سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن لاءِ آکاڻيون

باب: --

صفحو : 11

 باندر، ڪَڇوُن ۽ وڻ

فلپائن جي آکاڻي

 

هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي. هڪڙو ڪڇؤن درياءَ جي ڪَپ تي اُس ۾ ويٺو هو. ايتري ۾ هن ڏٺو ته هڪڙو ڪيوڙي جو وڻ درياءَ ۾ ترندو اچي. اهو ڏسي ڪڇؤنءَ درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ وڻ کي ڇڪيندو ڇڪيندو ڪَپَ تائين گهلي آيو. پر ڪپ کان باغ تائين وڻ کي کڻي وڃڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. چاڪاڻ ته ڪڇوُنءَ اهو وڻ باغ ۾ پوکڻ گهريو ٿي. نيٺ هن هڪڙي باندر کي سڏيو ۽ چيو ته ”ادا، هن ڪيوڙي جي وڻ کي باغ تائين کڻي هلڻ ۾ منهنجي مدد ڪر. آءٌ هيءُ وڻ باغ ۾ پوکيندس.“ باندر جواب ڏنو: ”آءٌ وڻ کڻائي هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر ان جي بدلي مون کي به وڻ جو اڌ حصو ڏيندين؟“ ڪڇؤنءَ اهو ٻڌي چيو ته ”ڇو نه. آءٌ توکي اڌ حصو ضرور ڏيندس.“ پوءِ ٻيئي وڻ کي گهليندا گهليندا، باغ تائين آيا. اتي ڪڇؤنءَ باندر کي چيو ته ”هاڻي اچ ته کڏو کوٽي ان ۾ وڻ هڻون.“ باندر جواب ڏنو ته ”پهرين مون کي پنهنجو حصو ڏي.“ ڪڇؤنءَ چيو، ”جڏهن هيءُ وڻ زمين ۾ لڳي ويندو ۽ ان ۾ ميوو لڳندو، تڏهن پاڻ ۾ اڌواڌ ورهائي کڻنداسون.“ پر باندر کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ چوڻ لڳو ته ”مونکي ته وڻ جو اڌ حصو هينئر جو هينئر ڏي.“

لاچار ٿي ڪڇؤنءَ وڻ کي ٻن حصن ۾ وڍيو. باندر وڻ جي مٿئين حصي جا ساوا پَتا ڏسي چيو ته ”مٿيون حصو آءٌ کڻندس!“ ڪڇوُنءَ هن جي اها ڳالهه به مڃي. باندر پنهنجو حصو وٺي گهر ڏانهن ويو ۽ ان کي زمين ۾ پوکي ڇڏيو. هيڏانهن ڪڇوُنءَ به وڻ جو پاڙ وارو حصو زمين ۾ پوکيو. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ساوا ساوا پتا ڦٽڻ لڳا ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ڪيترائي ڪيوڙا به لڙڪڻ لڳا. پر باندر وارو وڻ سڪي سڙي ڪِري پيو.

ڪڇوُنءَ جي وڻ ۾ جڏهن ڪيوڙي جون ڦريون پَچي راس ٿيون، تڏهن هن اهي ٽوڙڻ گهريون، پر  ڪڇوُن ويچارو وڻ تي چڙهي نه سگهيو. نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي هو باندر کي وٺي آيو ۽ چيائينس ته ”جيڪڏهن تون منهنجي وڻ تان ڪيوڙا لاهي اچين ته اَڌ تنهنجا ۽ اَڌ منهنجا.“

باندر هڪدم ڪڇوُنءَ جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ تڪڙو تڪڙو وڻ تي چڙهي ويو، پر باندر مٿي وڃي ڪيوڙا لاهڻ بدران کائڻ لڳو ۽ ڪڇوُنءَ کي هڪڙو ڪيوڙو به نه ڏنائين. اهو ڏسي ڪڇوُنءَ چيو ته ”تون رڳو پاڻ ويٺو ڪيوڙا کائين. مون کي به ته کاراءِ.“ پر باندر بنهه نابري واري ڇڏي ۽ ڏاڍي مزي سان ڪيوڙن جون ڦريون پاڻ کائيندو ويو ۽ کَلون هيٺ اڇلائيندو رهيو. اهو ڏسي ڪڇوُنءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هو ڪجهه ڪري به نٿي سگهي. پر نيٺ هن کي هڪ اٽڪل سجهي آئي ۽ هو تڪڙو تڪڙو باغ ۾ هڪ طرف ويو، جتان ڪَنڊن واريون ٽاريون گهليندو آيو ۽ اهي ڪيوڙي جي وڻ جي چؤڌاري رکندو ويو. جڏهن باندر سڀئي ڪيوڙا کائي پورا ڪيا ته وڻ تان ٽپ ڏئي، هي زمين تي لٿو. هيٺ رڳو ڪنڊائي ڪنڊا هئا، سي باندر جي پيرن ۽ هٿن جي تِرين ۾ چُڀي ويا. هو سور ۽ تڪليف کان وڌيڪ ٽپا ڏيڻ لڳو ۽ دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳو. باندر جي پيرن ۽ هٿن ۾ ڪنڊا گهڙي ويا هئا، جن هن کي ڏاڍي تڪليف ڏني. ڪڇوُنءَ آرام سان هڪ طرف اهو تماشو بيٺي ڏٺو ۽ باندر کي دانهون ڪوڪون ڪندو ڏسي کلڻ لڳو. باندر کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي ۽ هن ڊوڙ پائي ڪڇوُنءَ کي ڳچيءَ کان جهلي پنهنجي پُٺيءَ تي ويهاريو ۽ چوڻ لڳو ته ”هاڻي ٻڌاءِ ته آءٌ توکي ڪهڙي سزا ڏيان؟ توکي مار ڏيان يا درياءَ ۾ ٻوڙيان؟“ ڪڇوُن ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو ۽ ليلائيندي چوڻ لڳو، ”ته مون کي جيڪا وڻئي اها سزا ڏي. پر خدا جي واسطي مون کي درياءَ ۾ نه ٻوڙ!“

باندر اهو ٻڌي ٽپو ڏنو ۽ چيو، ”آءٌ ته توکي درياءَ ۾ ئي ٻوڙيندس.“ ائين چئي باندر ڊوڙندو درياءَ جي ڪپ تي ويو ۽ ڪڇوُنءَ کي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. ڪڇوُن پاڻيءَ ۾ ڪِرڻ شرط نظرن کان لڪي ويو. هاڻي باندر ڏاڍو خوش ٿيو ته ڪڇوُن ٻڏي ويو، پر ايتري ۾ ڪڇوُن پاڻيءَ مان سِسي ڪڍي باندر کي چيو، ”ادا، تنهنجي مهرباني. توکي شايد خبر نه آهي ته منهنجو گهر پاڻي ۾ ئي آهي.“

 

هاري ۽ سوار

ڪوسٽاريڪا جي آکاڻي

 

هڪڙي ڏينهن هڪڙو غريب هاري شهر وڃڻ لاءِ گهران نڪتو. شهر ۾ هڪڙو وڏو ميڙو لڳل هو، جيڪو ڏسڻ لاءِ هو شهر ٿي ويو، پر اهو شهر سندس ڳوٺ کان گهڻو پري هو، تنهنڪري هاريءَ پاڻ سان هڪ هَڙَ کنئي، جنهن ۾ واٽ تي کائڻ لاءِ ڪيوڙا، انب، مَڇي ۽ ماني ٻڌل هئي. هَڙَ چڱي خاصي ڳري ٿي پيئي هئي. گرميءَ جي مُند جدا هئي ۽ اُس ۾ به ڏاڍي تِکائي هئي. پر هاري هلندو رهيو. نيٺ هَڙ جي بار، اُس ۽ گرميءَ جي ڪري هو ٿڪجي پيو ۽ رستي تي هڪڙي وڻ جي هيٺان ساهه پَٽڻ لاءِ ويٺو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ اتي هڪڙو گهوڙي سوار به اچي بيٺو. هن جي ڪپڙن مان لڳو ٿي ته ڪو امير شخص آهي. اهو شخص گهوڙي تان لهي وڻ هيٺ آيو ۽ گهوڙي کي چرڻ لاءِ ڇڏي ڏنائين. هاريءَ انهيءَ شخص کي ادب سان سلام ڪيو، پر هن ڏاڍي بيپرواهيءَ سان جواب ڏنو. اتي هاريءَ گهوڙي کي ڏسي دل ۾ سوچيو ته ’جيڪڏهن اهو شخص مون کي به پاڻ سان گهوڙي تي کڻي هلي ته ڪهڙو نه سٺو.‘ اهو سوچي هن سوار کان پڇيو: ”سائين! اوهان ڪهڙي طرف پيا وڃو؟“

سوار وڏائيءَ سان جواب ڏنو: ”شهر پيو وڃان.“

هاريءَ چيو: ”سائين، اتفاق سان آءٌ به شهر ڏانهن پيو وڃان.“

سوار ڪوبه جواب نه ڏنو. ٿوري دير کان پوءِ هاري وري چوڻ لڳو؛ ”سائين، اڄ ته اُس به ڏاڍي تکي آهي ۽ پنڌ به وڏو آهي. ڇا اوهين مهرباني ڪري مون کي پاڻ سان گهوڙي تي وٺي هلندؤ.“

سوار جواب ڏنو: ”اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهندو. منهنجو گهوڙو ٻن ماڻهن جو بار نه کڻي سگهندو. وري توسان هيءَ هَڙَ به آهي.“

اريءَ وري به ليلائيندي چيو، ”سائين، ڀلائي ڪري هيءَ هَڙَ اوهان پاڻ سان گهوڙي تي کڻي هلو. آءٌ پاڻ پنڌ هلندس.“

انهيءَ تي سوار شوخيءَ مان جواب ڏنو، ”آءٌ گهوڙي تي ايترو بار نه رکندس.“ اهو چئي، هو گهوڙي تي سوار ٿي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو.

جڏهن سوار هليو ويو، تڏهن هاريءَ سوچيو ته ’جيڪڏهن پنڌ ئي هلڻو آهي ته ڇو نه ٿورو گهڻو کائي پي تازو توانو ٿجي. اهو خيال ڪري هن هر کولي ۽ ان مان ماني ڪڍي کائڻ لڳو. هن چڱيءَ طرح پيٽ ڀري کاڌو ۽ پاڻي پي هٿ ڌوئي اٿي کڙو ٿيو.

هوڏانهن سوار کي هلندي هلندي، خيال آيو ته جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ڄٽ جي هڙ پاڻ سان کڻي هلان ها ته منهنجا دوست ڇا سمجهن ها، پر هن کي اوچتو اهي انب ۽ ڪيوڙي جون ڦريو ياد آيون جيڪي هن هڙ ۾ ڏٺيون هيون. هن جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٿورو اڳتي هليو ته اُس ۽ گرميءَ سببان سخت اُڃ لڳيس. شهر ته اڃا تمام پري هو. سوار سوچيو ته ’جيڪڏهن هاريءَ کي پاڻ سان گهوڙي تي چاڙهي اچان ها ته هو ضرور مون کي کارائي پياري ها!‘ اهو سوچي هن گهوڙو پٺتي ورايو ۽ انهيءَ وڻ وٽ اچي پهتو.

ي هاري کائي پي هڙ ٻڌي رهيو هو. سوار هن کي چيو: ”ٻڌ ميان! مون تنهنجي صلاح تي غور ڪيو آهي ۽ هاڻي آءٌ توکي پاڻ سان گڏ گهوڙي تي چاڙهي وٺي هلڻ لاءِ تيار آهيان؟“

اهو ٻڌي هاريءَ مرڪي ڏنو ۽ چيائين: ”اوهان جون لک ڀلايون. سائين، پر هاڻي ته آءٌ تازو توانو ٿي ڇڪو آهيان، وري منهنجي هڙ به هلڪي ٿي وئي آهي. اوهان تڪليف نه ڪريو. آءٌ پنڌ ئي هليو ويندس.“ اهو چئي هاريءَ هڙ کنئي ۽ شهر ڏانهن هلڻ لڳو.

سوار ڏاڍو ڦڪو ٿيو ۽ نيٺ بکيو اڃيو شهر ڏانهن ويو. هو سڄو رستو پڇتائيندو رهيو ته ’جيڪڏهن آءٌ هاريءَ جي صلاح وٺان ها ته منهنجو به ڀلو ٿئي ها!‘.

  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com