آسٽريليا جي آکاڻي
ارڙنگ نانگ
جي زهر جي ٿيلهي
پراڻي زماني ۾ قسمين قسمين جا جانور هوندا هئا،
جيڪي اڄڪلهه نٿا ڏسجن. انهيءَ زماني ۾ واسينگ نانگ
۾ زهر ڪونه هوندو هو. پر ارڙ نانگ ڏاڍو زهريلو هو.
انسان توڻي حيوان سڀئي ان جي ڊپ کان ڏڪندا هئا.
هڪڙي ڏينهن جهنگ جي سڀني جانورن گڏجي جلسو ڪيو،
جنهن ۾ ويچار ڪيو ويو ته اُها ڪهڙي تدبير ڪجي، جو
انهيءَ ارڙ کان جان آزاد ٿئي. جانورن اڃا اهوئي
پئي سوچيو ته واسينگ نانگ گهمندو ڦرندو اتي اچي
پهتو. نانگ سڀني کي هڪ هنڌ ڏسي پڇا ڪئي ته اِهو
ميڙ ڇا لاءِ ٿيو آهي؟ هڪ جانور جواب ۾ چيس ”اسين
سوچيون پيا ته ڪا اهڙي تدبير ڪجي جو ارڙ نانگ مان
جند ڇُٽي. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي زهر جي ڪري سڀني جو
جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڪنگرو چيو ته ”جيڪڏهن
اسين هن سان جنگ جوٽينداسون ته هو اسان کي ڏنگي
وجهندو.“ اهو ٻڌي واسينگ نانگ چيو ته ”چڱو آءٌ
اوهان سڀني کي ارڙ نانگ کان نجات ڏياريندس ۽ ڪا
اهڙي حرفت هلائيندس جو سڀاڻي شام ٿيڻ کان پهرين
ارڙ جي زهر جي ٿيلهي منهنجي قبضي ۾ هوندي. اهو ٻڌي
سڀني جانورن چيو ته ”جيڪو ارڙ نانگ سان وڙهندو،
انهيءَ کي هو ماري ڇڏيندو.“ واسينگ جواب ڏنو ته
”آءٌ هن سان وڙهندس ڪونه، پر هن جي زهر جي ٿيلهي
کڻي ايندس.“ اهڙيءَ طرح چلسو ختم ٿي ويو.
واسينگ نانگ اتان روانو ٿيو ۽ سڌو ارڙنگ نانگ جي
گهر وٽ پهچي، رات اتي سمهي آرام ڪيائين. جڏهن صبح
ٿيو تڏهن هن ڏٺو ته ارڙ نانگ ٽن ماڻهن کي ڏنگي
انهن کي ڳڙڪائي واپس گهر ڏانهن هليو ويو. ٿوريءَ
دير کان پوءِ هو سمهي رهيو. انهيءَ وقت واسينگ
نانگ ويچار ڪيو ته ارڙ کي مارڻ لاءِ اهڙو وجهه وري
نه ملندو. پر هن کي هڪدم خيال آيو ته ارڙ کي مارڻ
کان وڌيڪ چڱو ٿيندو ته هن جي زهر جي ٿيلهيءَ تي
قبضو ڪجي.
ٿوريءَ دير کان پوءِ ارڙ نانگ جي اک کلي ته هن
پنهنجي اڳيان واسينگ نانگ کي ويٺل ڏٺو ۽ هن کي
ڏنگي مارڻ لاءِ هڪدم لُوهَه پاتائين. پر واسينگ
نانگ رڙ ڪري چيس ”تڪڙ نه ڪر ۽ مون کي نه مار. مون
تنهنجي لاءِ هڪ تمام ضروري خبر آندي آهي ۽ اُها
هيءُ آهي ته توکي مارڻ لاءِ هڪ منصوبو سٽيو ويو
آهي.“ ارڙ نانگ جواب ڏنو ته ”آءٌ انهن کان ڪونه ٿو
ڊڄان. منهنجو ڪوبه وار وِنگو ڪري نٿو سگهي. انسان
هجي، کڻي حيوان، ٻيئي مون کان ڊپ ڪندا آهن.“
واسينگ نانگ چيس ته ”سڀني جانورن پاڻ ۾ گڏجي هڪ
خوفناڪ سٽا سٽي آهي.“ ارڙ نانگ اهو ٻڌي چيو ته
”چڱو ڀلا ٻڌاءِ ته اُها ڪهڙي سِٽا آهي؟“ واسينگ
نانگ چيو ته ”مون ته توکي ڪوبه ڏک نه پهچايو هو،
پر مون کي ڏسڻ شرط تو مون تي حملو ڪري ڏنو.
تنهنڪري اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ ڀلا تنهنجي جان ڪيئن
بچايان؟“ اَرڙ نانگ اهو ٻڌي چيس ته ”جيڪڏهن تون
مون کي جانورن جو منصوبو ٻڌائيندين ته آءٌ توکي
ڇڏي ڏيندس.“ واسينگ نانگ جواب ۾ چيو ته ”آءٌ هن
شرط تي ٻڌائيندس ته پهرين تون مون کي پنهنجي زهر
جي ٿيلهي ڏي.“ ارڙ نانگ وراڻيو ته ”اهو ڪيئن ٿي
سگهي ٿو. ڪا ٻي شيءِ گهر.“ واسينگ نانگ جواب ڏنو
ته ”جيڪڏهن توکي اهو شرط منظور ڪونهي ته پوءِ
موڪلاڻي ڪانهي.... سدائين گڏ.“ اهو چئي هو وڃڻ
لڳو، ته اَرڙ نانگ چيس ته ”ترس.“ اهو چئي هن
پنهنجي وات مان زهر جي ٿيلهي ٻاهر ڪڍي رکي ۽
واسينگ نانگ کي چيائين ته ”هن کي ڇهجانءِ به نه،
نه ته تون مري ويندين. واسينگ چيو ته ”اِها ٿيلهي
منهنجي هٿ تي رک، نه ته آءٌ توکي ڪجهه به نه
ٻڌائيندس.“ اَرڙ نانگ اچي بيزار ٿيو هو، سو لاچار
زهر جي ٿيلهي واسينگ نانگ جي هٿ تي رکندي چيائين
”هاڻي ته پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌاءِ. ڪهڙي سِٽا سٽي
آهي جانورن؟“ واسينگ نانگ زهر جي ٿيلهي هڪدم کڻي
پنهنجي وات ۾ وڌي ۽ چيائين ته ”هيءَ هئي اُها سٽا،
مون جانورن جي گڏجاڻيءَ ۾ ٻڌايو هو ته توکان زهر
جي ٿيلهي ڦري ايندس. چڱو هاڻي تنهنجي مهرباني مون
کي موڪل ڏي، ٻيڙا ئي پار.
واسينگ نانگ ائين چئي تيزيءَ سان ٻاهر ڀڳو. اَرڙ
نانگ به هن جي ڪڍ لڳو پر هن جو پيٽ ايترو ته ڀريل
هو جو واسينگ نانگ کي جهلي نه سگهيو.
واسينگ نانگ سهڪندو سهڪندو اچي ٻين جانورن سان
مليو، انهن کي زهر جي ٿيلهي هٿ ڪرڻ جو سمورو حال
ٻڌايائين. سڀني جانورن سندس ڏاڍي تعريف ڪئي ۽
چيائون ته ”اهو زهر ڏي ته هاري ڇڏيون.“ پر واسينگ
زهر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اهو حال ڏسي سڀني جانورن
هن کي چيو ته ”جيڪڏهن تون اسان جو چيو نٿو مڃين ته
هليو وڃ.“ واسينگ نانگ وراڻيو ”آءٌ هت ئي رهندس.“
جانورن چيو ته ”پوءِ اسين توکي ماري ڇڏينداسون.“
واسينگ نانگ چين ته ”شايد اوهان کان اها ڳالهه
وسري وئي آهي ته ارڙ نانگ جي زهرجي ٿيلهي هينئر
منهنجي وات ۾ آهي. جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن به مون
سان منهن ڏنو ته آءٌ هن کي ڏنگي ختم ڪري ڇڏيندس.“
چون ٿا ته ان ڏينهن کان وٺي واسينگ نانگ جو ڏنگيل
ڪڏهن به ڪين ٿو بچي ۽ سڄي مخلوق هن کان ڊڄي ٿي. پر
اَرڙ نانگ کي اڃا به اُميد آهي ته هڪڙي ڏينهن
واسينگ نانگ کان پنهنجي زهر جي ٿيلهي ضرور وٺندس.
جڏهن به هن جي نظر واسينگ تي پوندي آهي ته ٻيئي
پاڻ ۾ ڳنڍجي پوندا آهن. پر واسينگ نانگ جي ڏنگ جو
اثر اَرڙ نانگ تي نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ
قسم جي جڙي ٻوٽي وڃي کائيندو آهي، جنهن ڪري زهر جو
اثر هڪدم ختم ٿي ويندو آهي. انهيءَ زهر جي علاج جي
خبر رڳو ارڙ نانگ کي آهي ۽ هن اهو راز ڪنهن کي به
ڪونه ٻڌايو آهي.
اڪوئيڊور جي آکاڻي
پنج آنا
ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو هاري ۽ سندس زال رهندا هئا. ٻيئي
ايترا ته غريب هئا، جو کين چڱيءَ طرح کاڌو به نصيب
نه ٿيندو هو ۽ ٻه- ٻه، ٽي-ٽي ڏينهن لنگهڻ ويٺا
هوندا هئا.
هڪ ڀيري ٽي ڏينهن ٿي ويا، پر هنن کي کائڻ لاءِ
ڪجهه به نه مليو. چوٿين ڏينهن زال مڙس کي چيو ته
”نيٺ کاڌي کائڻ کان سواءِ اسين ڪيترا ڏينهن جيئرا
رهي سگنداسون؟“ هاريءَ جواب ڏنو ”تون ڳڻتي نه ڪر
اڄ آءٌ شهر وڃان ٿو، جتان پنج آنا وٺي ايندس، پوءِ
پاڻ اهي آنا اوباري کائينداسون.“
ائين چئي هاري شهر ڏانهن ويو. رستي ۾ هن کي هڪڙو
ماڻهو مليو. هاريءَ هن کي چيو ”سائين! آءٌ ڪيترن
ڏينهن کان بکيو آهيان. مون کي ٻه- ٽي پئسا ڏي ته
آنا وٺي کاوان؟“ اهو ڪو چڱو ماڻهو هو ۽ هاريءَ جي
ڳالهه ٻڌي، هن کي ٻه- ٽي پئسا ڏنائين. اهڙيءَ طرح
هن ٽن ٻين ماڻهن کان به پئسا ورتا ۽ شهر مان پنج
آنا خريد ڪري، ٺينگ ٽپا ڏيندو اچي گهر پهتو ۽ زال
کي چوڻ لڳو ”جلدي ڪري هيءُ آنا اوٻاري وٺ. مون کي
ڏاڍي بُک لڳي آهي.“ زال جهٽ ڪري آنا اوٻاري ورتا.
جڏهن ٻيئي گڏجي کائڻ لاءِ ويٺا ته زال مڙس کي چيو،
”آءٌ ته ٽي آنا کائيندس، ڇاڪاڻ ته مون آنا اوٻاريا
آهن.“ پر هاريءَ چيو ته، ”ائين وري ڪيئن ٿيندو، ٽي
آنا ته آءٌ کائيندس، ٻه آنا تون کاءُ.“
انهيءَ ڳالهه تي ٻنهي ۾ اچي جهيڙو ٿيو. زال چيو ٿي
ته ”ٽي آنا آءٌ کائينديس“ ۽ هاري چوي ته ”ٽي آنا
آءٌ کائيندس.“ جڏهن جهيڙو ٿورو تيز ٿيو ته زال چيس
ته: ”جيڪڏهن مون کي ٽي آنا نه مليا ته آءٌ مري
وينديس.“. هيڏانهن هاري به ضدي هو. هن چيو ”کڻي ڇا
به ٿئي، پر توکي رڳو ٻه آنا ملندا.“ مڙس جو اهو
جواب ٻڌي، زال مٿان ٿي جا ڪِري ته، ائين لڳو ڄڻ
مري وئي هجي. اهو حال ڏسي، هاري رڙيون ڪري روئڻ
لڳو. جڏهن روئي روئي ٿڪجي پيو، تڏهن زال جي ويجهو
وڃي، هن جي ڪن ۾ چيائين ته ”هاڻي وڌيڪ مِکر نه ڪر،
منهنجي ڳالهه کڻي مڃ، آءٌ ٽي آنا کائيندس.“ پر زال
وراڻيو ته ”جيڪڏهن تو مون کي ٽي آنا نه ڏنا ته
ائين کڻي سمجهه ته آءٌ مري وئي آهيان ۽ مون کي دفن
ڪرائي ڇڏ.“ هاريءَ وري روئڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن روئي
روئي ٿڪجي پيو ۽ سندس زال به نه اُٿي، تڏهن هو
اتان اُٿيو ۽ ڳوٺ ۾ ماڻهن کي وڃي چيائين ته
”منهنجي زال مري وئي آهي. هن کي دفن ڪرڻ لاءِ مون
وٽ هڪ ڪوڏي به ڪانهي. مهرباني ڪري اوهان منهنجي
مدد ڪريو.“ ماڻهن جو اها ڳالهه ٻڌي، سو هاريءَ کي
ساڻ ڪري، ڪفن دفن جو سامان وٺي، هاريءَ جي گهر
پهتا،. هاريءَ اندر وڃي زال کي ڏٺو ته هوءَ اڃا
تائين مِکر ڪيو مُئي پئي هئي. زال کي اهڙيءَ حالت
م ڏسي هاري وري اوڇنگارن ڏيئي روئڻ لڳو ۽ ٿوريءَ
دير کان پوءِ وري زال جي ڪن ۾ چيائين ته ”ڏس توکي
دفن ڪرڻ لاءِ ماڻهو به اچي ويا آهن. اڃا به وقت
ڪونه ويو آهي، کڻي منهنجي ڳالهه مڃ، تون ٻه آنا
کاءُ ۽ آءٌ ٽي آنا کائيندس.“ پر جوڻس اهوئي جواب
ڏنس ته ”آءٌ ٽي آنا کائينديس.“
لاچار ماڻهو هاريءَ جي زال کي ڪفن ڏئي هڪڙي کٽ تي
کڻي، قبرستان ڏانهن هليا. مقام ۾ ماڻهن قبر کوٽي
مردي جي کٽ ان جي ڀرسان رکي. هاڻي ماڻهن مردي کي
کڻي قبر ۾ ٿي لاٿو ته هاريءَ وجهه وٺي پنهنجيءَ
زال جي ڪن ۾ آهستي چيو ته ”ڏس هاڻي ته توکي ماڻهو
قبر ۾ ٿا لاهين. پر اڃا به وقت ويو ڪونهي. پنهنجي
ضد تان لهي وڃ ۽ مون کي ڇڏ ته آءٌ ٽي آنا کاوان.“
هاريءَ جي زال ڏٺو ته ڳالهه ٿي هٿن مان وڃي، سو
ماٺڙيءَ سان هاريءَ جي ڪن ۾ چيائين ته ”چڱو تون
پنجئي آنا کائجانءِ.“ ائين چئي هوءَ اٿي ويٺي.
سڀيئي ماڻهو وائڙا ٿي ويا، پر هاري ڏاڍو خوش ٿيو ۽
زال کي وٺي، سڌو گهر آيو.
گهر پهچي جڏهن ٻيئي کائڻ لاءِ ويٺا ته هاريءَ جي
زال نڪا ڪئي هم نڪا تم، ٽيئي آنا کڻي وات ۾ وڌا ۽
کائي ڇڏيائين.
|