سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن لاءِ آکاڻيون

باب: --

صفحو : 8

 ناسپاتيءَ جو وڻ

چين جي آکاڻي

 

هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي. هڪڙي ڳوٺ جي بازار ۾ هڪڙوڳوٺاڻو گاڏي تي ناسپاتيون کڻي آيو. اهي ناسپاتيون ڏاڍيون سٺيون ۽ مٺيون هيون. تنهنڪري ماڻهو اچي گاڏي جي چوڌاري ميڙو ڪري بيٺا. ايتري ۾ ڦاٽل ڪپڙن ۾ هڪڙو پادري به اتي آيو. هن هاريءَ کان هڪڙي ناسپاتي گهري، پر هاري ڏاڍو ڪنجوس ۽ بيحيا هو. انهيءَ ڪري هن ناسپاتي ڏيڻ کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيو. غريب پادري اتي ئي بيٺو رهيو ۽ ناسپاتين کي ڏسندو رهيو. هاريءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ پادريءَ کي چوڻ لڳو ته: ”تون هتان وڃين ڇو نٿو؟“ پادريءَ چيو: ”ميان، تو وٽ هيتريون ساريون ناسپاتيون آهن، جيڪڏهن تون انهن مان هڪ ناسپاتي مون کي ڏيندين ته تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿيندو؟“ ماڻهن جي ميڙ مان هڪ شخص چوڻ لڳو ته: ”جيڪڏهن تون هن پادريءَ کي سٺي ناسپاتي نٿو ڏيئي سگهين ته ڪا خراب ناسپاتي کڻي ڏينس.“ هاريءَ کي ويتر ڪاوڙ لڳي ۽ چوڻ لڳو ”مون هيڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ناسپاتين جو باغ هنيو ۽ جڏهن ناسپاتيون ٿيون، تڏهن بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ آيو آهيان ۽ نه خيرات ڪرڻ لاءِ.“

هاريءَ جي اها ڳالهه ٻڌي، هڪڙو شخص اڳتي آيو ۽ هاريءَ کي ناسپاتيءَ جي قيمت ڏيندي چيائين ته ”هيءُ پئسا وٺ، پادريءَ کي هڪڙي ناسپاتي ڏي.“ هاريءَ انهيءَ شخص کان پئسا ورتا ۽ هڪ ناسپاتي کڻي پادريءَ کي ڏني. پادريءَ چيو ته “ ”آءٌ حيران آهيان ته خدا هن هاريءَ تي هيتري مهرباني ڪئي آهي، پر هيءَ هڪ ناسپاتي به ڪنهن کي خيرات ڏئي نٿو سگهي. جڏهن آءٌ پادري ٿيو هوس، تڏهن مون پنهنجو گهر ٻار ۽ پئسا سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو هو. مون وٽ هن وقت ناسپاتين جو هڪ ڀريل وڻ آهي. جيڪڏهن اوهين ٿوري دير ترسو ته آءٌ اوهان کي ناسپاتيون کارايان.“ هڪڙي شخص چيو: ”جيڪڏهن تو وٽ ناسپاتين جو وڻ آهي ته پوءِ تو هن کان ناسپاتي ڇو گهري؟“ پادريءَ جواب ڏنو ”ميان، ناسپاتين جو وڻ ته آءٌ هينئر پوکيندس.“ ائين چئي، هن ٿوري کڏ کوٽي هڪ ناسپاتي ۽ ان جو ٻج زمين ۾ وڌائين، وري پاڻي گهرائي انهي تي هاريائين، ماڻهو پادري کي ڏسي کليا ئي ۽ هن کي بيوقوف پئي سمجهائون. ٿوريءَ دير ۾ زمين مان هڪ ٻوٽو اُڀرڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، هڪ اوچو وڻ ٿي ويو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ناسپاتيون هيون. وڻ کي ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا. پادري وڻ مان ناسپاتيون پٽيندو، هرهڪ ماڻهوءَ کي هڪ هڪ ناسپاتي ڏيندو ويو. هاريءَ به اهو تماشو ڏاڍو غور سان پئي ڏٺو ۽ حيران هو. جڏهن سڀئي ناسپاتيون ورهائجي ويون ۽ وڻ خالي ٿي ويو، تڏهن پادريءَ ڪهاڙي کڻي وڻ کي پاڙؤن وڍيو ۽ اهو ڪلهي تي رکي هڪ طرف هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ هاريءَ پنهنجي گاڏي ڏانهن نهار ڪئي ته اهو سڄو خالي هو. هن کي هڪدم شڪ پيو ته پادري جيڪي ناسپاتيون ماڻهن ۾ورهايون هيون، اهي سڀئي منهنجون هيون. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪدم پادريءَ کي جهلڻ لاءِ هن جي پٺيان ڊوڙڻ لڳو. پر هن جو ڊوڙڻ اجايو ٿيو، ڇاڪاڻ ته پادري ڪنهن پاسي گم ٿي ويو هو. البت ماڻهن کي جڏهن انهيءَ ماجرا جي خبر پئي ته پادريءَ ڪنجوس هاريءَ سان هڪ مزيدار ڀوڳ ڪيو آهي، ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هاري پنهنجو منهن وٺي بازار مان موٽي هليو ويو.

  

نانگ ۽ خواب

سوويت روس جي آکاڻي

 

 هڪڙي ملڪ ۾ ڪو بادشاهه هوندو هو. هڪڙيءَ رات بادشاهه هڪڙو عجب جهڙو خواب ڏٺو. هن خواب ۾ ڏٺو ته هڪڙي لومڙي ڇِت ۾ ٽنگي پيئي آهي. لومڙيءَ جو مٿو هيٺ آهي ۽ پُڇ ڇت ۾ چهٽل اٿس. بادشاهه ننڊ ڪري اُٿيو ته خواب ياد آيس. هن انهيءَ خواب کي هڪ اجايو خواب سمجهي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بيڪار. رکي رکي ٿي هن کي خواب ياد آيو. نيٺ بادشاهه پنهنجن وزيرن کي گهرائي، هنن کي خواب ٻڌايو ۽ پڇيو ته محل جي ڇت مان اهڙيءَ طرح لومڙيءَ جي لڙڪڻ جو مطلب ڇا آهي؟

بادشاهه جا وزير ۽ امير خواب ٻڌي سوچڻ لڳا، پر هنن جي سمجهه ۾ خواب جو مطلب اصل ڪونه آيو. جڏهن بادشاهه جي ڳڻتي وڌندي ويئي، تڏهن هن حڪم ڏنو ته شهر ۾ هڪڙو وڏو جلسو ڪيو وڃي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جا ماڻهو اچي شامل ٿين. بادشاهه کي پڪ هئي ته سندس حڪومت ۾ ڪو نه ڪو اهڙو داناءَ ضرور هوندو، جيڪو انهيءَ خواب جو مطلب ٻڌائي سگهندو.

بادشاهه جو حڪم ٻڌي، سڄي ملڪ جا ماڻهو شهر ۾ اچڻ لڳا، انهن ۾ هڪڙو غريب هاري به هو، جنهن جو نالو ”ايوان“ هو. ايوان جڏهن پنهنجي ڳوٺ مان شهر پئي آيو ته هن کي هڪ پهاڙ جي ڀرسان لنگهڻو پيو. اتي رستو سوڙهو هو. ايوان ڏٺو ته انهيءَ رستي جي وچ ۾ هڪڙو نانگ ستو پيو آهي. ايوان نانگ کي ڏسي ڇرڪيو ۽ بيهي رهيو. ايوان کي بيهندو ڏسي نانگ هن کي سلام ڪيو ۽ پڇيائين ته ڪيڏانهن پيو وڃين؟“

ايوان نانگ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، پوءِ چيو: ”پر اوڏانهن وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟ آءٌ ته بادشاهه جي خواب جو مطلب نه ٻڌائي سگهندس.“

نانگ چيو ته: ”جيڪو خواب جو مطلب ٻڌائيندو، انهيءَ کي انعام ضرور ملندو. تون مون سان انجام ڪر ته توکي جيڪو انعام ملي، ان مان مون کي به ڪجهه حصو ڏيندين ته پوءِ آءٌ توکي مطلب ٻڌايان؟“

نانگ جي ڳالهه ٻڌي ايوان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ها ها، ڇو نه. مون کي جيڪو به انعام ملندو، انهيءَ مان اڌ تنهنجو آهي. انهيءَ .کان سواءِ آءٌ هميشه لاءِ تنهنجا ٿورا به پيو مڃيندس.“

نانگ چيو: ”چڱو، هاڻي تون خواب جو مطلب ٻُڌ، محل جي ڇت ۾ لومڙيءَ جي لڙڪڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ملڪ ۾ جتي ڪٿي ڌوڪيبازي، چالاڪي ۽ مڪاري پکڙيل آهي.

هاريءَ نانگ جا ٿورا مڃيا ۽ شهر ڏانهن روانو ٿيو. جلسي ۾ جڏهن هن جو وارو آيو، تڏهن هن بادشاهه کي سندس خواب جو مطلب ٻڌايو. هاريءَ جي ڳالهه ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي انعام ۾ وڏي دولت ۽ قيمتي سوکڙيون ڏنائين. ايوان مال ۽ سوکڙيون وٺي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن پئي ويو ته هن سوچيو ”هن مال دولت مان نانگ کي حصو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت!“ اهو خيال ڪري ايوان هڪ ٻئي رستي تان ڳوٺ ڏانهن ويو، جيئن نانگ سان ملاقات نه ٿئي.

ٿورا ڏينهن اڃا مس گذريا ته بادشاهه هڪڙو ٻيو خواب ڏٺو. هن ڀيري بادشاهه خواب ۾ ڏٺو ته محل جي ڇت ۾ هڪڙي ترار پئي لڙڪي. بادشاهه کي وري ڳڻتي ٿي پئي ۽ هن خواب جو مطلب سمجهائڻ لاءِ ايوان کي پاڻ وٽ گهرايو. اهو ٻڌي ايوان کي اچي ڊپ ورايو. ڇاڪاڻ ته خود هن کي ته خواب جي مطلب جي ڪابه خبر نه هئي ۽ نانگ کي هو هڪ ڀيرو ڌوڪو ڏئي چڪو هو؛ پر نانگ کان مدد وٺڻ کان سواءِ ٻي راهه به ڪانه هئي. تنهنڪري ايوان وري انهيءَ هنڌ تي پهتو، جتي هن پهرين نانگ کي ڏٺو هو، پر نانگ اتي نظر نه آيس. ايوان لاچار اتي بيهي نانگ کي سڏڻ شروع ڪيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪڙي پاسي کان نانگ آيو ۽ هن کان پڇڻ لڳو: ”توکي ڪهڙيءَ ڳڻتي ورايو آهي! مون کي ڇو پيو سڏين؟“

هاري نانگ کي ڏسي چيو: ”بادشاهه وري اهڙو ٻيو خواب ڏٺو آهي. هاڻي مون کي مطلب ٻڌائڻ لاءِ گهرايو اٿس.“

نانگ جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن تون انعام مان مون کي به ڪجهه ڏيڻ جو انجام ڪرين ته آءٌ توکي خواب جو مطلب ٻڌايان؟“

”آءٌ انجام ڪريان ٿو ته توکي انعام مان ضرور حصو ڏيندس. اهو منهنجو پڪو انجام آهي“. هاريءَ چيو.

نانگ چيو ته ”بادشاهه کي وڃي ٻڌاءِ ته ترار لڙڪڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ملڪ ۾ جنگ لڳڻ واري آهي. بادشاهه جا دشمن ملڪ ۾، ۽ ملڪ کان ٻاهر منصوبا پيا ٺاهين. بادشاهه کي چئو ته انهن دشمنن کان ملڪ کي بچائڻ جي ڪا تدبير ڪري.“

هاريءَ نانگ جا ٿورا مڃيا ۽ شهر ويو. محل ۾ پهچي هن بادشاهه کي سندس خواب جو مطلب ٻڌايو. خواب جو مطلب ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ايوان جي عقلمنديءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو. هن ڀيري به بادشاهه هاريءَ کي ڪيتريون ئي قيمتي سوکڙيون ۽ پئسا انعام ۾ ڏنا.

هاڻي ايوان ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لڳو ته هن کي نانگ جو خيال آيو. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته نانگ جي ايتري همٿ جو مون کان حصو ٿو گهري! اهي ڳالهيون سوچيندو هو نانگ جي ٻِرَ وٽ آيو. نانگ ايوان کي ڏسندي ئي هن کان پنهنجي حصي جي گهر ڪئي.

هاريءَ کي ويتر ڪاوڙ لڳي ۽ چوڻ لڳو: ”توکي ڪجهه به ڪونه ملندو. البت توکي سزا ضرور ملندي.“ ائين ئي هن کيسي مان هڪ وڏي ڇري ڪڍي، نانگ تي حملو ڪيو. نانگ سَٽ ڏئي پنهنجي ٻرَ ۾ گهڙي ويو، پر ايوان جي ڇُري زور سان وڃي نانگ جي پڇڙيءَ تي پيئي ۽ اها وڍجي وئي. ايوان خوش ٿيو ته هاڻي نانگ ڪڏهن به پنهنجي حصي جي گهر نه ڪندو. هو پوءِ پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو.

انهيءَ کان پوءِ ملڪ ۾ هڪڙي وڏي جنگ لڳي پر بادشاهه اڳواٽ تياري ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري لڙائيءَ ۾ هن کٽيو.

ڪيترائي ڏينهن ٿي ويا. هڪڙي ڏينهن بادشاهه وري هڪڙو خواب ڏٺو ته هڪڙي رڍ محل جي ڇت ۾ پئي لڙڪي. وري بادشاهه خواب جي مطلب سمجهڻ لاءِ ايوان ڏانهن ماڻهو اُماڻيو. هاڻي ته ايوان کي ڏاڍو ڊپ ٿيو. هو سوچڻ لڳو ته ”هاڻي آءٌ نانگ وٽ ڪهڙو مُنهن کڻي وڃان. مون هن سان ٻه ڀيرا ٺڳي ڪئي آهي ۽ هن جو پڇ به وڍيو اٿم. هينئر هو مون کي خواب جو مطلب ڪيئن ٻڌائيندو؟“

ايوان پنهنجي سر گهڻو ئي مٿو هنيو پر هن کي خواب جو مطلب سمجهه ۾ نه آيو. نيٺ هو نانگ وٽ ويو ۽ هن کي سڏ ڪيائين. ايوان جا سڏ ٻڌي نانگ پنهنجي ٻِرَ مان ٻاهر آيو. ايوان نانگ کي بادشاهه جو خواب ٻڌايو. نانگ وري چيس ته ”جيڪڏهن تون انعام مان مون کي حصو ڏين ته آءٌ توکي خواب جو مطلب ٻڌايان؟“ هاريءَ انجام ڪيو. نانگ هن کي ٻڌايو ”محل جي ڇت ۾ رڍ جي لڙڪڻ جو مطلب هيءُ آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ امن امان آهي ۽ رعيت خوش آهي.“

ايوان بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ خواب جو مطلب ٻڌايو: بادشاهه خواب جو مطلب ٻڌي، ايوان تي اڳي کان به گهڻو خوش ٿيو ۽ هن کي وڏي دولت ۽ قيمتي سوکڙيون انعام ڏنائين. ايوان پئسا ۽ سوکڙيون کڻي سڌو نانگ وٽ آيو ۽ انعام جو اڌ حصو نانگ کي ڏنائين ۽ چيائين تهِ ”تو مون سان سدائين نيڪي ڪئي، پر مون توسان خراب سلوڪ ڪيو. هن انعام جو اڌ حصو تون رک. باقي اڳين انعامن جا اڌ حصا به توکي ڏياري موڪليان ٿو. هاڻي مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر.“

اهو ٻڌي نانگ ايوان کي چيو: ”تون انهيءَ ڳالهه تي ڏک نه ڪر. پهرين جيڪي به ٿيو، ان ۾ تنهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو. توکي ياد هوندو ته بادشاهه جي پهرين خواب ڏسڻ وقت سڄي ملڪ ۾ ٺڳي ۽ مڪاري پکڙيل هئي؛ تنهنڪري تو به مون سان ٺڳي ڪئي ۽ انعام وٺي، تون هڪ ٻئي رستي کان پنهنجي ڳوٺ هليو وئين، جيئن مون کي حصو نه ڏئي سگهين. بادشاهه جڏهن ٻيو خواب ڏٺو هو تڏهن ملڪ ۾ ظلم، ڏاڍائيءَ جو زمانو هو، ٻين وانگر تو به ظلم ۽ ڏاڍائي ڪئي ۽ پنهنجي ڇريءَ سان منهنجي پڇڙي وڍي ڇڏي. پر هاڻي امن امان جو زمانو آهي. سڀئي انصاف وارا ۽ سخي ٿي پيا آهن؛ تنهنڪري هينئر تون به پنهنجو انجام پورو ڪرين پيو. خدا توکي خوش رکي. هيءَ سڄي دولت ۽ مال تنهنجو آهي. مون کي هن جي ڪهڙي گهرج. تون هيءُ مال ۽ دولت کڻي گهر وڃ ۽ وڃي آرام سان زندگي گذار.“

ائين چئي نانگ پنهنجي ٻِرَ ۾ هليو ويو.

  

  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com