيءَ تي جنن جو سردار سڀني کي ٿيلها ڏيندو، هن ڏانهن وڌندو آيو ۽ چيائين: ”چڱو، جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ لهي آءُ ميدان ۾!“

”ها ها، ڇو نه!“ سپاهيءَ چيو، ”پر پهرين ٻڌاءِ ته اوهان ۾ ڪو اهڙو دلير مڙس آهي، جيڪو پٿر کي نپوڙي ان مان پاڻي ڪڍي ڏيکاري؟“

جنن جي سردار حڪم ڏنو ته ”هڪڙو پٿر حاضر ڪيو وڃي.“ هڪڙو جن ڊوڙي هڪڙو پڙ کڻي آيو. جنن جي سردار پٿر وٺي ٻنهي هٿن ۾ زور سان نپوڙيو ته پٿر ڀري پيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”ڏٺئي؟“

”نه نه، پٿر مان پاڻي ڪٿي نڪتو؟“ سپاهيءَ چيو. ائين چئي هن پنهنجو گوگڙو ڪڍي جنن کي ڏيکاريندي چيو ته ”هيءُ پٿر تو واري پٿر کان وڏو آهي. هاڻي ڏس تماشو.“ اهو چئي، هن گوگڙوکي نپوڙيو ته ان مان پاڻي ڳڙڻ لڳو.

اهو ڏسي جنن جا وات ڦاٽي پيا. وري جو سپاهيءَ کي اکروٽ کائيندي ڏٺائون ته ويتر عجب لڳن ۽ چوڻ لڳا ”تون ڇا پيو کائين؟“

”اکروٽ پيو کاوان.“ سپاهيءَ جواب ڏنو. ”پر ڪوبه منهنجن اکروٽن کي ڀڃي نٿو سگهي.“ ائين چئي، سپاهي جنن جي سردار جي هٿ ۾ بندوق جي گولي ڏني. ”هيءُ وٺ، ٿورو سپاهيءَ جي اکروٽ تي به زور آزماءِ!“

جن گولي وٺي پنهنجي وات ۾ وڌي ۽ ڏندن سان چٻاڙڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر رُڪ ڪٿي ٿو چٻاڙجي. هوڏانهن سپاهي مزي سان اکروٽن مٿان اکروٽ کائيندو ويو.

جنن جي حالت ڏاڍي خراب ٿي، هنن ڪڏهن سپاهيءَ کي ٿي ڏٺو ته ڪڏهن پاڻ ۾ اشارا ٿي ڪيائون.

سپاهيءَ وري ٻي اٽڪل ڪئي ۽ چوڻ لڳو ته ”مون ٻڌو آهي ته اوهان کي ڪيتريون ئي اٽڪلون اچن ٿيون. اوهين ڪڏهن وڏن مان ڦري ننڍڙا ٿيو پئو ته ڪڏهن وري ننڍن مان وڏا ۽ ٻيو ته اوهان وٽ ايترو ته عقل آهي جو اک ڇنڀ ۾ هڪڙي ننڍڙي خاني ۾ گهڙي ويندا آهيو؟“

”ها ها، ڇو نه. اهو ته اسان جي ڏائي هٿ جو کيل آهي.“ سڀئي جن رڙيون ڪرڻ لڳا.

”چڱو، اوهان جو امتحان وٺان ٿو. اوهين سڀئي منهنجي هن ڳوٿري ۾ گهڙي وڃو.“ سپاهيءَ چين.

اهو ٻڌڻ سان، جن هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندا اک ڇنڀ ۾ سپاهيءَ جي ڳوٿري ۾ گهڙي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، سڄو گهر خالي ٿي ويو. سپاهيءَ سٽ ڏئي ڳوٿري جو منهن کڻي بند ڪيو ۽ ڏوري ڇڪي ٻڌي ڇڏي.

”واهه، واهه!“ سپاهيءَ چيو، ”هاڻي آءٌ به مزي سان لَتَ کوڙي سمهي رهان ٿو.“ اهو چئي سپاهي پنهنجو ڊگهو اوني ڪوٽ وڇايو ۽ ٿوريءَ دير ۾ هن جي اک لڳي ويئي.

ٻئي ڏينهن صبح جو واپاريءَ پنهنجن ماڻهن کي چيو: ”وڃو ۽ ڏسو ته سپاهي جيئرو آهي يا مري ويو؟“

ماڻهو حويليءَ ۾ اچي ڏسن ته سپاهي ڏاڍي مزي سان پائيپ دکايو ويٺو سُوٽا هڻي. ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون: ”اسان کي پڪ هئي ته جنن توکي چيڀاٽي پورو ڪيو هوندو؟“

سپاهي کلي ڏنو ۽ چيو ”هاڻي دير نه ڪريو. جهٽ هن ڳوٿريءَ کي کڻي لوهار جي دڪان تائين هلو. باقي ڳالهيون پوءِ ڪنداسون.“

ماڻهن جهٽ ڳوٿري کي کڻي لوهار جي دڪان تائين رسايو. سپاهيءَ لوهار کي چيو: ”ميان، ٻه ٽي همراهه گڏجي مترڪا کڻو ۽ ڳوٿريءَ کي سنداڻ تي رکي چڱيءَ طرح ڪُٽيو.“ پوءِ ته سڀئي مترڪا کڻي ڳوٿري کي ڪُٽڻ لڳا. جنن جي رڙ جي مٿان رڙ پئي پيئي. پر سپاهي چوندو رهيو: ”شاباس ڀائرو! نه ڇڏيون، ڪُٽي ڍير ڪريون، ماڻهن کي بيگناهه ستائڻ جي اها سزا آهي.“

جنن ڏاڍيون دانهون ڪوڪون ڪيون ۽ نيٺ ليلائي چوڻ لڳا ته ”اسان جي جان ڇڏيو. اسين نه رڳو هن گهر مان هليا وينداسون پر هي شهر ئي ڇڏي وينداسون. رڳو اسان جي جان بخش ڪريو. اسين توکي دل گهريو انعام ڏينداسون.“

”هَيٺ اَٿوَ!“ سپاهيءَ چيو ۽ لوهار کي چوڻ لڳو ”هاڻي بس.“ پوءِ هن ڳوٿريءَ جو منهن کوليو ۽ سڀني جنن کي ٻاهر ڪڍيو، پر سردار کي نڪرڻ نه ڏنائين ۽ چيائين ته ”جيستائين انعام نه کڻي ايندؤ تيستائين هيءُ ڳوٿري ۾ بند رهندو.“

سڀئي جن ڀڄي ويا ۽ سپاهي پائپ دکائي ڇڪڻ لڳو. ايتري ۾ هڪڙو ننڍڙو جن هڪ ننڍڙي ڳوٿري کڻي آيو ۽ چوڻ لڳو: ”وٺ هيءُ تنهنجو انعام آهي.“

سپاهي ڳوٿري وٺي اندر ڏٺو ته خالي آهي. ”مون سان ٺڳي ٿو ڪرين؟“ سپاهيءَ ڪاوڙ وچان جن کي ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”بيهه ته تنهنجي سردار کي هڪڙي ئي ڌڪ سان پورو ٿو ڪريان.“

اهو ٻڌي سردار ڳوٿريءَ مان رڙ ڪئي: ”سپاهي، متان تڪڙ ڪئي اٿئي. پهرين منهنجي ڳالهه سمجهه، اها ڳوٿري وڏي ڪم واري آهي. تون جنهن به شيءِ جي گهر ڪندي، اها سڌي انهيءَ ڳوٿريءَ ۾ اچي پوندي. تون رڳو ايترو ڪجانءِ ته جنهن شيءِ جي توکي ضرورت پوي، ان جو نالو وٺي چئجان ته ’اچ ڳوٿريءَ ۾‘ ته اها شيءِ اچي ڳوٿريءَ ۾ پوندي.“

”چڱو، هينئر ئي ٿو آزمايان.“ سپاهيءَ جواب ڏنو ۽ چوڻ لڳو ته ”ڳوٿريءَ ۾ سٺا سٺا کاڌا اچن!“ هڪدم هن کي لڳو ته ڳوٿريءَ ۾ ڪجهه پيو آهي. مُنهن جو کولي ته سچ پچ سٺا سٺا کاڄ پيا هئا. هن سڀئي کاڌا ڪڍي ماڻهن ۾ ورهايا ۽ ڳوٿري کڻي دڪان کان ٻاهر نڪتو. ٻاهر ڀت تي هڪڙي جهرڪي ويٺي هئي. سپاهيءَ ڳوٿري جو منهن کولي چيو: ”هلي آءُ ڳوٿري ۾!“ ته جهرڪي اُڏامندي سڌي ڳوٿريءَ ۾ هلي آئي.

سپاهي موٽي دڪان ۾ آيو ۽ جنن جي سردار کي چوڻ لڳو: ”ٻيلي، تو سچ چيو ۽ تو مون سان ايمانداري ڪئي آهي. آءٌ توکي ڇڏيان ٿو. اها ڳوٿري مون پوڙهي سپاهيءَ کي ضرور ڪم ايندي.“ ائين چئي هن ڳوٿري جو مُنهن کوليو. پر جنن جي سردار کي وڃڻ کان پهرين وري به چيائين ته ”البت ڪن کولي ٻڌ. جيڪڏهن تو وري هيڏانهن جو رخ ڪيو ته اهڙي سزا ملندءِ جو عمر ڀر ياد ڪندين. هاڻي ڀڄ!“ اهو چئي، سپاهي لوهار کان موڪلائي واپاري ڏانهن ويو.

واپاري سپاهيءَ کي جيئرو ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. هن کي پنهنجين اکين تي اعتبار نه پئي آيو. نيٺ سپاهيءَ هن کي سربستي ڳالهه ٻڌائي ۽ چوڻ لڳو: ”مون کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو سو مون ڪيو. هاڻي مون کي اجازت ڏي.“ واپاري سپاهيءَ کي موڪل نه ڏني ۽ هن کي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. ان کان پوءِ هن هڪڙي رات پنهنجن ماڻهن کي حويليءَ ۾ رهايو ۽ ٻي رات پاڻ به اتي آرام سان سمهي آيو. جڏهن هن کي پوري خاطري ٿي ته سپاهيءَ سچ پچ جنن کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، تڏهن هن سپاهيءَ کي ڪيترو ئي انعام ڏيڻ گهريو. پر سپاهيءَ چيس ”مون کي تنهنجي انعام جي ڪا ضرورت نه آهي. جن مون کي اهڙي شيءِ ڏئي ويا آهن، جو هاڻي منهنجي حياتي سکي گذرندي.“

نيٺ سپاهي واپاريءَ کان موڪلائي ڳوٺ ويو ۽ پنهنجي پوڙهي ماءُ جي خدمت ڪرڻ لڳو. هن کي جڏهن به ڪنهن شيءِ جي گهرج پوندي هئي، تڏهن جنن واري ڳوٿري ڪڍي، چوندو هو ته ”فلاڻي شيءِ کپيم“ ته هڪدم اها شيءِ انهيءَ ڳوٿري ۾ اچي پوندي هئي.

اهڙيءَ ريت سپاهي پنهنجي اٽڪل ۽ عقلمنديءَ جي ڪري پنهنجي حياتي سکي گذارڻ لڳو.

 

 ماني ۽ لوڻ

سويڊن جي آکاڻي

 

هڪڙي بادشاهه کي ٽي ڌيئرون هيون. انهن مان ننڍيءَ کي بادشاهه گهڻو ڀائيندو هو. انهي ڇوڪريءَ جون ٻيئي وڏيون ڀينرون، انهيءَ ڪري هن کان سڙنديون هيون. هنن جي سدائين اها ڪوشش هوندي هئي ته ڪهڙيءَ طرح بادشاهه هن کان رُسي، جڏهن به وجهه ملندو هئن، تڏهن بادشاهه کي چونديون هيون: ”اسان جي ننڍي ڀيڻ کي ته اوهان جو ڪوبه خيال ڪونهي!“ ڌيئرن جون هي ڳالهيون ٻڌي ٻڌي بادشاهه به ڪَڪ ٿي پيو. هڪڙي ڏينهن هن وٽ ٽيئي ڌيئرون ويٺيون هيون. بادشاهه کي خيال آيو ته ڇو نه انهن جو امتحان وٺجي، تنهنڪري هن وڏي ڌيءَ کان پڇيو: ”تون مون سان ڪيتري محبت ڪرين ٿي؟“

وڏي ڌيءَ جواب ڏنو: ”آءٌ اوهان کي خدا جي برابر سمجهان ٿي.“

اهو جواب ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وچين ڌيءَ ڏانهن ڏسندي پچيائين ته: ”۽ تنهنجي مون سان ڪيتري محبت آهي؟“

وچين ڌيءَ جواب ۾ چيو: ”بابا! آءٌ اوهان کي پنهنجي ساهه برابر ٿي سمجهان.“

هن ڌيءَ جي جواب بادشاهه کي ويتر خوش ڪيو ۽ هن ننڍي ڌيءَ کان پڇيو: ”ڀلا، تون ٻڌاءِ ته تون مون کي ڪيترو ٿي ڀانين؟“

ي ڌيءَ چيو ته: ”بابا! آءٌ اوهان کي ماني ۽ لوڻ برابر سمجهان ٿي.“

بادشاهه کي اهو جواب اصل نه وڻيو. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ عجب ٿيو ته منهنجي ڌيءَ مون کي ماني ۽ لوڻ جهڙين معمولي شين جهڙو ڪري ٿي سمجهي؛ تنهنڪري بادشاهه هڪدم نوڪرن کي سڏائي حڪم ڪيو ته: ”هن ڇوڪريءَ کي هينئر جو هينئر هن محل مان ڪڍي ڇڏيو.“

بادشاهه جو حڪم ٻُڌي نوڪر شهزاديءَ کي وٺي وڃي پري هڪڙي جهنگ ۾ ڇڏي آيا. هاڻي باقي ٻه ڀينرون ڏاڍيون خوش هيون. هوڏانهن ڊپ ۽ هراس وچان ننڍيءَ ڀيڻ جي حالت خراب ٿيندي وئي. هوءَ ڪڏهن پنهنجي گهر ۽ پيءُ کي ياد ڪريو ٿي رني ته ڪڏهن وري جهنگلي جانورن جي خوف کان هن جو ساهه سڪي ٿي ويو. هن جي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته نيٺ بادشاهه کي ڪهڙيءَ ڳالهه تان ڪاوڙ لڳي ۽ مون کي محل مان ڇو ڪڍيو اٿس؟ ڪيتريءَ دير تائين هوءَ جهنگ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي رهي، نيٺ ٻي ڪا راهه نه ڏسي جهنگ جي جانورن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هڪ وڻ تي چڙهي ويئي.

انهيءَ وقت هڪ ٻئي ملڪ جو بادشاهه جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ آيو هو. هن سان گڏ شڪاري ڪتا به هئا. ڪتا جڏهن انهيءَ وڻ جي هيٺان پهتا ته بيهي رهيا ۽ وڻ ڏانهن جتي شهزادي ويٺي هئي، مُنهن ڪري ڀونڪڻ لڳا. بادشاهه به اتي اچي پهتو ۽ سمجهيائين ته پڪ سان ڪو رڇ آهي، جيڪو وڻ تي لڪي ويٺو آهي. پر جڏهن مٿي ڏٺائين ته هڪڙي تمام سهڻي ڇوڪري ڏسڻ ۾ آيس. بادشاهه ڏاڍي نرميءَ سان هن کي هيٺ لهي اچڻ لاءِ چيو.

شهزادي هيٺ لٿي ته بادشاهه هن کي پنهنجي گهوڙي تي چاڙهي محل ۾ وٺي آيو. پر اڃا به شهزاديءَ جي دل ۾ خوف ۽ ڊپ ويٺل هو. نيٺ هن بادشاهه کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي. شهزاديءَ جي نيڪيءَ ۽ خوبصورتيءَ جو بادشاهه تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ هن کي پاڻ سان شاديءَ ڪرڻ لاءِ چيائين. شهزادي به سوچيو ته بادشاهه مون کي بچايو آهي، تنهنڪري هوءَ به راضي ٿي وئي.

شاديءَ جي تاريخ مقرر ٿي ته بادشاهه اوسي پاسي جي سڀني بادشاهن، راڻين ۽ شهزادين کي شاديءَ ۾ اچڻ جي دعوت موڪلي، شاديءَ جي ڏينهن اهي سڀيئي آيا. انهن ۾ شهزاديءَ جو پيءُ ۽ سندس ڀينرون به هيون. پر هنن شهزاديءَ کي ڪونه سڃاتو. هنن کي ته پڪ ٿي ويئي هئي ته شهزادي جهنگ ۾ ئي مري وئي هوندي.

شاديءَ کان پوءِ شاهي دسترخوان تي طرحين طرحين جا کاڌا رکيا ويا ۽ سڀئي مهمان مانيءَ کائڻ لاءِ دسترخوان تي اچي ويٺا، پر ڪنهن به کاڌي ۾ نه لوڻ هو ۽ نه وري ساري دسترخوان تي ڪا ماني هئي.

شهزاديءَ جي پيءُ کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ۽ چوڻ لڳو ته ”منهنجي خيال ۾ ٻه سٺيون شيون دسترخوان تي ڪونهن. شايد بورچيءَ کي وسري ويون آهن؟“

”اهي ڪهڙيون شيون آهن؟“ شهزاديءَ پڇيو، جيڪا هينئر راڻي هئي.

بادشاهه جواب ڏنو ”ماني ۽ لوڻ.“

شهزاديءَ چيو: ”توهان سچ چئو ٿا، ٻيئي شيون تمام ضروري آهن، پر هڪڙي ڀيري مون پنهنجي پيءُ کي چيو هو ته آءٌ اوهان کي ماني ۽ لوڻ جهڙو ڀانيان ٿي ته هن مون کي محل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ نوڪر مون کي جهنگ ۾ اڪيلو ڇڏي هليا ويا: تنهنڪري مون کي انهن شين کان ڊپ لڳندو آهي.“

اهو جواب ٻڌي، بادشاهه هڪدم اٿي بيٺو ۽ پنهنجي ننڍي ڌيءَ کي سڃاڻي، هن کي پنهنجي سيني سان لاتائين ۽ هن کان معافي وٺي چوڻ لڳو: ”ڌيءَ، مون ان وقت تنهنجيءَ ڳالهه کي اصل ڪين سمجهيو هو؛ تنهنڪري غلطيءَ کان توکي سزا ڏني هئم!“

هينئر وڏين ڀينرن جو منصوبو کلي پيو ۽ بادشاهه هنن ٻنهي ڀينرن کي محل مان ڪڍي ڇڏيو. پوءِ وري هنن جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو.

 

 

  

  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com