چاچا
ڪويوٽي
نڪارا گؤا جي آکاڻي
هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو بگهڙ رهندو هو، جنهن کي چاچا
ڪويوٽي چوندا هئا. اهو بگهڙ رهندو ته ٻنين ۾ هو پر
بنا ڪنهن دپ ڊاءَ جي سڄي ڳوٺ ۾ پيو ڦرندو هو. ڳوٺ
جا ماڻهو، ان جي ڏنگائين کان بيزار ٿي پيا هئا، پر
ڪجهه به ڪري نٿي سگهيا. ڇاڪاڻ ته بگهڙ ڏاڍو چالاڪ
۽ حرفتي هوندو هو ۽ ڪنهن جي به وٺ ۾ نه ايندو هو.
ڳوٺ ۾ ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا جانور رهندا هئا،
پر اهي به ان کان ڊڄندا هئا، هڪڙو سَهو هو، جيڪو
ان کان اصل ڪونه ڊڄندو هو. اٽلو سَهو بگهڙ کي نيون
نيون چالاڪيون سيکاريندو رهندو هو.
هڪڙي ڏينهن چاچا ڪويوٽي هڪڙي وڻ جي هيٺان سُتو پيو
هو ته سَهو به چڪر هڻندو اتي آيو. سهي بگهڙ کي ننڊ
مان اٿاريو ۽ چيو ”چاچا ڪويوٽي اُٿ، هڪڙي مزيدار
خبر آندي اٿم.“ اهو ٻڌي بگهڙ اٿي ويٺو ۽ پڇڻ لڳو
ته ”ڪهڙي خبر آندي اٿئي؟“ سَهي چيو ته ”آءٌ هينئر
سڌو پيڊري جي باغ مان پيو اچان. اتي مون هڪ وڏي ۽
پڪل ڇانهين ڏٺي آهي. اها ڳالهه ٻڌندي ئي بگهڙ جي
وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ چوڻ لڳو ”هل، جلدي ڪر ته
پيڊري جي باغ ۾ هلون.“
ٻيئي
وڻن ۽ لوڙهي جي پٺيان لڪندا لڪندا، باغ ۾ وڃي
پهتا، بگهڙ هڪدم ڇانهين پٽي ان جا
ٻه ٽڪرا ڪيا ۽ هڪ ٽڪرو سهي
کي ڏنو ۽ ٻيو ٽڪرو پاڻ کائڻ لڳو.
ٿوريءَ دير ۾ ئي ڇانهين
کائي پوري ڪري، بگهڙ
پنهنجا چَپَ چٽَڻ لڳو ۽ ڇانهين جي
کل کي ڏسڻ لڳو.
هو ڏاڍو خوش هو ته
ايتري ۾ پيڊري جي نوڪرياڻيءَ جو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن چيو پئي: ”اڄ
رات مانيءَ کان پوءِ اسين
ڇانهين به کائينداسون.“ اهو ٻڌي بگهڙ
چيو، ”اڙي مري وياسون! مصيبت اچي
ويئي! اڄ رات نوڪرياڻيءَ
کي ڇانهين نه ملندي ته پڪ سمجهندي ته
آءٌ کائي ويس.“
سَهي چيو: ”آءٌ توکي هڪڙي اٽڪل ٻڌايان ٿو،
”ڇانهينءَ جي کلن ۾ مٽي ڀري، ڇانهين ساڳئي هنڌ رکي
ڇڏ.“
بگهڙ کي اها اٽڪل ڏاڍي وڻي، ٻنهي گڏجي جلدي جلدي
ڇانهينءَ جي کلن ۾ مٽي ۽ گپ ڀري، انهن کي چڱيءَ
طرح ملائي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو. اهو ڪم لاهي
بگهڙ پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن ڀڳو ۽ اتي هڪڙي وڻ جي
هيٺان آرام سان سمهي رهيو. پر سَهو اتي ئي بيهي
رهيو ۽ چوڻ لڳو ته ڏسجي ته پيڊرو جي پوڙهي
نوڪرياڻي ڇا ٿي ڪري؟ ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻي
آئي ۽ ڇانهين کڻي گهر هلي ويئي. سَهي به ٿوري دير
رکي هن جي پٺ ورتي ۽ گهر کان ٿورو پري ترسي ڪن ڏئي
بيٺو. ايتري ۾ گهر جي بورچيخاني مان نوڪرياڻيءَ جي
ڪاوڙ ڀريل رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. جڏهن ٿورو گوڙ
لٿو ته سَهو اڻڄاڻ ٿي پيڊرو جي بورچيخاني ۾ ويو ۽
پوڙهي نوڪرياڻيءَ کان پڇڻ لڳو ”ناني، اوهان خير
مان رڙيون پئي ڪيون؟“
”خير وري ڇا جو!“ پوڙهيءَ جواب ڏنو. ”خبر اٿئي ته
ان مئي بگهڙ ڇا ڪيو آهي؟ هن ندوري پيڊرو جي ڇانهين
کائي، کلن ۾ مِٽي ۽ گارو ڀري اتي ئي رکي ڇڏي. مون
کي ڀلا ڪهڙي خبر. مون جو پيڊرو جي کائڻ لاءِ
ڇانهين وڍي ته سڄي رڪابي ۽ ميز مٽي ۽ گپ سان ڀرجي
ويئي. انهيءَ بگهڙ نالائق جا اجهو اهي ڪم آهن.“
سَهي چيو، ”جيڪڏهن اوهان چئو ته آءٌ بگهڙ کي وٺي
اچان ٿو، پوءِ اوهان ان سان چڱيءَ طرح جُٺ ڪريو؟“
پوڙهيءَ خوش ٿيندي چيو، ”ڏاڍو سٺو. سَها، تون ته
ڪو ڏاڍو سمجهو ٿو ڏسجين. تون هن کي ڪنهن نموني سان
وٺي اچ ۽ هيءُ وٺ پنهنجو انعام.“ ائين ئي پوڙهيءَ
سهي کي هڪڙو ميوو ڏنو.
هيڏانهن اهو سڀ ڪجهه پئي ٿيو ۽ هوڏانهن بگهڙ ڏاڍي
آرام سان وڻ هيٺان ستو پيو هو. انهيءَ وڻ تي هڪڙو
وڏو پکي به ويٺو هو، جيڪو زور زور سان ٻوليون ڪرڻ
لڳو. پکيءَ جي رڙين تي بگهڙ جي اک کلي ويئي ۽ هن
کي پکيءَ جي بي وقت رڙين ڪرڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
بگهڙ گير ڪندي پکيءَ کي هڪل ڪئي، ”بيوقوف، رڙيون
ته نه ڪر. ڏسين نٿو ته آءٌ آرام پيو ڪريان؟“ اهو
چئي هن وري سُمهڻ لاءِ اکيون بند ڪيون، پر اهو پکي
به ڪو ڏاڍو تيسر هو ۽ ان، بگهڙ کي ڄڻ ته ٻڌو ئي
ڪونه. پکيءَ وري به زور زور سان رڙيون ڪيون. بگهڙ
کي ويتر خار لڳو ۽ وڌيڪ زور سان دڙڪا ڏيڻ لڳو.
”جيڪڏهن تو وري رڙيون ڪيون ته آءٌ توکي اهڙي سيکت
ڏيندس جو سڄي عمر ياد ڪندين.“
اهو ٻڌي پکي ته ماٺ ڪئي پر سوچڻ لڳو ته ’بگهڙ کي
ڪا سزا ضرور ملڻ کپي.‘ انهيءَ پکي جي هڪڙي عجيب
خصلت هيءَ هوندي هئي ته جيئن نانگ هر سال پنهنجي
کنڀن سوڌو کل مٽائيندو هو. اهڙي ريت ان ڏينهن
انهيءَ پکيءَ کي پنهنجي کل مٽائڻي هئي؛ تنهنڪري
پکيءَ پنهنجي کل لاهي ان ۾ پٿر، مِٽي ۽ ٻيو گند
ڪچرو ڀري، جتي پاڻ ويٺو هو، اتي رکي ڇڏيائين. ائين
پئي لڳو ڄڻ ته سچ پچ ڪو ٿُلهو متارو پکي ويٺو آهي.
پوءِ پکي اُڏامي ٻئي وڻ تي وڃي ويٺو ۽ زور زور سان
دانهون ڪرڻ لڳو. انهي تي بگهڙ ڪاوڙ جهلي نه سگهيو
۽ ٽپ ڏيئي انهيءَ پکي ۾ وڃي وات وڌائين جهن ۾ پٿر،
مٽي ۽ ڪچرو ڀريل هو. بگهڙ ته ڪاوڙ ۾ هو، سو وٺي
زور زور سان چٻاڙڻ لڳو، پر پٿرن جي ڪري ويچاري
بگهڙ جا ڪيترائي ڏند ڀڄي پيا ۽ هو هيٺ ڪِري تڪليف
۽ سُور وچان ڇُڙهيون هڻڻ لڳو.
انهيءَ وقت سَهو به اتي پهچي ويو ۽ پڇڻ لڳو، ”ڇو
چاچا، خير ته آهي؟“ بگهڙ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته
سهي خوش ٿي چيو، ”تون مون سان گڏ پيڊرو جي گهر هل.
هن جي پوڙهي نوڪرياڻيءَ وٽ ڏندن جي سور جي ڏاڍي
سٺي دوا آهي.“
بگهڙ جي حالت اڳ ۾ ئي خراب هئي، سو هڪدم تيار ٿيو
۽ سَهي سان گڏ هلڻ لڳو، پر جيئن ئي ٻيئي پيڊرو جي
بورچيخاني ۾ پهتا ته پوڙهي نوڪرياڻيءَ ٻريل بُنڊي
کڻي وڌي آئي ۽ بگهڙ کي چيائين، ”چاچا ڪويوٽو! هيءَ
وٺ پنهنجو انعام ڇانهين چورائڻ جو.“ اهو چئي بگهڙ
جي پُڇ کي کڻي باهه ڏنايئن. ڏندن جي سور سان گڏ
هينئر بگهڙ جو پُڇ به پئي سڙيو، سو هو دانهون
ڪوڪون ڪندو وٺي ڀڳو. سَهو به هن جي پٺيان رڙيون
ڪندو آيو ته ”خدا حافظ! چاڇا ڪويوٽي! ڏند ڀڳا، پُڇ
سڙيا چاچا ڪويوٽي خدا حافظ“. پر بگهڙ ڪوبه جواب
ڪونه ڏنو. ڊوڙندو ڊوڙندو درياءَ تي آيو ۽ ٽپو ڏئي
ان ۾ وڃي ڪِريو.
پوءِ اهو ڏينهن ۽ هيءُ ڏينهن، بگهڙ وري ڪنهن ڳوٺ
يا وسنديءَ ۾ نظر نه آيو.
بهادر ڪنڀار
هندستان جي آکاڻي
هڪڙي ڀيري هڪڙو شينهن ڪنهن ڳوٺ جي ويجهو پئي
گهميو. اوچتو واچوڙو لڳو ۽ سخت مينهن ۽ طوفان آيو.
شينهن ڳوٺ ڏانهن ڀڳو ۽ هڪڙي جهوپڙي جي ويجهو لِڪي
ويٺو. انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ هڪڙي پوڙهي عورت رهندي
هئي. ڏاڍي مينهن پوڻ سبب جهوپڙيءَ جي ڇِت پئي ٽمي.
ويچاري پوڙهي پنهنجو سامان مينهن کان بچائڻ لاءِ
هيڏانهن هوڏانهن پئي رکيو. ٻاهر شينهن اهي آواز
پئي ٻڌا ۽ سوچڻ ٿي لڳو ته اهي آواز ڇا جا آهن؟
پوڙهي هر هر پئي چيو ته ”هن ٽم ٽم مان ته آءٌ ڦاٿي
آهيان. هن ته منهنجو سڄو سامان خراب ڪري ڇڏيو آهي.
آءٌ هن ٽم ٽم کان پنهنجي جان ڇڏائي ڪيڏانهن وڃان؟“
اهو ٻڌي شينهن سوچڻ لڳو ته ”اها ٽم ٽم ڪهڙي آفت
آهي! جنهن کان پوڙهي ايترو پئي ڊڄي؟ پڪ سان اهو ڪو
خوفناڪ جانور آهي.“ ايتري ۾ هڪڙو ڪنڀار به اتان
اچي لنگهيو. هن جو گڏهه مينهن ۽ طوفان ۾ ڪيڏانهن
ڀڄي ويو هو. اوندهه ۾ ڪنڀار جي نظر شينهن تي پئي ۽
هن سمجهيو ته اهو ئي منهنجهو گڏهه آهي. سو ڊوڙي
ويو شينهن ڏانهن ۽ هن کي لتن ۽ مڪن هڻڻ ۾ لڳي ويو.
شينهن تي جو اوچتو لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو ٿيو ته هن
سمجهيو ته پوڙهيءَ واري آفت ٽم ٽم اچي ويئي آهي ۽
مون کي هتي لِڪل ڏسي مارڻ لڳي آهي. شينهن ڊپ ۾ ماٺ
ڪري بيهي رهيو. هوڏانهن ڪنڀار شينهن کي ماريندو
رهيو ۽ چوندو رهيو ته ”هل گهر! هل ته تنهنجي چڱيءَ
طرح خبر وٺان ٿو. انهيءَ کان پوءِ ڪنڀار لانگ
ورائي شينهن تي چڙهي ويٺو ۽ هن کي پنهنجي گهر
ڏانهن هڪليندو وٺي ويو. گهر پهچي ڪنڀار شينهن کي
دروازي وٽ ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ وڃي سمهي رهيو. صبح جو
سوير ڪنڀار جي زال جي اک کلي ته ڏسي ته دروازي تي
شينهن ٻڌو پيو آهي. هوءَ ڊوڙي اندر وئي ۽ پنهنجي
مڙس کي چوڻ لڳي ته ”رات تون ڪهڙي جانور کي جهلي
وٺي آيو آهين؟ ٿورو اٿي ڏس ته هلي. در تي ته شينهن
ٻڌو پيو آهي!“ ڪنڀار اٿي کڙو ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو ٻاهر
نڪتو ۽ دروازي تي شينهن کي ٻڌل ڏسي خوف وچان ڪنبڻ
لڳو.
هوڏانهن سڄي ڳوٺ ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي وئي
ته ڪنڀار هڪڙي شينهن کي جهلي پنهنجي گهر ۾ ٻڌي
ويهاريو آهي. اها خبر جڏهن راجا تائين پهتي تڏهن
هو به ڪنڀار جي جهوپڙيءَ ۾ شينهن کي ڏسڻ لاءِ آيو.
راجا کي ويتر حيراني ٿي. ڇاڪاڻ جو اهو شينهن اهو
ئي هو جنهن راجا جي ملڪ ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو ۽ هر
ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺاڻي کي ماري کائيندو هو.
مطلب ته راجا ڪنڀار جي بهادريءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو.
هن هڪدم ڪنڀار کي پنهنجيءَ فوج جو سپـﮧ
سالار مقرر ڪيو ۽ انعام ۾ ڪيترو ئي ڌن دولت ڏنو.
هاڻي ته ڪنڀار ۽ سندس زال ڏاڍي آرام سان زندگي
گذارڻ لڳا.
انهيءَ ڳالهه کي ڪيترو ئي وقت ٿي ويو. هڪڙي ڏينهن
ڪنهن ٻئي بادشاهه راجا جي ملڪ تي حملو ڪيو. راجا
اوچتي حملي کان ڊڄي ويو. هن هڪدم پنهنجن اميرن،
وزيرن ۽ صلاحڪارن کي گهرايو ۽ فوج کي تيار رهڻ جو
حڪم ڏنو. پر هاڻي سوال اٿيو ته فوج جو سپـﮧ
سالار ڪير ٿيندو؟ سڀني اميرن ۽ وزيرن انڪار ڪري
ڇڏيو. نيٺ راجا بهادر ڪنڀار کي گهرايو ۽ فوج هن جي
حوالي ڪئي. ڪنڀار انهيءَ تي لاچار راضي ٿيو، پر هن
راجا کي چيو ته ”آءٌ اڪيلي سر دشمن جي فوج سان
وڙهندس. مون سان ٻيو ڪير به گڏ نه هلي.“ راجا اها
ڳالهه مڃي ۽ ڪنڀار گهر ڏانهن روانو ٿيو. هو راجا
سان ها ته ڪري ويٺو هو پر هن جي دل ۾ ڏاڍو خوف هو.
نيٺ گهر اچي هُن پنهنجيءَ زال سان ڳالهه ڪئي. زال
به اچي مُڌي. ايتري ۾ راجا پنهنجو خاص گهوڙو ڪنڀار
ڏانهن موڪليو ته ”ان تي چڙهي دشمن جي لشڪر جي
خبرچار وٺي اچ.“ ڪنڀار ويچارو سڄي عمر گهوڙي تي نه
چڙهيو هو، سو راجا جو گهوڙو ڏسي ويتر ڊڄڻ لڳو ۽
زال کي چوڻ لڳو ته ”آءٌ گهوڙي جي پُٺيءَ تي چڙهي
ويهان ٿو. تون هڪڙو ٿلهو رسو کڻي مون کي گهوڙي سان
سوگهو ٻڌي ڇڏ.“ اهو چئي ڪنڀار ڏاڍي تڪليف سان
گهوڙي تي چڙهي ويٺو ۽ هن جي زال هڪ ٿلهو رسو کڻي
هن کي گهوڙي جي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏيو. انهيءَ تي
گهوڙي ٽاهه کاڌو ۽ نرَا مٿي کڻي وٺي ڀڳو. ڪنڀار
گهوڙي تي چڙهي ته ويٺو، پر هن جي حالت ڏاڍي خراب
هئي ۽ گهوڙو هو، جيڪو سر ميدان ڏيندو ڀڄندو ويو.
اڳيان رستي تي ڪيوڙي جو وڻ هو. گهوڙو جڏهن ان جي
ڀرسان لنگهيو ته ڪنڀار پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ان
وڻ کي کڻي جهليو. پر وڻ پاڙؤن پٽجي آيو ۽ گهوڙو
ويتر زور زور سان ڀڄڻ لڳو. اهڙيءَ ريت ڪيوڙي جو وڻ
ڪنڀار جي هٿن ۾ هليو ويو.
گهوڙو ڀڄندو ڀڄندو، وڃي دشمن جي فوج ۾ پيو. دشمن
جي فوجين جڏهن ڏٺو ته هڪ سوار هٿ ۾ هڪ وڏو وڻ کنيو
اسان ڏانهن پيو اچي ته هنن کي ڏاڍو خوف ٿيو ۽ هنن
پنهنجي سردار کي چيو ته ”اسين اهڙي بهادر راجا سان
ڪونه وڙهنداسون، جنهن جو سردار هيڏو وڏو وڻ کنيو
ٿو اچي.“ انهيءَ تي سردار هڪدم فوجن کي واپس وڃڻ
جو حڪم ڏنو
۽ هڪڙو خط لکي پنهنجي تنبوءَ ۾ رکي پاڻ به روانو
ٿي ويو. خط ۾ لکيل هو ته ”اسين آئيندي وري ڪڏهن به
اوهان جي ملڪ تي حملو نه ڪنداسون!“ اتي ڪنڀار جو
گهوڙو به ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو هو، سو سردار جي
تنبوءَ وٽ اچي بيهي رهيو. ڪنڀار ڌڻيءَ جو شڪرانو
ادا ڪيو ۽ اتي گهوڙي تان لهي پيو. دشمن ته اڳ ۾ ئي
ڀڄي ويو هو، سو ڪنڀار انهيءَ تنبوءَ ۾ ويو ۽ خوف ۽
ٿڪ وچان بيهوش ٿي اتي ڪِري پيو. گهڻي دير کان پوءِ
جڏهن هن کي سامت آئي تڏهن هن کي اتي هڪڙو خط پيل
ڏسڻ ۾ آيو. هن اهو خط کنيو ۽ خوش ٿيندو پنهنجي گهر
ڏانهن ويو.
گهر اچي ڪنڀار زال کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ چيائينس
ته هاڻي تون اهو خط راجا کي ڏئي اچ. زال اهو خط
کڻي راجا وٽ ويئي ۽ چيائين ته ”منهنجي مڙس دشمن کي
ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي. هو هينئر ڏاڍو ٿڪل آهي،
تنهنڪري سڀاڻي صبح جو درٻار ۾ حاضر ٿيندو.“ راجا
خط وٺي پڙهيو ته خبر پيس ته دشمن جون فوجون سچ پچ
واپس هليون ويون آهن. انهيءَ تي راجا ڏاڍو خوش
ٿيو.
ٻئي ڏينهن ڪنڀار درٻار ۾ آيو ته سڀيئي وزير ۽ امير
هن جي آڌرڀاءُ لاءِ موجود هئا. راجا هن کي ڏاڍي
عزت ۽ مان سان ڀرسان ويهاريو ۽ ڪيترائي انعام، مال
۽ دولت ڏئي گهر اماڻيو.
ان ڏينهن کان جتي ڪٿي ڪنڀار جي بهادريءَ جي تعريف
ٿيڻ لڳي ۽ ماڻهو هن کي عزت ڏيڻ لڳا.
|