چار نوجوان
برما جي آکاڻي
هڪڙي ڳوٺ ۾ چار نوجوان رهندا هئا. انهن کي ڪوڙن
قصن گهڙڻ جي عادت هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن انهن
نوجوانن ڳوٺ جي سَراءِ ۾ هڪڙو مسافر ڏٺو، جنهن کي
ڏاڍا سٺا ڪپڙا پيل هئا. انهن نوجوانن پاڻ ۾ صلاح
ڪئي ته ڪنهن اٽڪل سان انهيءَ مسافر جا ڪپڙا لهرايا
وڃن. ٿوري دير ويچار ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيائون ته
انهيءَ مسافر جي اڳيان شرط ٻڌجي ته اسان مان هر هڪ
شخص هڪڙو هڪڙو قصو ٻڌائي ۽ ٻڌڻ وارن مان جيڪو به
ڪنهن قصي تي شڪ ڪندو، اهو انهي قصي ٻڌائيندڙ جو
غلام ٿي رهندو ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي انهيءَ جي حوالي
ڪندو. اها صلاح ڪري چار ئي نوجوان انهيءَ مسافر وٽ
ويا ۽ هن جي اڳيان پنهنجو شرط رکيائون. مسافر اهو
شرط قبول ڪيو ۽ ڳوٺ جي وڏڙي کي گهرايو ويو ته
اَمين ٿي انصاف ڪري. انهيءَ کان پوءِ پهرئين
نوجوان پنهنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ”ڀائرو! اڃا
آءٌ پيدا ڪونه ٿيو هئس ته منهنجيءَ ماءُ بابا کي
چيو ته ’ٻاهر وڻ مان آلو بخارا پٽي اچ.‘ بابا چيو
ته ’وڻ تمام ڊگهو آهي ۽ آءٌ ان تي چڙهي نه
سگهندس.‘ اَمان اهو جواب ٻڌي منهنجن ڀائرن کي چيو،
پر انهن به امان جي ڳالهه نه مڃي. مون کي پنهنجيءَ
ماءُ تي ڏاڍو ترس آيو ۽ سڀني کان لڪي وڻ تي چڙهي
ويس ۽ آلو بخارا پٽي اچي ميز تي رکيم. هاڻي سڀئي
دنگ رهجي ويا ته اهي آلوبخارا ڪيئن ميز تي آيا.
ائين چئي هن مسافر ڏانهن ڏٺو ۽ سمجهيائين ته هو
انهيءَ ڳالهه کي ضرور ڪوڙو سمجهندو. پر مسافر ڏاڍي
آرام سان چيو ته ”اها ڳالهه بلڪل سچي آهي.“
هاڻي ٻئي نوجوان جو وارو آيو. هن ڳالهه شروع ڪئي
ته ”ڀائرو! آءٌ جڏهن رڳو ستن ڏينهن جو هئس ته هڪڙي
جهنگ ۾ نڪري ويس، جتي کجيءَ جو هڪ تمام ڊگهو وڻ
هو. مون کي ڏاڍي بک لڳي هئي، تنهن ڪري کجيون کائڻ
لاءِ وڻ تي چڙهي ويس ۽ پيٽ ڀري کجيون کاڌم. جڏهن
کجيون کائي کائي ٿڪجي پيس ته هيٺ لهڻ تي همٿ ئي نه
ٿئي. نيٺ آءٌ ڳوٺ ۾ ويس ۽ اُتان هڪڙي ڏاڪڻ آڻي وڻ
سان رکيم ۽ هيٺ لهي آيس. جيڪڏهن اِها ڏاڪڻ نه هجي
ها ته آءٌ اڄ ڏينهن تائين وڻ تي ويٺو هجان ها.“
اها ڳالهه ٻڌائي هن به مسافر ڏانهن ڏٺو. مسافر
چيو: ”واه واه ڏاڍي مزيدار ڳالهه آهي.“
هاڻي ٽئين نوجوان پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪئي. هن
چيو: ”ڀائرو! جڏهن منهنجي عمر اڃا هڪ سال هئي تڏهن
هڪڙي ڏينهن مون ڏٺو ته هڪڙو سهو وڏا وڏا ٽپا ڏيندو
تمام تڪڙو جهنگ ڏانهن پيو وڃي. آءٌ به هن جي پٺيان
ڀڳس ۽ نيٺ مون هن کي وڃي جهليو. جڏهن هو منهنجي
هٿن ۾ آيو تڏهن خبر پيم ته اهو سهو نه پر هڪ شينهن
هو. شينهن هڪدم گجگوڙ ڪري مون کي کائڻ لاءِ پنهنجو
وات کوليو. مون ڏاڍي نهٺائيءَ سان چيومانس ته
’سائين منهنجا! مون اوهان کي سهو سمجهي اچي جهليو،
مون کان غلطي ٿي آهي. مهرباني ڪري مون کي معاف
ڪريو.‘ پر شينهن ڳالهه مڃي ئي نه. انهيءَ تي مون
کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ مون هن کي اهڙو ته زور سان ٿڦڙ
هنيو، جو شينهن جا ٻه ٽڪرا ٿي ويا.“ مسافر اهو قصو
ٻڌي چيو ”بلڪل سچ ٿو چوين.“
هاڻي
چوٿين نوجوان جو وارو آيو. هن چيو ”ڀائرو! اڳئين
سال آءٌ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياءَ ۾ مڇيءَ جو
شڪار ڪرڻ ويس. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر مڇي نه ڦاسڻي
هئي نه ڦاٿي. اهو حال ڏسي مون اتي مهاڻن کان پڇا
ڳاڇا ڪئي. هنن ٻڌايو ته ’اسان ته گهڻي وقت کان هتي
هڪڙي مڇي به نه ڏٺي آهي‘. اتي مون ويچار ڪيو ته
درياءَ جي تهه ۾ هلي ڏسجي ته ڳالهه ڇا آهي. نيٺ دل
ٻڌي مون درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ مس
مس درياءَ جي تهه تائين پهتس. اتي ڇا ٿو ڏسان ته
هڪڙي تمام وڏي مڇي ويٺي آهي، جيڪا ننڍين مڇين کي
پئي کائي. مون کي به ان وقت ڏاڍي بک لڳي هئي، سو
مڇيءَ کي اهڙيون ته مڪون هنيم جو هوءَ اتي جو اتي
مري ويئي. پوءِ ڇا ڪيم جو باهه ٻاري مڇيءَ کي ڀُڃي
کاڌم ۽ گهر موٽي آيس.“ ڳالهه ختم ڪري هن به مسافر
ڏانهن ڏٺو. مسافر چيو ”تو به بلڪل سچي ڳالهه
ٻڌائي.“
هاڻي مسافر جو وارو آيو. هن پنهنجو قصو هيئن بيان
ڪيو: ”ٻه- ٽي سال ٿيندا جو مون وٽ هڪ باغ هو.
انهيءَ باغ ۾ هڪڙو عجب جهڙو وڻ هو. ان جون چار
شاخون هيون ۽ هر شاخ ۾ هڪڙو ميوو هو. جڏهن ميوو
پڪو ته مون چئن ئي شاخن جو ميوو لاٿو ۽ ان کي
وڍيم. هرهڪ ميوي مان هڪڙو نوجوان نڪتو. جيئن ته
اهي نوجوان منهنجي وڻ جي ميوي مان نڪتا هئا،
تنهنڪري مون هنن کي پنهنجو نوڪر ڪري ٻنيءَ تي ڪم
ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو. پر اهي چار ئي ڏاڍا ڪم چور
هئا ۽ سڄو ڏينهن پيا ٻٽاڪون هڻندا هئا. نيٺ چار ئي
ڪم مان بيزار ٿي اتان ڀڄي ويا. آءٌ به هنن جي ڳولا
۾ نڪتس. خدا جا لک احسان جو اڄ چار ئي نوجوان هت
ملي ويا ۽ هينئر منهنجي اڳيان ويٺا آهن“. ائين چئي
مسافر چئني نوجوانن کي چيو اوهين چار ئي منهنجا
ڀڄي ويل نوڪر آهيو. هاڻي مون سان گڏ هلو ۽ ٻنيءَ
تي هلي ڪم ڪريو.“
اهو قصو ٻڌي چار ئي نوجوان اچي ششدر ٿيا. جيڪڏهن
هنن انهيءَ قصي کي ڪوڙو ٿي ڪيو ته شرط ٿي
هارايائون؛ تنهنڪري ماٺڙي ڪري ويهي رهيا. اتي ڳوٺ
جي وڏڙي نوجوانن کان پڇيو ته ”ماٺ ڇو ڪئي اَٿو!
ٻڌايو ته مسافر شرط کٽي ويو ۽ هاڻي اوهين چار ئي
هن جا غلام آهيو.“ مسافر چيو ته ”جيئن ته اوهين
منهنجا نوڪر آهيو. تنهنڪري هڪدم ڪپڙا لاهيو ته
پوءِ آءٌ اوهان کي ڇڏي ڏيندس.“ انهيءَ تي چئن ئي
نوجوانن پنهنجا پنهنجا ڪپڙا لاهي مسافر جي اڳيان
رکيا. مسافر ڪپڙن جي هڙ ڪري پُٺيءَ تي رکي ۽ اتان
روانو ٿي ويو. ويچارا چار ئي نوجوان اگهاڙا بيٺا
هڪ ٻئي جي منهن ۾ تڪڻ لڳا.
شوروي
جو پٿر
بيلجيم جي آکاڻي
هڪڙو سپاهي جنگ جي ميدان مان ٿي، پنهنجي گهر ڏانهن
پئي ويو. سياري جا ڏينهن هجن ۽ ٿڌيون هوائون زور
زور سان پئي لڳيون. آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙي آيا
هئا. اهڙي وقت ۾ هلندي هلندي سپاهيءَ کي بک اچي
ستايو. هن وٽ کاڌي لاءِ ڪجهه به نه هو. نيٺ هلندي
هلندي، هڪڙي ڳوٺ ۾ آيو ۽ هڪڙي گهر جو دروازو
کڙڪائي چوڻ لڳو ته: ”مون کي بک لڳي آهي، ٿوري ماني
هجي ته کارايو.“ پر اندران جواب مليو ”ادا، اسان
وٽ پاڻ به کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي.“ سپاهي اهو جواب
ٻڌي اڳتي وڌيو ۽ هڪڙي ٻئي گهر جو دروازو کڙڪائي
ساڳيو سوال ڪيائين. پر وري به ساڳيو ئي جواب مليس.
انهيءَ تي سپاهيءَ گهر وارن کان پڇيو ”اوهان وٽ
ڀلا ڪو وڏو ديڳڙو آهي؟“
”ها، ها. هڪڙو وڏو ديڳڙو برابر آهي.“ گهر وارن
جواب ڏنس.
”۽ پاڻي به هوندو. سپاهيءَ پڇيو.
”پاڻي به آهي.“ جواب مليو.
سپاهيءَ چيو: ”ديڳڙي ۾ پاڻي ڀري باهه تي کڻي رکوس.
مون وٽ شوروي جو هڪڙو پٿر آهي.“
گهر
وارن ڏاڍي اچرج مان پچيو ”شوروي جو پٿر! اهو ڇا
آهي؟“
سپاهيءَ چيو: ”اهو هڪڙي قسم جو پٿر آهي، جنهن مان
شوروو ٺهندو آهي.“
اهو ٻڌي گهر جا سڀيئي ڀاتي انهيءَ پٿر کي ڏسڻ لاءِ
سپاهيءَ جي چوڌاري مِڙي بيٺا. نيٺ عورتن جلدي جلدي
باهه ٻاري ۽ هڪڙي وڏي ديڳڙي ۾ پاڻي ڀري چُلهه تي
رکيو. سپاهيءَ پنهنجي کيسي مان هڪڙو پٿر ڪڍي ديڳڙي
۾ وڌو. اهو هڪڙو اهڙو پٿر هو جنهن جهڙا ڪيترا پٿر
رستن تي پيا هوندا آهن. پر انهيءَ گهر جا ڀاتي اهو
ئي سمجهي رهيا هئا ته اهو ڪو نرالو پٿر آهي.
سپاهيءَ ديڳڙي ۾ پٿر وجهڻ کان پوءِ چيو ته: ”هاڻي
پاڻيءَ کي ٽهڪڻ ڏيو.“
سڀئي پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا، ٿوريءَ
دير ترسي سپاهيءَ چيو ”اوهان وٽ ٿورو لوڻ آهي؟“
”ها ها. ڇو نه، لوڻ جي ڪا کوٽ.“ ائين چئي هڪڙي
عورت لوڻ جو دٻو سپاهيءَ جي هٿ ۾ آڻي ڏنو. سپاهيءَ
دٻي مان مُٺ لوڻ جي ڀري ديڳڙي ۾ وڌي. اتي سپاهيءَ
جي نظر سامهون ٽِپائيءَ تي پئي، جنهن جي هيٺان
گجرون رکيون هيون. هن چيو: ”جيڪڏهن ٿوريون گجرون
ملي وڃن ته جيڪر شوروو ڏاڍو مزيدار ٿئي.“
اهو ٻڌي هڪڙي عورت اُٿي ۽ ڪيتريون ئي گجرون کڻي
آئي. سپاهيءَ گجرن کي چڱيءَ طرح ڇِلي صاف ڪري
ديڳڙي ۾ وڌو ۽ پوءِ گهر جي ڀاتين کي جنگ جون
ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو. ٿوري دير رکي، چوڻ لڳو: ”ٿورا
پٽاٽا به ملي وڃن ها ته شوروو وڌيڪ لذت وارو ٿئي
ها.“
”اسان جي باغ ۾ پٽاٽا به ٿيندا آهن. گهر جي هڪڙيءَ
ڇوڪريءَ چيو ۽ ڊوڙندي ٻاهر ويئي ۽ باغ مان پٽاٽا
کڻي آئي. سپاهيءَ پٽاٽا به ديڳڙي ۾ وڌا، وري چوڻ
لڳو: ”بصر جي ڪري ٻوڙ ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي.“
هاريءَ پنهنجي ننڍي پٽ کي چيو ته ”پٽ جلدي پاسي
واري گهر ۾ وڃ ۽ ٿورو بصر وٺي آءُ“. ڇوڪرو ڊوڙندو
ويو ۽ بصر وٺي آيو. اهو به ديڳڙي ۾ وڌو ويو. وري
سپاهي چوڻ لڳو ته ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن جو مون
گوبيءَ جو منهن به نه ڏٺو آهي.“ هاريءَ جي زال
ڌيءَ کي چيو ته ”ڌيءَ، وارو ڪري باغ مان گوبي پَٽي
اچ.“ سپاهيءَ گوبي به ديڳڙي ۾ وڌي ۽ چوڻ لڳو ”بس
هاڻي شوروو تيار ٿيڻ تي آهي، پر تون ڏوئي هلائيندي
رهه.“ ۽ هاريءَ جي زال ديڳڙي ۾ ڏوئي هلائيندي رهي.
ايتري ۾ هاريءَ جو وڏو پٽ گهر ۾ آيو. هو پاڻ سان
ٻه سَها شڪار ڪري آيو هو.
هاريءَ جي پٽ ايندي شرط پڇيو ”ڇا پيو رڌجي؟ ڏاڍي
سٺي خوشبوءِ پئي اچي.“ هاريءَ چيو ته ”سپاهي پٿر
آندو آهي، اسين انهيءَ جو شوروو پيا ٺاهيون.“
پوءِ ته سڀني گڏجي جلدي جلدي سَهن کي ڇِلي صاف ڪيو
۽ انهن جو گوشت به ديڳڙي ۾ وڌو. ٿوريءَ دير کان
پوءِ شوروو ٺهي تيار ٿي ويو ۽ سڀيئي گڏجي کائڻ
ويٺا. شوروو ڏاڍو مزيدار ٿيو هو ۽ سڀني ڏاڍي شوق
سان کاڌو به پئي ۽ تعريفون به پئي ڪيون.
هاريءَ چيو ”واهه واهه! ڏاڍو مزيدار شوروو ٺهيو
آهي.
هاريءَ جي زال چيو، اهو پٿر ئي ڪونهي، الائي ڇا
آهي.“
سپاهيءَ
چيو ”انهيءَ پٿر مان اوهين به اهڙو شوروو ٺاهي
سگهو ٿا، البت انهيءَ جي ٺاهڻ جي طريقي کي نه
وسارجو.“
سڀني کائي پي ڍو ڪيو ته سپاهي اٿيو ۽ هلڻ لڳو. هو
اهو پٿر سوکڙيءَ طور هاريءَ جي زال کي ڏئي ويو.
هاريءَ جي زال پهرين ته نٿي ورتو پر سپاهيءَ چيس
”وٺين ڇو نٿي مائي! هي پٿر ڪا ملڪيت ته ڪانهي!“
سچ پڇو ته اهو هڪ پٿر هو جنهن جي ڪابه قيمت ڪانه
هئي. سپاهي هاريءَ جي گهران موڪلائي اڃا ٿورو اڳتي
مس ويو ته رستي ۾ اهڙو ئي پٿر ڏسڻ ۾ آيس. هن اهو
پٿر کڻي کيسي ۾ وڌو ته متان اڳتي انهيءَ جي ضرورت
پوي.
|