ڍڳيءَ جي زبان
ڪيوبا جي آکاڻي
دنيا جي سڀني کان وڏي ديوتا جو نالو ”اَبتالو“ هو.
هن جو هڪ نائب به هو جنهن جو نالو وري هو ”ارولا“.
ابتالي جي مرضي هئي ته ارولا کي دنيا جو حاڪم
ڪريان. پر وري سوچيندو هو ته ارولا اڃا ننڍي عمر
جو آهي ۽ دنيا کي شايد نه سنڀالي سگهي. نيٺ ابتالي
فيصلو ڪيو ته اَرولا جي عقلمندي آزمائجي؛ تنهنڪري
هڪڙي ڏينهن ارولا کي حڪم ڪيائين ته ”منهنجي لاءِ
لذيذ ۾ لذيذ کاڌو تيار ڪر“.
اهو حڪم ٻڌي اَرولا بازار ويو، بازار ۾ هر طرف
طرحين طرحين جون مزيدار ۽ سٺيون سٺيون شيون رکيون
هيون. هن سڀئي شيون ڏٺيون ۽ ڪجهه ويچار کان پوءِ
هڪڙي ڪاسائيءَ جي دڪان تي ويو ۽ هن کان ڍڳيءَ جي
زبان خريد ڪيائين. گهر پهچي هن طرحين طرحين جي
مسالن ۾ زبان رڌي تيار ڪئي ۽ ابتالي جي اڳيان آڻي
رکي. ابتالي ڏاڍي مزي سان زبان کاڌي ۽ جڏهن کائي
پوري ڪيائين، تڏهن هن ارولي کي چيو ته ”بازار ۾ ته
گوشت ۽ ٻيون ڪيتريون ئي کائڻ جون سٺيون شيون
هونديون، پر تو ڍڳيءَ جي زبان ڇو آندي؟“
ارولا جواب ڏنو: ”سائين! زبان هڪ ڪمائتي شيءِ آهي.
زبان سان اوهان سٺيون سٺيون ۽ چڱيون ڳالهيون ڪندا
آهيو. انهيءَ سان ماڻهن کي چڱيون ڳالهيون سيکاري
سگهجن ٿيون؛ انهن جي سٺن ڪمن جي ساراهه ڪري سگهجي
ٿي ۽ ماڻهن کي سٺيون خبرون ٻڌائي سگهجن ٿيون.“
اَبتالي چيو ته ”تو جيڪي چيو، اهو سمورو سچ آهي.“
پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو ته، ’اَرولو ته وڏو داناءُ ٿو
ڏسجي!“
پر ابتالي اڃا هن جو امتحان وٺڻ گهريو ٿي. ٻئي
ڏينهن هن اَرولا کي چيو، ”منهنجي لاءِ اڄ سڀ کان
وڌيڪ بيسواد ۽ خراب کاڌو ٺاهه.“
اَرولا وري بازار ويو، سڀني شين کي ڏسڻ وائسڻ کان
پوءِ هن وري ڍڳيءَ جي زبان خريد ڪئي ۽ اها ساڳيءَ
طرح پچائي ابتالي جي اڳيان آڻي رکي.
اهو ڏسي ابتالو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ اَرولا کان پچڻ
لڳو ته ”مون توکي چيو هو ته مون کي ڪو تمام لذيذ ۽
سٺو کاڌو کاراءِ، ته تو زبان رڌي ۽ هاڻي جڏهن مون
توکي بيسواد ۽ خراب کاڌي لاءِ چيو ته وري به اهائي
زبان رڌي آيو آهين، نيٺ ڳالهه ڪهڙي آهي؟“
اَرولا جواب ڏنو، .سائين! زبان سان ئي اوهان ڪنهن
کي بيعزتو ڪريو ٿا، ان شخص جي سٺن سٺن ڪمن کي
ننِديو ٿا. زبان سان ئي ماڻهن سان دغا ۽ دوکو ڪيو
وڃي ٿو ۽ زبان سان ئي ملڪ ۽ قوم کي نقصان رسايو
وڃي ٿو.“
او جواب ٻڌي، اَبتالي چيو، ”تو جيڪي به چيو سو
سمورو سچ آهي. تون ته پنهنجي وهيءَ کان گهڻو
عقلمند آهين.“ اهو چئي، هن انهيءَ وقت اَرولا کي
دنيا جو حاڪم مقرر ڪيو.
تيسر زال
اروي جي آکاڻي
ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو هاري رهندو هو. هن جي زال ڏاڍي
تيسر هئي. اها عورت ايتري ته تيسر، ضدي ۽ زورآور
هئي، جو ڪو تيسر ۽ ضدي مرد به هن جو مقابلو ڪري
نٿي سگهيو. سڄو اوڙو پاڙو انهيءَ عورت مان ڪڪ هو؛
ڇاڪاڻ ته جيڪو به ڪا ڳالهه ڪندو هو ته هوءَ ان جي
اُبتڙ ڳالهه چوندي هئي. جيڪڏهن ڪير چوندو هو ته
فلاڻي ماڻهوءَ هيءَ سُٺي ڳالهه ڪئي آهي، ته هوءَ
ٺهه پهه چوندي هئي ته ”هن ته بنهه اجائي ۽ بيڪار
ڳالهه ڪئي آهي.“ اهائي جُٺ هو دڪاندارن سان به
ڪندي هئي. دڪاندار ڪنهن هڪ شيءِ جو نالو وٺندو هو
ته هوءَ وري ٻي شيءِ گهرندي هئي.
پاڙيسري ته خير هن مان گهڻو ڪڪ هئا، پر سندس مڙس
ويچاري هاريءَ جي جان ته ٻاروهي عذاب ۾ هوندي
هئي. هو جيڪڏهن چوندو هو ته ”اڄ پاڻ ادي جي گهر
هلنداسون.“ ته هوءَ ٺهه پهه چوندي هئي ته: ”نه نه،
اڄ پاڻ منهنجيءَ ڀيڻ جي گهر هلنداسون.“ جيڪڏهن هو
زال کي قميص کي ٽوپا ڏيڻ لاءِ چوندو هو ته هوءَ
وري هن جي سٿڻ کي ٽوپا ڏيندي هئي. هو چانهه گهرندو
هو ته پاڻي ڏيندي هيس ۽ جي پاڻي گهرندو هو ته هوءَ
چانهه کڻي ايندي هئي. مطلب ته هاري جيڪا ڳالهه
چوندو هو، هوءَ ان جي ابتڙ ڪم ڪندي هئي.
پاڙي وارا جڏهن هاريءَ کي سندس زال جي باري ۾ ڪا
دانهن ڏيندا هئا ته هو چوندو هو: ”ادا، اوهان کي
ته ڪڏهن ڪڏهن اهو آزار سهڻو پوي ٿو، پر اوهين مون
ڏانهن به ڏسو. آءٌ ته رات ڏينهن انهيءَ مصيبت کي
منهن ڏيو ويٺو آهيان. منهنجي حال جي اوهان کي ته
ذري به خبر ڪانهي. مون کي ته کاڌو به وِهه ڪري ڏنو
اٿس. جيڪڏهن گرهه چٻاڙي کائيندس ته چوندي ته کاڌو
چٻاڙي نه کاءُ. جيڪڏهن رات جو ساڄي پاسي منهن ڪري
ستل هوندس ته ننڊ مان اٿاري چوندي ته کاٻي پاسي
منهن ڪري سمهه.“
هڪڙي ڏينهن هاري ۽ سندس زال صبح ساڻ پنهنجي ٻنيءَ
ڏانهن ويا. ٻنيءَ ۾ هنن ڄانڀو پوکيو هو. جڏهن ٻيئي
ٻنيءَ ۾ پهتا ته هاريءَ چيو: ”فصل تيار ٿي ويو
آهي. اڱاري تي فصل لڻنداسون.“
”اڱاري تي نه، سومر تي فصل لڻنداسون.“ زال جواب
ڏنو.
هاريءَ چيو: ”چڱو، سومر تي ئي. آءٌ پنهنجن دوستن،
سنگتين کي به وٺي ايندس ته پنهنجو هٿ ونڊائين.“
زال جواب ڏنو: ”نه نه، انهن کي ڪڏهن به نه
آڻجانءِ، پر فلاڻن فلاڻن کي وٺي اچجانءِ.“
ويچارو هاري ته زال جي انهن گهمتارين جو عادي ٿي
پيو هو، سو چيائين: ”چڱو، جيڪا تنهنجي صلاح. انهن
کي ئي وٺي ايندس ۽ صبح جو سج اُڀرڻ سان ئي ڪم ۾
لڳنداسون.“
انهيءَ تي زال چيو: ”نه، سج اُڀرڻ سان نه، پر پرهه
ڦٽيءَ جو اينداسون.“
هاريءَ وري آسمان ڏانهن ڏسندي چيو: ”هن هفتي موسم
به سٺي هوندي.“
”نه نه، پڪ سان مينهن وسندو.“ زال جواب ڏنو.
هاريءَ چيو: ”مينهن هجي يا اُس، اسين ڏاٽي سان فصل
لڻنداسون.“
زال وڏي واڪي وراڻيو، ”ڇا ٿو چوين! ڏاٽي سان نه
نه، فصل ڪئنچيءَ سان لڻنداسون.“
”ڪئنچيءَ سان!“ هاريءَ عجب مان پڇيو، ”ڪڏهن ڪنهن
ڪئچيءَ سان به فصل لڻيو آهي؟ فصل ته ڏاٽي سان ئي
لڻبو آهي.“
”نه، هرگز نه، فصل ڪئنچيءَ سان لڻبو.“ زال رڙ ڪري
چيو.
نيٺ ٻيئي پاڻ ۾ تڪرار ڪندا ٻنيءَ کان نڪتا ۽
درياءَ جي پل وٽ آيا. هاريءَ وري چيو، ”فصل ڏاٽي
سان لڻبو.“
”ڪئنچيءَ سان، ڪئنچيءَ سان!“ هاريءَ جي زال رڙيون
ڪندي چيو. هوءَ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ سڄي پئي ڏڪي. هن کي
ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو ۽ هوءَ درياءَ ۾ ڪري پئي.
درياءَ ۾ ڪرندي ئي هوءَ پاڻيءَ ۾ هيٺ هلي وئي. پر
ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن هوءَ پاڻيءَ جي مٿاڇري
تي آئي، تڏهن بچائڻ لاءِ ڪنهن کي سڏڻ جي بدران هن
وڏي آواز چيو، ”ڪئنچيءَ سان.“ ائين چئي هوءَ وري
پاڻيءَ ۾ هيٺ هلي ويئي. جڏهن هوءَ پاڻيءَ ۾ پئي
ويئي ته هاريءَ وري رڙ ڪري چيو، ”ڏاٽي سان.“
ٿوريءَ دير کان پوءِ عورت وري مٿاڇري تي آئي ۽
رڙيون ڪرڻ لڳي ”ڪئنچيءَ سان.“ ائين چوندي چوندي،
هوءَ وري ٽٻيون کائڻ لڳي ته هاريءَ به رڙيون ڪري
چيو، ”ڏاٽي سان.“ پر ٻڏندي ٻڏندي به هن پنهنجو هٿ
مٿي کنيو ۽ آڱرين جي اشارن سان چيو، فصل ڪئنچيءَ
سان لڻبو، ۽ اهڙيءَ ريت هوءَ ٻڏي ويئي.
هاري موٽي ڳوٺ ويو ۽ پنهنجن دوستن ۽ سنگتين کي خبر
ڪيائين. سڀئي وري درياءَ ڏانهن ويا ۽ درياءَ ۾
هاريءَ جي زال کي ڳولڻ لڳا. هنن درياءَ جي هيٺئين
رخ تي پري پري تائين ٽٻيون هڻي، هاريءَ جي زال کي
ڳوليو، پر هوءَ ڪنهن کي به هٿ نه آئي. سڀئي حيران
هئا ته هوءَ درياءَ ۾ ڪيڏانهن گم ٿي وئي! پر
هاريءَ چيو، ”اوهان سڀني کي خبر ڪانهي ته هوءَ
تيسر هئي. ٻيو ڪو هجي ها ته هن جو لاش برابر وهڪري
جي رخ تي وڃي ها، پر پڪ سان هوءَ اُڀي رخ وئي آهي.
هلو ته مٿئين طرف ڳوليونس.“
پوءِ جڏهن ماڻهن درياءَ جي پل جي هن پاسي، وهڪري
جي اُڀي رخ وڃي ڏٺو ته هاريءَ جي ڳالهه سچي نڪتي.
هن جي زال جو لاش سچ ته وهڪري جي مٿئين پاسي وهندو
پئي ويو. اهو ڏسي سڀني چيو ته ”مار! ڏاڍي ڪا تيسر
عورت آهي.
|