اَڻٿيڻي
شام ملڪ جي آکاڻي
هڪڙي ڀيري خليفي جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو ته شهر ۾
هڪڙو قابل قصا ٻڌائيندڙ شخص آيل آهي. اهو شخص جڏهن
قصو ٻڌائڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ ختم ڪرڻ جو نالو ئي
نٿو وٺي. انهيءَ شخص بابت چيو وڃي ٿو ته اهو صبح
کان شام تائين لاڳيتو قصو ٻڌائيندو رهي ٿو ۽ شام
کان رات جي آڌيءَ تائين؛ اَڻ ٻڌل ڳالهيون ٻڌائيندو
رهي ٿو. اهو به چون ٿا ته هو جيڪا آکاڻي هڪ ڀيرو
ٻڌائيندو آهي، اها وري ٻيهر نه ٻڌائيندو آهي. اهو
ٻڌي خليفي حڪم ڏنو ته انهيءَ قصن ٻڌائيندڙ کي
درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي. اهو شخص جڏهن درٻار ۾ حاضر
ڪيو ويو، تڏهن خليفي هن کي چيو؛ ”اسان ٻڌو آهي ته
تون هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو قصا ٻڌائيندڙ شخص آهين.
ڪهڙو سبب آهي جو هن کان اڳ اسان تنهنجو نالو ڪڏهن
به نه ٻڌو؟“
انهيءَ شخص جواب ڏنو: ”آءٌ پنهنجي وڏائيءَ جي هامَ
پاڻ نٿو هڻان، البت يارن دوستن جي دل وندرائڻ لاءِ
سندن ڪچهرين ۾ قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندو آهيان.“
خليفي چيو: ”ايتري نِهٺائيءَ کان ڪم نه وٺ. ماڻهو
ته چون ٿا ته تون طرحين طرحين جا قصا ڪهاڻيون
ٻڌائيندو آهين ۽ جيستائين ٻڌندڙ ٿڪجي بيزار نه
ٿيندا آهن، تيستائين تون قصو بند ئي نه ڪندو آهين.
خير هاڻي پهرين تون ٿورو کائي پي ڍو ڪر. پوءِ اسين
توکان ڪو قصو ٻڌنداسون.“
انهيءَ کان پوءِ قصا ٻڌائيندڙ بادشاهه جي مهمان
گهر ۾ سٺا سٺا کاڄ کاڌا، جڏهن رات ٿي ته هن کي
بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ويو.
خليفي هن کي سڏي چيو: ”اسين جيڪڏهن توکان اهڙي
آکاڻي ٻڌڻ گهرون، جيڪا صبح تائين پوري ٿئي ۽ جنهن
جي هر ڳالهه سچي هجي ته شايد تون ٻڌائي سگهين؛ پر
اسان جي خيال ۾ تنهنجي قابليت جي اِها مناسب پرک
ڪانهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جون آکاڻيون ٻيا به قصا
ٻڌائيندڙ ٻڌائي سگهن ٿا. اسين ته توکان اهڙي آکاڻي
ٻڌڻ گهرون ٿا، جيڪا مختصر هجي ۽ ان جي هر ڳالهه
ننڍڙي ۽ ڪوڙي هجي. جيڪڏهن اسان کي شڪ ٿيو ته ان
آکاڻيءَ جو ڪوبه لفظ سچ آهي ته پوءِ توکي اسين
پنهنجو غلام ڪنداسين، چڱو، هاڻي تون آکاڻي شروع
ڪر!“
خليفي جا اهي شرط ٻڌي داستان ٻڌائيندڙ ٿورو منجهي
پيو. ڇاڪاڻ ته ٿوري دير ۾ لاڳيتو ڪو اهڙو قصو
ٻڌائڻ جنهن جي ڪا هڪ ڳالهه به سچي نه هجي ۽ اها به
اَڻٿيڻي ڳالهه هجي، پر انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪا
راهه به ڪانه هئي، تنهنڪري هن آکاڻي ٻڌائڻ شروع
ڪئي:
”اي خليفن جا خليفا! آءٌ پنهنجي پيءُ جو وڏو پٽ
آهيان. آءٌ اٺن سالن جو هئس جڏهن منهنجو پيءُ پيدا
ٿيو هو، منهنجي ڏاڏيءَ بابا کي کڻي منهنجيءَ هنج ۾
ويهاريو ۽ مون کي چيو ته هن کي ويهي ريجهاءِ. پر
بابا روئڻ لڳو. مون هن کي ريجهائڻ ۽ پرچائڻ جي
ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هن ماٺ نه ڪئي. نيٺ هن بازار هلڻ
لاءِ ضد ڪيو، لاچار هن کي بازار وٺي ويس. بازار ۾
پهتاسون ته هن ماٺ ڪئي. ڇاڪاڻ ته هن ڪن مذهبي ڏکين
ڳالهين تي ڪن ماڻهن سان بحث شروع ڪري ڏنو. وري
اسين اڃا بازار ۾ ئي هئاسون ته هن مون کي ڪڪڙ جي
تازي آني آڻي ڏيڻ لاءِ چيو. مون اڃا هن کي ڪڪڙ جو
تازو آنو خريد ڪري مس ڏنو ته انهيءَ مان هڪڙو چوزو
نڪري آيو. چوزو تمام وڏو هو ۽ اسين ٻيئي به هلي
ٿڪجي پيا هئاسون، تنهنڪري اسين ٻيئي انهيءَ تي
چڙهي گهر ڏانهن هلياسون، پر گهر تائين ايندي
ايندي، اهو چوزو وڌي وڌي اُٺ جيڏو ٿي پيو. پوءِ
مون پنهنجي پيءُ کي پنهنجي ڏاڏي جي هٿن ۾ ڏنو.
انهيءَ لاءِ منهنجو پيءُ منهنجو ڀاءُ به هو ته
پيءُ به.“
اهو نسورو ڪوڙ ٻڌي خليفي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر هو
ڪُڇيو ڪونه ۽ داستان ٻڌائيندڙ آکاڻيءَ جو باقي
رهيل حصو ٻڌائڻ شروع ڪيوِ
”انهيءَ چوزي جو هاضمو ڏاڍو تکو ۽ ايترو ته
کائيندو هو، جو اسان سڀني کي بک ڪاٽڻي پوندي هئي.
نيٺ اسان انهيءَ چوزي کي ڪم ۾ لڳايو. جيئن ته اهو
چوزو منهنجي پيءُ خريد ڪيو هو، تنهنڪري بابا هر
روز صبح جو انهيءَ کي پاڻ سان جهنگ ۾ وٺي ويندو هو
۽ ان تي ٻارڻ جون ڪاٺيون کڻي ايندو هو. بابا
ايتريون ته ڪاٺيون کڻي آيو، جو اسان جي گهر جو اڱڻ
ڪاٺين سان ڀرجي ويو. انهيءَ وچ ۾ ڪاٺين کڻڻ جي ڪري
چوزي جي پٺي ڇِلجي پئي ۽ ويچارو چوزو بيمار ٿي
پيو. اهو حال ڏسي، بابا پنهنجي پَڙَ ڏاڏيءَ کان
چوزي جي بيماريءَ جو علاج پڇيو. هن ٻڌايس ته اکروٽ
جي ٻج جي لپري ٺاهي چوزي جي ڦٽن تي رک. بابا لپري
ٺاهي چوزي جي پُٺن تي ٻڌي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سويل
اٿي ڏسي ته چوزو بلڪل تندرست ۽ توانو بيٺو آهي، پر
ان جي پُٺن مان اکروٽ جو وڻ ڦٽي نڪتو آهي! ٽن
ڏينهن کان پوءِ اهو وڻ تمام وڏو ٿي ويو ۽ جيڏانهن
به چوزو ويندو هو، اهو وڻ ان جي مٿان پيو لڏندو ۽
لمندو هو. هڪ هفتي ۾ ئي ان وڻ جي ٽارين ۾ ڪيترائي
اکروٽ لڙڪڻ لڳا. لاچار اکروٽن ٽوڙڻ لاءِ اسان هڪ
درجن ماڻهو گهرايا، جن ڇنڇر جي ڏينهن کان وٺي خميس
جي ڏينهن تائين، ڇهن ڏينهن ۾ اهي اکروٽ پٽي گڏ
ڪيا. وڻ جون ٽاريون ايڏيون ته ڊگهيون هيون، جو صبح
جو ماڻهو چڙهندو هو ته وري شام ڌاري اتان لهي
سگهندو هو.“
خليفي ڏاڍي ڪاوڙ وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. قصا
ٻڌائيندڙ چيو ”جڏهن اکروٽ چونڊجي بس ٿيا، تڏهن مون
انهيءَ وڻ جي چوڌاري چڪر هڻي غور سان ڏٺو ته متان
ڪو اکروٽ رهجي ته نه ويو آهي. انهي ڪم ۾ منهنجو
سڄو ڏينهن هليو ويو. آءٌ واندو ٿي وڃڻ وارو هئس ته
ڏسان ته اهو چوزو وڻ جي شاخن تي ويٺو آهي ۽ رات جي
سمهڻ جا سانباها پيو ڪري. اهو ڏسي مون هڪڙو پٿر
کڻي ان ڏانهن اُڇلايو ته پٿر وڻ کان به مٿي هليو
ويو ۽ وري هيٺ نه ڪريو. اهو پٿر مٿي پکڙجڻ لڳو ۽
وڻ جي مٿان هڪڙي ڀلي زمين تيار ٿي وئي. اسان ڏاڍا
خوش ٿياسون. اها چاليهه ايڪڙ کن زمين هئي. اسان
پنهنجا سڀئي ڍور چرڻ لاءِ انهيءَ زمين تي اُماڻيا،
ٿورن ڏينهن ۾ ٻيو فصل تيار ٿي ويو. ڏاڏا ۽ مون
انهيءَ ٻنيءَ ۾ تِرَ پوکيا هئا. پر هڪ مهيني کان
پوءِ خبر پئي ته هڪ سَلو به نه ڦٽي سگهيو هو. ڏاڏا
پاڙي وارن سان صلاح ڪئي ۽ انهن چيس ته تو تِرَ
پوکي بيوقوفي ڪئي آهي. ههڙي ڀلي زمين ۾ ته گدرا
پوکڻ کپندا هئا. پوءِ ڏاڏا مون کي ۽ منهنجي ننڍي
ڀاءُ يعني منهنجي پيءُ کي وڻ جي چوٽيءَ تي موڪليو
ته جيئن اسين ٻيئي اتان تِرَ جا ٻج چونڊي اچون.
اسين ٻيئي هڪ ڪلاڪ ۾ ٻج چونڊي آياسون. انهن ٻجن جي
تور ٽي مڻ کن هئي. اسين جڏهن هيٺ لٿاسون ۽ ٻج
ڳڻياسون تڏهن خبر پئي ته هڪڙو ٻج کُٽل آهي. اسان
کي ٻيهر انهيءَ ٻج جي ڳولا لاءِ مٿي وڃڻو پيو.
اسان چاليهه ايڪڙ زمين جو ذرو ذرو ڳوليو پر اهو ٻج
نه مليو. اسين لاچار ٿي هيٺ لٿاسون پئي ته هڪ
ڪيولي ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا اهو ٻج گهليندي هڪڙي ٽڪري
ڏانهن ئي ويئي. مون ٻج کي جهلي ورتو، پر ڪيولي ان
کي نه ڇڏيو ۽ ڪيتري وقت تائين اسان ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ
لڳي پئي هئي. اسان ٻنهي مان ڪنهن به نه ڇڏيو.
انهيءَ وچ ۾ تِرَ جو ٻج ٽَٽي ٻه ٽڪر ٿي پيو. پوءِ
انهيءَ هڪ داڻي مان ايترو ته تيل نڪتو جو وهندي
وهندي، تيل جو درياءُ ٿي پيو ۽ اسان جي چاليهه
ايڪڙ ٻنيءَ جا هاري انهيءَ ۾ ٻيڙيون هلائڻ لڳا.“
خليفو ڪاوڙ ۾ پاسا ورائڻ لڳو، پر قصا ٻڌائيندڙ
وڌيڪ چيو:
”خدا جي قدرت ڏسو ته جڏهن ڏاڏا، بابا ۽ آءٌ گدري
جا ٻج پوکي رهيا هئاسون ته هڪ زبردست طوفان آيو،.
جيئن ته انهن چاليهه ايڪڙن زمين تي ڪابه جاءِ نه
هئي جتي اسين لِڪي پنهنجو پاڻ بچايون ها، تنهنڪري
آءٌ ۽ ڏاڏا جلدي ٽپو ڏئي بابا جي هڪڙي ڏاٺ جي
سوراخ ۾ گهڙي وياسون. بابا وري ڇا ڪيو جو هيڏانهن
هوڏانهن ڏسي هڪڙي ٿلهي متاري رڍَ کي جهلي ورتو ۽
اسان سان اچي مليو. پوءِ اهو طوفان ڪو ستيتاليهن
ڏينهن تائين پئي لڳو. ايترن ڏينهن ۾ اسين سڀئي بک
۾ باهه ٿي مري وڃون ها، جيڪڏهن بابا پاڻ سان اها
رڍ نه آڻي ها. نيٺ هڪڙي ڏينهن اسان ڏاٺَ مان ليئو
پائي ٻاهر ڏٺو ته سج پيو چمڪي. پر جڏهن آءٌ ۽ ڏاڏا
ڏاٺ جي سوراخ مان ٻاهر نڪري آياسون تڏهن ڏسون ته
طوفان ۽ مينهن جي ڪري اسان جي سڄي زمين لڙهي وئي
هئي ۽ اسين سڀئي هوا ۾ پيا لڙڪون. اهو ته خير ٿيو،
جو بابا پاڻ سان هڪڙي رسي به آندي هئي. اسان
انهيءَ رسيءَ کي جهلي هيٺ لهڻ شروع ڪيو ۽ هڪ هڪ
ڪري هيٺ لهي آياسين ۽ گهر وياسون.“
خليفي اهو ڏسي ته هاڻي آکاڻي پوري ٿيڻ تي آهي. هن
کي چيو: ”ميان، تو سچ پچ ته هڪ مزيدار آکاڻي ٻڌائي
آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته اها سچي آکاڻي آهي يا ڪوڙي؟“
قصا ٻڌائيندڙ جواب ڏنو؛ ”بادشاهه سلامت! اها آکاڻي
شروع کان وٺي پڇاڙي تائين لفظ به لفظ سچي آهي.“
خليفي چيو: ”جيڪڏهن اها سچي آهي ته پوءِ تو منهنجي
حڪم جي تعميل نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته مون توکي اهڙي
آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ چيو هو جنهن جو هڪ لفظ به سچو نه
هجي!“
اهو ٻڌي هن شخص کلندي ادب سان عرض ڪيو. ”اي خليفن
جا خليفا! مون اوهان جي حڪم جي لفظ به لفظ تعميل
ڪئي آهي ۽ مون جيڪو هينئر چيو ته اها آکاڻي سچي
آهي، اهو به اوهان جي حڪم مطابق ڪوڙ ثابت ڪرڻ لاءِ
چيو اٿم.“
اتي خليفي به کلي ڏنو ۽ چيائين: ”تون ٺيڪ چوين ٿو
۽ اسان تنهنجي لاءِ جيڪي ڪجهه ٻڌو هو، اهو سڀ سچ
نڪتو.“
پوءِ خليفي قصا ٻڌائيندڙ شخص کي انعام ۾ سونيون
اشرفيون ڏئي گهر اُماڻيو.
بغداد
جو خليفو
عراق جي آکاڻي
ڪنهن زماني ۾ بغداد تي هڪڙو خليفو حڪومت ڪندو هو.
هو وڏو نيڪ نمازي ۽ ديندار حاڪم هو ۽ قرآن مجيد جو
به حافظ هو. انهيءَ خليفي کي پنهنجيءَ رعيت جي حال
احوال جي ايتري ڄاڻ هوندي هئي، جو درٻار ۾ پاڻ
خبرون ٻڌائيندو هو ته ڪالهه شهر جي وڏي بازار ۾
ماڻهن ڇا پئي ڪيو. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ اها ڳالهه
مشهور ٿي ويئي هئي ته خليفي کي ويهه اکيون ۽ ٽيهه
ڪن آهن.
خليفو هر روز صبح جو درٻار ۾ ايندو هو ۽ ماڻهن جون
درخواستون ۽ دانهون ٻڌندو هو ۽ انهن جو داد ڪندو
هو. پر ٻنپهرن جي وقت خليفو ڪنهن سان به نه ملندو
هو. سڀني ماڻهن کي خبر هئي ته انهيءَ وقت خليفو
آرام ڪندو آهي. پر حقيقت ۾ خليفو ويس بدلائي محل
جي چور دروازي مان ٻاهر شهر گهمڻ ويندو هو. خليفو
پنهنجي وزير علي بن منظر کي به پاڻ سان وٺي ويندو
هو.
هڪڙي ڏينهن خليفو ۽ سندس وزير واپارين جو ويس
بدلائي شهر ۾ گهمڻ لاءِ نڪتا. اڃا هو وچ شهر ۾
پهتا ئي ڪونه ته کين هڪڙو پوڙهو شخص واٽ تي مليو.
پوڙهي شخص خليفي کي ڏاڍي غور سان چتائي ڏٺو ۽ هن
جي ويجهو اچي پنهنجي کيسي مان هڪڙي ڏاڍي سهڻي دٻلي
ڪڍي، جنهن تي هيرا جڙيل هئا. هن اها دٻلي خليفي کي
ڏيکاري. خليفي کي اها دٻلي ڏاڍي وڻي ۽ هن پوڙهي
شخص کان پڇيو: ”هيءَ ڇا آهي، پريا مڙس؟“
پوڙهي جواب ڏنو: ”ناس جي دٻلي آهي، سائين وڪڻڻ
لاءِ آندي اٿم!“ خليفي پڇيو: ”ڪيتري قيمت آهي هن
دٻليءَ جي؟“
”هڪ اشرفي، سائين“. پوڙهي جواب ڏنو.
خليفي اها دٻلي ورتي ۽ پوڙهي کي هڪ جي بدران ٻه
اشرفيون ڏنيون. پوءِ خليفو ۽ وزير اڳتي وڌيا ۽ هڪ
ڍنڍ وٽ پهتا. خليفو هلي هلي ٿڪجي پيو هو، تنهنڪري
ٿورو ساهه پٽڻ لاءِ ڍنڍ جي ڪپ تي ويهي رهيو. پوءِ
خليفي کيسي مان ناس جي دٻلي ڪڍي ۽ وزير کي چيو ته
”ڏسون ته هن ۾ ناس به آهي يا نه؟“
خليفي دٻلي کولي ته ان مان هڪڙو سنهڙو ڪاغذ نڪتو.
ان ڪاغذ تي لکيل هوِ ”ناس جي هڪڙي چپٽي ڏيڻ سان
تون پکي ٿي پوندين ۽ جڏهن تون سلاوير چوندين، تڏهن
تون ماڻهو ٿي پوندين.“
خليفي اهو پڙهي وزير کي ٻڌايو ته هو کِلڻ لڳو ۽
خليفي کي چوڻ لڳو ته ”بادشاهه سلامت! هيءَ ته
جادوءَ جي دٻلي آهي. ناس سنگهي ڏسون ته ڇا ٿو
ٿئي؟“
خليفي چيو: ”هن ڪاغذ تي جيڪو لکيل آهي، ان جي پڙهڻ
سان اسين وري ماڻهو ٿي پونداسون. ڇا توکي انهيءَ
تي به يقين آهي؟“
وزير جواب ڏنو: ”ڇو نه، جيڪڏهن هيءَ ناس اسان کي
پکي ڪري سگهي ٿي ته پوءِ اهو لفظ اسان کي ماڻهو به
ڪري سگهندو.“
خليفي به دل ۾ ويچار ڪيو ته ’جيڪڏهن اسين سچ پچ
پکي ٿي پياسون ته پوءِ ڏاڍي مزي سان سڄي شهر مٿان
اُڏامي سير ڪنداسون!‘ اهو سوچي هن دٻليءَ مان ناس
جي هڪڙي چپٽي ڪڍي. پوءِ ٻنهي ناس سُنگهي. هنن اڃا
ناس پئي سُنگهي ته ٻيئي ڦري قاز ٿي پيا. خليفي
ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”ڪُون ڪُون“ کان سواءِ
ڪجهه به چئي نه سگهيو. ساڳيو حال وزير جو هو.
هاڻي خليفو ۽ وزير پکين جي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجڻ
لڳا. خليفي قاز جي ٻوليءَ ۾ وزير کي چيو ته ”هلو
ته هن ڍنڍ تان اُڏامندا اڳتي هلون.“
وزير به انهيءَ ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو، ”ها، هلو ته
هلون.“
پوءِ ٻيئي گڏجي اُڏامڻ لڳا ۽ اڏامندي اڏامندي، سڄي
شهر جي مٿان ڦيرا ڏنائون. خليفي پنهنجي محل ۾
نوڪرن چاڪرن کي ڪم ڪار ڪندي ڏٺو ۽ ويچارڻ لڳو ته
”هڪ اُڏامندڙ قاز مون کان وڌيڪ شهر جي حالت ڏسي
سگهي ٿو!“
ٻنهي کي اڏامندي اڏامندي، شام ٿي ويئي. تڏهن وزير
خليفي کي چيو: ”سائين، هاڻي ته رات ٿيڻ واري آهي.
اسان کي واپس هلڻ کپي. نه ته ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي
ويندي.“
خليفي کي ته اُڏامڻ ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو ۽ هو سويل
ئي واپس وڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو؛ پر وزير جي زور
رکڻ تي هو هلڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ ٻيئي اُڏامندا اچي
انهيءَ ڍنڍ جي ڪپ تي لٿا. خليفي ناس جي دٻلي اتي
هڪ ٻوٽي جي پاڙ ۾ لڪائي رکي هئي. اتان هن دٻلي ڪڍي
۽ ان ۾ پيل ڪاغذ وري پڙهيو ۽ ڏاڍي واڪي چيو.
”سلاوير“. اهو لفظ چئي هن وزير ڏانهن ڏٺو ته هو
انسان ٿيو يا نه؟ پر وزير جي بدران اڃا تائين اتي
هڪڙ وقاز بيٺو هو. اهو ڏسي، خليفي کي اچي ڊپ ٿيو ۽
رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته ”سلاوير“، ”سلاوير“. پر ٿيو
ڪجهه به نه. خليفو ۽ وزير ٻيئي قاز ٿيو بيٺا هئا.
وزير به گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪري اهو لفظ چيو،
پر ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. هاڻي ٻنهي کي ڊپ وڪوڙي ويو.
خوف ۽ سيراپ ۾ ٻيئي هيڏانهن هوڏانهن اڏامڻ لڳا ۽
گهڻي گهڻي وقت تائين اڏامندا رهيا. جڏهن ٻيئي ٿڪجي
چور ٿي پيا، تڏهن وري هيٺ لهي آيا. خليفي ڏکائتي
آواز ۾ چيو:
”علي بن منظر! ائين ٿو لڳي ته ڪنهن اسان سان دشمني
ڪري اسان کي پکي بنايو آهي. هاڻي ڇا ٿيندو؟“
وزير جواب ڏنو: ”سائين، مون کي به ڪا ڳالهه سمجهه
۾ نٿي اچي. هاڻي ته ان کان سواءِ ٻي ڪابه راهه
ڪانهي ته اسين اهڙي طرح رهون ۽ ڪوشش ڪري اهو لفظ
معلوم ڪريون، جنهن جي چوڻ سان اسين وري ماڻهو ٿي
سگهون.“
اتي هن کي بک به اچي ستايو هو؛ تنهنڪري هنن ڍنڍ
مان مڇيون جهليون ۽ کائي اتي ئي سمهي رهيا. صبح
ٿيو ته ٻيئي اتان اڏاڻا ۽ شهر جي مٿان ڦرڻ لڳا ۽
معلوم ڪرڻ لڳا ته سندن گم ٿي وڃڻ جي ڪري ماڻهو
ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪن. ٻيئي اڏامندي اڏامندي، محل
وٽ پهتا ۽ هڪ ڀت تي ويهي رهيا. سڄي محل ۾ ٻاڪر
ڪُٺو هو ۽ سڀئي نوڪر چاڪر خليفي ۽ وزير جي ڳولا ۾
حيران ۽ پريشان هئا. محل جي ڀت تي ٻن قازن کي ويٺل
ڏسي هڪڙي نوڪر ته روئي ڏنو ۽ چوڻ لڳو ”افسوس،
ويچارا پکي به اسان جي مالڪ کي ڳولين پيا!“
اهو ڏسي خليفي کي آٿت آيو ته هن جي گم ٿي وڃڻ جي
ڪري سڀئي ملول آهن. ٻئي ڏينهن صبح جو شهر جي
سردارن بازار ۾ ڍنڍورو ڏياريو ته ”خليفو ۽ وزير گم
ٿي ويا آهن ۽ هنن جي ڪنهن کي به خبر ڪانهي.“ اهو
ٻڌي ماڻهو ڏک ۽ افسوس وچان روئڻ لڳا. خليفي ۽ وزير
کان ڏٺو نه ٿيو ۽ هو اُڏامي ڍنڍ جي ڪپ تي پهتا ۽
مڇيون کائي سمهي رهيا.
اهڙيءَ ريت ڪيترائي هفتا ٿي ويا. خليفو ۽ وزير هر
روز شهر جي مٿان اُڏامندا هئا ۽ ڏاڍي حسرت سان
ماڻهن کي ڏسندا هئا. هڪڙي ڏينهن هو ٻيئي هڪڙي اهڙي
رستي جي مٿان پئي اُڏاڻا، جتان ماڻهو ٻئي ملڪ
ڏانهن ويندا هئا. انهيءَ رستي تي هنن کي هڪ وڏو
جلوس ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ جلوس ۾ ڪيترائي اُٺ ۽
گهوڙا به هئا، جن تي ماڻهو شاندار ڪپڙا پايو ويٺا
هئا. سوارن سان گڏ سندن نوڪر به پئي هليا. اهو ڏسي
خليفي کي ٿورو شڪ پيو ۽ هو ٿورو هيٺ لهي اُڏامڻ
لڳو. هن ڏٺو ته جلوس جي اڳيان هڪڙو نوجوان بادشاهي
لباس ۾ گهوڙي تي سوار آهي. خليفي کي ويتر شڪ پيو ۽
وزير جي ويجهو اچي چوڻ لڳوِ
”علي بن منظر! اهو نوجوان قادر جو پٽ آهي جيڪو
اسان جو وڏو دشمن آهي. هو بغداد پيو وڃي. ائين ٿو
ڀانئجي ته مڙيو ئي ڪا ڳالهه آهي!“
ٻيئي جلوس سان گڏوگڏ اُڏامڻ لڳا ۽ جڏهن جلوس خليفي
جي محل جي ڦاٽڪ اندر ويو، تڏهن ويچارا ڏک ۽ ڪاوڙ
وچان پنهنجا پر ڦڙ ڦڙ ڦڙڪائيندا هڪ طرف ٿي بيٺا.
خليفي ڏٺو ته هن جا وزير ۽ امير محل مان نڪري
انهيءَ نوجوان کي ادب سان جهڪي جهڪي پيا سلام ڪن.
نوجوان ڏاڍي غرور ۽ تڪبر سان هنن جي سوالن جو جواب
ڏنو ۽ هنن کي چيو:
”آءٌ قادر خان جو پٽ آهيان، جيڪو اوهان جي پاڙيسري
ملڪ جو بادشاهه آهي. بابا کي خبر پئي ته اوهان جو
خليفو ۽ بغداد جو حاڪم مري ويو آهي ۽ ان جو ڪوبه
وارث ڪونهي، تنهنڪري هن مون کي هتي موڪليو آهي.
هاڻي آءٌ هت رهندس ۽ حڪومت ڪندس.“
اهو ٻڌي خليفي جي اميرن ۽ درٻارين وري جهڪي جهڪي
هن کي سلام ڪيا ۽ شهر جي ماڻهن جيڪي هن جي جلوس
سان گڏ آيا هئا، وڏي واڪي چيو ”نئين خليفي جي سر
بخت جو خير!“
وزير جو اهو حال ڏٺو، سو خليفي کي چيائين ”هتان
هلو. هت ترسڻ اجايو آهي. هاڻي اسان جو شهر برباد
ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته قادر خان جو پٽ ظالم آهي. هلو
ڪنهن جهنگ ۾ هلون ۽ آرام جي زندگي گذاريون.“
ٻيئي اتان اُڏاڻا ۽ هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ پهتا، جتي
ٻيئي چشمي جي ڪپ تي رهڻ لڳا. هو چشمي مان مڇيون
جهلي کائيندا هئا ۽ ان جي ڪپ تي ئي سمهي رهندا
هئا. هاڻي هنن بغداد جي نئين خليفي بابت ڳالهه
ٻولهه ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي.
اهڙيءَ طرح ڪيترائي مهينا لنگهي ويا. هڪڙي ڏينهن
وزير هڪڙي ڏيڏر کي جهلڻ لاءِ جهنگ ۾ پري پري تائين
هليو ويو. اتي ڏاڍي اوندهه هئي. خليفي ۽ وزير اها
جاءِ اڳ ڪڏهن به ڪين ڏٺي هئي. وزير اتي پهچي ڏاڍي
غور سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. ايتري ۾ هڪ پاسي
کان ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس. وزير اهو آواز ٻڌي
پهرين ته ڊڄي ويو؛ ڇاڪاڻ جو اوندهه جي ڪري ڪجهه به
ڏسڻ ۾ نٿي آيو. پر پوءِ دل ٻڌي اوڏانهن هلڻ لڳو.
ڏسي ته ڪاٺ ڪُٽو وڻ تي ويٺو چهنب سان ٺڪ ٺڪ ڪري.
وزير انهيءَ پکيءَ کي چِتائي ڏٺو. پکيءَ جي اکين
مان ڳوڙها پئي وهيا. اهو ڏسي وزير پُٺتي وريو ۽
خليفي کي اچي اها ڳالهه ٻڌائي. خليفي وزير جي
ڳالهه ٻڌي، هن کي ساڻ ڪيو ۽ اُڏامي انهيءَ هنڌ تي
پهتو. پکيءَ کي روئندو ڏسي خليفي کي به ڏاڍو عجب
لڳو ۽ هن کي چوڻ لڳو: ”اي ڪاٺ ڪُٽا، ڇا تون قاز جي
ٻولي سمجهين ٿو؟“ پکي خليفي ۽ وزير ڏانهن ڏسي چيو:
”توهين ڪير آهيو؟“
في جواب ڏنو ته ”تون اسان جي ٻولي سمجهي سگهين ٿو.
سچ پچ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. هاڻي ٻڌاءِ ته تون
روئين ڇو ٿو؟“
ڪاٺ ڪُٽي چيو: ”مون کي ته روئڻ گهرجي، اوهين ته
سچا پچا پکي آهيو ۽ اوهان کي اها زندگي وڻندي
هوندي، پر مون کي ته پکي بنايو ويو آهي. آءٌ روئان
نه، ته ٻيو ڇا ڪريان؟“
اهو ٻڌي،. خليفو وڌيڪ حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو:
”نيٺ ڳالهه ته هوندي، اسان کي به ٻڌاءِ.“
پکيءَ وراڻيو، ”مون کي قادر خان جادو ڪري ڪاٺ ڪُٺو
بنائي ڇڏيو آهي، آءٌ پهرين هڪ شهزادي هيس.“
خليفي چيو، ”هاڻي خبر پئي ته قادر خان جادوگر به
آهي. ڀلا، ٻڌاءِ ته اسين تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري
سگهون ٿا؟“
ڪاٺ ڪُٽي چيو، ”مون قادر خان جي پٽ سان شادي ڪرڻ
کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري هن مون کي
پکي بنائي ڇڏيو. هاڻي جيستائين ڪو ماڻهو مون سان
شادي ڪرڻ جي مرضي نه ڏيکاريندو، تيستائين آءٌ هن
حالت ۾ هونديس.“ اهو چئي، هن پنهنجو منهن ڦيرايو ۽
روئڻ لڳي. هن وري چيو: ”نه رڳو اِها مصيبت آهي، پر
رات جو مون کي انهن ٽن جادوگرن جون بڇڙيون ڳالهيون
به ٻڌڻيون پون ٿيون، جيڪي قادر خان سان ملڻ لاءِ
هن جهنگ ۾ ايندا آهن.“
خليفي پڇيو، ”ڪٿي ايندا آهن؟“
پکي جواب ڏنو: ”هتان سڌا ويندؤ ته هڪ کليل جاءِ
ڏسڻ ۾ ايندي، جتي گاهه به پوکيل آهي. هر روز رات
جو سڀيئي اتي اچي گڏ ٿيندا آهن.“ اهو چئي هوءَ وري
وڻ جو ڪاٺ ٽڪڻ لڳي.
اهو ٻڌي، خليفي وزير کي اشارو ڏنو ۽ ٻيئي اتان
اُڏامي انهيءَ هنڌ پهتا. هيٺ لهي، ٻيئي ٻوٽن ۾
لِڪي ويٺا. هو سارو ڏينهن اتي لِڪا ويٺا رهيا. رات
ٿي ته ٽي ماڻهو پير پير ۾ پائي اتي پهتا ۽ گاهه تي
ويهي رهيا. انهيءَ کان پوءِ ٻه ٻيا ماڻهو ڪارن
جُبن ۾ آيا. چانڊوڪيءَ ۾ خليفي هنن کي سڃاڻي ورتو.
انهن مان هڪ قادر خان ۽ ٻيو سندس پٽ هو، جيڪو
هينئر بغداد جو خليفو هو.
قادر خان پنهنجي پٽ کان پڇيو ”پٽ! بغداد وارن
توسان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟“
پٽ جواب ۾ چيو ”هينئر هو منهنجا ٻانها آهن ۽ آءٌ
انهن جو حاڪم. البت اڳي وانگر ماڻهو خوش ڪونهن، پر
منهنجو حڪم مڃيندا رهن ٿا. پر ٻڌايو ته اوهان
خليفي کي ڪيئن ماريو؟“
قادر خان مُرڪيو ۽ چيائين ”هاڻي توکي ٻڌائڻ ۾ ڪو
حرج ڪونهي. مون هڪ پوڙهي جو ويس بدلائي خليفي ۽
سندس وزير کي هڪ ناس جي دٻلي وِڪي. ان ۾ جادوءَ جي
ناس پيل هئي. مون دٻليءَ ۾ هڪ ڪاغذ جو پرزو به رکي
ڇڏيو هو جنهن تي لکيل هو ”ناس جي چپٽي ڏيڻ سان تون
پکي ٿي پوندين ۽ جڏهن تون چوندين ”سلاوير“ تڏهن
تون ماڻهو ٿي پوندين.
ٻنهي انهيءَ کي سچ سمجهي ناس سنگهي. پر مون اصل
لفظ ته ڪونه لکيو هو. اصل لفظ ته ”رلاوير“ هو ۽
مون ”سلاوير“ لکيو هو. هاڻي ته هنن کي اصل لفظ جي
خبر ئي نه پوندي.
اهو ٻڌي قادر خان جو پٽ کلڻ لڳو، پر خليفي هن جي
وزير اتي وڌيڪ ترسڻ اجايو سمجهيو. ٻيئي لڪندا
لڪندا، اتان هليا ۽ اُڏامي اتي اچي پهتا جتي ڪاٺ
ڪُٽو ويٺو هو. اتي پهچي ٻيئي زمين تي لٿا ۽ زور
زور سان چوڻ لڳا ”رلاوير“ ”رلاوير“، اهو لفظ چوندي
ئي ٻئي ماڻهو ٿي پيا. ڪاٺ ڪٽي ڏاڍي اچرج مان اهو
تماشو پئي ڏٺو. پوءِ خليفي اڳتي اچي هن کي چيو:
”آءٌ توسان شادي ڪرڻ گهران ٿو.“ خليفي جو ايترو
چوڻ هو ته هن جي اڳيان ڪاٺ ڪٽي جي بدران هڪ ڏاڍي
سهڻي شهزادي بيٺي هئي. شهزاديءَ خليفي کي جواب ۾
چيو ته: ”اي خليفا! تو مون کي ٻي حياتي ڏني آهي،
هاڻي آءٌ تنهنجي ٻانهي آهيان.“
پوءِ خليفو، وزير ۽ شهزاديءَ کي ساڻ ڪري بغداد
ڏانهن ويو. بغداد جي ماڻهن جڏهن خليفي کي جيئرو
جاڳندو ڏٺو ته ڊڄي ويا ۽ اونڌي منهن زمين تي ڪري
پيا. خليفو سڌو محل جي وڏي دروازي تي ويو. وزير
نوڪرن کي سڏي حڪم ڏنو ته ”محل جا دروازا کوليو،
اوهان جو خليفو اچي ويو آهي.“
بغداد جا ماڻهو قادر خان جي ظلم ۽ ڏاڍائيءَ سبب اڳ
۾ ئي بيزار هئا؛ تنهنڪري خليفي جي واپس اچڻ ڪري هو
ڏاڍا خوش ٿيا. محل جا دروازا کلي ويا ۽ خليفو تخت
تي وڃي ويٺو. قادر خان جي پٽ کي جهلي، هن جون
ٻانهون ٻڌي، سندس پيءُ وٽ موڪليو ويو. خليفي وڏي
ڌام ڌوم سان شهزاديءَ سان شادي ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾
خوشيون ملهايون ويون. هاڻي اڳي وانگر خليفو آرام
سان زندگي گذارڻ لڳو. پر خليفي مرڻ گهڙيءَ تائين
مڇي ڪين کاڌي ۽ حڪم ڏنو ته محل ۾ هڪڙي سال تائين
مڇي نه پچائي وڃي.
|