سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن لاءِ آکاڻيون

باب: --

صفحو : 3

 

جهنگلي هرڻ ۽ چُن جو کورو

  انڊونيشيا جي آکاڻي

 

هڪ ڀيري هڪڙو جهنگلي هرڻ هڪڙي هاريءَ جي گهر جي ڀرسان پئي ويو. هاري ۽ سندس زال ان وقت ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ويل هئا ۽ سندن گهر جو دروازو کليو پيو هو. جهنگلي هرڻ در مان اندر جهاتي پائي ڏٺو. ڇا ڏسي ته اندر ڪاٺ جي ميز تي ڪيوڙي جي وڏي پن ۾ ڪيڪ ويڙهيو رکيو آهي. هرڻ جي جا ڪيڪ تي نظر پئي، سو وات ۾ پاڻي ڀرجي آيس. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هرڻ گهر ۾ ويو ۽ ماٺڙي ڪري ڪيڪ کڻي ٻاهر نڪتو ۽ هڪ طرف ڀڄڻ لڳو. هو ڀڄندو به پئي ويو ۽ ڪيڪ به کائيندو پئي ويو. رستي ۾ هڪ چُن جو کورو هو، پر هرڻ ڪيڪ کائڻ ۾ اهڙو ته رُڌل هو، جو کڏو ڏسڻ ۾ نه آيس ۽ هو ڦهڪو ڪري وڃي کڏي ۾ ڪِريو.

 

 

ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن هرڻ کي هوش آيو ته هن پاڻ کي کڏي ۾ ڏٺو ۽ ڪيوڙي جو خالي پن سندس هٿ ۾ هو. هاڻي هن زور زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ايتري ۾ هڪڙو سوئر اچي اتان لنگهيو. هن جو هرڻ جون رڙيون ٻڌيون، سوکڏي ۾ جهاتي پائڻ لڳو. هرڻ سوئر جو کڙڪو ٻڌي جهٽ ڪري ڪيوڙي جو پن پنهنجين اکين اڳيان جهليو. ڄڻ هن ڪجهه پڙهيو پئي. هرڻ چوڻ لڳو، ”اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي، جنهن کي پنهنجي جان بچائڻي هجي سو هن غار م اچي پناهه وٺي.“ سوئر چيو، ”ڪير چوي ٿو ته اڄوڪو ڏينهن نڀاڳو آهي؟“ هرڻ جواب ڏنو، ”ڇا تون ڏسين نٿو ته آءٌ ڪتاب جي ورق مان پڙهي اها ڳالهه پيو چوان.“ ۽ هن وري وڏي آواز ۾ چيو، ”اڄ دنيا تباهه ٿي ويندي.“ انهيءَ تي سوئر چيو، ”چڱو آءٌ به هن غار ۾ پناهه وٺان ٿو.“ هرڻ رڙ ڪري چيس، ”تون پليت آهين، تون هن غار ۾ نٿو اچي سگهين.“ سوئر جواب ڏنو، ”نه آءٌ ضرور ايندس.“ هرڻ چيو ”نه، تون نڇون ٿو ڏين ۽ هت نڇن ڏيڻ جي منع آهي.“ سوئر نڇن نه ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ ٽپو ڏئي چُن جي کڏي ۾ اچي ويٺو.

 

هرڻ وري رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، ”اڄ دنيا تباهه ٿي ويندي. اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي.“ اوچتو هڪڙو شينهن اچي لنگهيو ۽ هرڻ جي واويلا ٻڌي، کڏي ۾ نهاري چوڻ لڳو: ”تون هتي ڇا پيو ڪرين؟“ هرڻ چيو، ”سائين منهنجا! اڄ سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو. رڳواهي بچندا جيڪي هن غار ۾ پناهه وٺندا.“ شينهن اهو ٻڌي چيو ته ”پوءِ مون کي به هن کڏي ۾ اچڻ جي اجازت ڏي؟“ سوئر چيو: ”سائين، هيءَ پاڪ جاءِ آهي، هتي نڇن ڏيڻ جي بلڪل اجازت ڪانهي ۽ جيڪو هتي نڇون ڏيندو، تنهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏبو.“ شينهن به انجام ڪيو ته آءٌ نڇون نه ڏيندس، ۽ ٽپو ڏئي کڏ ۾ هليو آيو.

هرڻ وري ڪيوڙي جي پن کي ڏسي، وڏي واڪي چيو، ”اڄ سڀ تباهه ٿي ويندا. اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي.“ ايتري ۾ اتان هڪڙو هاٿي اچي لنگهيو. هاٿيءَ جو اها ڳالهه ٻڌي، سو کڏي جي ويجهو اچي چوڻ لڳو ته، ”اوهين سڀيئي هتي ڇا پيا ڪريو؟“ شينهن چيو ته ”اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي. البت جيڪو هن کڏي ۾ پناهه وٺندو اهو بچي ويندو.“ هاٿيءَ به اها ڳالهه ٻڌي، کڏي ۾ ٽپڻ جي تياري ڪئي، پر هرڻ اجازت نه ڏنيس ۽ چيائين ته ”تون هت نڇون ڏيندين ۽ هن پاڪ غار ۾ نڇون ڏيڻ منع آهي!“ هاٿيءَ به وعدو ڪيو ته نڇون نه ڏيندس ۽ اهڙيءَ طرح هو به کڏي ۾ لهي آيو. هرڻ وري رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، ”اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو نڀاڳو آهي، جيڪو هت پناهه وٺندو اهو بچي ويندو.“ ايتري ۾ هڪ طرف کان ڪي آواز ٻڌڻ ۾ آيا. شينهن گجگوڙ ڪندي پڇيو ته ”اها نڇ ڪنهن ڏني؟“ سڀئي جانور هڪدم چوڻ لڳا ته ”هرڻ نڇ ڏني آهي. هن کي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. هن پاڪ غار کي پليت ڪري ڇڏيو آهي.“ سڀني جانورن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هنن هرڻ کي ٽنگن کان وٺي ٻاهر اڇلايو. هرڻ جو کڏي مان ٻاهر نڪتو، سو پنهجيءَ چالاڪيءَ تي خوش ٿيندو، ٽپا ڏيندو، پنهنجي گهر ڏانهن هليو ويو.

 

 

بادشاهه ۽ پادري

 انگلستان جي آکاڻي

 

ڪنهن زماني ۾ انگلستان تي هڪڙو بادشاهه حڪومت ڪندو هو. بادشاهه جو نالو جان هو. اهو بادشاهه وڏو ظالم ۽ حاسد هوندو هو،. هو سمجهندو هو ته سڄي انگلستان ۾ مون کان سواءِ نه ڪنهن وٽ دولت هجي ۽ نه عزت. هن کي جيڪڏهن ڪنهن شخص تي شڪ ٿيندو هو ته ماڻهو هن جي عزت ڪن ٿا ۽ هن جي ڳالهه مڃن ٿا ته پوءِ بادشاهه انهيءَ شخص جو دشمن ٿي پوندو هو ۽ هن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو.

هڪڙي ڀيري بادشاهه کي خبر پئي ته ڪنٽربريءَ جي وڏي پادريءَ وٽ تمام گهڻو ڌن دولت آهي. هن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان گهر ٺهرايو آهي ۽ هڪ سئو ماڻهو نوڪر رکيا اٿس، جيڪي سونا ڪمربند ٻَڌن ٿا. انهيءَ کان سواءِ گهر ۾ هن تمام قيمتي سامان به گڏ ڪيو آهي. اهي ڳالهيون ٻڌي بادشاهه جان کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو پادريءَ سان حسد ڪرڻ لڳو. نيٺ هڪ ڏينهن هن پادريءَ کي گهرايو ۽ چيائينس ته ”پادري! مون ٻڌو آهي ته تنهنجو گهر منهنجي محل کان به وڏو آهي. ڇا اها ڳالهه سچي آهي؟“ پادريءَ هٿ ٻڌي ادب سان چيو ته ”بادشاهه سلامت! اهو نسورو ڪوڙ آهي. سڀيئي ڄاڻن ٿا ته آءٌ ايترو دولتمند ڪونه آهيان. آءٌ پنهنجي ڪمائيءَ کان سواءِ ٻئي جو پئسو به پاڻ تي خرچ ڪرڻ گناهه سمجهان ٿو.

بادشاهه جان وراڻيو ته ”ڇا تون اهو چوڻ گهرين ٿو ته آءٌ ٻين جي دولت خرچ ڪريان ٿو؟ سمجهين ٿو ته ائين چئي تو منهنجي بيعزتي ڪئي آهي. پر اهڙيءَ گستاخيءَ جي سزا موت آهي.“

پادري اهو ٻڌي گوڏن ڀر ڪِري پيو ۽ چوڻ لڳو ”بادشاهه سلامت! منهنجو مطلب هرگز اهو نه هو. مون ته ايترو چوڻ ٿي گهريو ته ماڻهو مون بابت غلط ڳالهيون ڪندا رهن ٿا.“

پر بادشاهه ڪاوڙ وچان وراڻيو ”انهيءَ هوندي به مون کي تنهنجي ڳالهائڻ جو طريقو بلڪل نٿو وڻي. انهيءَ جي توکي سزا ضرورملڻ گهرجي. پر آءٌ توکي هڪڙو وجهه ڏيان ٿو، جيڪڏهن تون منهنجن ٽن سوالن جا صحيح جواب ڏيندين ته توکي ڇڏي ڏبو، نه ته توکي قتل ڪيو ويندو.

ويچارو پادري ڪري به ڇا ٿي سگهيو. تنهنڪري هٿ ٻڌي چوڻ لڳو ”بادشاهه سلامت! آءٌ ڪوشش ڪندس.“

بادشاهه چيو ته ”پهريون سوال هيءُ آهي ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟ هڪڙي هڪڙي پئسي جو حساب ڪري ٻڌائجانءِ. ٻيو سوال هيءُ آهي ته جيڪڏهن آءٌ گهوڙي تي سوار ٿي سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان ته گهٽ ۾ گهٽ ڪيترو وقت لڳندو؟ ۽ ٽيون سوال هيءُ آهي ته هن وقت آءٌ ڇا پيو سوچيان؟“

 

 

اهي سوال اهڙا ته ڏکيا هئا جو انهن مان ڪنهن هڪ جو به جواب ڏيڻ پادريءَ جي وس جي ڳالهه نه هئي، تنهنڪري هن وري به گوڏن ڀر ڪِري سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت گهري. بادشاهه جان پادريءَ کي مهلت ڏني ۽ پادري سڌو آڪسفورڊ ويو، جتي وڏي يونيورسٽي آهي۽ وڏا عالم ۽ قابل ماڻهو رهن ٿا. پر اتي به ڪنهن بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڏنا. اهڙيءَ طرح پادري ويچارو ڦيريون ڏيندو رهيو، پر ڪٿي به کيس ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو جيڪو بادشاهه جي سوالن جا جواب ڏئي سگهي. ٽن هفتن جي مهلت ختم ٿيڻ ۾ باقي ڪي ٻه ٽي ڏينهن وڃي رهيا هئا. پادري مرڳو پنهنجي زندگيءَ مان اچي بيزار ٿيو هو ۽ ڏاڍو اُٻاڻڪو ۽ اُداس پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. گهر ڏانهن ايندي رستي ۾ هن کي هڪڙو چارڻ مليو، جيڪو هن جا چوپايا مال چاريندو هو. چارڻ جو پادريءَ کي ڏٺو سو ادب سان سلام ڪري چوڻ لڳو ”سائين! بادشاهه جي درٻار جي ڪا خبرچار ڪريو؟“

 

”خبر ڏاڍي خراب آهي“، پادريءَ وراڻيو ”منهنجي حياتيءَ جا باقي ٽي ڏينهن وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن انهن ٽن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڳولي سگهيس ته پوءِ منهنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.

چارڻ پڇيو ”سائين! اهي ڪهڙا سوال آهن؟“

پادريءَ هن کي بادشاهه جا ٽئي سوال ٻڌايا، چارڻ سوال ٻڌي چيو ”سائين! اوهان ڪابه ڳڻتي نه ڪريو. اوهان ٻڌو ڪونهي ته ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ماڻهو به عقل جي ڳالهه ڪندا آهن. اوهان مون کي پنهنجو گهوڙو، پنهنجو لباس ۽ چار نوڪر ڏيو، آءٌ اوهان جا ڪپڙا پائي بادشاهه وٽ ويندس ۽ سندس سوالن جا جواب ڏيندس.

پادريءَ کي اها ڳالهه نه وڻي ته هڪ اڻپڙهيل چارڻ سندس لباس پائي. هن ويچار ڪيو ته جن سوالن جا جواب هو پاڻ نه ڏيئي سگهيو، اهي سوال جيڪڏهن هڪ چارڻ ڀڃي ٻڌائيندو ته پوءِ اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه چئبي، پر لاچاري هئي، تنهنڪري چارڻ جي ڳالهه مڃي پادريءَ هن کي پنهنجا ڪپڙا، گهوڙو، ڪي پئسا ۽ نوڪر ڏنا ۽ پاڻ گهر هليو ويو.

چارڻ پادريءَ جو ويس بدلائي شهر ويو ۽ بادشاهه جي دربار ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه هن کي پادري سمجهي منهن ئي ڪونه ڏنو ۽ سختيءَ سان چيائينس ته ”سڀاڻي درٻار ۾ سڀني جي اڳيان توکي منهنجن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن تو صحيح جواب ڏنا ته توکي آزاد ڪيو ويندو؛ پر جيڪڏهن تو غلط جواب ڏنا ته توکي قتل ڪرايو ويندو.“

ٻئي ڏينهن درٻار لڳي. سڀيئي وزير امير پنهنجين پنهنجين جاين تي ٿي ويٺا. ايتري ۾ چارڻ کي حاضر ڪيو ويو، جيڪو پادريءَ جو ويس بدلائي آيو هو. هن جي پٺيان جلاد ترار کنيو بيٺو هو. بادشاهه به چارڻ کي پادري پئي سمجهيو. چارڻ گوڏن ڀر جهڪي سلام ڪيو ۽ چيو ته ”بادشاهه سلامت، آءٌ حاضر آهيان.“

بادشاهه چيو ”چڱو، هاڻي منهنجي پهرئين سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟“

 

 

چارڻ جواب ڏنو ”بادشاهه سلامت! انهيءَ جو جواب ته ڏاڍو سَولو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪو سِڪو ساوَرَن هلي ٿو، ان ۾ ويهه شلنگ ٿين ٿا ۽ ٻيو جيڪو سڪو ڪرائون آهي، ان ۾ پنج شلنگ ٿين. جيڪڏهن ساوَرَن مان هڪ ڪرائون گهٽائجي ته باقي پندرهن شلنگ بچن ٿا، پر اوهان جي سر تي تاج به آهي، تنهنڪري اوهان جي قيمت هڪ ساوَرَن ۽ هڪ ڪرائون جيتري ٿي. يعني ڪل پنجويهه شلنگ.“

 

ڳالهه هيءَ آهي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ ساوَرَن بادشاهه کي چوندا آهن ۽ ڪرائون تاج کي. انهيءَ کان سواءِ ساوَرَن ۽ ڪرائون اتي جي سِڪن جا نالا به آهن. چارڻ انهن سِڪن جي قيمت جوڙي بادشاهه ۽ سندس تاج جي قيمت ٻڌائي.

بادشاهه چارڻ جو جواب ٻڌي کلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو؛ ”مون کي خبر نه هئي ته منهنجي قيمت ايتري ٿوري آهي، پر خير تو حساب بلڪل ٺيڪ ڪيو آهي، تنهنڪري تنهنجو اهو جواب قبول ڪيو وڃي ٿو. هاڻي ٻئي سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ ته جيڪڏهن آءٌ گهوڙي تي چڙهي سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان ته ڪيترو وقت لڳندو؟“

چارڻ جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت ان جو جواب به تمام سَولو آهي، جنهن وقت سج نڪري، تنهن وقت اوهين به گهوڙي تي چڙهي سج سان گڏوگڏ هلندا هلو، پر اوهان جي رفتار نه سج کان وڌي نه گهٽي. اهڙيءَ ريت اوهان چوويهن ڪلاڪن ۾ سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻي سگهو ٿا.“

اهو جواب ٻڌي بادشاهه وري کلڻ لڳو ۽ چيائين ته ”تون سچ ٿو چوين. دنيا جي چڪر هڻڻ جو اهو ئي هڪ طريقو آهي، پر هاڻي ٽيون سڀني کان ڏکيو سوال آهي. ٻڌاءِ ته آءٌ هن وقت ڇا پيو سوچيان؟“

چارڻ چيو ته ”بادشاهه سلامت! اهو ته سڀني کان سُولو سوال آهي. اوهين سوچيو پيا ته آءٌ ڪنٽربريءَ جو وڏو پادري آهيان. پر آءٌ حقيقت ۾ هڪڙو غريب چارڻ ۽ پادريءَ جو نوڪر آهيان ۽ بادشاهه سلامت کي عرض ڪريان ٿو ته پادريءَ جي جان بخش ڪريو.“

ائين چئي چارڻ پادريءَ جا ڪپڙا لاهي ڇڏيا. اهو تماشو ڏسي درٻار جا سڀئي وزير، امير کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا. بادشاهه جان کي پهرين ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته هڪڙي چارڻ کيس بيوقوف بنايو، پر وري هو به کلڻ لڳو. آخر خوش ٿي بادشاهه پادريءَ کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ چارڻ کي انعام ڏيئي روانو ڪيو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com