سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن لاءِ آکاڻيون

باب: --

صفحو : 6

 

 بادشاهه ۽ هاري

پولينڊ جي آکاڻي

 

شام ٿيڻ تي هئي ۽ سج پئي لٿو. پوڙهي هاري نالي ميٿوءَ هَر مان ڍڳن کي ڇوڙي، گهر وڃڻ جي تياري پئي ڪئي. ايتري ۾ پري کان هن جي ڪن ۾ ڳائڻ جو آواز آيو. ميٿو ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو ته پريان گهوڙن تي سوار ڪي ماڻهو ايندا نظر آيس. اهي ماڻهو بادشاهه، سندس وزير، امير ۽ سپاهي هئا؛ جيڪي شڪار تان واپس موٽي رهيا هئا. سڀني اڳيان بادشاهه گهوڙي تي سوار هو ۽ هن جي پٺيان وزير امير ۽ سپاهي هئا، جن کي ڏاڍو سٺو ۽ سهڻو لباس پهريل هو.

پوڙهو هاري بادشاهه ۽ سندس لشڪر کي ڏسندو ئي رهيو. جڏهن اهي سڀئي ٻنيءَ جي ويجهو پهتا ته بادشاهه هٿ جي اشارن سان سڀني کي بيهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ گهوڙو اڳتي وڌائي، هاريءَ ڏانهن ويو. بادشاهه جي پٺيان ٽي وزير به ويا. بادشاهه کي پنهنجي ويجهو ايندو ڏسي، پوڙهو هاري ڏڪڻ لڳو ۽ ادب سان هٿ ٻڌي بيهي رهيو.

پوڙهي جي ويجهو پهچي، بادشاهه گهوڙو جهليو ۽ هن کي چوڻ لڳو: ”پريا مڙس! لڳي ٿو ته اڄ پنهنجي ڪم ڪرڻ لاءِ تون سويل نه اٿي سگهيو آهين؟“

پوڙهي جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت! منهنجي اک ته سويل ئي کلي وئي هئي. پر خدا کي منظور نه هو ته وقت تي ڪم پورو ٿي سگهي!“

وري بادشاهه پڇيو ته: ”پريا مڙس! هن پهاڙ تي اهي برف جا ٻوڙا ڪڏهن کان ڦٽا آهن؟“

”چاليهن سالن کان بادشاهه سلامت!“ پوڙهي جواب ڏنو.

اهو ٻڌي بادشاهه ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيائين ”۽ پهاڙ جي هيٺان هي چشما ڪڏهن کان پيا وهن؟“

”بادشاهه سلامت! انهن کي وهندي پندرهن ورهين کان به گهڻو وقت ٿي ويو آهي.“ پوڙهي هاريءَ جواب ڏنو.

اتي بادشاهه وري چيو ”چڱو، هڪڙي ٻي ڳالهه ٻڌاءِ. پريا مڙس! جيڪڏهن اُڀرندي طرف ٽي بدڪون توڏانهن اچن ته تون انهن جي چڱيءَ طرح سان کَلَ لاهيندين يا نه؟“

”بلڪل چڱيءَ طرح کَلَ لاهيندس. بادشاهه سلامت!“ پوڙهي وراڻيو.

اهو ٻڌي بادشاهه پنهنجو سونو ڪمربند لاهي هاريءَ کي ڏنو ۽ گهوڙو ڦيرائي ٽنهي وزيرن سميت پنهنجي لشڪر ڏانهن روانو ٿيو.

محل ۾ پهچي بادشاهه پنهنجي وزيرن ۽ اميرن سان گڌ ماني کائڻ ويٺو. ماني کائڻ کان پوءِ بادشاهه پنهنجن ٽنهي وزيرن کان پچيو ”مون کي ٻڌايو ته مون پوڙهي هاريءَ کان جيڪي سوال پڇيا هئا ۽ هن مون کي جيڪي جواب ڏنا هئا، انهن جو مطلب ڇا هو؟“

ٽيئي وزير سوچي سوچي ٿڪجي پيا پر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آين. اهو حال ڏسي بادشاهه هنن کي چيو ته ”آءٌ اوهان کي ويهن ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو. جيڪڏهن انهن ڏينهن اندر اوهان مون کي صحيح جواب نه ٻڌايا ته اوهان کي درٻار مان نيڪالي ڏني ويندي ۽ اوهان جي جاءِ تي نوان وزير رکيا ويندا.“

ڳڻتيءَ ۽ فڪر ۾ ٽنهي وزيرن جي نِنڊ ڦٽي ويئي. هنن جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو. نيٺ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي سڀئي پوڙهي هاريءَ وٽ ويا. هاريءَ ويچاري انهن کي وڏي عزت ۽ مانَ ڏنو ۽ کائڻ لاءِ جيڪي گهر ۾ هئس، هنن جي اڳيان رکيائين. وزيرن هاريءَ کان پڇيو ته ”بادشاهه توکان ڇا پڇيو هو ۽ تو هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟“ هاري اها ڳالهه ٻڌي ماٺ ڪري ويٺو ۽ هنن کي ڪوبه جواب نه ڏنائين. اتي وزيرن هن جون ڏاڍيون خوشامدون ڪيون ۽ ليلايو. نيٺ هرهڪ وزير هاريءَ کي هڪ هڪ سئو اشرفيون ڏنيون، تڏهن مَس مَس هو جواب ٻڌائڻ لاءِ راضي ٿيو ۽ اشرفيون ميڙي پاڻ وٽ رکي چوڻ لڳو:

”مون بادشاهه جي پهرئين سوال جو جيڪو جواب ڏنو هو، انهيءَ جو مطلب هيءُ هو ته مون جوانيءَ ۾ شادي ڪئي هئي. مون کي ٻار به ٿيا هئا. پر خدا جي مرضيءَ سان اهي سڀيئي مري ويا.“

”ٻئي سوال جي جواب جو مطلب هي هو ته چاليهه سال اڳي منهنجو مٿو اڇو ٿي ويو هو.“

”۽ ٽئين سوال جي جواب ۾ مون چيو ته آءٌ پندرهن سالن کان پنهنجي زال ۽ ٻارن جي غم ۾ پيو رُئان.“

”۽ پڇاڙيءَ ۾ بادشاهه جن ٽن بيوقوف بدڪن جي لاءِ چيو هو، اهي اوهين آهيو جيڪي انهن ڳالهين جو مطلب سمجهڻ لاءِ مون وٽ آيا آهيو ۽ مون اوهان کان ٽي سئو اشرفيون وٺي پوءِ اوهان کي مطلب سمجهايو آهي. کَلَ لاهڻ جو اهو ئي مطلب هو.“ هاريءَ جو جواب ٻڌي ٽيئي وزير شرم ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري هليا ويا.

 

 

طوطو انسان جي ٻولي ڇو ٿو ڳالهائي

ٿائي لينڊ جي آکاڻي

 

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي. هڪڙو طوطو جنهن جا پَر سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا هئا، ڏاڍي آزاديءَ سان جهنگن ۾ پيو اُڏامندو هو. ٻيو طوطو وري آسٽريليا ملڪ جو هو. اهو ننڍڙو طوطو هو ۽ ان کي لوريڪيٽ چوندا هئا. انهيءَ طوطي کي ماڻهو ڏاڍي شوق سان پاليندا ۽ ڳالهائڻ سيکاريندا هئا. لوريڪيٽ طوطو ڏاڍو سياڻو پکي هوندو هو،. هو ڏاڍيون ڳالهيون ڪندو هو ۽ ماڻهن کي جيڪي ڪندي ڏسندو هو ته هڪدم انهيءَ جو نقل ڪندو هو. هو بلڪل انسانن وانگر ڳالهائيندو هو.

هڪڙي ڀيري هڪڙي هاريءَ لوريڪيٽ طوطو پاليو. هڪڙي ڏينهن انهيءَ هاري سارين جي پوک ۾ هڪڙيءَ مينهن کي ڏٺو. اِها مينهن هن جي پاڙيسريءَ جي هئي. هاريءَ مينهن کي جهلي ڪُهي ڇڏيو ۽ ان جو گوشت ٽڪر ٽڪر ڪري ٿورو کاڌائين ۽ باقي چانورن جي پيتين ۾ بند ڪري، چانورن جي گدام جي ڇت تي لڪائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن پاڙيسري پنهنجيءَ مينهن کي ڳوليندو آيو ۽ هاريءَ کان پڇيائين ”تو ڪا منهنجي مينهن ڏٺي؟“ هاريءَ جواب ڏنو ته ”مون کي ڪهڙي خبر، مون ڪانه ڏٺي آهي، تنهنجي مينهن!“ هاريءَ جو طوطو لوريڪيٽ پڃري ۾ بند هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، سو چوڻ لڳو: ”منهنجي مالڪ تنهنجي مينهن کي ڪهي ان جو گوشت ٽڪر ٽڪر ڪري ٿورو کاڌو آهي ۽ باقي چانورن جي پيپن ۾ بند ڪري ڪوٺڙيءَ جي ڇت تي لِڪائي رکيو اٿس.“ طوطي جي ڳالهه ٻڌي هاري ڏاڍو ششدر ٿيو. پاڙيسري به هن جي گهر جي تلاشي ورتي ۽ ڏسي ته گوشت برابر لِڪو رکيو آهي. اتي هاريءَ ڳالهه ٺاهيندي چيو ”اهو گوشت تنهنجيءَ مينهن جو ڪونهي، پر ڪنهن ٻئي جانور جو آهي. آءٌ گهر جو گوشت سدائين اتي رکندو آهيان. طوطي چيو ”نه نه، اهو سڀ ڪوڙ آهي. اهو گوشت تنهنجي مينهن جو آهي.“ پاڙيسريءَ جي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪري؛ هاريءَ جي ڳالهه کي سچ سمجهي يا طوطي جي ڳالهه تي اعتبار ڪري.

 

 نيٺ هاري اَمين وٽ ويو ته منهنجو انصاف ڪر ۽ هاريءَ کي سزا ڏي. اَمين هاريءَ کي حڪم ڏنو ته ٻئي ڏينهن عدالت ۾ حاضر ٿي جواب ڏي. اهو ٻڌي هاريءَ کي طوطي تي سخت ڪاوڙ لڳي. رات ٿي ته هاريءَ طوطي کي پڃري مان ڪڍي پتل جي هڪ وڏي ٿانوَ ۾ بند ڪيو ۽ انهيءَ ٿانوَ جو مُنهن ٻڌي ڇڏيو. موسم به ڏاڍي سٺي هئي ۽ چنڊ به نڪتو هو؛ پر لوريڪيٽ طوطو ٿانو ۾ بند اوندهه ۾ پئي ڦڙڪيو. نه رڳو ايترو پر هاريءَ ڇا ڪيو جو انهيءَ ٿانوَ کي کڻي زور زور سان زمين تي پئي هنيائين ۽ انهيءَ جي مٿان هر هر پاڻي پئي اوتيائين. صبح ٿيو ته هاري طوطي کي ٿانو مان ڪڍي پڃري ۾ بند ڪري، عدالت ڏانهن هليو.

جڏهن ٻئي ڌريون حاضر ٿيون، تڏهن پاڙيسريءَ اَمين کي چيو: ”طوطي مون کي ٻڌايو ته منهنجي مينهن کي هاريءَ ڪُٺو آهي“ امين طوطي کان ڳالهه پڇي. هن پڃري مان جواب ڏنو ”سائين، مينهن کي هاريءَ ڪُٺو هو. پوءِ ٿورو گوشت هن کاڌو ۽ باقي گوشت چانورن جي پيپن ۾ بند ڪري ڪوٺڙيءَ جي ڇِت تي لِڪائي ڇڏيو. هاريءَ چيو ”سائين، ڇِت ۾ جيڪو گوشت رکيل هو اهو ٻئي جانور جو هو. آءٌ حيران آهيان ته سڀيئي هن بيوقوف پکيءَ جي ڳالهه تي ته اعتبار ڪن ٿا پر منهنجي ڳالهه تي ڪنهن کي به ويساهه ڪونهي!“ اَمين چيو ته ”طوطو سمجهُو پکي آهي.“ هاريءَ وراڻيو ”سائين، اهو گهڻو ڪري غلط ڳالهيون به ڪندو آهي. هاڻي آءٌ اوهان جي آڏو هن کان هڪ ڳالهه پڇان ٿو ته ڪالهه رات موسم ڪهڙي هئي؟ ٻڌو ته طوطو سچ ٿو ڳالهائي يا ڪوڙ.“ اَمين طوطي کي چيو ته جواب ڏي.“ طوطي چيو .سائين، رات ڏاڍي اوندهه انڌوڪار هئي. ڪڪرن جي گَجگوڙ هئي ۽ مينهن پئي وسيو.“

هاريءَ اهو ٻڌي اَمين کي چيو ”سائين، ٻڌو اوهان؟ ڪالهه رات ته چنڊ نڪتو هو ۽ موسم ڏاڍي سٺي هئي. ڇا اوهين اڃا به هن پکيءَ جي ڳالهه کي سچ سمجهو ٿا؟“ انهيءَ تي امين ۽ ٻين ماڻهن کي پڪ ٿي ته هاري بيگناهه آهي ۽ طوطو ڪوڙو. امين هاريءَ کي ڇڏي ڏنو. هاري گهر پهتو ته هن کي طوطي تي ويتر ڪاوڙ آئي ۽ هن کي پڃري مان ڪڍي اُڏائي ڇڏيائين. طوطو آزاد ٿي سڌو جهنگ ڏانهن اُڏاڻو ۽ مزي جي زندگي گذارڻ لڳو.

هڪڙي ڏينهن لوريڪيٽ جهنگ ۾ هڪڙو نئون پکي ڏٺو، جنهن جا پَرَ سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا هئا. هن نئين پکيءَ کان پڇيو ”تون ڪير آهين ۽ ڪٿان آيو آهين؟“ نئين پکيءَ چيو ته ”مون کي به طوطو چوندا آهن. آءٌ ڏکڻ طرفان آيو آهيان ۽ هاڻي هن ملڪ ۾ رهڻ گهران ٿو. ڇو ته آءٌ انسانن جي ٻولي به ڄاڻان ٿو.“ لوريڪيٽ انهيءَ طوطي کي چيو ”تون هن ملڪ ۾ ڀلي ڪري آئين ۽ خوشيءَ سان رهه. پر تون هت اوپرو پکي آهين، تنهنڪري منهنجي نصيحت ٻڌي اها ياد ڪري ڇڏ. آءٌ به انسانن جي ٻولي ڄاڻان ٿو ۽ ڪنهن وقت ماڻهن سان گڏ گهرن ۾ رهندو هئس. آءٌ نه رڳو روز هنن جو نقل ڪندو هئس پر هنن جي زبان ۾ ڳالهيون به ڪندو هئس. پر ماڻهن کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي ته آءٌ سچ ڳالهايان ٿو. هنن جي مرضي هئي ته آءٌ رڳو اهو ڪي ڳالهايان، جيڪو مون کي سيکارين. تنهنڪري آءٌ توکي نصيحت ڪريان ٿو ته جيڪڏهن ڀائين ته تون سلامت رهين، ته پوءِ رڳو اهو ڳالهائجانءِ جيڪو توکي سيکاريو وڃي. پنهنجي طرفان ڪابه ڳالهه نه چئجانءِ.“ ننڍڙي طوطي لوريڪيٽ طوطي جا ٿورا مڃيا ۽ هن جي نصيحت تي عمل ڪيو. انهيءَ ڏينهن کان ننڍو طوطو ماڻهن وٽ پڃري ۾ رهندو آهي ۽ رڳو اهي لفظ ڳالهائيندو آهي جيڪي هن کي سيکاريا ويندا آهن.

  

  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com